ڪھاڻيون

عشقَ جو آسيب

رسول ميمڻ، سنڌي ٻوليءَ جو پنهنجي ئي اندازَ وارو هڪ منفرد ۽ گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هُو پنهنجين ڪهاڻين سان هڪ انتهائي سحرانگيز اندازَ ۾ ورتائي ٿو ۽ اِهي ڪهاڻيون پڙهندي، پڙهندڙُ انهن ڪهاڻين جي سحرَ جي گهرائيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2640
  • 722
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book عشقَ جو آسيب

ڏور

شهر مٿان هڪ مهل چاليهه پنجاهه لغڙ اڏامندا هيا. ڪا خبر نه هوندي هئي ته ڪنهن جو لغڙ ڪهڙو آهي. اهو ذلفي واري تڙ واري جو آهي، بگن هاتيواري جو، اڪرم باغ حيات واري جو، گلاب غريب آباد واري جو، جوشيلي معصوميءَ جو، قمر شمس آباديءَ جو، جمن آچر گھٽيءَ واري جو، شيدي شڪارپوريءَ جو، سوٽ نبي بخش جو آهي يا ڪنهن ٻئي جو؟
سوٽ نبي بخش گھڻو ڪري لٺ ڇاپ، اکين وارو، لوٽي ڇاپ ۽ نيري رنگ جو دک لغڙ اڏاريندو هيو. سندس لغڙ کي هڪ هنڌ بيهڻ نصيب نه ٿيندو هيو. اهو هوا جي رخ تي ڦرڙاٽ ڪري، ڪڏهن سڄي پاسي ته ڪڏهن کٻي پاسي پيو لاواٽيون ڏيندو هيو. هيٺ گهت هڻي وري مٿي ڪر کڻندو هيو ۽ وچ آسمان تي سينو تاڻي بيهي رهندو هيو. ڪنهن کي مجال نه هوندي هئي ته سوٽ جي لغڙ ويجهو اچي، جيڪڏهن ڪو جريت ڪندو هيو ته سوٽ جي لغڙ سان پيچ اٽڪائي گھڻي دير آسمان ۾ ٽڪي نه سگھندو هيو.
”او ڪاٽا“ سوٽ وڏي آواز ۾ نعرو هڻندو هيو ۽ مخالف جو لغڙ ڪٽجي آسمان ۾ تباهه ٿيل جهاز جيان بولاٽيون کائيندو پري وڃي ڪرندو هيو.
اهي سڀ ڌرتتي جون ڳالهيون آهن. جڏهن کارڪن جي ٻيلن ۾ اس جي باهه تي کارڪون پچنديون هيون. اس ۾ ٻرندڙ باهه نظر نه ايندي هئي. گرميءَ ۾ وڻن جا ڏار مغز جيان ڦري ويندا هيا ۽ اس ۾ ايڏا ته منجهي پوندا هيا جو غلطيءَ سان پنهنجن ڀاڇن تي ڇانو ڪندا هيا.

فقير محمد ڊاڙي جيڪو تاڙيءَ جي گتي ڀرسان رهندو هيو ۽ ان کي ڳاڙهي بازار جي وئشائن گناهه بخشرائڻ لاءِ ايڏي ته خيرت ڏني جو ان پڪسرو گهر ٺهرايو. جيڪڏهن ڪو کانس پڇندو هيو. ”ڇا فقير به پڪسرا گھر ٺهرائيندا آهن؟“
هو ٺهه پهه وراڻيندو هيو.
”سائين منهنجي ڪهڙي حيثيت؟ مون ڪچسرو ٺهرايو، مهرباني موسم جي، اس ۾ سر ن جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو“.
