بهانو
گذريل هڪ سال کان اهو ڏينهن خالي نه هيو جو هو نوجوان پٽ کي ياد ڪري رنو نه هجي. بورچي خاني کان واش روم تائين هن ڪا به جاءِ نه ڇڏي هئي جتي لڪي ڳوڙها نه ڳاڙيا هُجن، عام ڏينهن ۾ ڪمري اندر سوڙ پائي هيٺان سُڏڪندو هيو، کيس لڪي روئڻ جي عادت ننڍپڻ کان هئي، هن کي سڀني سامهون روئڻ سٺو نه لڳندو هيو. لڪي روئڻ سان سندس دل جو بارُ هلڪو ٿيندو هيو. جنهن ڏينهن کيس روئڻ نصيب نه ٿيندو هيو ته لڳندو هيو، ان ڏينهن ماني نصيب نه ٿي هجي. هو بکيو هجي ـــ اڃ کان سندس نڙي خشڪ ٿي وئي هُجي ـــ هُو ڏُک کائيندو هيو ۽ ڳوڙها پيئندو هيو.
ڪڪي جي پهرين ورسيءَ تي گهر مهمانن سان ڀريل هجڻ ڪري کيس لڪڻ لاءِ ڪا به جاءِ نه ملي جتي هو ڳوڙها ڳاڙي سگهي ـــ هن جو من اندر جي دٻاءَ کان ڦاٽو ٿي ويو ـــ ڳوڙها اکين ۾ ڇوليون هڻي هر هر ڪنارن سان پئي ٽڪرايا، سندس اندر جو طوفان تيز پئي ٿيندو ويو ـــ پر ڪٿي ڪا جاءِ نه ملي جتي ڇولين جي اڇل کي ٻاهر نڪرڻ جو رستو ملي سگهي.
يار محمد سوچيو، جيڪڏهن هو اڄ نه رُنو ته صبح سان مئل هوندو ـــ هُو ٻارن جي ڪمري ۾ ويو ۽ حرڪت ڪندڙ ٻارن کي ڏسي ٽهڪ ڏنا.
”اڙي او اَڪو، راحمو، راجو، اشو، آصف، احمد سڀ اچو ته توهان کي ڳالهه ٻُڌايان.“ هن چيو ۽ ٻار حرڪت بند ڪري هن ڏانهن متوجهه ٿيا.
”نانا، ماما، چاچا“ ٻارن هن کي پنهنجي پنهنجي آواز ۾ چيو ”اسان کي کٽن واري ڪهاڻي ٻڌاءِ، جيڪي رات جو پاون تي گهمنديون هيون.“
”نه“ ننڍڙي رُباب چيو ”ڪرشنا جي ڏاج واري ڪهاڻي ٻُڌاءِ جيڪا تون سکر آيو هُئين ته ٻُڌائي هُيئي.“
”توکي ياد آهي“. هن نوڙي رباب کي ڀاڪُرَ ۾ وٺندي چيو ”ڪرشنا جي ڏاج واري ڪهاڻي ته ڏاڍي ڏک ڀري آهي.“
”ته پوءِ ان ڊاڪٽر جي ڪهاڻي ٻڌاءِ جنهن اچڻ ۾ دير ڪئي، مريض مري ويو ۽ هن تڏي تي تعزيت ڪئي“. ننڍڙي احمد چيو ـــ يار محمد ان جي مٿي تي شفقت مان هٿ ڦيريو ۽ پوءِ چيو ”ها اها مزيدار ڪهاڻي آهي.“
هن سڀني ٻارن کي چوڌاري ويهاريو ۽ پوءِ چيو. ”پر اڄ مان توهان کي بادشاهه ۽ بورچيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائيندس.“
يار محمد وڏي پلنگ تي ٻارن وچ ۾ ويٺو ۽ هن ڪهاڻي ٻُڌائي.
”هڪ بادشاهه هيو ان کي بورچيءَ جي ضرورت هئي. ڪو لنگهو جنهن جي جوءِ مري وئي هئي ۽ جڏهن به ڪنهن شاديءَ ۾ توتلي وڄائيندو هيو ته کيس پنهنجي شادي ياد ڪري اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا هيا. اهو توتلي ائين وڄائيندو هيو ڄڻ روئندو هجي“ پوءِ يار محمد هٿن کي توتليءَ وانگر وات تي رکي ڪنهن مسخري وانگر وڄائڻ شروع ڪيو ـــ ٻار ٽهڪن ۾ مچي ويا. هن وري ڳالهه کي اڳتي وڌايو.
