ڏاڪڻين جو شهرُ
ان ڏينهن اهو ڪتاب نظر آيو جيڪو ڪڏهن موڪلائڻ کان اڳ ميز تي وساري وئي هئينءَ اهو واپس نه ڪري سگهيو هيس ڇو جو وري ملاقات نه ٿي سگهي. ڪتاب جي پهرين صفحي تي هٿ ڦيريندو رهيس جتي تنهنجو نانءُ لکيل هيو. سوچيم تنهنجو آڱريون محسوس ڪريان، تنهنجو قلم ڇهان، توسان گڏ لکان پر منهنجو آڱريون ڪٽيل هيون. منهنجي ذهن ۾ تنهنجي جسم جو ڪو ڇهاءُ محفوظ نه آهي. عمر اهڙي موسم آهي جنهن ۾ ٿڌ جو احساس آهي. ڪوهيڙي جي ڪپهه سان اکيون بند آهن.
ايترو ياد اٿم ته ڪجهه وقت اڳ تنهنجو اڌ چهرو ياد هيو. کنڊر جي ان دريءَ وٽ جتي تون ٽيڪ ڏئي ويٺل هئينءَ هڪڙي پاسي کان روشني تنهنجي چهري کي ايڏو ته بدلائي ڇڏيو هيو جو پوري چهري جو تاثر بگڙيل پئي نظر آيو. جيئن تون مجسمو هجين، جنهنجو اڌ زماني جي ناقدريءَ ۾ مٽجي ويو هجي. کنڊرن ۾ لفظ گونجن پيا.
”ڪير…….؟“
”مان……….َ!“
”تون ڪير……..؟“
”اهو جيڪو توکي ياد ڪري ٿو“
اڀرندڙ ٽهڪ. سُرمَئي چمڙا. گول گنبذ کان ڦرندا لهندڙ سج اڳيان لهي ويا. گهنڊڙين جا آواز، اوندهه ۾ هلندڙ ٻليءَ جيان ڇپ هڻي بيهي رهيا. ٻه سايون روشن اکيون، ها اها جيڪا انڌيرن ۾ لڪل آهي. تنهنجي چهري جو اڌ نقاب هٽي چڪو آهي. مونکي معاف ڪجانءِ پياري ،مان گنبذ ۾ تو پويان ويس جتي ڏاڍي اوندهه هئي. ڏاڪڻيون چڙهندي توکي وڃائي ويٺس. تنهنجي ياد کنڊر ۾ چيلهه لوڏي وڪڙ هڻِي گهمندڙ نانگڻ جهڙي آهي. بکايل باز جي رڙ تي تنهنجو اکيون کلن ته انهن ۾ نظر ايندڙ ياد جي چنبن مان توکي ڇڏائي سگهان.
مونکي اها عمارت ياد اچي ٿي جيڪا ان پتڻ کان پنجاهه قدمن جي فاصلي تي هئي جتي بدبودار لانچون خوبصورت ساڌو ٻيلي جي پرفضا مقام تي اڏرندڙ ست رنگي مورن جي پرن هيٺان ترنديون پهچنديون هيون. اها ڪمانيءَ جهڙي حيبتناڪ پل ۽ اتان لنگهندڙ ڪاري غلام جهڙي ٿلهن چپن واري ريل. اڇيون پڳڙيون، نچندڙ خواجا سرا، ٻهروپيا ۽ سونهري گنبذ جنهن ۾ نڪ تي رومال رکي ويٺل مجاور ۽ ٻئي هٿ ۾ جهليل سوني ڏيٽي جنهن ۾ پيل سنهو پهرين تاريخ جهڙو وار.
”هو ڏس……………..!“
”هو سامهون………….. سنهو.“
”ڪٿي آهي…………..؟“
مان چتائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو اتي ڪجهه نه آهي. سڀ ڏسن ٿا ۽ چون ٿا
”سبحان الله……..“
اهي دعا لاءِ هٿ کڻن ٿا، چپن ۾ خدائي ڪلما جهونگارين ٿا، سڪا کيسي مان ڪڍي اڇلائين ٿا. نور جي مهڪ آهي، چنبيليءَ جي دل ڦاٽل آهي، اڻ مندائتا رابيل ڪپهه جي پوپن جيان ڪنن ۾ پيل آهن.
