پوپلو
پوڙهي سان ويڌن اها هئي ته کاڌو هن لاءِ عذاب بڻجي چڪو هيو. چٻاڙيندي سندس وات ائين رڪجي ويندو هيو جيئن غلط رستي تي هلندي اوچتو ڪنهن جا قدم رڪجي ويا هجن، کيس کاڌي ۾ پٿر محسوس ٿيندا هيا. سنهيون پٿريون جيڪي گرهه ڄٻاڙيندي اوچتو هن جي ڏندن هيٺان اچي وينديون هيون. وات اندر رڙڪي جو آواز صرف هوئي ٻڌي سگھندو هيو. پٿريون سنهيون هيون ۽ ڪڏهن ايڏيون ته سنهيون جو اهي هن جي وات ۾ کاڌي سان گڏ چٻاڙجي واريءَ ۾ تبديل ٿي ڪچ ڪچ جا آواز پيدا ڪنديون هيون.
هو گھر وارن کي چوندو هيو ” ڪو به ڪم ڌيان سان نه ٿا ڪريو جيڪڏهن ڏسي پچايو ته پٿريون ڇو اچن؟ ڏاڍو ڏکيو آهي ثوابن مان گناهن کي سوئڻ“.
گھر وارا هن جون ڳالهيون دل ۾ نه ڪندا هيا. اهي دماغ سان ٻڌي ڪنن کان ڪڍي ڇڏيندا هيا. گھر جو وڏو هيو. سڄي زندگي محنت ڪري گھر کي گوڏن تي بيهاريائين ۽ هاڻي سکيو ستابو گھر هن جي چئن پٽن جي ڪلهن تي رکيل هيو.
”بابا، اسان به ته کائون ٿا“. ننڍي پٽ چيو ” پر کائڻ ۾ پٿريون نه ٿيون اچن“.
”پٽ پٿريون انهن کي اينديون آهن، جن کي عقل جون هوڙون هجن“.
”پيءُ جي ڳالهه تي چارئي پٽ کليا ته لڳو ماڻهو نه، ڏند کلندا آهن. ڇوٿين جي اڃان شادي نه ٿي هئي. ٽئي ننهر وڏي ڌيان سان ڪم ڪنديون هيون. اهي چانور ائين سوئينديون هيون جيئن مٽي ۾ سون ڳولهينديون هجن، پر پوڙهي کي مانيءَ ۾ به پٿر محسوس ٿيندا هيا.
”مانيءَ ۾ پٿر ڪيڏانهن آيا“؟ وڏي ننهن چيو ”پيسجڻ کانپوءِ جهڙا پٿر تهڙو اٽو“. ننهن جي ڳالهه تي پوڙهو سوچ ۾ پئجي ويو. دل ۾ چيائين ”ننهن چوي ته سچ ٿي، اٽي ۾ پٿر ڪيڏانهن آيا“.
پر هو ڪوڙو نه هيو. هن کي مانيءَ ۾ پٿر محسوس ٿيندا هيا. ”مائي وري به ڏس“ پوڙهي چيو“ پيهڻ واري چڪي به پٿر جي هوندي آهي“.
ننهن هڪي ٻڪي ٿي وئي، صاف ڪپڙي تي اٽي جو ٽين اٿلائي پٿر ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيائين، کيس ڪو پٿر نظر نه آيو، دل ۾ چيائين، ”جيڪو آهي ئي ڪو نه، ان کي ڳولهڻ مان ڇا فائدو“. هوءَ اٿي پوڙهي وٽ آئي ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين. ”اٽو صفا صاف آهي کاڌي ۾ پٿر نه آهن، مهرباني ڪري ماضيءَ کي ياد نه ڪريو. ڪڏهن ماضي جون تلکيون کاڌي کي زهر بڻائي وجهنديون آهن“.
پوڙهي جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون ۽ پوءِ کيس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هن محسوس ڪيو ننهن کان سندس دانهن برداشت نه ٿي ٿئي. ۽ پوءِ دل ۾ چيائين ”جيڪڏهن کاڌي ۾ پٿريون اچن به اٿيون ته هو اهي برداشت ڪندو. هن جي دانهن جو اثر ابتو پئجي رهيو آهي. گھر وارا کيس چريو سمجهي رهيا آهن“.
ان ڏينهن کان پوءِ پوڙهو جڏهن به کائيندو هيو ته کاڌي ۾ ايندڙ پٿريون چٻاڙي ويندو هيو. هن جي وات جا رڙڪا ڪنهن نه ٻڌا. هن جي ڏندن ۾ پيدا ٿيندڙ ”ڪچ ڪچ“ هن تائين محدود رهي. پوڙهو کائيندو هيو ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري ڳوڙها اگهندو هيو. جڏهن ڳوڙها اگهندو هيو ته هٿ تي لڳل مرچن ڪري هن جون اکيون ڪرڻ لڳنديون هيون، کيس نڪ مان پاڻي ايندو هيو ۽ جڏهن نڪ صاف ڪندو هيو ته محسوس ٿيندو هيو کيس نڪ نه آهي.
پوڙهي جي پيڙا ڪنهن نه سمجهي. پٽ سٺو ڪمائيندا هيا ۽ جيڪي سٺـو ڪمائيندا آهن انهن جي گھرن ۾ سٺـو پچندو آهي، اهو پٿرن، ڀترن ٽڪرن، ڪکن ۽ سيئوين کان پاڪ هوندو آهي. هڪ دفعي پوڙهو ماني کائي رهيو هيو ته ان جي وات ۾ رڙڪو ٿيو. هلندي هن جو وات رڪجي ويو. پويان هن جو وڏو پٽ بيٺل هيو ان پيءَ ڏانهن ڏٺو.
