امير جي پاڙي ۾ غريب
حاجي صاحب جي صحت هاڻي اها ته نه هئي جهڙي حج کان پهريون هئي. خبر نه آهي ڇو ماڻهو حج کانپوءِ پوڙها نظر ايندا آهن. شايد ٿڪاوٽ ڪري يا ٿي سگهي ٿو اهي ڏاڙهي رکائيندا آهن يا حج عمر جي ان حصي ۾ ڪندا آهن جڏهن کين پوڙهائپ ويجهي ايندي آهي.
پر حاجي غلام سرور جي پوڙهائپ جو سبب حج نه هيو، اهو انڪري پوڙهو ٿي ويو هيو جو ويجهڙائپ ۾ سندس زال موڪلائي وئي. حاجيءَ ٻه حج ڪيا ۽ سندس زال ٽي. ٻه حاجيءَ سان ۽ هڪ ڀائرن سان. زال جي وفات کان پوءِ حاجي ٽئين حج لاءِ سنڀريو هيو پر کيس موت جو خوف ٿيو هيو ڇو جو هن جي زال ٽي حج ڪري فوت ٿئي هئي.
حاجيءَ زندگيءَ ۾ وڏي جدوجهد ڪئي هئي. هن ٽي ٻار ڄڻيا، ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ. سندس ڌيءَ جي شادي چوڏهين سال اٺاويهن ورهن جي اهڙي نوجوان سان ٿي جيڪو دمام ۾ تيل جي کوهن تي ڪم ڪندو هيو ۽ هر سال کارڪن جي اهڙي ٿيلهي وٺي موٽندو هيو جنهن ۾ ٽي سو پنجهٺ کارڪون هونديون هيو. هن جي زال روز هڪ کارڪ کائيندي هئي ۽ جڏهن کارڪون ختم ٿي وينديون هيو ته کيس محسوس ٿيندو هيو سندس مڙس ٿيلهيءَ مان نڪتو آهي.
حاجيءَ چوڏهين سال ڌيءَ جي شادي ڪرائي سڀ قتل ٻي جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيا. کيس ٻارهن قتلن جو ملال هيو جو هن جي ڌيءَ تيرهن سالن ۾ جوان ٿي هئي. باقي ٻه پٽ هيا، جيڪي جوان ٿيا ته حاجي اڏجي ويو. حاجيءَ ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته ڪو پٽن جي جوانيءَ سان دولت جا در کلي پوندا. جيڪڏهن هن جا پٽ پيءُ جي نقش قدم تي هلن ها ته سڄي زندگي بگي هلائي گهوڙي جهڙي زندگي بسرڪن ها، پر انهن روڊ سان پيل هڪ پلاٽ تي قبضو ڪيو ۽ هڪ هندو سيٺ جي مدد سان اتي هوٽل ٺهرايو. هوٽل ڄمي هليو ته انهن هندوءَ کان هوٽل آزاد ڪرايو. ان آزاديءَ جي جدوجهد ۾ کين جيل جو منهن به ڏسڻو پيو پر سندن ولولو ڏسي هڪ ڏينهن هندو سيٺ ڀڄي جان بچائي. ٻنهي ڀائرن هوٽل ۾ عورتون سپلاءِڪيون. انهن جي اهڙي خدمت جي صلي ۾ حڪومت کين حوصلا افزائي ڪندي قرض ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون. ڏسندي ڏسندي اهي ترقي پذير ماڻهو، ترقي يافتا ٿي ويا، پوءِ انهن اهڙو جديد هوٽل ٺهرايو جنهن جي هر ڪمري جو ڪرايو هڪ هزار روپيا هيو. بغير ڪنهن عورت جي، عورت سان گڏ هڪ هزار روپيه وڌيڪ ڏيڻا پوندا هيا. جنهن ڪري ماڻهن اهڙي پيڪيج جو فائدو ائين ورتو ته اهي رات هوٽل ۾ نه گذاريندا هيا پر ڇڙو عورت وٺي اهڙي هنڌ ويندا هيا جتي کين ڪمري جو ڪرايو نه ڏيڻو پوندو هيو.
انهن ڀائرن پيءُ جي پراڻي جهڳي ڊاهي. طنبيلي کي مسمار ڪيو. ٽانگي کي باهه ڏئي ساڙيو. گهوڙي کي ان يتيم خاني ۾ جمع ڪرايو جتي لاوارث ٻار گهوڙي سواري سکندا هيا جيئن پيرن سردارن ۽ عربن جا گهوڙا ريس ۾ ڀڄائي سگهن.