”مون کي معاف ڪجانءِ منهنجا پرين مان ڏسي نه سگهيس“ جڏهن اڌ وهيءَ جو هيس مونکي ياد پوي ٿو، تنهنجي چهري کي ڇُهيو هيو، ڳلن جي گرمي خوشبوءِ جيان آڱرين ۾ سمائجي وئي هئي پر ياد نه آهي ان ڇهاءَ جي احساس ۾ چهري جون اهي سڀ لاهيون چاڙهيون ڪهڙي اوندهه ۾ گم ٿي ويون. تنهنجي چهري جو ريکائون گمنام گهٽين ۾ تبديل ٿي ويون. ياد ڪيان ٿو ته تنهنجا وار هلڪا ناسي هيا انهن جو رنگ سانجهيءَ جهڙو هيو. لهندڙ انڌيرو ذهن تي محسوس ڪري رهيو آهيان. وڌندڙ عمر يادن جي دشمن آهي. يادون ٻرندڙ ميڻ بتي جيان رجن ٿيون. روشن چهري تي هيڊ هاريل آهي، سڀ ريکائون مٽيل ۽ لڪيرون ڊٿل آهن. مونکي تنهنجي نهار ياد آهي. جنهن مان تنهنجي اکين جو اندازو لڳائي سگهان ٿو. تنهنجو آواز ڪنن ۾ ٻري ٿو جنهن مان تنهنجي چپن جو تصور ٺاهي سگهان ٿو. تنهنجي ياد ڪيل ٽهڪ مان طبيعت جو اندازو لڳائي سگهان ٿو. باقي تنهنجا ڳوڙها ياد نه آهن جن کان وڇوڙي وقت واپس ويندي پويان اچي توکي ڳولهي لهان.
”ٻه قدم کٻي پاسي…………….!“ آواز اچي ٿو.
مڙي نهاريان ٿو اهو هڪ رستو آهي جنهن تي تنهنجي قدمن جا نشان آهن، جتي ڳيرا جهنگ جي خاموشيءَ تي چٿرون ڪن ٿا. کٻي پاسي ڪلراٺو قبرستان آهي، اتي هلڻ سان قدمن هيٺان سُڪل پنن جهڙو آواز گونجي ٿو. تنهنجو وجود گمنام قبر مٿان کبڙ جي سڪل ٿُڙ جهڙو آهي. يادون نانگن جيان گهمن ٿيون.
مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي تون ياد هئينءَ. ڪلهه جي ڳالهه آهي تنهنجون ريکائون منهنجي سپنن تي ستارن جيان روشن هيون. يادن جي آسمان تي چنڊ غروب ٿيندو آهي. ستارا ڪڏهن غروب نه ٿيندا آهن. تنهنجون يادون چنڊ جيان بي وفا آهن. توکي ياد ڪرڻ لاءِ توکي ياد ڪرائڻ چاهيان ٿو ته ڇا توکي اها ڏاڪڻ ياد آهي جنهن جي پاسن کان ڄاري ڏنل هئي. ان ڄاريءَ ۾ تراشيل چنبيليءَ جي پتين جو رنگ ڳاڙهو هيو. پوپٽن جا پر جهرڪين جي کنڀن جهڙا هيا. تون ان ڏاڪڻ جي گولائيءَ تان هيٺ هلندي پاتال ڏانهن ويندڙ اهڙي پاڇي جيان هئينءِ جنهن پويان لهرائيندڙ وار تنهنجي يادن جي ڪاريهر جهڙا هيا. مون توکي آواز ڏنو هيو.
”نه وڃ……….وڃائجي ويندينءَ“
تو ڪنڌ ورائي ڏٺو هو، توکي ياد آهي مان ڪيئن هيس؟ مونکي ياد ڪر شايد توکي ياد ڪري وٺان! مان ڏاڪڻِين جي گولائي ۾ قيد آهيان، پاڻ کي ڏوهي پيو محسوس ڪريان. منهنجي چهري جو رنگ تنهنجي ان عمارت جي ڳاڙهين سرن جهڙو ٿي ويو آهي جنهن جي دري خواجا خضر جي ان آستان طرف کلي ٿي جتي ٻه ٻار ٻڏي مئا هيا. مون کي ياد آهي اهي ٻه ڀائر هيا جيڪي اسڪول کان ڀڄي اتي پهتا هئا. اهي وهنجيا، جڏهن هڪ ٻُڏڻ لڳو ته ٻيو ان کي بچائيندي پاڻ به ٻڏي ويو. انهن جا لاش هڪ ٽرڪ ۾ رکيل هيا. مون کي چهرا ياد نه آهن صرف روئڻ جا آواز ڪنن ۾ ٻري رهيا آهن. دانهون ڪوڪون آهون. ڀتيون ڪٽيندڙ هٿ، ٽڪرائيندڙ مٿا.
