ڪھاڻيون

عشقَ جو آسيب

رسول ميمڻ، سنڌي ٻوليءَ جو پنهنجي ئي اندازَ وارو هڪ منفرد ۽ گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هُو پنهنجين ڪهاڻين سان هڪ انتهائي سحرانگيز اندازَ ۾ ورتائي ٿو ۽ اِهي ڪهاڻيون پڙهندي، پڙهندڙُ انهن ڪهاڻين جي سحرَ جي گهرائيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2640
  • 722
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book عشقَ جو آسيب

البم

اها طوفاني رات هئي ـــ تيز هوا گھوگھٽ ڪندي درين سان ٽڪرائجي رهي هئي ـــ در کڙڪي رهيا هيا. کڙڪائڻ وارو ڪو به نه هيو.
ٽماڙ عمارت جو وجود ائين هُيو، جيئن وقت جي باهه ۾ ان جو رنگ ڪارو ٿي ويو هجي ـــ اڳيان اڪيلو ابرشم جو وڻ پنن بنا اگھاڙو هيو ۽ تيز هوا ۾ ڪنهن قلندر جيان سرمستيءَ ۾ نچي رهيو هيو.
اها نوي سالَ پُراڻي عمارتَ پاڻ کنڊر نه هئي پر ان ۾ رهندڙ ماڻهو ڊهي چڪا هيا. هو اڪيلو روح هيو جيڪو جسم ساڻ ڪري پراڻي عمارت جي ڪمرن، ورانڊن ۽ ڏاڪڻين تي بي چينيءَ مان هن کي ڳولهي رهيو هيو ـــ تيز آنڌيءَ ڪري بجلي بند ٿي چڪي هئي ۽ پوري عمارت اوندهه ۾ ويڙهيل هئي.
ان رات هن کان هڪ غلطي ٿي وئي ـــ پُراڻو ڪاليج جو البم جنهن ۾ هن سان گڏ پڙهندڙ ڇوڪرين جا فوٽو هيا، اهو ان دريءَ وٽ رهجي ويو هيو جيڪا کليل هُئي ـــ اهو البم ايڏو ته پُراڻو هيو جو هٿ لاهڻ سان ڳرندو هيو ـــ هن کي اهو البم ڏاڍو عزيز هيو. ان ۾ هن جون يادون لڪيل هيون. کيس خبر هئي ته حياتيءَ جا پهريان پنجويههَ سالَ زندگيءَ سان ڀرپور هوندا آهن. اهو وقت پيار ۽ خوشين جو هوندو آهي. باقي وقت پيار ۽ خوشين کي يادِ ڪندي گذرندو آهي. ان رات پُراڻو البم جنهن جا ورق مرجھايل گلابَ جي پتين جيان هيا، کليل دريءَ مان ايندڙ تيز هوا ۾ پنو پنو ٿي اڏامي ويو.
هو اٿيو ۽ دري بند ڪيائين. شمعدان جي اها واحد ميڻ بتي روشن ڪيائين، جيڪا هن جي وجود جيان بچي هئي ـــ ان اڪيلي ميڻ بتيءَ واري شمعدان جي روشنيءَ ۾ هن جي پيشانيءَ جا گهنج گهرا ٿي ويا. ان سوچَ کانپوءِ ته اهو البم شايد وري ڪڏهن ڏسي نه سگهندو. ان البم ۾ ٻين فوٽو سان گڏ شانئيءَ جو فوٽو به هيو ـــ ناسي نيڻن واري شائني جنهن جي ڀورن وارن ۾ ستارن جي خوشبوءِ هوندي هئي ۽ چهرو جنهن جي مرڪ ۾ ڪائنات لڪيل هئي. شائني، هن جي محبوبا، جنهن جي وڇوڙي کانپوءِ هن شادي نه ڪئي.