بگي هلائيندڙ حاجي غلام سرور ڄڻ سڀ حج براق تي ڪيا. هن هڪ دفعي خواب ۾ ڏٺو، ٻنهي پٽن کي کنڀ هيا ۽ اهي هوٽل جي مٿين منزل تي هن جو لاش کائي رهيا هيا. پوءِ سوچيائين گهوڙا گوشت نه کائيندا آهن.
حاجي غلام سرور کان گهوڙو موڪلائي وڃي ها پر زال نه موڪلائي ها، جڏهن سندس زال جيئري هئي کيس لڳندو هيو گهوڙي تي سوار آهي پر جڏهن زال گذاري وئي کيس محسوس ٿيو گهوڙو هن تي سوار آهي. حاجيءَ زال سان سٺو وقت گذاريو. اها هن جي غربت جي ڏينهن جي نشاني هئي جڏهن کيس کائڻ لاءِ هڪ دفعي گهوڙن جا جَو کائڻا پيا. هن کي هڪ فوجيءَ لپاٽون وهائيون هيون، انڪري ته گهوڙي جي مٿي تي جيڪو کنڀن جو گل هيو اهڙو فوجي ٽوپيءَ تي هڻي “ضيا” کي گارڊ آف آنر ڏيندا هيا. در اصل پٽن جي ترقي حاجيءَ جو زوال هئي. ماڻهو هن جي عزت ته ڪندا هيا پر کيس لڳندو هيو اهي هن جي پٽن جي عزت ڪري رهيا آهن.
زال جي موت کيس اهڙو اڪيلو ڪيو جو هن تي اوٻاسين حملو ڪيو. هن هڪ حڪيم کان ڳلي جي خشڪيءَ جو علاج به ڪرايو جنهن کيس ٻڌايو ته اهو اڪيلائين ۾ گهڻي روئڻ سبب پاڻي ضايع ٿيڻ ڪري آهي. ان هن کي ڀڳڙن کائڻ جو مشورو ڏنو ۽ سختيءَ سان منع ڪئي ته ڀڳڙن مٿان پاڻي نه پئي. حاجي حڪيم جي ڳالهه کي مذاق سمجهي ٽاري ڇڏيو. هڪ ڏينهن هو زال کي ياد ڪري رنو ته کيس اکين مان ڳوڙها نه وهيا. هن ياد ڪيو، ان ڏينهن هن ڀڳڙا کائي پاڻي نه پيتو هيو. هن اٿي گلاس ڀري پاڻي پيتو، کيس ڳلي ۾ خشڪي شروع ٿي وئي ۽ اوٻاسين جو حملو ٿيو.
حاجي بيزار ٿي پيو هيو، کيس اڪيلائين ماري وڌو هيو. زال جي وفات کانپوءِ ڪيترا ماڻهن تعزيت لاءِ آيا. هن هر هر هٿ کڻي ٻڪ ۾ ويـٺل زال کي ڏٺو. ٽيجهي تي هن تڏو ويڙهڻ نه ڏنو، چيائين. “ڌرتيءَ تي ويهڻ سان ڏک جو احساس نه ٿو ٿئي.”
ماڻهن سمجهايس. “حاجي ٽيجهي کانپوءِ صوفي تي ويهبو آهي. تون ويهه توکي نرميءَ جو احساس ٿيندو.”
نيٺ تڏو ويڙهيائون. حاجي تڏي کي ائين ڏسڻ لڳو جيئن ان ۾ سندس زال جو لاش ويڙهيل هجي. هن ويڙهيل تڏي جي وچ واري سوراخ ۾ ڏٺو جنهن مان ڄڻ ڪنهن هٿ ڪڍي کيس رانڀوٽو پاتو. حاجيءَ جي منهن جون رهنڊون ڪنهن نه ڏٺيون. صوفي تي سندس ننڍڙو پوٽو ڊڪندو آيو. ان چيو ”ڏاڏا... هُش ٻلي.“
*
ساڳي پاڙي ۾ دلدار رهندو هيو. ان جو وات کٻي ڳٽي وٽ هيو. وات وقت تي کاڌو نه ملڻ ڪري دلدار کان ناراض ٿي ويو هيو. دلدار ڪوشش ڪندو هيو ته وات وچ تي نڪ هيٺان اچي پر زماني جي گردش ۾ ان جو نڪ هيٺ ڪري وات جي جاءِ تي اچي ويو هيو. هن جي ريڙهي تي تازا واڱڻ پيا هوندا هيا. وانڱڻن جي چمڪ ۾ هن جو منهن پاروٿو هوندو هيو. هو سبزي فروش هيو. سڄو ڏينهن سبزي وڪڻي ٻارن سميت سبزيءَ تي گذر ڪندو هيو. قربانيءَ جي عيد تي کيس اوجهري نصيب ٿيندي هئي. جيڪا کائي هن کي لڳندو هيو ڄڻ گاهه جا سوين مڻ کاڌا هجن. دلدار کي به ٻه پٽ هيا، هڪ ڌيءَ ۽ هڪ مئل زال. سندس زال گهر ۾ گهمندي هئي پر ان کي لڱن ۾ ساهه نه هوندو هيو. دلدار جو پيءُ جيڪو رازو هيو ان جي حياتيءَ جي عمارت جا ڇهتير اڏوهي کائي چڪي هئي، زندگيءَ جي ڇت ڪرڻ واري هئي ۽ ان جي دفن ٿيڻ ۾ ڪي گهڙيون بچيون هيون.