خوشيون ڌوئڻ سان ڦٽي وڃن ٿيون ڏکن جا رنگ پڪا آهن. زليخان ذهن ۾ کڳيون هڻي ٿي. ان جي زبان ڊگهي آهي. زبان سان نڪ ڇُهي ٿي. ناس جي دٻيءَ تي هاٿيءَ جو فوٽو آهي. مون کي ڪجهه ياد نه آهي زليخان جي زبان ياد آهي. چاڪليٽي زبان. نانگ ڦڻ ڪڍي زبان لوڏي ٿو.
”اڙي جوڳي اتي بيهه.“
ٻه ڦُلڪا دال جوڳي چٻاڙي ٿو.
”پراڻو بوٽ ڏي.“
”بوُٽ ڪاڏي ڪندين؟ جهنگ ۾ پائي گهمندين ته نانگن کان بچي سگهندين؟“
”توکي مڻ ڏيندسُ“
”يادون زهر آهن مڻ چوسي وٺندي.“
زهر جو تاثر زعفران جهڙو آهي. تنهنجو چهرو ان زعفران جهڙو زرد آهي جيڪو عامل جي ان مس ڪُپڙي ءَ ۾ آهي جنهن مان ڪلڪ ٻوڙي واڻ جي کٽ تي ويهي تعويذ لکي ٿو. ان جي پاسي کان رکيل اڇي وهاڻي جي ڇَوَ منهنجي چهري جهڙي آهي. اهو ڪلڪ ٻوڙي ننڍي چوڪور پني تي لکي ٿو.
”ٽي………….نو………….پنج…………..يارنهن…………..ٻڙي“
ٻڙي تنهنجي چهري جهڙي آهي. عامل جي اوطاق ۾ پوسل جي بوءِ آهي. هن جي ڪلف لڳل اڇن ڪپڙن ۾ کٻي ڪلهي وٽان گهري زخم جهڙو گهنج آهي. عامل جي منهن ۾ مُڇن ۽ ڏاڙهيءَ وٽ اڇيون سئيون ٽنبيل آهن. هو کلي ٿو ان جي کل جي عذاب کان بچڻ لاءِ توکي ياد ڪيان ٿو.
ايترو ياد آهي جڏهن جوان هيس ته ڏاڍو صحتمند ۽ چست هيس، نظر تيز هئي پر تنهنجو چهرو……….ڪاري بورڊ تي ماستر ڊسٽر سان ڊاهي ٿو.
”اڙي ڇورا پڙهه……….الف.“
ڪاٿي لکيل آهي اکيون ڪم نه ٿيون ڪن. منهنجي چهري تي ٻه اکيون ڇاپيل آهن، منهن ڪتاب جو ورق آهي، پَکي جي هوا تي اٿلائجي ويندو. پيپر ويٽ ۾ ڦاٿل پوپٽ ڦٿڪي ٿو، نڪرڻ جا سڀ رستا بند آهن، يادون پکيءَ جي ٻچن جيان چهنب کولي پرَ هڻن ٿيون. بکايل آهن. هڪ ٻار اسڪول جي اڱڻ ۾ ڦوهاري اندر پاڻيءَ ۾ عڪس ڏسي ٿو. تيز سج جا ترورا سنهين سئين ۾ تبديل ٿي پاڻيءَ کي شيشي جيان ڀڃي وجهن ٿا. شرارتي اڏندڙ ڪانءُ ڦوهاري مان پاڻي کي ٺونگا هڻي پيئي ٿو. هڪ ماستر ڌرتي جي گردش جي سمجهاڻي ڏيندي پنهنجي گول ڦرندي وچ ۾ بيٺل ماسترچوڌاري ڦري ٿو. وچ ۾ بيٺل ماستر کلي ٿو. ان جو هڪ ڏند وڏو آهي. سگريٽ پيئڻ ڪري هيڊو آهي. تنهنجو تصور بوٽ هيٺان سگريٽ جو بچيل ٽوٽو.
منهنجي محبوبا تنهنجي چهري تي ماتا جا داغ ته نه هيا، فرش تي ڪريل کٽمٺڙي تي مکيون ويٺل آهن. حوريءَ ۾ اڇلايل ڪٻاڙ ، ڪرسيءَ جي ڄنگهه تي رهجي ويل ماکيءَ جو مانارو چچريل چهري جهڙو آهي. آئيني ۾ ڏسان ٿو، سوچيان ٿو تون چهري بنا ڪيئن ٿي سگهين ٿي؟ توکي وساري ياد انڌي ٿي چڪي آهي.