هن لاءِ اها افسوس جي ڳالهه هئي ته البم جا سڀ ورق ڪڻو ڪڻو ٿي وکري ويا هيا، اهي ٽماڙ عمارت جي هر حصي ۾ ڦهلجي چڪا هيا. هيٺ، مٿي، ڪمرن ۽ ڏاڪڻين ۾ هر هنڌ اڏامي رهيا هيا. هن سوچيو هو اهي وکريل ورق گڏ ڪندو جيئن انهن کي واپس ساڳي اسپرنگ ۾ وجھي سگهي جيڪو هن جي جھليل شمعدان جي ٻرندڙ واحد ميڻ بتي جي روشنيءَ ۾ ٽيبل تي پنهنجن ڪٽ لڳل ڏندن سان کلي رهيو هيو، جيئن اهو آزاد ٿي چڪو هجي. اهو ان جوابداريءَکان آجو ٿي چڪو هجي ته هاڻي هن جي محبوبائن جا فوٽو سنڀالڻ جي قابل نه رهيو آهي.
ٻاهر وڻ هوا ۾ ٽڙڪاٽ ڪري رهيا هيا ۽ انهن تي ويٺل پکي آکيرن مان دربدر ٿي هر هنڌ هيٺ ڪري رهيا هيا. مٿي مٽيءَ ۾ آسمان ڌرتي ٿي چڪو هيو ـــ ٽماڙ عمارت جون دريون ۽ دروازا بند هيا، پوءِ به مٽيءَ جي بوءِ هر هنڌ ڦهليل هئي، سندس هٿ ۾ جھليل ميڻ بتيءَ جو شعلو ڦڙڪندي ڪڏهن اوچتو هڪ پاسي ائين ٿي لڙي ويو جيئن کيس هٿ تي ڏنگڻ جي ڪوشس ڪندو هُجي ـــ اها طوفاني رات ڪنهن قيامت کان گهٽ نه هئي ڇو جو اهو ناياب البم ڄڻ پنهنجي انجام کي پهتو هيو، اتي اوندهه ڪنهن اهڙي محشر جو انتظار ڪري رهي هئي جنهن ۾ هر محبوبا کان ان جي وفائن جو پڇاڻو ٿيندو.
هو شمعدان جھلي البم جا وکريل ورق ڳولهڻ لڳو، ڪمزور قدمن سان اڳتي وڌيو ته ميڻ بتيءَ جي هيڊي روشني هر شيءِ تي هاربي وئي. پهرين منزل جو ڪشآدو مهمان خانو جنهن ۾ وڇايل بوسنيائي نيرو قالين هيڊي روشنيءَ ۾ واڱڻائي ڏسجي رهيو هيو، ان جا گل مٽيءَ ۾ ملي چڪا هيا، اتي ڊَس هئي ۽ ڊَس ۾ قالين مٿان قدمن جا نشان هيا. اهي ڪنهن جھنگلي جانور جي چنبن جهڙا هُيا جيڪي رنڌڻي ڏانهن پئي ويا. هن جي دل ڌڙڪڻ لڳي، کيس خبر نه هئي ته ان وسيع عمارت ۾ هن سان گڏ ڪا اهڙي شيءِ به رهي ٿي.
اهو خيال اچڻ شرط هن جي هٿن ۾ شمعدان ڏڪڻ لڳو ـــ هن ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو ـــ هيڊي روشنيءَ ۾ کيس ”ناياب“ جو چهرو نظر آيو ــ هن جي ڪاليج جي دوست، جنهن جو پورو وجود البم ۾ لڳل فوٽوءَ جيان اڇو ڪارو هُيو ـــ ان جا ڪپڙا، منهن ۽ وارن سڄو رنگ ان پُراڻي فوٽوءَ جيان هيا جيڪو وکري ويل البم جو حصو هيو ـــ ”ناياب“ شرارتي ادا سان چپن تي هٿ رکي هن ڏي مرڪ اڇلائي. هُو اهڙو منظر ڏسي سُن ٿي ويو ـــ ميڻ بتيءَ جو شعلو ڦڙڪي گواهي ڏيڻ لڳو ته هو واقعي ئي پٿر جو ٿي چڪو آهي پر سندس دل شُعلي جيان ڌڙڪي ٿي.