چوندا آهن ته اس ۾ بيهڻ ڪري ماڻهو ڪارو ٿي ويندو آهي، پر سوٽ ڀورو ڳاڙهو هيو. جڏهن سورهن سالن جو ٿيو ته ڏور سان لغڙ نه ڪٽيندو هيو پر دليون به وڍيندو هيو. هن سورهين سال سورهين الهڙ ڇوڪريءَ سان عشق ڪيو. سورهين سوٽ کي اهڙي وڻي جو ان جو سچو عاشق ٿي پيو. شايد سوٽ کي خبر نه هئي، جنهن ڇوڪريءَ سان عشق ڪري ٿو ان تي سڄو شهر عاشق آهي.
اها ڇوڪري ان انبالويءَ جي ڌيءَ هئي جيڪو سبزي منڊيءَ ۾ آرتي هيو. سوٽ کي ان ڇوڪريءَ جي وڻڻ جو وڏو سبب ان جو ڊگهو نڪ هيو. مون سوٽ کي هڪ بيني ڇوڪريءَ سان پڪڙيو هيو، جيڪا دادن پٺاڻ جي ڀڳل جاءِ ۾ ماءُ سان اڪيلي رهندي هئي. ان ڇوڪريءَ جي ماءُ جيڪا طلاق يافتا هئي ۽ عمر جو اڌ حصو گذاري چڪي هئي. ان جي منهن جا گھنج ڪجهه اهڙي نموني جا هوندا هيا جو جڏهن به ڳالهائيندي هئي ته سندس منهن تي مرڪ خود بخود پئي اشارا ڏيندي هئي ۽ ڀروون تارازيءَ جي پڙن جيان ائين هيٺ مٿي ٿينديون هيون جيئن انهن تي گناهه ۽ ثواب رکيل هجن. ان عورت جي نوجوان ڌيءَ خبر نه آهي سوٽ تي عاشق ٿي يا سوٽ ان تي عاشق ٿيو. هڪ ڏينهن سوٽ سان ڀڳل جاءِ جي کنڊرنما ڪوٺي تي ويٺي هئي، جڏهن مان سوٽ کي ڳولهيندو اتي پهتس سوٽ ان جي نڪ کي آڱوٺي ۽ اشهد آڱر سان ڊوهي رهيو هيو. ڇوڪريءَ جي منهن تي ڪجهه اهڙا تاثر هيا جيئن کيس سوٽ جي اها حرڪت پسند نه ايندي هجي.
جڏهن مون هڪ دفعي سوٽ کان ان جي نڪ ڊوهڻ جو سبب پڇيو ته ورندي ڏنائين.
”رنگ جي سٺي آهي، نڪ ننڍو اٿس“.
مون سوٽ سان مذاق ڪندي کيس کلندي چيو “سوٽ ڊوهڻ سان وڏا ٿيندا آهن، پر نڪ نه” سوٽ وڏو حرڪتي هوندو هيو، مان ان جو مددگار هوندو هيس، سندس هر حرڪت پويان منهنجو هٿ هوندو هيو. هڪ دفعي ڪوٺي جي پلوڙي تي حاڪم هٽ واري جي ننڍي پٽ کي ڀاڪر پائي ويٺو هيو، مون ڀرسان وڃي پنهنجي ٺوٺ هن جي ٻانهن کي هنئين، حاڪم هٽ واري جو ننڍو پٽ هن جي ٻانهن مان نڪري هيٺ وڃي ڪريو، چڱو ٿيو پڌر ۾ کٽ پيل هئي واڻ تي ڪريو بچي ويو ۽ کٽ ڀڄي پئي، هر ڪنهن ائين چيو، سڄي حرڪت سوٽ جي آهي، چاچي کيس ڇنڊ به ڪڍي پر مان بي فڪر دالي جي ونگ پويان لڪي ٽهڪ ڏئي رهيو هيس.