”ان لنگهي سوچيو ته توتلي وڄائڻ کان بهتر آهي هو وڃي بادشاهه جو بورچي ٿي. اهو سوچي لنگهو گهر کان نڪتو ۽ اچي بادشاهه جي محل جو دَرُ کڙڪايو. دربان ٻاهر نڪتو ۽ پڇيو ”ڪير آهين؟“
لنگهي کيس ٻُڌايو ته بادشاهه سان ملڻ جو خواهشمند آهي، ڇو جو بادشاهه کي هڪ بورچيءَ جي ضرورت آهي. دربان هن کي رحم جي نظرن سان ڏٺو ۽ چيو ”ڇا توکي خبر آهي ته محلات ۾ هر مهيني ۾ هڪ بورچي تبديل ٿيندو آهي، ڇو جو بادشاهه جي منشا مطابق جيڪو بورچي کاڌو نه پچائي سگهندو آهي، ان کي سزا طور زندان جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.“
لنگهي سوچيو، هو ته بورچي آهي ئي ڪونه پوءِ کاڌو ڪيئن پچائيندو. هتي ته سٺا سٺا بورچي زندان حوالي ٿي چڪا اهن. يا الله رحم ڪر.
يار محمد ڪنهن مسخري جيان ڪنن کي ڇهي روئڻ لڳو ۽ ٻار ٽهڪن ۾ مچي ويا.
”لنگهي سوچيو موٽي وڃي پر وري دل ۾ چيائين ڪهڙي منهن سان شادين ۾ توتليون وڄائيندو، هن جي زال ته دنيا مان موڪلائي وئي آهي. اهو سوچي لنگهي دربان کي جواب ڏنو. ”اي دربان آهيان ته لنگهو پر کاڌو سٺو پچائيندو آهيان، ڇو جو شاديءَ کانپوءِ زال گذاري وئي ۽ پاڻ پچائي کاڌو اٿم. ان ڪري پچائڻ جو ايترو تجربو اٿم ته جڏهن پچائيندو آهيان ته پڪل پاڻ کي ضرور وڻندو آهي.“
هن جي ڳالهه تي ٻار وري کليا ۽ يار محمد روئڻ شروع ڪيو ۽ چيو ”دربان جي وڃڻ کانپوءِ لنگهو محل جي در تي بيهي صفا مون وانگر روئڻ لڳو. اهو سوچي ته ضرور جڏهن بادشاهه کي دربان اها ڳالهه ٻڌائيندو ته هڪ لنگهو توهان وٽ بورچي ٿيڻ لاءِ آيو آهي ته اهو ڏمربو ۽ جلاد کي حڪم ڪندو ته ان بدتميز شخص جي منڍي لاهي پيش ڪر ـــ پر جڏهن دربان بادشاهه سامهون ويو ته بادشاهه ڳالهه ٻڌي سوچ ۾ ٻڏي ويو ۽ سوچيائين ـــ ڪيترائي تجربيڪار بورچي آزمايا اٿم. سڀ ناڪام ويا. هڪڙو موقعو ڇو نه لنگهي کي ڏيان، متان سٺو بورچي ثابت ٿي. اهو سوچي، دربان کي چيائين ته لنگهي کي پيش ڪر ـــ دربان ٻاهر آيو ۽ ان لنگهي کي بادشاهه جو حڪم ٻڌايو. جڏهن لنگهو بادشاهه سامهون پيش ٿيو ته بادشاهه سون جي تخت تي چانديءَ جو حقو پي رهيو هيو. لنگهي اندر پهچي نوڙي سلام ڪيو ۽ احترام ۾ خاموش بيهي رهيو. بادشاهه حقي جو ڪش هنيو ته سندس وات مان ناسي دونهون نڪري هر طرف ڦهلجي ويو.
”جيڪڏهن لنگهو آهين ته کاڌو ڪيئن پچائيندين؟“ بادشاهه هن کان سوالُ ڪيو.