”پياري ناياب“ هن همت ڪئي ۽ چيو ”مان توکي سدائين سنڀالي رکيو.“
ناياب ڪوئلي جهڙا چپ چوريا ”اهو البم آهي، دل نه!“
هن شرمندگي محسوس ڪئي.
”دل جي البم ۾ هڪ ورق هوندو آهي.“ هن چيو ”۽ ان ورق ۾ صرف هڪ فوٽو.“
هن جي هٿ ۾ جھليل ميڻ بتيءَ جو شعلو لڏيو ۽ ناياب ورق بنجي اڏامي وئي. هن سوچيو. البم جا سڀ ورق جيئرا ٿي چڪا آهن.
اهاعجيب رات هئي. آسمان مان اوندهه وسي رهي هئي. اوندهه جو طوفان وقت سان وڌندو پئي ويو ـــ هن وٽ اها واحد ميڻ بتي نه هجي ها ته شآيد اوندهه ۾ دفن ٿي وجود وڃائي ويهي ها ـــ هو شمعدان جھلي عمارت ۾ گهميو پئي ته سندس نظر ٺهندڙ پاڇي کان ٿورو اڳتي ٿي پئي. هو هلندو ان ڏاڪڻ وٽ آيو جيڪا هوڪڙ ڏئي مٿين ماڙ جي ورانڊي وٽ ٿي کٽي ـــ پير رکي ٻه ڏاڪا مس چڙهيو ته کيس ”روبي“ نظر آئي. اها مرڪي رهي هئي ــ ان جي مرڪ نه وسرندڙ هئي. هر شاگرد سندس مرڪ جي سحر ۾ ڦاٿل هوندو هيو.
”تنهنجي مرڪ ان ڏيئي جهڙي آهي، جنهن وٽ رستو کٽي ٿو.“ هن روبيءَ کي چيو.
روبيءَ جي مرڪ اڌ اوندهه ۽ اڌ روشنيءَ ۾ ٺهڻ ۽ ڊهڻ لڳي. ”تنهنجي راهه جو پٿر آهيان “ ”روبيءَ چيو ”۽ پٿر راهون جوڙيندا آهن“.
”منهنجي منزل ڪٿي آهي؟“ هن پڇيو.
روبيءَ مٿي ڏاڪڻ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ روشنيءَ ۾ تحليل ٿي ورق ۾ تبديل ٿي وئي، ورق اوندهه ۾ لڙهندو غائب ٿي ويو ــ هُو ڏاڪڻ ٽپي مٿي آيو ـــ وسيع ورانڊي ۾ نظرجي حد تائين گھگھه اوندهه هئي. ميڻ بتيءَ جو شعلو ڦڙڪڻ لڳو. هن مڙي ڏٺو، پاسي کان دريءَ کي لڳل پردو هلڪي هوا تي لڏي رهيو هيو. ان کان اڳ جو ميڻ بتي وسامي وڃي، هن پردي پويان کليل طاق جيئن بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس هٿ کي ڇُهاءُ محسوس ٿيو. هن ڏٺو اتي ”ناهيد“ هئي. سانوري رنگ واري، جنهن جا چپ هيڊي روشنيءَ ۾ انب جي ڦارن جهڙا ڳردار هيا.
”تنهنجي منزل نه آهيان“. ناهيد چيو.
هن ڏٺو ميڻ بتيءَ جي هيڊي روشنيءَ ۾ ناهيد جي منهن جون ريکائون تيز ٿي ويون، سندس منهن مان نفرت ۽ ناراضگي ظاهر ٿي رهي هئي. ”پوءِ منهنجي منزل ڪٿي آهي؟“ هن سوالُ ڪيو.
ٻاهر هلندڙ تيز هوا ڄڻ عمارت جو سينو چيري داخل ٿي وئي. ميڻ بتي جو شعلو وسامندي ٻري پيو. ان کان اڳ جو ناهيد ورق بنجي ناسي پالش واري الماڙيءَ هيٺان گم ٿي وڃي. ان چيو ”شائني وشال!“.
