پياري فخر النساءِ
گذريل ستن سالن کان مون نفرت ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي، ان جو سبب ذهن مان ان ڳالهه جو نڪرڻ هيو ته توسان ڪڏهن پيار هيو. ماڻهوءَ جي من ۾ پيار ۽ نفرت ساڳي وقت رهندا آهن. هڪ جو وجود فنا ٿي وڃي ته ٻيو پاڻ ئي ختم ٿي ويندو آهي. پيار نفرت کي جنم ڏئي ٿو ۽ نفرت پيار کي ـــ وڇوڙي کان ڏهه سال پو ءِ توکان نفرت هئي، ان جو سبب پيار هيو ـــ جڏهن توکي وساري ويٺس ته پيار ۽ نفرت بي معنا ٿي ويا.
ڪجهه ڏينهن اڳ عجيب وارتا ٿي ـــ منهنجو گهر شهر کان ڏور ويراني ۾ آهي. اتي گهر گهٽ ۽ آکيرا وڌيڪَ آهن. وڻن جو ميلو متل آهي. خاموشي ائين ڇانيل آهي جيئن لڙ جي زبان ڪٽيل هجي. منهنجوٻه ماڙ گهر جنهن اڳيان بيد مشڪ جو وڻ آهي اتي ڪانون آکيرو ٺاهيو ـــ اهي گرميءَ جا ڏينهن هيا. سج ائين چمڪي رهيو هيو جيئن قدرت تازو پنهنجي دامن سان صاف ڪيو هجي. انسان جي پيدائش اڻ مندائتي هوندي آهي پر پکين جي پيدائش جي موسم آهي. ڪانءَ جڏهن آکيرو ٺاهيندا آهن ته قدرت انهن کي ڪاٺيون فراهم ڪندي آهي. ڪاٺيون جيڪي تپندڙ ڌرتيءَ تي ڦهليل هونديون آهن.
يقين ڪر فخر النساءِ! مون انهن ڪانون کي ڪڏهن ٺوٺ ڪاٺيون چونڊيندي نه ڏٺو. ڪڏهن چهنب ۾ ڪک کڻي اڏامندي نه ڏٺو. ضرور اهي لڳ جي موسم ۾ مصروف رهيا هوندا، منهنجو ڌيان اوڏانهن ڪڏهن نه ويو. انهن ڪاٺي ڪاٺي، ڪک ڪک وڏي محنت سان آکيرو جوڙيو هوندو، مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو. دنيا جو اصول آهي، ڪجهه ٺهندو آهي، ڊهندو آهي، ڪير ٿو ڏسي ـــ پکي آکيرا جوڙيندا آهن، آرو ڪندا آهن ۽ اڏامي ويندا آهن.
اهو سچ آهي ته يادون پر ڪٽيل پکين جيان هونديون آهن، اڏرڻ چاهينديون آهن، اڏري نه سگهنديون آهن ـــ جڏهن تنهنجي ياد پر ڪٽيل پکيءَ جيان منهنجي اڱڻ تي هوندي هئي ته مان ان کي اکين جا ڳوڙها چڳائيندو هيس. پکين کي نوان پر پيدا ٿي پوندا آهن. يادون اڏري وقت جي عقاب جو شڪار ٿي وينديون آهن.
بيد مشڪ تي ڪانون آنا ڏنا هوندا ۽ آري تي آرام سان ڪجهه گهڙيون گهاريون هونديون. اهو ان ڪري ٿو چوان ته ڪڏهن ڌيان نه ڏنو. مان گهر ۾ پيو گهمندو هيس. ڪڏهن هيٺ، مٿي، ڪڏهن ان ٽيريس ۾ بيهي ٻاهر جو نظارو ڪندو هيس، جنهن ٽيريس کان ٻه ميٽر پري اهو بيد مشڪ جو وڻ هيو. ورلي ڪڏهن ڪانءَ جو آواز ٻڌندو هيس، جيڪو پلوڙي يا مٿين ڇت تي برساتي واري پاسي کان ٻڌڻ ۾ ايندو هيو. ائين ته هن ويراني ۾ هر پکي آهي، جن جون ٻوليون ويجھو ۽ پري کان پيون ٻڌبيون آهن، پر ڪجهه ڏينهن کان ڪانءَ جو آواز ٽانڪيءَ تي رکيل ڍڪڻ کان به ڳورو ٿي چڪو هيو.
