ڪھاڻيون

عشقَ جو آسيب

رسول ميمڻ، سنڌي ٻوليءَ جو پنهنجي ئي اندازَ وارو هڪ منفرد ۽ گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هُو پنهنجين ڪهاڻين سان هڪ انتهائي سحرانگيز اندازَ ۾ ورتائي ٿو ۽ اِهي ڪهاڻيون پڙهندي، پڙهندڙُ انهن ڪهاڻين جي سحرَ جي گهرائيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2640
  • 722
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book عشقَ جو آسيب

داستان گو

ڪنهن وقت شهر کان پرڀرو هڪ انڌڙو داستان گو رهندو هيو. اهو اهڙا ته قصا ٻڌائيندو هيو جو ماڻهو انهن جي سحر ۾ گم ٿي ويندا هيا. اهو انڌڙو هڪ ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ رهندو هيو. جهوپڙيءَ جو هر ڪک هوا تي ائين لرزندو هيو جيئن داستان گو جا قصا ٻڌي ڏڪندو هُجي، ڪو به قصو ٻڌندڙ ايندو هيو ته ڪجهه اجورو ڏئي سندس سامهون وڇايل گاهه تي ويهندو هيو. انڌڙو داستان گو هر قصو ائين شروع ڪندو هيو جو هن جو آواز وات مان نڪري ڪردارن جو روپ ڌاري ڄڻ اکين اڳيان پيو رقص ڪندو هيو.
انڌڙي داستان گو هڪ نوجوان مددگار پاڻ وٽ رکيو هيو جيڪو گهڙامنجيءَ تي رکيل دلن جي صفائي ڪري پريان کوهه تان ڀري ايندو هيو. ٿورو گهڻو رڌ پچاءُ ڪندو هيو ۽ انهن جي رهنمائي ڪندو هيو جيڪي داستان گو جي ٻڌايل قصن جي تعريف ٻڌي ان کي ڳولهيندا اچي اتي نڪرندا هيا.
سج لٿي کانپوءِ شهر اوندهه جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندو هيو. وئشالي وٽ ڪجهه بتيون روشن هونديون هيون. تن ڏينهن وئشائن جا اگهه اٽي جيان سستا هوندا هيا. وئشالي جي ڪنڊ تي تاڙي خانو هوندو هيو. تاڙي خاني اندر هڪ پئسي ۾ ملندڙ تاڙيءَ جي ڀريل کونجي ۾ ڪنهن بادشاهه جي پوشاڪ جهڙي خوشبوءِ هوندي هئي. تاڙي پيئڻ کانپوءِ اٿندڙ سرورن ۾ هرڪو پاڻ کي ان اڇي گهوڙي تي ويٺل محسوس ڪندو هيو جيڪو جيئن بادلن ۾ اڏامندو هجي.
ولي محمد شهر کان پري هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هيو. اهو ٻنين جو مالڪ ته نه هيو پر ڏاندن جي خوبصورت جوڙي سندس ملڪيت هئي، اهي ڏاند پاڻ ۾ ڀائر هيا، قدرت جي نظام ۾ ڀل اهي ڀائر نه هجن پر سڀني ڏاندن جون شڪليون هڪ ٻئي سان ملنديون آهن، پر انهن ٻن ڏاندن جي جسم تي هڪجهڙا چٽ هيا. ولي محمد ڏاند گاڏيءَ تي اناج ڍوئي شهر پهچندو هيو ته کيس سراءِ ۾ رات بسر ڪرڻي پوندي هئي. هو هڪ حساس دل ماڻهو هيو، جنهن اڃا شادي نه ڪئي هئي. ڪڻڪ جا داڻا هٿ ۾ کڻي ڏسندو هيو ته کيس شرم محسوس ٿيندو هيو ۽ سمجهندو هيو ته هو ڪا سٺي حرڪت نه ڪري رهيو آهي. هو کارڪون کائي اکيون بند ڪري کوکڙيون پري اڇلائيندو هيو، کيس ڏاند جي جسم تي اڪريل چٽ انڪري نه وڻندا هيا جو غور سان ڏسڻ کانپوءِ محسوس ٿيندو هيو جيئن سندس جسم تي بگ نڪتو هجي، ولي محمد کي ٽڙيل ڪنول وڻندا هيا، لڳندو هيو جيئن دل ڦاٽي پئي هجي، هو پٻڻ شوق سان کائيندو هيو، انهن مان کيس وفا جي بوءِ ايندي هئي، جڏهن ننڍڙو هيو ته سندس ماءُ گذاري وئي، هو ماءُ کي ڳولهيندو رهيو. هن جي پيءُ ٻي شادي ڪئي ۽ پوءِ پيءُ کي سامهون هوندي به ڳولهي نه سگهيو. هاڻي هو پنهنجن پيرن تي بيٺل هيو ۽ پير ڏاندن تي هيا.