هو ويران بيڊ روم طرف مڙيو ته کيس ٻلي نظر آئي جيڪا اڻ پوري روشنيءَ ۾ ٻرندڙ اکين سان هڪ ننڍي آبنوسي ٽيبل هيٺان ويٺل هُئي.
جنهن عمارت جا در يادن لاءِ بند هجن، ان عمارت ۾ يادون جھنگلي جانورن جيان رهنديون آهن.
غير ارادي طور سندس وات مان ”هش“ نڪري وئي. اوندهه ۾ ٽهڪن جو آواز اڀريو. هن حيرت مان اکيون ڦاڙي ڏسڻ چاهيو، پريان اوندهه ۾ روشنيءَ جو پاڇو ظاهر ٿيو ـــ هن ڏٺو اها ”نورين“ هئي ــ ان جا ڪٽيل ڇلن جهڙا وارَ ڪلهن تي لڙڪي رهيا هيا، سندس اکين تي اڇي عينڪ هئي جنهن سان ميڻ بتيءَ جا ڪرڻا ٽڪرائجي موٽ کائي رهيا هيا. ان جا مخروطي چپ جن تي لپ اسٽڪ جو ليپ هيو، اهي چميءَ جي شڪل جهڙا هيا. نورين هن سان لفظ به نه ڳالهايو. ان اڳتي وڌي کيس ويڻيءَ ۾ هٿ وڌو. هن محسوس ڪيو، نورين جو هٿ ڪاغذ هيو. نورين هن کي ان راهداريءَ تائين وٺي وئي جتي کاڌي جو ڪمرو هيو ۽ ٽيرس مان رستو مٿين ماڙ طرف ٿي ويو. اها مڙي ته ورق ۾ تبديل ٿي وئي. پوءِ اتي ڪو به نه هيو، هو هيو ۽ هٿ ۾ جهليل شمعدان جنهن ۾ ٻرندڙ آخري ميڻ بتي هوا ۾ ڦڙ ڦڙائي پويان پساهه کڻي رهي هئي.
هن وٽ وقت نه هيو، آخري ميڻ بتي انجام کي پهچڻ واري هئي، پوءِ هن جو مقدر اوندهه کانسواءِ ڪجھه نه هيو. سندس خواهش هئي ته شائنيءَ کي ڳولهي ان سان ڳالهائي سگهي. شائني ان وسيع عمارت جي ڪهڙي ڪنڊ ۾لڪيل هئي، کيس ڪا خبر نه هئي. شائنيءَ سان هن جي بي پناهه محبت جو سبب ان کي حاصل نه ڪري سگهڻ هيو.
وڄ کان بغير طوفان انڌي فقير جيان هوندو آهي جيڪو مفلسن جا در کڙڪائيندو آهي. گجگوڙ طوفان کي دهشت ڏيندو آهي. گونگو طوفان ان ڪري خطرناڪ هوندو آهي جو بيٺل پاڻيءَ جيان هر شيءَ ڳڙڪائي ويندو آهي. هن کي خبر هئي ته هوا شعلي جي دشمن آهي. سيني اندر طوفان ۾ هن جي دل پپل جي پن جيان اڏامڻ لڳي. ان کان اڳ جو لاٽ اجهامي وڃي، هو تيزيءَ سان ٽئين منزل طرف وڌيو. هن کي رستي تي اهي سڀ چهرا ياد آيا جيڪي هن جي البم جو حصو ٿي آخري ورقن ۾ گمنام هيا. انهن مان ڪي سندس بي وسيءَ تي روئي رهيا هيا ۽ ڪي کلي رهيا هيا. ڪي اداس ۽ هن سان گفتگوءَ لاءِ بي قرار هيا. اتي ”فيروزا“ هئي، جنهن جون پٿر جهڙيون نيريون اکيون کيس پاڻ ڏانهن سڏي رهيون هيون. اتي ”نبيلا“ هئي، سنهي