تنهنجي عشق جا ڏينهن ڪوهيڙي جا ڏينهن هئا. تون پوشاڪ ۾ بدلجي چڪي آهين، جنهن جي جهالرن ۾ نرم ٻاڦ لهرائي ٿي. تنهنجي چهري جو نقاب برف جيان رجي رهيو آهي. منهنجي دل ٿڌي پاڻيءَ جو ٿانءُ آهي. ياد پوي ٿو تنهنجي چهري تي تِرُ هو. اهو سوچي ڏاڍو لڄي ٿيان ٿو. تِر ياد آهي چهرو وسري ويو آهي. سنڌوءَ ڪناري ٻه دوست بينچ تي ويٺل آهن، رات آهي. بئريج مٿان ٻرندڙ بلبن جو عڪس پاڻيءَ ۾ لڏندڙ لڪيرون ٺاهي ٿو.
”مٿي ڇا آهي……..؟“
”چنڊ…….. “
”توکي آسمان نظر نه ٿو اچي…… ؟“
ٻئي کلن ٿا. ٽهڪ ٽيٽيهر جي لات جهڙا آهن. تنهنجي ياد شهر آهي جنهن ۾ ڏاڪڻيون آهن. بي ترتيب سنهيون گهٽيون، بدگونيا موڙ، ڀتين جا ڇڻيل پلستر، ويران گاڏي کاتا ۽ برباد گئوشولا. تون زخمي ڪريل ڀت جيان آهين. مون لاءِ نجات جا رستا بند ٿي چڪا آهن. جنهن پاسي وڃان ٿو در ٻيڪڙيل آهن. زندگيءَ جي پيڙا موت بڻجي ڀڪ ۾ بيٺل آهي. موت تي سوچي نه ٿو سگهان. موت کي سارڻ موت کان وڏو عذاب آهي. مون وٽ ٻيو ڪو رستو نه آهي ته توکي ياد ڪيان. تنهنجي ياد ان اٺڙيءَ جيان آهي، جيڪا مهار جي هڪ اشاري سان رخ بدلائي ٿي. پر مان موقعي پرست نه آهيان. اي محبوبا! تون بهانو نه آهين. جنهن سان موت جو خوف ٽاريان ٿو. اهڙو نه آهيان جو تنهنجي ياد کي ٽوال جيان پيشانيءَ جو پگهر اگهي لاهي ڇڏيان. تنهنجي ياد اهڙي پناهه گاهه آهي جنهنجو چور دروازو نجات ڏانهن کلي ٿو. مونکي اهي ڏاڪڻيون ياد آهن، جيڪي چار سئو سال هڪ مينار جون هيون. مدتن کان ماڻهن جي لهڻ چڙهڻ ڪري ايڏيون ته گسي چڪيون هيون جو پير جي گرفت ڍري ٿي چڪي هئي. ان جي کليل جارن کان هيٺ اڏامندڙ هليون هيبتناڪ هيون.
ان مناري تي جڏهن چڙهي رهيو هوس ته تون لهي رهي هئينءَ. ڏاڪڻين جي اوندهه مان جاري جي روشنيءَ وٽ تنهنجو چهرو نمودار ٿيو. وڇوڙي جي وڏي وقت کانپوءِ اوچتو ائين ظاهر ٿيڻ تي مان توکي سڃاڻي نه سگهيس. تنهنجو چهرو اهو نه هيو جيڪو منهنجي تصور ۾ هيو، تون منهنجي تصور جي سدا جوان تصوير هئينءَ، تنهنجو ريکائون منهنجي دل تي نشتر سان کوٽيل هيون. تنهنجي تصور جي گهرائي ايڏي ته هيٺ هئي جو ان ۾ ٻڏل هيس. ورهن کان پوءِ جڏهن توکي سڃاڻي ويٺس ته من کنڊر ۾ تبديل ٿي ويو. لرزي ويس. ڊهي پيس. تنهنجون ريکائون تنهنجا چپ. تنهنجا ڳل. تنهنجون بي خواب اکيون. رنگ پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا. برف رجڻ لڳي، نقش ڊهڻ لڳا. معاف ڪجانءِ مٺي توکي ڏسڻ کان پوءِ توکي وساري ويٺس…