اڃان سانوڻ تو جيئن پري هيو. ڪڏهن ڪو ڀورو بادل ڀٽڪي ڪنهن کي ڳولهيندو هوا ۾ اڏرندو هليو ويندو هيو ته ڳوڙهن جي بوندا بانديءَ ۾ روڊ تي قدمن جا غير واضح نشان مٽجي ويندا هيا. سانوڻ کان اڳ حبس ائين هوندو آهي، جيئن ڪنهنجي انتظار ۾ ساهه رڪيل هجي ـــــ پياري فخر النساءِ! پڪ آهي ته هيءُ خط لکڻ کانپوءِ ڦاڙي ڦٽي ڪرڻو پوندو. ان جو سبب اهو آهي ته تون ڪڏهن هئينءَ، پوءِ نه هئينءَ ۽ هاڻي هجين الاءِ نه؟ ـــ بلڪل ائين جيئن ڪڏهن توسان پيار هيو، پوءِ وساري ڇڏيو ۽ هاڻي ياد ڪيو! توکي اهو ئي ته ٻڌائڻ چاهيان ٿو ــ ان اوچتي ياد جو سبب ڪهڙو آهي؟
ان ياد جو سبب هڪ ڪانءُ ۽ ڪانويلي آهي.
مون کي ڪا خبر نه هئي ته انهن ٻچا ڏنا آهن. منهنجي ٽيريس کان ٻه ميٽر پري ان آکيري ۾ ٻچا موجود آهن، جنهن آکيري چوڌاري اهي ڪنهن مورچي جيان هر هر هوا ۾ پرواز ڪري ان جي حفاظت ڪري رهيا آهن. ڪيڏو نه عجيب ٿو لڳي جڏهن ڪو انسان سچ ڳالهائيندي، سچ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ان پويان قسم کڻي وڃي. پر لاشعوري طور مان قسم کڻي توکي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته اهو آکيرو ڪڏهن مونکي ياد نه رهيو. هڪ دفعي ڏاڪڻ چڙهي ٽيريس ۾ آيس، ڪانويلي پر هڻندي آئي ۽ ٺونگو هڻي هلي وئي. ٺونگو اهڙو ته زورائتو هيو جو ننهن جي چهنب ڄڻ دل جو زخم تازو ڪري وڌو ـــ پوءِ به مون ان ڪانويليءَ ڏي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ــ مون ان ڪانويليءَ جي حملي کي وساري ڇڏيو ـــ ٻئي دفعي جڏهن ڏاڪڻ چڙهي ٽيريس مان ٿيندو مٿين ماڙ وڃي رهيو هيس ته وري اڏامندي آئي ۽ ڪن وٽان ڀڙڪو ڏئي پري هلي وئي. ان اوچتي اڏام تي منهنجو ڇرڪ نڪري ويو ۽ ڪلها مٿي ٿي ويا. مون ڏٺو ڪانويلي بيد مشڪ جي مٿين ڏار تي ڪنڌ ٽيڙو ڪري مون کي چتائي رهي هئي. پهريون دفعو سوچيم ضرور آکيرو ڀرسان آهي ۽ انهن ٻچا ڏنا آهن. مون آکيرو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي اهو نظر نه آيو. ڪانءُ ۽ ڪانويلي مون مٿان هر هر اڏرندا پري نم جي وڻ تي وڃي ٿي ويٺا ۽ تيز نظرن سان منهنجي هر حرڪت جو جائزو وٺڻ لڳا. مون کين خاطر ۾ نه آندو ۽ وري ڪم ڪار کي لڳي ويس ـــ دنيا جهان جي ڪاروبار ۾ انسان سبزيءَ جي دوڪان تان گوبي خريد ڪري ڪڏهن دل جيان وساري ايندو آهي. ڪٿي ياد اچي ٿو، جنهن کي وساريو آهي، اهو به ڪڏهن ياد هيو.
پياري فخر النساءِ! ڪير ٿو ياد ڪري، اهو ته هڪ ڪانءُ هيو، هڪ ڪانويلي ـــ دل جا زخم مِڙن ٿا، رهجي ويل نشان دل تي رت جي ريج سان ميسارجي وڃن ٿا.
جڏهن ٽيريس ۾ ويس ته خبر پئي ڪانويلي اڏرندي آئي ۽ ان ٺونگو هنيو، ننهن اندر لهي ويا ـــ مون اتي پيل انب جي کوکڙي کنئي ۽ کيس وهائي ڪڍي. ڪانءُ گوڙ ڪندو اڏريو ۽ ڪانويليءَ سان گڏ منهنجي مٿان چڪر هڻي پري وڃي ويٺو. انهن هر هر کنڀَ کڻي اڏرڻ جا سانباها پئي ڪيا ۽ ”ڪان ڪان“ ڪندا هيڏانهن هوڏانهن پئي ڦريا. انهن جون تيز نظرون باز کي مات ڏئي رهيون هيون ۽ سندن ارادا مون کي قتل ڪرڻ جهڙا هيا. مون غور سان بيد مشڪ جي وڻ ۾ ڏٺو آکيرو نظر آيو جيڪو ٽن ٽارين جي وچ تي لڏي رهيو هيو. ان ۾ ٻچا ڳاڙها وات کولي مون کي چڙائي رهيا هيا. آکيرو گهاٽن پنن پويان لڪل هيو. اهو سڪل ڪاٺين سان ٺهيل آکيرو جٽادار ڏسجي رهيو هيو.