دلدار جو پيءُ سخت بيمار هيو. ان کي “بهاني” جي بيماري هئي. وقت جي درياهه ۾ ان جي “وهي” وهي چڪي هئي. دلدار پيءُ جو ڪهڙو علاج ڪرائي پئي سگهيو؟ هن کيس ڪارن مرچن ۾ توريون کارائيون. پوڙهي الٽي ڪئي ته ساوا مرچ ٻاهر نڪتا.
“اها وقت جي ڪوڙاڻ آهي.” پوڙهي چيو “اهي مرچ نه آهن. منهنجي اندر جي نفرت آهي.”
دلدار کي ڏک ٿيو، سوچڻ لڳو، خبر نه آهي ڇو ماڻهو ساوا مرچ خريد ڪندا آهن. دلدار جي پيءُ پاڙي ۾ پنج جايون ٺاهيون. پنج ئي جايون موجود نه هيون. ڪچين سِرن جو زمانو هليو ويو. گاري جا ڏينهن پورا ٿيا. پلال ۽ سڻيءَ جا پلستر ڇڻي صاف ٿي ويا. دلدار جي پيءُ سوچيو ڪچين سرن جي جاين ۾ ماڻهن جون دليون ڪيڏيون نه نرم هونديون هيون. هر سِر احتياط سان هڻڻي پوندي هئي متان دل جيان ڀڄي نه پوي. هاڻي سرون پڪيون ٿي چڪيون آهن. عمارت جي عمر ماڻهوءَ کان وڌي چڪي آهي. ماڻهو ننڍا ٿي چڪا آهن. عمارتون وڏيون ٿي چڪيون آهن. انسان کي قبر جو احساس نه آهي. جيڪڏهن مئل کي قبر جو احساس ٿئي ته جيڪو خوف کان رڙ ڪري جيئرو ٿي پوي.
دلدار وٽ سبزين کانسواءِ ڪجهه نه هيو. کيس وراثت ۾ پيءُ پاران هڪ ليور مليو جيڪو سندس پيءُ اڏاوت وقت سطح جي سنوت لاءِ استعمال ڪندو هيو. ڏاڍو سهڻو ليور هيو. عمدي ڪاٺ مان ٺهيل جنهن تي شيشي جي ٽيوب ۾ هوا جو بلبلو ٻن لڪيرن وچ ۾ غير برابريءَ جي پيمائش ڪندو هيو. دلدار جڏهن ننڍو هيو ليور کڻي ڌرتيءَ تي رکندو هيو ته کيس هر هنڌ غير برابري نظر ايندي هئي، پوءِ هو مٿي منهن ڪري خدا کي چوندو هيو.
“رب ڪهڙو ضرور هيو ڪائنات کي ڇهن ڏينهن ۾ ٺاهڻ جو، ٻه چار ڏينهن ٻيا لڳائي آرام سان ٺاهين ها، گهٽ ۾ گهٽ ليور جو بلبلو لڪيرن وچ ۾ بيهي تنهنجي برابريءَ جي گواهي ته ڏي ها.”
دلدار وتائي فقير کان متاثر هيو. ان نانيءَ کان آکاڻيون ٻڌيون هيون. کيس اندازو هيو ته فقيرن جي هر حرڪت خدا تائين محدود هوندي آهي. اهي ڪوشش ڪندا آهن ته خدا کلي پر خدا چپ هوندو آهي ۽ ماڻهو کلندا آهن.
هن کي نانيءَ اها ڳالهه ٻڌائي هئي جنهن ۾ وتائي خدا کان پئسن جي مينهن لاءِ دعا گهري هئي. خدا پئسن جو مينهن وسايو ۽ وتائي صرف هڪ پئسو کنيو. اهڙي ڳالهه ٻڌي دلدار نانيءَ کان پڇيو هيو. “اهو ڪهڙو ڳوٺ هيو جتي پئسن جو مينهن وسيو هيو؟”
نانيءَ کيس جواب ڏنو هيو. “پٽ اهو وتائي جو ڳوٺ هيو، جيڪو پئسن ۾ دفن ٿي ويو.”