هڪ دفعي هو ٻاجهري کڻي شهر آيو ته ڌڻيءَ هن تي ٻاجهه ڪئي. هٿئون هٿ سندس سڀ ٻاچڪا شهر ۾ ائين وڪامي ويا جيئن گراهڪ هن جو انتظار ڪري رهيا هجن. در اصل ٻئي ڏينهن درياهه شاهه جو ڏڻ هيو جنهن ۾ سنڌوءَ ڪناري اڏيل مندرن تي ويهندڙن پکين لاءِ ٻاجهري جي سخت ضروت هئي. ماڻهو بازار مان ٻاجهري خريد ڪري مندرن اڳيان هاريندا هيا. ولي محمد کي ان ڏينهن سٺا پئسا مليا. هو گاڏي هاتي ۾ ڏاند بيهاري تاڙي خاني ۾ ويو ۽ ٻه کونجا چاڙهي مست ٿي پيو، سندس دل چاهيو ته وئشالي جو رخ ڪري. هن وئشالي طرف ڏٺو، اتي هن کي اهڙيون حسينائون نظر آيون جن مان پيشاب جي بوءِ اچي رهي هئي، پوءِ سوچيائين نشو اهڙو سيلاب آهي جنهن ۾ سڀ حجاب لڙهي وڃن ٿا. هو وئشالي نه ويو. هلڪا قدم کڻندو شهر کان ٻاهران دستان گو وٽ آيو جنهن جي ٻڌايل قصن جي هن تعريف ٻڌي هئي. اهو اويلو وقت هيو جڏهن داستان گو خوابن ۾ پرين کي ڪهاڻيون ٻڌائي رهيو هيو. جڏهن اتي پهتو ته مددگار موجود هيو. هن مددگار کي داستان گوسان ملڻ لاءِ چيو. مددگار کيس روڪيو.
“داستان گو آرام ۾ آهي. هن وقت قصو ٻڌائڻ کان قاصر آهي. سڀاڻي اچجانءِ“.
هو نه مڙيو ۽ چيائين. “مان مسافر آهيان. اڄ آهيان، سڀاڻي نه هوندس.”
مددگار سوچ ۾ ٻڏي ويو.
“سوچ نه” ولي محمد چيو “مان قصي ٻڌڻ جو سٺو معاوضو ڏيندس.“ مدد گار ويو ۽ داستان گوجي ننڊ ائين ڦٽايائين جيئن کيس ڏسي خوابن جون پريون ڇرڪي اڏامي ويون هجن.
”ڪير آهي؟“ داستان گو پڇيو.
”ڪمهلو مسافر.“ مدد گار چيو ”جنهنجا کيسا ڀريل آهن“.
داستان گو سوچ ۾ پئجي ويو.
”سڀ کيسا خالي هوندا آهن.“ ان چيو: ”سواءِ اکين جي، جن جا کيسا ڳوڙهن سان ڀريل هوندا آهن ۽ ڪڏهن خالي نه ٿيندا آهن.“
مددگار ٻاهر ويو ۽ ولي محمد کي وٺي آيو. ولي محمد سلام ڪري داستان گو اڳيان ويٺو. داستان گو جون انڌڙيون اکيون ائين حرڪت ڪرڻ لڳيون ڄڻ وڃائجي ويل ڪردارن کي ڳولهينديون هجن. مددگار هٿ بتي روشن ڪري اڳيان رکي ۽ انڌڙي داستان گو ان کي“ شهزادي ۽ هرڻيءَ“ جو قصو ٻڌايو.
