عشقَ جو آسيب
مرگهي به عجيب مرض آهي. ماڻهوءَ کي اڳواٽ خبر پئجيو وڃي ته ڪهڙي ڏينهن يا مهل ان مرض جو حملو ٿيڻو آهي ـــ مريض جي اهڙي اڳواٽ ڄاڻ کي Aura چيو وڃي ٿو.
هن کي به ڪجهه ڏينهن اڳ اهڙي خبر پئجي پوندي هئي. جڏهن اهو وقت ٿيندو هيو ته سِيرَ ڏنل ڍورَ جيان ڦتڪندو هيو. سندس مرگهيءَ جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ پويان هڪ عجيب ڪهاڻي آهي. هن سان اهڙو واقعو ٿيو جو ان مرض ۾ مبتلا ٿي ويو.
ڪڏهن وڏين خداداد صلاحيتن جو مالڪ هيو، کيس خبر پئجي ويندي هئي ته ڪجهه منٽن کانپوءِ ڪئو رنڌڻي جي هيٺين تاڪ مان نڪري سنڪ جي سوراخ ۾ وڃڻو آهي. هو اڳ وٺي بيهندو هيو ۽ ڪئو نڪرندو هيو ته هن جو هٿ تيزيءَ سان ان جي پڇ ۾ پوندو هيو. هو ڪئو پڪڙي ٻليءَ کي ڏيندو هيو ۽ ٻلي هن ڏي حيرت مان ڏسندي هئي.
هو شهر ۾ سفر ڪندي ان بس مان هڪ اسٽاپ پهريون لهي ويندو هيو جنهن بس مان اڳلي اسٽاپ تي ڦر ٿيڻي هوندي هئي. هن ويجھي عزيز جي مرڻ جي اڳڪٿي ڪئي، کيس ٻڌايو ته ”ٻن ڏينهن کانپوءِ جيئرو نه هوندو.“ جڏهن ته اهو تندرست ۽ توانو هيو. اٽڪل ٻن ڏينهن کانپوءِ ان جو موت واقع ٿيو. ڪن اهڙي اڳ ڪٿيءَ کي نحوست، ڪن اتفاق ۽ ڪن بدشگوني چيو هيو.
جسم ۾ جھيڻي هجڻ ڪري، هن جو هڪ ڪلهو هيٺ ۽ ٻيو مٿي نظر ايندو هيو ـــ پاسيريون باز جي کنڀن جهڙيون هيس. اهو پيلي هڏائين چهري وارو جوان عمر جي ٽيهين ڏهاڪي ۾ هيو. هن جي مرگھيءَ ۾ مبتلا ٿيڻ جو واقعو ائين آهي ته سال اڳ سندس هڪ اهڙيءَ عورت سان عشق ٿيو جيڪا ڪنهن ٻئي سان عشق ڪندي هئي. اها جنوريءَ جي چانڊوڪي رات هئي جڏهن هن ان کي ڏٺو ته کيس نم جي ٻور جي خوشبوءِ آئي ـــ مٿان نم جو وڻ نه هيو ـــ ٻور جي موسم نه هئي ـــ اها هڪ خوبصورت عورت هئي ـــ چانڊوڪي ان جي چهري سان ٽڪرائجي آسمانَ ۾ چندَ جو عڪسُ پئي ٺاهيو. ان باغ جا سارا گل بي رنگ ٿي سندس ڪپڙن ۾ سمائجي ويا هيا. ان جو روشن چهرو ايڏو معصوم هيو جو پاڪيزگي ننڍي ٻارَ جيان سندس چيچ کي جھلي بيٺل هئي.
هو وڌي ان وٽ ويو ۽ نوڙي سلام ڪيائين.
”مان خادم...... نسل در نسل خادم“ هن عقيدت مان چيو: ”هن نٽهڻ چانڊوڪيءَ ۾ اوهانجو روپ نه سڙي، سوچيم ڪٿي ويهڻ جي صلاح ڪيان.“
عورت اوچتو اوندهه مان هڪ عجيب مخلوق کي نروار ٿيندو ڏسي پوئتي هٽي وئي. ان جو هڏائون چهرو ڏسي کيس يقين ئي نه پئي آيو ته سندس سامهون هڪ جيئرو انسانُ مخاطب آهي.
”پري ٿي بيهه“ ـــ عورت چيو ”ويجھو نه اچ.“
ان جي اهڙي ڌمڪيءَ تي هو هيٺ جھڪي ويو ۽ سندس چپن تي شرميلي مرڪ اچي وئي.