ڇا به هجي سوٽ جهڙو هوشيار چالاڪ چست ۽ چالباز ڪو به نه هيو. سوٽ پڙهندو هيو ته اسڪول ۾ پهريون نمبر ايندو هيو. تقرير ڪندو هيو ته ٽرافي کٽيندو هيو. اکر اهڙا هوندا هيس جو سونهري چانورن جي خريد ڪرڻ کان اڳ ٻوريءَ مان هٿ تي رکي ڏس، سوٽ ڳالهائڻ جو اهڙو جو دشمن پنهنجي وَر مان پستول ڪڍي حوالي ڪري ته ”هڻ“. سوٽ پاڻيءَ جي مند ۾ سکر بئريج جي دروازن تان ٽپو ڏئي گُهت هڻي. گجگوڙ ڪندڙ پاڻيءَ سان ترندو لبي مهراڻ وٽ اچي نڪرندو هيو. جواري اهڙو جو مجال نه آهي ڪنهن کي جو کانئس کٽي، تاس اهڙي ڦيرائيندو هيو جو وڏن جوارين جو هوش اڏامي وڃي، سوٽ وقت تي چوريءَ کان به نه ڪيٻائيندو هيو، هن ضرورت پوڻ تي گهر جا پراڻا تاريخي ٽامي ۽ پتل جا ٿانوَ وڪيا، اهو سڀ هن ان ڪري ڪيو جو کيس عشق لاءِ پئسي جي سخت ضرورت هئي.
انبالويءَ جي ڌيءَ سوٽ کي تنگ ڪندي هئي، سوٽ مجبور هيو ان زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو سچو عشق ڪيو هيو ۽ عشق کيس ڏاڍو مهانگو پئجي رهيو هيو. اها سوٽ جو سورهون ۽ آخري عشق هئي. سهڻي ڊگهي نڪ واري جنهن سوٽ کي ديوانو ڪري وڌو هيو. سوٽ جڏهن به ڪو لغڙ اڏاريندو هيو ته هوءَ سامهون بيٺل هوندي هئي. شوخ چنچل تيز اس ۾ آئيني جهڙي، جنهن سان سج ٽڪرائجي اولڙي جي صورت ۾ سوٽ جي منهن تي پوندو هيو، جنهن کان سوٽ جون اکيون بند ٿي وينديون هيون ۽ سندس اڏامندڙ لغڙ ڪٽجي ويندو هيو.
عشق کانپوءِ سوٽ جي ڏور ڀتي نه ٿي هئي پر سوٽ جون اکيون حسن جوتاب سهي نه سگهنديون هيون. هن جا لغر اڪثر ڪٽجڻ لڳا.
هڪ دفعي پاڙي ۾ هٽ واري هن تي طنز ڪندي چيو “ڪچي ڏور انهن جي هوندي آهي جيڪي اوڌر تي عشق ڪندا آهن.”
سوٽ کي هن جي طنز تي ڪاوڙ وٺي وئي. هن هٽ واري جي برنيءَ مان ڪيڪ ڪڍي کائيندي چيو “ڪنا ڪيڪ انهن جا هوندا آهن جن وٽ ڪو گراهڪ نه اچي.”
هن کيسي مان پئسا ڪڍي دخل تي اڇلايا ۽ پوءِ ڪيڪ وات مان ڪڍي ڦٽو ڪري هليو ويو.
لغڙ ڪٽجڻ کانپوءِ هرڪو ائين سوچڻ لڳو شايد سوٽ جو مشهور مانجهي واو فارمولا فيل ٿي چڪو آهي. در اصل اهو فارمولا منهنجي ايجاد هيو جيڪو مون سوٽ کي ڏنو هيو. اهو سوَ سيڪڙو ڪامياب هيو، جيئن ته عشق کانپوءِ سوٽ جا اڪثر لغڙ ڪٽجڻ لڳا هيا. مون کي هاڻي اهو راز فاش ڪرڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ٿو ٿئي ته سوٽ مانجهي ۾ سوني مک وجهندو هيو. هو سيرو چوڪ تان ڀڳل چدي واريون بوتلون ميڙي ايندو هيو. چدي واريون بوتلون جن تي چانديءَ جي روپئي وارو نشان هوندو هيو، اهي سيرو چوڪ تي صرف ديوان لالچند جي هوٽل تي ملنديون هيون. ديوان لالچند انهن بوتلن ۾ اهو چدو انڪري وڌو هيو جو جڏهن گرميءَ جا ماريل بوتل وٺي پيئن ته هر ڍڪ کان پوءِ چدو هيٺ لهي بوتل جي منهن وٽ اچڻ ڪري ساهي پٽين ۽ چدو هيٺ لاهي وري ڍڪ ڀرين. ديوان لالچند جنهن جو پيءَ حڪيم هيو، ان پٽ کي هوٽل کولڻ کان اڳ نصيحت ڪئي هئي ته “پٽ بيشڪ تون عطائي حڪيم نه ٿيءُ پر حڪمت جا ڪجهه اصول نظر انداز نه ڪجانءِ، جيڪڏهن هوٽل کولين ته گرميءَ ۾ ٿڌيون بوتلون هڪ ساهيءَ ۾ پيئڻ ڪري ڪراهڪن جا ڳلا خراب ٿي ويندا. اهڙيون بوتلون ٺاهجانءِ جو اهي هر ڍڪ کانپوءِ ساهي پٽين.”