“هڪڙو هيو بادشاهه، بادشاهن جو بادشاهه الله اهو هيو زماني جو بادشاهه. ان کي هياسَت پٽ، ڪو چور هيو، ڪو بدمعاش هيو، ڪو ٺڳ هيو، ڪو جاهل، ڪو لٽيرو، ڪمينو، پر ننڍو پٽ عاشق هيو، اهو هڪ اهڙي عورت تي عاشق ٿيو جيڪا ڪاٺير جي ڌيءَ هئي، ان جون اکيون ايڏيون ته خوبصورت هيون جو نيري پاڻيءَ ۾ ڏسندي هئي ته اڇا ڪنول گلابي ٿي پوندا هيا ۽ جڏهن ڪنهن جي نيڻن ۾ نيڻ وجهندي هئي ته اهو ان جي نيڻن جي سحر ۾ ڦاسي پوندو هيو، شهزادو جيڪو هرڻيءَ جو شڪار ڪندي ان پويان تير سڌو ڪري گهوڙي تي ڊڪندو پئي ويو. اها هرڻي ڇال ڏيندي نهرڪناري ويٺل ڪاٺير جي ڌيءَ جي اکين ۾ گم ٿي وئي. شهزادو گهوڙي تان لهي عورت سامهون آيو. ان جي اکين ۾ ڏٺائين ۽ عورت جي اکين جي ڄار ۾ ڦاسي پيو. ان سامهون هڪ پٿر تي ويهجي ويو ۽ محسوس ڪيائين سندس روح عورت جي اکين ۾ سمايل آهي. جيڪڏهن ان اکيون ڇنڀيون ته سندس حياتيءَ جي تند ٽٽي پوندي.”
داستان گو قصو ٻڌائيندو ويو ۽ ولي محمد وچڙندو ويو. ان اکين جي تعريف ۾ اهڙو قصو ڪاٿي ڪا نه ٻڌو هيو، جهڙو اهو انڌڙو داستان گو بيان ڪري رهيو هيو.
“ان عورت جون اکيون ائين هيون جيئن قيد خانو هجي ۽ ان قيد خاني اندر ماڻهو موجود هوندي به نظرن کان اوجهل هجي” داستان گو جو آواز وري خاموشيءَ کي چيرڻ لڳو.“ اهي اکيون ائين هيون جيئن ڀَنور ڪنهن جي ڪن وٽان سريلو راڳ الاپي ڏور نڪري ويو هجي. اهي اکيون اهڙيون دلربا هيون جن مان ڄڻ چنبيليءَ واس حاصل ڪيو هجي.” انڌڙي داستان گو اکين جي اهڙي تعريف ڪئي جو ولي محمد انهن اکين تي عاشق ٿي پيو. اهو قصي ۾ ائين کوئجي ويو جيئن وجود وڃائي ويٺو هجي. هن کي هر طرف اکيون ڦهليل نظر اچي رهيون هيون. ٻرندڙ هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ کيس هر طرف نور ئي نور پئي نظر آيو. هو اکين جي تعريف ٻڌي ايڏو ته مدهوش ٿي ويو جو سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ هٿ بتيءَ جي روشني انهن سان ٽڪرائجي ڪرڻا پيدا ڪرڻ لڳي. اوچتو هن روئڻ شروع ڪيو ۽ چيائين “بس ... او داستان گو ... بس قصو ختم ڪر. مون ۾ وڌيڪ ٻڌڻ جي سڪت نه آهي.”
داستان گو ڄڻ هن جي ڳالهه ئي نه ٻڌي. ان ساڳي جوش سان وڏي آواز ۾ قصو جاري رکيو.