”سائين زالَ جي وفات کانپوءِ وڏو عرصو پاڻ پچائي کاڌو اٿم. هر طعام پچائڻ ڄاڻيندو آهيان. جيڪڏهن موقعو ڏيندا ته اوهان کي مايوس نه ڪندس.“
بادشاهه هن کان پڇيو. ”ڇا گدڙ جي گوشت ۾ برياني پچائڻ ڄاڻيندو آهين؟“
بادشاهه جي ڳالهه تي لنگهي کان کل نڪي وئي ۽ ٻار به کلڻ لڳا. ”ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪيو بادشاهه سلامت“ لنگهي چيو ”گدڙ جي برياني کائن اوهان جا دشمن ـــ مان شينهن جو قورمو اهڙو پچائيندو آهيان جو کائڻ سان اوهان جي دل وڏي ٿي ويندي.“
اهو چئي وري لنگهو روئڻ لڳو ۽ چيو ”پر شينهن جو شڪار ڪري نه سگهندو آهيان ڇو جو بادشاهه نه آهيان.“
لنگهي جو نقل ڪندي يار محمد دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ ڳوڙها ڳاڙي وري روئڻ لڳو ۽ ٻار ٽهڪ ڏئي کلندا رهيا.
”لنگهي جون ڳالهيون ٻڌي بادشاهه خوش ٿيو ۽ هن کي اجازت ڏنائين ته ڀل شاهي دسترخوان جا طعام تيار ڪري، پر اها تنبيهه پڻ ڪيائين ته جيڪڏهن هن پچائڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي ته کيس زندان ۾ وڌو ويندو. بادشاهه کيس پنهنجن اصولن کان واقف ڪيو ته هو هر بورچيءَ کي ست موقعا ڏيندو آهي. جيڪڏهن ان پاڻ کي معيار مطابق ثابت نه ڪيو ته اهو سزا جو مستحق ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪامياب ويو ته کيس انعام ۾ ڪنيزون ۽ شاندار جنت جهڙو گهر عطا ڪيو ويندو ـــ لنگهي بادشاهه جا سڀ شرط قبول ڪيا ۽ بورچي خاني ۾ وڃي کيس پهرين رات پالڪ پنير ٺاهي پيش ڪيو. بادشاهه ڳڀو ٻوڙي جيئن وات ۾ وڌو ته کيس ذائقو پسند نه آيو ۽ گرهه چٻاڙيندي سندس وات ائين رڪجي ويو جيئن هوڙ ڀڄي پئي هُجيس.
”تازي پالڪ ۾ سڙيل پنير وجھندين ته ان مان پاروٿن ڪريلن جهڙي ڌپ ايندي.“ بادشاهه چيو ۽ لنگهي جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
يار محمد روئڻ لڳو ۽ ٻارٽهڪن ۾ مچي ويا.
”باقي ڇهه موقعا.“ بادشاهه لنگهي کي چيو. ”جيڪڏهن اهڙا کاڌا کارايئي ته تنهنجو حشر ٻين کان گهٽ نه ٿيندو.“
لنگهو اداس ٿي ويو ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري بيهي رهيو.
”صبح سان نيراني ڇا پچائي پيش ڪندين؟“ بادشاهه سوال ڪيو.
”جيڪي حڪم ڪندا سرڪار“ لنگهي چيو ”منهنجي خيال ۾ اٺ جي نهاري نوش فرمائيندا ته توهان جي وات جو صواد سوايو ٿي ويندو.“
بادشاهه کيس نفرت مان ڏٺو ۽ چيو ”ان کان چڱو آهي ته ٻڪر جو جيرو ڪارا مرچ وجھي پيش ڪر.“
لنگهي صبح سان سوير اٿي شاهي ڪاسائيءَ کي چيو ته ”ٻڪر ڪهي جيرو ڪڍي ڏي.“
شاهي ڪاسائيءَ اعتراض ڪيو.
”جيري لئي ٻڪر ڪهڻ بيوقوفي آهي.“
لنگهو ذهين هيو ۽ ان جملي کي ڦيرائي چيو ”ٻڪر ڪهي گوشت تون کڻ ۽ جيرو مون کي ڏي.“
اها ڳالهه ٻڌي ڪاسائي روئڻ ۾ مچي ويو ۽ چيو ”اهڙي حرڪت تي مون کان اڳ ڪيترائي ڪاسائي سسيون لهرائي ويٺا آهن. ڇا تون چاهين ٿو ته منهنجو حال به انهن جهڙو ٿئي“؟
ڪاسائيءَ جي روئڻ جونقل ڪندي يار محمد اچي روئڻ ۾ ڇٽو ۽ ٻار ٽهڪن ۾ مچي ويا.