ديوان لال چند پيءُ جي نصيحت تي عمل ڪيو ۽ چدي واري بوتل ايجاد ڪئي. جيئن ته ان بوتل جي چدي ۾ حڪمت هئي. سوٽ انهن ڀڳل بوتلن مان چدا ڪڍي، ڪٽي ڇاڻي مانجهي ۾ وجهندو هيو. هو مانجهي ۾ ٿنڀڻ جي جاءِ تي ابرشم جي وڻن جو کونئر وجهندو هيو ۽ رنگ جي جاءِ سندور استعمال ڪندو هيو. جڏهن باهه تي مانجهو تيار ڪري بئريج ڪالونيءَ ۾ ٻن وڏن وڻن جي وچ تي هزاري ڳوٽي تي چاڙهيندو هيو ته شهر جا وڏا شوقين هن کي مانجهو هڻندي ڏسڻ ايندا هيا. جڏهن بُل ڏياري لغڙ کي آسمان تي چاڙهيندو هيو ته اهو آسمان ۾ پاسا هڻندو ائين پوئتي ويندو هيو جيئن ڪو پهلوان آکاڙي ۾ سٿر تي هٿ هڻي مقابلي جي دعوت ڏيندو هجي. ٻن اکين وارو لغڙ مٿان سوٽ جي اشاري جو منتظر هوندو هيو. سوٽ ڪڏهن لغڙ کي اشارو ڏيندو هيو ته اهو مٿان گهت هڻي ان انبالوي ڇوڪريءَ جي ڳٽي کي ڇهندو ڄڻ چمي وٺي ڏور وسيلي سوٽ ڏي اماڻيندو هيو. مون هڪ دفعي سوٽ کي سمجهايو. ”سوٽ سٺو نه ٿو ڪري. جنهن سان عشق ڪرين ٿو ان جا عاشق اڳ ئي موجود آهن. هوءَ ڇڙو تنهنجو خرچ نه کائيندي آهي پر هر عاشق ان تي خرچ لاءِ آتو آهي.“
سوٽ کي منهنجي صلاح نه وڻي
“گهڻو نه ڳالهاءِ” هن چيو “ان کي حاصل نه ڪري سگهيس ته ان کي ڪو حاصل ڪري نه سگهندو.” سڀ لغڙ ڄڻ ته انبالوي ڇوڪريءَ مٿان سرڻين جيئن لامارا ڏيندا هيا. اها ڇوڪري چپن تي هٿ رکي چميون هوا ۾ اڇلائيندي هئي ۽ لغڙ گهتون هڻندا اهي جهٽيندا هيا. انهن لغڙن جا مقابلا ان ڇوڪريءَ لاءِ هوندا هيا. لغڙ هوا ۾ سرڙاٽ ڪندا هڪ ٻئي کي ڪلهو هڻي گريبانن ۾ هٿ وجهندا هيا، پوءِ ڏور سان ڏور ٽڪرائبي هئي. ڏورون گسنديون هيون ۽ لغڙ ڏنل ڍر تي پوئتي ٿيندا پري هليا ويندا هيا. ڪڏهن اهي ايڏا ته پري هليا ويندا هيا جو آسمان ۾ اوچائين تي اڏرندڙ ڪلسرن جا پر ڪٽي وجهندا هيا، اهي ڪلسرا ڪبوتر باز جهٽيل پکيءَ جيان بولاٽيون کائيندا گول ڦرندا اچي ڌرتيءَ تي ڪرندا هيا.