”مون اڳ اهڙو حسن جو جلوو ڪينَ ڏٺو“ هن کٻي واڇ اگھندي چيو، عورت هٿ مهٽڻ لڳي ۽ ان جي هٿن مان ڄڻ ٽانڊاڻا نڪتا. ”مان پريشان آهيان.“ عورت خفي ٿيندي چيو: ”مونکي وڌيڪَ پريشان نه ڪر“.
هن پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪيو.
”مونکي معاف ڪجو“. هن خوشامندي انداز ۾ چيو: ”منهنجو ارادو توهان کي تنگ ڪرڻ نه آهي. مان ته انسان آهيان. پويان ويهن قدمن جي فاصلي تي بيٺل گھاٽو بڙ به توهان تي عاشق ٿي سگهي ٿو.“
عورت ڪاوڙ ۾ هلي وئي ۽ گھاٽي بڙ تان ٻه ڳاڙهيون اکيون لهي باغَ جي ٻاهرين در تائين ان پويان ويون.
اها عورت ڪنهن واس جيان سندس وجود ۾ سمائجي وئي. هڪ منفرد واس جيڪو دنيا ۾ ڪٿي به سمايل نه هيو. هو چانڊوڪيءَ جي خوشبوءِ محسوس ڪندو هيو جنهن ڪري سندس منهن پيلو هيو پر عورت جي خوشبوءِ چانڊوڪيءَ جي خوشبوءِ کان وڌيڪَ اثر انگيز هئي. پيار هن تي آسيب جيان حملو ڪيو ـــ هڪ ڏينهن وهنجيو ته محسوس ڪيائين پاڻيءَ سان گڏ پاڻي ٿي ويو آهي ـــ کيس ان جي اچڻ جي اڳواٽ خبر پئجي ويندي هئي. هڪ دفعي سندس دماغ ۾ چڻنگ دکي ته ٻن ڏينهن کانپوءِ سنگمرمر جي مقبري اڳيان اتر واري ڏاڪڻ وٽ اچڻي آهي جتي هڪ وڏو باغ آهي ۽ ان باغ جي وڻن جا چيڪو ڪانون کانسواءِ ڪي به جاندار نه کائيندا آهن. ان باغ ۾ خوبصورت ڦوهارا آهن جن جي پاڻيءَ ۾ رت جي بوءِ آهي.
هو وقت جو شدت سان انتظار ڪرڻ لڳو. هن لاءِ ٻه ڏينهن ٻه صديون هيا. انتظارڪندي کيس خوشي محسوس ٿي ته محبوب جي اوسيئڙي ۾ عمر دراز ٿئي ٿي.
ٻن ڏينهن کانپوءِ هو ان مزار جي اتر واري ڏاڪڻ سامهون چيڪوءَ جي وڻن هيٺان ويهي رهيو. ڪجهه ڪانوَ وڻن تان لهي هن اڳيان ائين ويٺا جيئن کين انتظار هجي ته سندس تيز ڌڙڪندڙ دل سيني کان ٻاهر نڪري هيٺ ڪرندي ۽ اهي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي ويڙهه ڪندا ـــ هو موت جو فرشتو بنجي وقت جا ساهه ڳڻي ان جي مرڻ جو انتظار ڪري رهيو هيو ـــ جڏهن وقت مئو ته هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. هن اکين جي ترندڙ پاڻيءَ ۾ ان کي ايندي ڏٺو ـــ اها آئي ۽ مزار جي اتر واري ڏاڪڻ وٽ بيهي ڪنهن لاءِ واجھائڻ لڳي ـــ هو ان ڏانهن وڌيو. هن کي ايندو ڏسي عورت جو ڇرڪ نڪري ويو، کيس حيرت ٿي ته ان کي اتي اچڻ جي خبر ڪيئن پئي؟.
هو ادب مان ڪٻ ڪڍي ڪلهو لڙڪائيندو ان سامهون آيو ۽ سلام ڪيائين. عورت لنوائي پري ڏسڻ لڳي، جتي ڦوهارن جو پاڻي ڪارو ٿي چڪو هيو.
”تون منهنجن حواسن تي ڇائنجي چڪي آهين“ هن چيو ”تنهنجي رنگ ۾ ڍلجي چڪو آهيان ـــ مون ڏي نهار ـــ منهن نه موڙ.“
عورت نه چاهيندي به هن ڏانهن ڏٺو ۽ اهو کيس ايڏو نفرت لائق نظر نه آيو جيڏو سمجھي رهي هئي.