”خير ته آهي نه بابا“ اتاولو ٿي ڀڇيو.
پوڙهي جو وات گرهه سان ڀريل هيو. اهو ڳالهائي نه سگھيو. سندس منهن تي بيزاريءَ جا تاثرات هيا. ان زبان ڦيري پٿري الڳ ڪئي ۽ چپن ۾ ڦاسائي آڱريون وجهي ٻاهر ڪڍي، گرهه اڳرندي چيو ”هيڏي وڏي پٿري!“
پٽ هٿ وڌائي اها تري تي ورتي ۽ غور سان ڏسڻ لڳو.
اهو پهريون دفعو هيو جو کين پيءَ وات مان پٿري ٻاهر ڪڍي ڏيکاري هئي. ان کان اڳ اهي پٿريون سڀني پوڙهي جو وهم پئي سمجهيون. ”پٿر سوئڻ لئي اکين جي نه ، عقل جي ضرورت پوندي آهي“ پوڙهي ناراضگيءَ مان چيو،“ توهان منهنجي دانهن کي مذاق سمجهي باهه تي چڙهيل ڪني ۾ اڇلائي ڇڏيو“.
پٽ تريءَ تي رکيل پٿريءَ کي ڏسي شرمسار ٿيو، سندس منهن لهي ويو. اهو ڪنهن ڏوهيءَ جيئن گناهه جو اعتراف کڻي ٻين جي گواهيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو. سڀ هن ويجهو آيا ۽ تريءَ تي رکيل پٿريءَ جو جائزو وٺڻ لڳا. اها مٽر جيتري هئي. آڱرين ۾ جهلي ڏٺـائون، ڏاڍي سخت ۽ اڇي رنگ جي هئي. ٻئي نمبر ڀاءُ ٿلهن شيشن واري عينڪ پائي تيز روشنيءَ واري ليمپ هيٺـان وڃي ڏٺو هن کان ذري گھٽ رڙ نڪري وئي.
”اها پٿري نه ڀڳل ڏند جو ذرو آهي.“ ان حيرت مان چيو.
پوءِ سڀ سمجهي ويا. اهو پوڙهي جو اندروني مسئلو هيو. پٿريون کاڌي ۾ نه هيون. پٿريون پوڙهي جا ڀرندڙ ڏند هيا.
ان ڳالهه کي ٽي سال گذري ويا. حالتون ساڳيون نه رهيو. اهو ڪٽنب غربت جي ور چڙهي ويو. سياسي حالتون ماڻهوءَ جون حالتون خراب ڪري وجهنديون آهن. معاشي حالتون، بدمعاشي حالتن ۾تبديل ٿي لوفر پيدا ڪنديون آهن. ڪڏهن ڪڻا، ڪڻو ڪڻو ٿي ڌرتيءَ تي ڪري ڦٽي پوندا آهن ته ڪڏهن ڪڻو ڪڻو ٿي ويندا آهن. اهو ڪٽنب به ڪڻو ڪڻو ٿي ويو. غربت انهن وٽ ائين آئي جيئن سندن وڇڙيل ڀيڻ هئي.
غريبن جي اٽي ۾ جيت زندگيءَ جيئن چرندا آهن. اهي چانورن مان پٿريون ائين چونڊيندا آهن جيئن ڇوٽڪاري لاءِ لک پڙهندا هجن. انهن جي ڪنيءَ ۾ دال اهڙي ماءُ جي اندر جيئن ڳرندي آهي جنهن جو ٻار ارڙي ۾ گذاري ويو هجي.
غربت ڪري هاڻي واقعي ئي کاڌي ۾ پٿر هيا. پوڙهو هيٺ ڪنڌ ڪري کائيندو هيو. کاڌي ۾ پٿريون هيڊي بلب جي روشني ۾ زرگونن جيئن چمڪنديون هيون. کائڻ سان کيس پٿريون محسوس نه ٿينديون هيون. هن لاءِ کائڻ آسان ٿي چڪو هيو. هو پٿر مليل نرم چانور آرام سان کائي ويندو هيو.
عورتون احتجاج ڪنديون هيون ”گھر ۾ اناج اهڙو ٿو اچي جو ان مان پٿر چونڊڻ محال ٿي ويا آهن. جنهن ڪري اسان پٿرن مان اناج چونڊڻ شروع ڪيو آهي. پٿرن مان اناج چونڊڻ کانپوءِ اناج ايڏو نه ٿو بچي جو ان مان ڀاتين جا پيٽ ڀرجي سگھن. انڪري ڪجهه پٿر واپس اناج ۾ وجهڻا ٿا پون“.
پوڙهي جا چارئي پٽ پٿر بڻجي اهي ڳالهيون ٻڌندا هيا. اهي مجبور هيا کين هاڻي اها حيثيت نه هئي جو حالتن جو مقابلو ڪري سگھن. اهي پٿر رڙڪيندا هيا ۽ سامهون ويـٺل پوڙهي پيءَ کي ڏسندا هيا، جيڪو کائيندي دانهن نه ڪندو هيو. انهن کي حيرت ٿيندي هئي ۽ سوچيندا هيا. جڏهن کاڌو صاف هوندو هيو ته ان کي پٿر محسوس ٿيندا هيا ۽جڏهن کاڌي ۾ پٿر آهن ته اهو دانهن ئي نه ٿو ڪري.
وڏو پٽ پراڻي ٽارچ ۾ نوان سيل وجهي اٿيو. پيءُ کي وات کولڻ لاءِ چيائين. پيءُ وات کوليو. هن ٽارچ هڻي اندر ڏٺو، پوڙهي جا سڀ ڏند ڀري چڪا هيا اهو غربت کان اڳ پوپلو ٿي چڪو هيو.