عشق کان اڳ سوٽ جو هڪ اهڙو مقابلو بگوءَ جي لغڙ سان ٿيو هيو. بگو ان شهر جو وڏو شوقين هيو، کيس سائيڪلن جو دوڪان هيو ۽ هو مانجهي ۾ اهو سوليوشن وجهندو هيو جنهن سان ٽيوب ڳنڍيندو هيو. هن جي لغڙ جا بريڪ ۽ پيڊل وڏي گرفت ۾ هوندا هيا، پر سوٽ جو ڪو ثاني نه هيو، جڏهن انهن ٻن لغڙن جا پيچ پيا ته پوءِ اهي هوا ۾ اڏرندا ايڏا ته پري هليا ويا جو آسمان ۾ ڪٿي به ڏسجي نه رهيا هيا. سوٽ هٿ ۾ جهليل ڏور جي گهڪي کي محسوس ڪري اهو سمجهي رهيو هيو ته ڪٿي پولارن ۾ اڃا به مقابلو جاري آهي ۽ بگوءَ جو لغڙ نه ڪٽيو آهي. سوٽ ان مقابلي ۾ هڪ ٻئي پويان ڏور جون ست چرخيون ٻڌي لغڙ پويان ڇڏيون ۽ نيٺ اهو وقت آيو جو سوٽ ڏور جي گهڪاءَ مان محسوس ڪيو ته مقابلو ختم ٿي چڪو آهي. بگوءَ جو لغڙ ستين آسمان تي دوزخ ۾ وڃي ڪريو آهي ۽ ان جي تمام ڊگهي ڏور دوزخ کان ڪئي ڪوهه پري جنت جي وڻن مٿان لڙڪي رهي آهي. سوٽ کي لغڙ هيٺ لاهڻ ۾ پورو ڏينهن لڳي ويو. جنهن ۾ مون هن جي چرخين ويڙهڻ ۾ مدد ڪئي.
جڏهن لغڙ هيٺ لهي هٿن ۾ آيو ته لغڙ جي اکين ۾ ڳوڙها هيا ۽ اتي لکيل هيو.
”پيارا نبي بخش مونکي توسان پيار آ“
سوٽ ۽ مان اهي اکر ڏسي حيران ٿياسين. سوٽ اهي اکر سڃاتا، جيڪي سڀيتا جا هيا. سڀيتا سوٽ سان پنجين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي ۽ امتحان کان اڳ ڪالرا ۾ مري وئي. سوٽ سندس ڀرسان ويهي اکرن جي تعريف ڪندو هيو ۽ چوندو هيو “سڀيتا تنهنجا ۽ منهنجا اکر ڪيڏا نه ملي رهيا آهن.”
سوٽ اهو سوچي ته سڀيتا عرش ۾ هن جو انتظار ڪري رهي آهي خوف ۾ وٺجي ويو ۽ ان ڏينهن کانپوءِ بگوءَ سان لغڙ وڙهائڻ کان توبهه ڪيائين.