دلدار تڏهن جوان ٿيو جڏهن سندس پيءُ پوڙهو ٿيو. جڏهن پيءُ ڪمائيندو هيو ته دلدار جوان هوندي به ٻار هيو. هاڻي دلدار کي ٽي ٻار هيا جيڪي ڄورن جيان سندس دل کي چنبڙيل هيا. هن کي ٻارن سان بي حد پيار هيو. هو انهن کي رت پيئاريندو هيو. هن جي زال جيڪا ساهه بنا ائين گهمندي هئي ڄڻ عزرائيل کيس ٻانهن کان وٺي هلائيندو هجي. اها موت کان پهريون مري چڪي هئي پر ان جا ڏينهن اڃان لکيل هيا. عزرائيل کيس هر هر ڪن وٽ چوندو هيو. “مائي ارباب ڪجهه ته عزت جو خيال ڪر. رڳو پنهنجي مرضي نه، ٻئي جي مرضي به ڏس.”
موت جو فرشتو پئيءَ ۾ ان جي مدد ڪندو هيو. جڏهن ٻارن لاءِ ٻوڙ پچائيندي هئي ته کيس لوڻ جو صحيح مقدار ڪڍي ڏيندو هيو.
دلدار پيءُ جي علاج ۾ ڪا ڪَسر نه ڇڏي. هن کي ڪڻڪ جي ماني کارائي، ڀت کارايو، ڪنهن کيس چيو ته “ان کي ٿوم کاراءِ جيئن سدائين وات ۾ ڌپ هجيس ۽ موت ويجهو نه اچي.”
ڇو جو گهڻن ماڻهن جو عقيدو آهي ته ساهه وات مان نڪرندو آهي. پاڙي ۾ ان عقيدي تحت هڪ قتل به ٿي چڪو هيو. جڏهن رجب رڪن واري زال کي مرندو ڏسي سندس سڀ سوراخ بند ڪري ڇڏيا جيئن ڪٿان به روح نڪري نه سگهي. پوليس رجب رڪن واري کي ٿاڻي تي وٺي صرف هڪ سوراخ بند ڪيو. هن جا سڀ سوراخ پنهنجو پاڻ بند ٿي ويا.
اها سرءُ جي رات هئي جڏهن مڇر جاڳي رهيا هيا، انهن دلدار جي پيءُ جي جسم ۾ ڏنگ هڻي رت پيئڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪ ڦڙو به نه نڪتو. ان جي جسم تي ويٺل سڀ مڇر “هائي گهوڙا” ڪرڻ لڳا. غريب جي موت جو ڏک ان جي وارثن کان وڌيڪ مڇرن. منگهڻن، چچڙن ۽ جوئن کي ٿيندو آهي.
سڀ کان پهريون ٻار رنا. مائي ارباب کي روئڻ ۾ تڪليف پئي محسوس ٿئي. ان کي عزرائيل چونڊي پاتي. سهري جي موت تي سڀ کان وڏي رڙمائي ارباب ڪئي.
دلدار جي پيءُ جو موت اوچتو نه ٿيو هيو. ڪنهن وقت به ٿئي پي سگهيو. ان ڏينهن دلدار صبح جو سوير منڊيءَ مان تازيون سبزيون وٺي ٻاهر ريڙهي تي سجائي رهيو هيو ته اوچتو سندس زال جي رڙ تي موري هٿن مان ڇڏائجي وئي. سوچائين ”خير نه آهي زال قسمت سان رڙ ڪئي آهي.” اهو سوچي ته خير نه آهي، هو گهر اندر ڀڳو. ڏٺائين پيءُ گذاري چڪو هيو. چار ماڻهو گڏ ٿيا“. هڪ ملان آيو جيڪو ڪفن سبڻ واري سئيءَ سان ڏند کوٽي رهيو هيو، پراڻي گلم تي ماڻهو اتي ويٺا جتي ڌرتي ظاهر نه ٿي رهي هئي. دلدار جي پيءُ کي تڪڙ ۾ دفنايو ويو. دفنائڻ کانپوءِ پراڻو گلم ويڙهي ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو. ڪو به تعزيت لاءِ اچڻو نه هيو. دلدار دل کولي روئي نه سگهيو ڇو جو کيس وقت نه هيو. سوچيائين ٻن ويلن جي ماني ڪيئن پچندي. هو اٿيون تازين سبزين جو ريڙهو گهليندو گهٽين ۾ گم ٿي ويو.