”ڏس بزرگ“ عورت چيو ”ڪجهه منهنجي عزت جو خيال ڪر ـــ ان کان اڳ جو منهنجو پريمي پهچي، هتان هليو وڃ.“
هن جي صحت تي ڪو اثر نه پيو ـــ ڄڻ پنهنجي وس ۾ نه هيو.
”مان بزرگ نه آهيان“ هن چيو ”پر تنهنجن رخسارن جيان آهيان جن تي وقت جي ڪروٽ جو ڪو به گهنج نه آهي. ڪهڙي پريميءَ جي انتظار ۾ آهين ـــ مان به تنهنجو پريمي آهيان.“
عورت ڪو جواب نه ڏنو. ان وڌيڪَ ڳالهائڻ نه پئي چاهيو. اها پري منهن ڪري بيهي رهي. هو ان کي ڏسندو رهيو. جڏهن چڱي مهل گذري ۽ عورت جو پريمي نه آيو ته اها اتان هلي وئي. هو ان کي ويندي ائين ڏسڻ لڳو جيئن روح کي اوجھل ٿيندي ڏسندو هجي، کيس ڪا خبر نه هجي. روح جو رستو دوزخ ڏانهن آهي يا جنت ڏانهن ـــ يا ٻنهي جي وچ تي جتي ان کي فيصلي جو انتظار آهي.
هو واپس موٽيو ته مايوس هيو. ليٽيو ته سندس ساڻ هڪ ٻيو شخص به ليٽيو، جنهن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪيائين پر سڃاڻي نه سگهيو. اهو کلي رهيو هيو. ايترو محسوس ڪيائين سندس کل نفرت جهڙي هئي.
گهڻا ڏينهن ٿي ويا سندس ذهن ۾ اهو انڪشاف نه ٿيو ته اها وري ڪڏهن اچڻي آهي؟ ۽ واسو ڪهڙي مڪان تي آهي ـــ هو پريشان ٿي ويو ۽ سمجهيائين اهي خواب سٺا هوندا آهن جيڪي ننڊ ۾ ڏٺا وڃن ۽ اها ننڊ خراب هوندي آهي جيڪا خواب ۾ ڪئي وڃي ـــ آسيب کي سؤُ پير هوندا آهن. عشق دل ۾ سوراخ جيان آهي ـــ چانڊوڪيءَ ۾ رات جي راڻيءَ جي خوشبوءِ سندس ذهن جاڳائي وڌو ـــ مغز ۾ ڏور جي سٽ آئي، سندس وجود لڏي ويو. چپن ۾ چيائين. ”ها هڪ ڏينهن کانپوءِ اها اچڻي آهي.“
پوءِ پاڻ کان سوال ڪيائين. ”ڪٿي؟“.
تصور ۾ ڏٺائين. ڀولا ٽپا ڏئي رهيا هيا. شينهن گجي رهيا هيا. زراف جي منڍي ايڏي ته ڊگهي هئي جو چڪ هڻي چنڊ جو پاسو کائي ويو. ست رنگا طوطا ٻولي رهيا هيا. زيبري جي پٽن تي خيال رستو پار ڪري رهيا هيا ـــ هاٿيءَ سونڊ مٿي ڪري سندس محبوب کي سلام ڪيو ۽ بند پڃري مان چيمپينزيءَ بالٽي پاڻيءَ جي ڀري سندس منهن ۾ هنئي. هن جون اکيون کلي ويون.
هڪ ڏينهن کانپوءِ چڙيا گهر ۾ پهتو. ماڻهن جي هجوم ۾ انکي ڳولهڻ لڳو. اها ان جھوني بڙ هيٺان بينچ تي ويٺل هئي جيڪو ٻه سوءُ سالَ پُراڻو هُيو. ان جو ٿڙ لڙڪندڙ پاڙن سان ملي هڪ ٿي چڪو هيو. هن پريان عورت کي ڏٺو ۽ بيهي رهيو، سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي. ڄنگهون ڏڪڻ لڳيون. سامهون وڃڻ جي همت هاري ويٺو. دل کي تسلي ڏنائين. زندگيءَ جي منزل اها ئي آهي، جيڪا سامهون نظر اچي رهي آهي ـــ منزل تي موت به واجب آهي ـــ گھٻرائڻو ڪهڙو؟ ـــ اهو سوچي نوڙت ۽ نمرتا مان ڪٻ ڪڍي ڪلهو هيٺ مٿي هڻندو اچي سندس سامهون بيٺو. هن کي ڏسي عورت اچرج ۾ پئجي وئي ۽ حيرت مان بت بڻجي وئي. جڏهن ان جي نرڙ تي پگهر ظاهر ٿيو ته پريان ڏسندڙ هاٿيءَ کي اعتبار آيو اها پٿر جي نه آهي.