سڀيتا جي اهڙي پيغام تي جتي سوٽ خوف ۾ وٺجي ويو، اتي مونکي بي حد خوشي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪائنات ۾ ڪو ته آهي جيڪو سوٽ سان سچو عشق ڪري ٿو. پوءِ اهو سچي افسوس ٿيو ته سوٽ جو سورهون عشق اهڙي ڇوڪريءَ سان هيو جيڪا سڄي شهر جي عاشقن جو خرچ کائي ٿي. اها ان انبالويءَ جي اڪيلي ناجائز اولاد هئي، جيڪا سندس دوڪان سامهون ڳاڙهي بازار جي وئشيا دلبريءَ مان اوچتو پيدا ٿي پئي. ان انبالويءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ اها وڏي غلطي هئي جو ان وئشيا سان شادي ڪئي جيڪا هڪ سال کانپوءِ پنهنجي انجام کي پهتي. اها وئشيا طلاق کانپوءِ انبالويءَ وٽ ڌيءَ ڇڏي روڊ ٽپي ٻئي پاسي ڳاڙهي بازار ۾ موٽي وئي ۽ انبالوي پنهنجي ان ناجائز اولاد کي جائز قرار ڏئي پندرهن سال پالنا ڪئي. ناجائز ان ڪري جو انبالويءَ ڪوڙو نڪاح نامو ٺهرايو هيو جيئن طلاق جي صورت ۾ هو عدالت ۾ ڏيڍ لک روپيا حق مهر ڏيڻ کان ڦري وڃي. جيڪڏهن نڪاح نامو سچو هجي ها ته اها ناجائز ڇوڪري ضرور جائز ليکجي ها ۽ ڪڏهن اڌ وضو ڪري نفلن ۽ سنتن کانسواءِ به فرض پڙهي کٻي اک کي آجو قرار ڏئي، سڄي اک ۾ شرم ۽ حياءَ جو ڏيک ڏئي ها، پر اها صفا ناجائز هئي ۽ سڄو ڏينهن ڪوٺي تي چڙهي عاشقن جي لغڙن تي حڪمراني ڪندي هئي. عاشق لغڙن جي ڏور سان هن جي آس پاس پيا حرڪت ڪندا هيا.
اهو اونهارو عاشقن لاءِ سٺي خبر کڻي نه آيو. اها خبر عام ٿي وئي ته سندس پيءُ انبالوي هن جو سنگ ڪنهن ٻئي شهر ۾ طئي ڪري آيو آهي ۽ اها ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي.
سوٽ صفا مايوس ٿي ويو، هو ڪوٺي تان لهي هيٺ ان ويران ڪوٺيءَ ۾ وڏن پاون واري کٽ تي ويهي روئڻ لڳو، جنهن کٽ کي ڇنڊڻ جي ڪڏهن ڪنهن ضرورت محسوس نه ڪئي هئي. ان کٽ تي ڇت ۾ ٺهيل جهرڪين جي آکيري مان ڪرندڙ ڪکن ۽ وٺين کانسواءِ صدين جي ڌوڙ ڄميل هئي. ان ويران ڪوٺيءَ ۾ جهرڪين جي اچڻ لاءِ ٻاهر کلندڙ جاري مان اوندهه ۾ ايندڙ سج جي ڪرڻن ۾ ڌوڙ جا ذار اڏامندي ڏسبا هيا.
ان ڏينهن آنڌي ته نه آئي هئي پر هوا ڏاڍي تيز هئي جڏهن ان انبالوي ڇوڪريءَ جو ڳلو ڪپجي ويو. اها ڪوٺي تي بيٺل هئي، ڪا گهڙي گذري ته ڪنهن لغڙ جي ڏور ان جي ڳلي تي ڦري وئي. هوءَ هيٺ ڪري ۽ جيستائين کيس اسپتال پهچايو وڃي. گهڻو رت وهڻ ڪري ان جو موت واقع ٿي ويو.
ڪنهن تي الزام نه آيو. الائي ڪنهن جي ڏور هئي؟ شهر مٿان هڪ مهل چاليهه پنجاهه لغڙ اڏامندا هيا. ڪا خبر نه هوندي هئي ته ڪنهن جو لغڙ ڪهڙو آهي. اهو ذلفي واري تڙ واري جو آهي. بگن هاتيواري جو. اڪرم باغ حيات واري جو گلاب غريب آباد واري جو، جوشيلي معصوميءَ، شيدي شڪارپوريءَ جو، جمن آچر گهٽيءَ واري جو، قمر شمس آباديءَ جو، سوٽ نبي بخش جو آهي يا ڪنهن ٻئي جو.