پياري فخر النساءِ! مان پنهنجي لاءِ ڪهڙي راءِ ڏئي سگهان ٿو. ڪنهن انسان جي پنهنجي باري ۾ راءِ ائين هوندي آهي جيئن کيس ڪو ٻيو سڃاڻيندو نه هجي. هڪ اڪيلو ۽ گمنام شخص پنهنجي وجود تائين محدود هوندو آهي ـــ اڪيلائيءَ جو سبب وجود جو حصار آهي. ڪانءُ ۽ ڪانويلي ان حصار کي ڪيئن ٽوڙي سگهن ٿا. مان صبح جو ناشتو ڪندو آهيان ته رات جي ماني نه کائيندو آهيان، جيئن خواب ۾ توسان گڏ نصيب ٿي سگهي.
پياري فخر النساءِ! تون ياد نه رهينءَ ته ڪانءَ ۽ ڪانويليءَ جي ڪهڙي حيثيت؟ مون انهن کي وساري ڇڏيو. جڏهن وري ٽيريس ۾ ويس ته تيز ننهن وارو ٺونگو دماغ کي چيريندو دل ۾ لهي ويو. ياد پيم، اتي هڪ ڪانءُ هيو، هڪ ڪانويلي هئي. بيد مشڪ تي آکيرو هيو جنهن ۾ ٻچا ڳاڙها وات کولي منهنجي بي وسيءَ تي کلي رهيا هيا. مون هر دفعي انهن کي وساريو ۽ انهن ياد ڪرايو: ”اسان موجود آهيون. سوچن کي لغام ڏي، نه ته تنهنجي کوپڙي کوٽي مغز ٻچن کي کارائي ڇڏينداسين“ مون بي وسيءَ مان سوچيو: ”آخر انهن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي! ٽيريس منهنجو گهر آهي. ٻچا ٻه ميٽر پري آهن ۽ منهنجو انهن کي نقصان پهچائڻ جو ڪو ارادو نه آهي.“
اها ڪانون جي عادت آهي، ٻچا ڏيڻ کانپوءِ يادن تي حملو ڪندا آهن. پياري فخر النساءِ! آخر اهڙو وقت آيو جو آکيرو ياد ٿي ويو. جڏهن به ٽيريس ۾ ويندو هيس ته احتياط کان ڪم وٺندو هيس. ڏاڪڻ چڙهي مٿي تي هٿ رکندو هيس. منهنجو مٿو ايڏو زخمي ٿي چڪو هيو جو اتي هٿن رکڻ سان سور محسوس ٿيندو هيو. ڪانون جو جوڙو سمجھي چڪو هيو ته مان هوشيار ٿي چڪو آهيان. اهي حملي ڪرڻ کان اڳ ڏسندا هيا جيڪڏهن غافل آهي ته کيس هوشيار ڪيون پر مان محتاط هوندو هيس. مٿي چڙهي هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو هيس. ڪانءَ اڏامي ڀرسان لنگهندا هيا پر انهن کي حملي جي جرئت نه ٿيندي هئي. آکيري ۾ وقت سان انهن جا ٻچا وڏا پئي ٿيندا ويا. اهي پر ڦهلائي اڏرڻ جا سانباها ڪندا هيا ـــ اهو آکيرو منهنجي دماغ ۾ ڪانون جي ننهن سان لکجي ويو.
نيٺ سانوڻ کان اڳ ٻچا وڏا ٿي ويا ۽ ڪانو هليا ويا، پر مان ڊنل هوندو هيس. پير پير ۾ ڏئي ڏاڪڻ چڙهي ٽيريس ۾ ويندو هيس. خالي آکيرو بيد مشڪ جي ڏانڊين ۾ جھوليندو رهندو هيو. پوءِ سانوڻ آيو، واءُ لڳي، گجگوڙ ٿيا، کنوڻ کلي ۽ مينهن وٺا. مسلسل مينهن وسندا رهيا. بيد مشڪ جي ڏانڊين وچ ۾ آکيرو زور سهي نه سگهيو. ان جون ڪاٺيون آليون ۽ نرم ٿي پنهنجي جاءِ ڇڏي ويون. آکيرو ڪک ڪک ٿي واءُ ۾ وکرجي ويو.
پياري فخر النساءِ! تون ٻڌاءِ مان اهو آکيرو ڪيئن وساري سگهان ٿو؟