“شهزادو سڄي زندگي انهن اکين مان جان ڇڏائي نه سگهيو. ان عورت جي اکين مان زندگيءَ جي ڌار نڪري شهزادي جي اکين ۾ وڃڻ لڳي، جنهنڪري شهزادو جيئرو هيو. شهزادي محسوس ڪيو جيڪڏهن اها اکيون ڇنڀيندي ته سندس موت واقع ٿيندو.”
داستان گو ٻڌائي ئي رهيو هيو ته ولي محمد هڪ دفعو وري رڙڪئي “ بس ... داستان گو بس .... وڌيڪ نه ٻڌاءِ مان مري ويندس.”
انڌڙو داستان گو ٻوڙو ٿي چڪو هيو. ان تائين ولي محمد جو آواز نه پهچي رهيو هيو. ولي محمد داستان گو جي وات مان نڪتل هر لفظ تي واويلا ڪندو رهيو ۽ داستان گو پنهنجو قصو جاري رکيو.
“اهي اکيون جن جو رنگ سانوڻ جي مينهن کان پوءِ جهڙ مان ظاهر ٿيندڙ آسمان جهڙو هيو. اهي انهن ستارن جهڙيون هيون جيڪي ستارا چنڊ جي غير موجودگيءَ ۾ نروار ٿيندا آهن. اهي مينهن ڪڻين جهڙيون اکيون جيڪي وڇوڙي جي ڳوڙهن مان ٺهيل هونديون آهن. اکيون جن کي ڏسي تتل واري برف جيان رجڻ لڳندي آهي. اکيون جن جي پتلين مان سج اڀرندا ۽ لهندا آهن.”
داستان گو جيئن اکين جي تعريف ڪندو ويو. ولي محمد عشق ۾ وڪوڙبو ويو. هو روئندو رهيون ڳوڙها هن جي اکين مان وهي پاند تي ڪرندا رهيا.
“او داستان گو مان توبهه ڪئي. “هن چيو” او داستان گو منهنجي زاري.”
داستان گو ٿوري دير چپ ٿي ويو. ولي محمد محسوس ڪيو جيئن طوفان بيهجي ويو هجي. ٻيڙا اونڌا پيا هجن. ڪجهه ماڻهو پاڻيءَ ۾ ٿاڦوڙا هڻي ڪناري تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. ۽ ڪئي حسرتن جا لاش پاڻيءَ ۾ لڙهندا هجن. ولي محمد جي سڏڪن تي هٿ بتيءَ جو شعلو لڏي رهيو هيو.
“او دستان گو .. ايڏو قهر.” ولي محمد چيو ”اهڙيون اکيون، ايڏو ظلم.”
“ها مسافر” داستان گو ٿڌي آواز ۾ چيو” شهزادو مري چڪو آهي پر اکيون جيئريون آهن.”
اهي ڪٿي آهن؟” هن پڇيو.
“اتي آهن جتي کين ڳولهيو وڃي.”
ولي محمد چرين جيان جهوپڙيءَ مان ٻاهر نڪتو. هن کي هر طرف اکيون ئي اکيون پئي نظر آيون. اکيون جيڪي هن پويان اچي رهيون هيون، اکيون جيڪي اڳيان هلي رهيون هيو ۽ اکيون جيڪي پاسن سان گڏ هلي رهيون هيون. سندس من ۾ حسرت هئي ته هو ان ڪاٺير جو گهر ڳولهي لهي جنهن جي ڌيءَ جون اکيون دنيا جون خوبصورت اکيون آهن. هو انهن اکين جي ڳولها ۾ سرگردان رهيو، جهر جهنگ. ڳوٺ واهڻ ۽ شهرن ۾ ويو. هن هارين، مزدورن، گل فروشن، سرفروشن، سيلانين، مهاڻن، واپارين، اڃايلن، بکايلن، اجڙيلن، ڏتڙيلن، عالمن، ڏاهن، حڪيمن، مريضن، مظلومن، ظالمن، بادشاهن، وزيرن، دوستن، دشمنن ۽ هر ماڻهوءَ کان انهن اکين جي پڇا ڪئي جيڪي داستان گو جي ٻڌايل قصي ۾ موجود هيون. هن کي اهڙين اکين جو ڏس ڪنهن نه ڏنو، هو ڪاٺيرن جي ان علائقي ۾ ويو جتي سڀ وڻ ڪٽجي چڪا هيا. هن ڪهاڙا ٺاهيندڙ لوهارن جا ڪڙا ڪڙڪايا ته متان انهن کي ڪاٺير جي خبر هجي. هن هڪ جوتشيءَ کان پڇيو ته متان ان وٽ ڪو اهڙو زائچو هجي جنهن ۾ انهن اکين متعلق اکر سمايل هجن. هن هڪ مذهبيءَ کان پڇيو.“ ڇا خدا ڪي اهڙيون اکيون ٺاهيون آهن جيڪي زندگي عطا ڪن.؟“
ان کيس حقارت مان ڏٺو ۽ وراڻيو.