هن اڳتي وڌي سلام ڪيو ۽ ڀرسان بينچ تي ويهي رهيو.
”تون هتي به پهچي وئين؟“ عورت سوال ڪندي چيو: ”ڇا تون منهنجي پويان ماڻهو ڇڏيا آهن؟ جيڪي منهنجي هر چرپر جو اطلاع توکي ڏين ٿا.“
هن جي ڳالهه تي مرڪيو، سندس مرڪ ايڏي ته ڦهلجي وئي جو اها عورت کي مرڪ محسوس نه ٿي.
”پياري“ هن ڊگهو ساههُ کڻندي چيو: ”ٿي سگهي ٿو تنهنجو اهو پريمي مان هجان جنهن جو هر دفعي انتظار ڪندي هُجين؟“
عورت کي محبوب جي نه اچڻ جو شدتَ سان احساسُ ٿيو، سندس ڪنڌ هيٺ ٿي ويو جيئن پنبڙين ۾ڦاٿل ڳوڙها اهو نه ڏسي سگهي.
”ان جو قيامت تائين انتظار ڪندس“ عورت اعتماد سان چيو: ”ايندو ضرور ايندو.“
”پاڇن جو انتظار شامون ڪنديون آهن. سانجھي انهن کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيندي آهي. تون لهندڙ سج نه آهين ـــ تون صبح آهين، جنهن مان پاڇا پيدا ٿيندا آهن.“ هن چيو.
عورت کي ڳالهيون سٺيون لڳي رهيون هيون. هو سٺو نه لڳي رهيو هيو.
”توکي ڪجهه حاصل نه ٿيندو.“ عورت چيو: ”تون وقت وڃائي رهيو آهين“.
هن وري مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جي مرڪ مٽيءَ ۾ پوريل ان سِڪي جهڙي هئي، جنهن تي ڇاپيل بادشاهه جي مورت کي ڪٽ لڳل هوندي آهي.
”مون کي ڪجهه نه گهرجي“. هن چيو ”پر اندر ڪو آهي جيڪو توکي ڏسڻ بنا بي چين آهي ـــ مان وقت وڃائي نه رهيو آهيان، پر حاصل ڪري رهيو آهيان.“
عورت سمجھي وئي هو ڪو ديوانو آهي، جيڪو دل جي گهرائين سان سندس پيار ڪري ٿو ـــ اهو کيس ڪو نقصان نه پهچائيندو.
”پر تون ٻڌاءِ؟“ عورت سوال ڪيو ”توکي اها خبر ڪيئن پئجي وڃي ٿي ته فلاڻي ڏينهن فلاڻي جاءِ تي موجود هوندس؟“
هن وٽ ڪو جواب نه هيو. ڪنڌ هيٺ ڪري ڪجهه دير سوچيندو رهيو.
”شايد عشق آسيب آهي“ هن چيو ”وچڙي ٿو. جڏهن هٿ وٺي هلي ٿو ته بي خود ٿي ان پويان هلڻو پوي ٿو.“
عورت کي جواب سمجهه ۾ نه آيو. ان کان اڳ جو اها ڳالهائي هن وري ڳالهايو.
”خبر نه آهي ڪهڙي محبوب جو انتظار ڪندي آهين؟ جنهن کي تنهنجي رستن جي خبر نه آهي.“
هن جي ڳالهايل جملي تي عورت جي اکين ۾ ڳوڙها ترڻ لڳا پر ڪنڌ هيٺ نه ڪيائين. اها هن جي اکين ۾ ڏسندي رهي ـــ جڏهن گهڻو وقت گذريو ۽ ان عورت جو چاهيندڙ نه آيو ته اها هلي وئي ـــ هن پنهنجيون ڪوريئڙي جي ڄنگهن جهڙيون سنهيون آڱريون چمندي کيس حسرت مان الوداع چيو.
هن جون ان عورت سان ڪيتريون ملاقاتون ٿيون. سندس دماغ ۾ اڳواٽ وڄ چمڪندي هئي ۽ پوءِ ڀوري بادل جو انتظار ڪندو هيو. هو عورت جي پهچڻ کان اڳ پهچي کيس دل جو حال اوريندو هيو. عورت جي دل ۾ هن لاءِ همدردي پيدا ٿي چڪي هئي. همدردي عشق جو ضد آهي. ڪنهن به دل ۾ همدردي ۽ عشق گڏ رهي نه ٿا سگهن.