نيراني لنگهي ٻڪر جو تازو جيرو ڪارا مرچ وجھي بادشاهه کي پيش ڪيو ته بادشاهه گرهه ڀڃي جيئن جيري سان کاڌو ته چٻاڙي ٻاهر ڦٽو ڪيائين. ”جيرو پچايو ٿي يا اوجھري“؟ هن ڪاوڙ مان چيو ”توکي خبر هجڻ گهرجي ته جيري ۾ ڪڏهن به ميٿي نه وجھبي آهي.“
بادشاهه خراب منهن ڪندي لنگهي کي چيو ”باقي پنج موقعا ـــ جيڪڏهن پاڻ کي نه سڌاريئي ته سڄي زندگي زندان ۾ گذاريندين، جتي توکي کائڻ لاءِ گھوگھائي مرچن ۾ ٿوهر وجھي ڏيندس.“
بادشاهه جي ڌمڪي ٻڌي لنگهي جو منهن لهي ويو ۽ هن کي پنهنجي مرحوما زال ياد اچي وئي جيڪا ڪڏهن ميٿيءَ ۾ جيرو پچائيندي هُئي ته سڄو پاڙو ان جي خوشبوءِ جي ساراهه ڪندو هيو ـــ زال کي ياد ڪري لنگهو اچي روئڻ ۾ ڇٽو ۽ يار محمد وٺي ڍڍڪريون ڏنيون، ٻار کل ۾ ٻٽ پيا هُيا. يار محمد جڏهن روئي هلڪو ٿيو ته وري ڳالهه اڳتي وڌائي.
”پوءِ پيارا ٻارو. لنگهي جڏهن به بادشاهه کي ڪجهه پچائي پيش ڪيو ته بادشاهه کاڌي مان وَڏون ڪڍي کيس ڇِڻڀيو. ائين لنگهي جا ست موقعا ضايع ٿي ويا.
هن آخري دفعو بادشاهه کي ٽانڊا هنڊي کارائي ـــ جنهن مان کيس دوزخ جي دونهي جهڙي بوءِ آئي ۽ ان ڪاوڙ جي جلاد کي حڪم ڏنو ته ”هن کي زندان ۾ اڇلاءِ جِتي ٻيا بورچي باهه ۾ سڙي رهيا آهن ۽ گھوگھائي مرچن ۾ ٽي ويلا ٿوهر کائي رهيا آهن.“
بادشاهه جي حڪم تي لنگهو هٿ ٻڌي بيهي رهيو ۽ ان توبهه تائب ٿيندي چيو: ”سائين توبهه جا دروازا سدائين کليل آهن. سرڪار توهان جو ٿورائتو آهيان جو مون لنگهي کي بورچي ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ سڌرڻ جا ست موقعا ڏنا. جيڪڏهن توهان ستر موقعا به ڏيو ها ته منهنجيون غلطيون ۽ ڪوتاهيون توهان کان ڳجھيون ڪين هُجن ها. دراصل بندي جو ڪم غلطيون ڪرڻ ۽ مالڪ جو ڪم معاف ڪرڻ آهي. مهرباني ڪري معافيءَ جا دروازا بند نه ڪيو. مان هڪ لنگهو آهيان ـــ منهنجو پڪل کاڌو ته اوهان کي قبول نه پيو، من منهنجي وڄايل توتلي توهان تي اثر ڪري.“
پوءِ هن ڪپڙي ۾ ويڙهيل توتلي ڪڍي ۽ بادشاهه اڳيان وڄائڻ شروع ڪئي. توتلي وڄائيندي لنگهي جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ سندس سڏڪا توتليءَ مان ٻڌجڻ ۾ پئي آيا.
بادشاهه کي لنگهي جي توتلي ايڏي ته وڻي جو پنهنجي ڳچيءَ مان هيرن جا هارَ لاهي هن کي ڏنائين. جڏهن لنگهو انعام وٺي بادشاهه جي محل مان نڪتو ته سندس اکين ۾ ڳوڙها ۽ چپن تي مرڪَ هُئي“
پوءِ ٻارن ٽهڪ ڏئي تاڙيون وڄايون ۽ يار محمد ڳوڙها لڪائڻ لاءِ اکين کي هٿ ڏئي ڇڏيو.