“خدا کي اکيون نه آهن پر ڏسندو آهي.”
هن هڪ وليءَ کان پڇيو.“اي ولي اکين جو ڏس ڏي.”
وليءَ چيو : ”اکيون بند ڪر، خواب توکي اکيون ڏيکاريندا.“
هو هلندو هڪ فقير وٽ آيو ۽ چيائين. ”جيڪر مان تنهنجي بي بها ڪشڪول ۾ لاحاصل اکيون خيرات ڏئي خريد ڪري سگهان.“ فقير هن کي رحم جي نظرن سان ڏٺو ۽ چيو. ”خيرات ڏئي خريد ڪرڻ ائين آهي جيئن دعا لاءِ هٿ اڌارا وٺڻ.“
هو هلندو اکين جي ڳولها ۾ ايڏو پري نڪري ويو جو رستا ختم ٿي ويا. ڌرتيءَ جي اها ڪنڊ جتي سمنڊ ۽ ڪنارا پاڻ ۾ ملي رهيا هيا اتي اميدن جي ٻيڙيءَ جا سڙهه ڦاٽل هيا. هو مايوس ٿي ويو. کيس اهي اکيون ڪٿي نظر نه آيون. هو هلندي هلندي انڌو ٿي ويو. هن کان ڳوٺ، ڏاند، اناج جون ٻوريون، ڪڻڪ جا داڻا، کارڪن جون کوکڙيون، تاڙي خانو ۽ وئشالا وسري چڪا هيا. صرف اکيون ياد هيون ۽ اهو داستان گو جنهن هٿ بتيءَ جي هيڊي روشنيءَ ۾ اهو قصو ٻڌايو هيو.
هو هڪ ڏينهن ٿاڦوڙا هڻندو ان ساڳي شهر ۾ پهچي ويو جتي اهو داستان گو رهندو هيو. هن کي ڏسي مددگار ڊڪندو آيو ۽ سڃاڻي اندر جهوپڙيءَ ۾ وٺي ويو، کيس پاڻي پئياريائين جڏهن سامت ۾ آيو ته سوال پڇائين.
”داستان گو ڪٿي آهي.؟“
هن جي سوال تي مددگار جو منهن لهي ويو.
“داستان گو مري چڪو آهي.” ان افسوس مان چيو. ولي محمد ڪجهه دير چپ ڪري ويٺو رهيو، پوءِ اٿيو ۽ مددگار کي چيائين.” مون کي ان ٿلهي تي ويهار جتي داستان گو ويهندو هيو.“ مددگار هن کي سهارو ڏئي ان ٿلهي تي ويهاريو جِتي، ڪڏهن داستان گو ويهي قصا ٻڌائيندو هيو.
گهڙي مس گذري ته ڪو نوجوان جهوپڙيءَ ۾ داخل ٿيو. ان ڪجهه رقم عيوض کيس قصي ٻڌائڻ جي فرمائش ڪئي. انڌڙي داستان گو هن کي” شهزادي ۽ هرڻيءَ“ جو قصو ٻڌايو.