چيلهه واري جنهن کي چيتي جو لباس پاتل هيو. ان آڱر سان مٿي اشارو ڪيو ته سندس آڱر جو ننهن خنجر جهڙو هيو. هو اڳتي وڌيو ته ڪڻڪ رنگي ”فرحانه“ کيس چانورن جي پليٽ آڇي، جنهن مان هوءَ چمچي سان ڪڻو ڪڻو کائي شوخ نظرن سان ڏسي رهي هئي. هن کي ”ثريا“ نظر آئي، جيڪا باغي شاعرا انقلابي نظم ۾ اوندهه جي خاتمي جو اعلان ڪري رهي هئي. ان کيس شمعدان جي آخري ميڻ بتيءَ جي ڦڙڪندڙ شعلي جي بچاءَ لاءِ پنهنجو دامن آڇيو. ڪاري چمڙيءَ واري سيلي جوزف جنهن جو وجود اوندهه سان ملي اوندهه ٿي چڪو هيو، جڏهن اها کلي ته سندس ڏندن ۾ وايو منڊل جي اوندهه ٽهڪ ڏئي رهي هئي.
طوفان جون تيز هوائون مايوسيءَ مان ٽماڙ عمارت جي ڀتين سان پنهنجو سِر ٽڪرائي رهيون هيون. هوا جا رستا بند ٿي چڪا هيا. بي قرار، بدمست هوا جنهن اندر وڃي ميڻ بتيءَ جو شعلو وسائڻ پئي چاهيو. هوا جيڪا باهه وِسائيندي آهي، باهه دکائيندي آهي.
هو مٿي ويو ۽ ميڻ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ هيڏانهن هو ڏانهن ڏسڻ لڳو. اتي فرش تي رانديڪا وکريل هيا. ڊرم وڄائيندڙ ڀولو جنهن جا سيل سڙي چڪا هيا. ڀڳل چاٻيءَ وارو گهوڙو، ڀورن وارن وارو اپاهج گڏو ۽ اهڙا ڪيترائي رانديڪا جيڪي بي جان جسمن سان کيس اکيون ڦوٽاري ڏسي رهيا هيا. هن اوندهه ۾ سڏ ڪيا.
”شائني............شائني.............تون ڪٿي آهين؟“
پوءِ هن ڄڻ پاڻ سان ڳالهائيندي چيو. ”ميڻ بتيءَ جو شعلو آخري پساهن ۾ آهي. تو کي ڏسڻ چاهيان ٿو. تو سان ملڻ چاهيان ٿو!.“
هن جي آواز تي پردي پويان ڪاري ٻلي نڪتي ۽ هو ان جي ڪڍ ويو.
ٻلي ڪجھه قدمن کانپوءِ گم ٿي وئي، اڳتي وڌي ڏٺائين اتي ڪا عورت ٻانهن ۾ منهن لڪائي ويٺل هئي. ميڻ بتيءَ جو شعلو عورت مٿان رقص ڪرڻ لڳو. ان ٻانهن مان منهن ڪڍي ڏٺو، کيس ٻليءَ جهڙيون اکيون ياد اچي ويون. اها شائني هئي. هو مرڪيو، ان اميد تي ته اها هن کي ڏسي خوش ٿيندي. شائني هڪ ادا سان نانگ جيان وڪڙ ڏئي اٿي، چيلهه لوڏائيندي هن وٽ آئي ۽ پوءِ ميڻ بتيءَ جي شعلي کي ڦوڪ ڏئي هلي وئي.
هر طرف اوندهه ڦهلجي وئي. هو جتي بيٺو هيو، اتي بيهجي ويو. گهگهه اوندهه ۾ نه اڳتي وڌي پئي سگهيو، نه پوئتي موٽي پئي سگهيو. ميڻ بتي وسامڻ کانپوءِ ٻاهر هلندڙ طوفان ٿڌو ٿي ويو.