اهي سرءُ جا ڏينهن هيا جڏهن عورت هن کي ملاقات جو وقت ڏنو. ”هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن ـــ ڇنڇر شامَ جو. جتي شهر جو تاريخي قبرستان آهي ۽ پٿر جو پراڻو چبوترو آهي، ان هيٺان توسان ملندس.“
عورت جيئن اهي لفظ چيا ته خوشيءَ مان هو سڌو ٿي ويو. سندس ڪٻ جھرندڙ پهاڙ جيان ڌرتيءَ سان ملي هڪ ٿي وئي. ڪلها تارازيءَ جي پڙن جيان توازن ۾ اچي ويا ۽ رنگت سمر قند جي صوف جهڙي ٿي وئي.
”تنهنجي اچڻ جي دير آهي.“ هن چيو: ”مان ته هر دم حاضر هوندس“.
سرءُ جا ڏينهن اس ۾ ڪمبل ويڙهي ويٺل فقير جهڙا هوندا آهن. چنڊ آسمان ۾ ڏاڍو مٿي اڀرندو آهي. هلندڙ ميري هوا ۾ وڻن جا هيڊا پن مليريا جي مريض جيان ڏڪندا آهن.
ان ڏينهن عورت سوچيو، هن پنهنجي محبوب جي راهن ۾ انتظار جون پيڙائون ڀوڳيون آهن. دنيا جو ڪو به مرد وفادار نه آهي ـــ سڀ موقعي پرست آهن. هوءَ اهڙي رويي جو بدلو ان شخص کان وٺندي جيڪو اڄ تاريخي قبرستان ۾ پهچي سندس انتظار ڪندو .
هو هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن عورت جي چوڻ موجب شهر کان ڏور ان تاريخي قبرستان ۾ پهتو جتي فليٽن جهڙيون قبرون خوبصورت چترن سان سينگاريل هيون. پريان هڪ پٿر جو چبوترو هيو ۽ ان جي فرش جون سرون وقت جي ستم ظريفيءَ ۾ ڳري چڪيون هيون. هو چبوتري هيٺان بيهي ان جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن گهڻو وقت گذري ويو ۽ سج اولهه ڏي لڙيو ته اس چبوتري جي ونگ کان هن جي وجود تي پوڻ لڳي ۽ سندس پاڇو ڊگهو ٿي عورت کي ڳولهيندو انهن رستن تائين هليو ويو جتان ان کي اچڻو هيو.
هن سوچيو، هو اتي دل جي چوڻ تي نه پر عورت جي چوڻ تي آيو هيو. اهو سوچي هو وسامي ويو ۽ مايوس ٿي چبوتري جي ناهموار فرش تي ويهي رهيو ۽ ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي ڇڏيا.
اوچتو کيس دماغ ۾ چڻنگ دکي. هوءَ اچي رهي آهي، سندس جسم مان رات جي راڻيءَ جي خوشبوءِ اوندهه سان ملي هڪ ٿي وئي آهي. ان جي جسم مان اڀرندڙ پگهر جا بخارات ذهن جاڳائيندڙ بام جهڙاٿي چڪا آهن. هن محسوس ڪيو. اها قبرستان جي دروازي مان لنگهي، ان قبر وٽ پهتي آهي جنهن ۾ شهيد پيءُ ۽ پٽ دفن آهن. هن ڏٺو عورت جا گلابي ڪپڙا گيڙوءَ رنگا ٿي چڪا آهن. اها هلندي ان نلڪي وٽ پهتي آهي جنهن مان پاڻي ڀري قبرن تي ڇڻڪار ڪندا آهن. ان جا پير مور جي پيرن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. ڇڻيل بيد مُشڪ جي هيڊن پنن کي باهه لڳي وئي ۽ دونهون ڦهلجي ويو. هن ڏٺو هرڻيءَ جي پوئين ڄنگهه تي شينهن جي ننهن جا نشان آهن، اها منڊڪائي رهي آهي. اداس مرگهه جي دن مان کستوريءَ جي بوءِ اچي رهي آهي. سو چيائين، هوءَ پٿر جي چبوتري ۾ هن وٽ پهتي آهي ـــ اکيون کولي ڏٺائين ته کيس مرگھيءَ جو دورو پئجي ويو.
اهو سندس زندگيءَ ۾ مرگھيءَ جو پهريون دورو هيو، پوءِ کيس ٻه چار ڏينهن اڳ خبر پئجي ويندي هئي ته ڪهڙي ڏينهن مرگھيءَ جو دورو پوڻ وارو آهي.