ڪھاڻيون

عشقَ جو آسيب

رسول ميمڻ، سنڌي ٻوليءَ جو پنهنجي ئي اندازَ وارو هڪ منفرد ۽ گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هُو پنهنجين ڪهاڻين سان هڪ انتهائي سحرانگيز اندازَ ۾ ورتائي ٿو ۽ اِهي ڪهاڻيون پڙهندي، پڙهندڙُ انهن ڪهاڻين جي سحرَ جي گهرائيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2640
  • 722
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book عشقَ جو آسيب

ڪبوترن جي واپسي

”نيڪيءَ جي فرشتي کي
ڪبوتر جا پر آهن
۽ شيطان کي باز جا“.

بدو بيمار ٿي پيو، کيس کنگهه جو دورو پيو. بلغم ٿي اڇلايائين ته ان ۾ رت شامل هيو. عاشق جي بلغم ۾ جگر جو ۽ بيمار جي بلغم ۾ ڦڦڙن جو رت شامل هوندو آهي.
جڏهن بدو بيمار نه هيو ته سڄو ڏينهن ڪوٺي تي ويٺل هوندو هيو. هن جي ڪچي جاءِ جو ڪوٺو ڪبوترن سان ڀريل هوندو هيو، هڪ پاسي ڪبوترن جو کڏو هيو ۽ ٻئي پاسي بانس مان ٺهيل ڇٽي. ڇٽي ايڏي ته ڊگھي هئي جو پريان نظر ايندي هئي ۽ ان تي لهندڙ اڏامندڙ ڪبوتر هر ڪنهن جو ڌيان ڇڪائيندا هيا. بدو ڇٽيءَ جي ڏور ڇڪي وري ڍر ڏيندو هيو ۽ بانس جي ٺهيل ڇٽي لڪڙن تي هيٺ مٿي ٿيندي هئي. ڪبوتر ڀڙڪيون ڏيندا هيا. بدوءَ جا ڪبوتر ڪڏهن ڪنهن ڌاري ڇٽي تي نه لٿا. اهي تهه جا پڪا هيا. هن وٽ ٽڪڙين جو هڪ اهڙو ٽولو به هيو، جيڪو هن جي سيٽيءَ جي آواز تي ڪوٺي مٿان گول ڦري اڏامندو هيو ۽ جڏهن سيٽي وڄائڻ بند ڪندو هيو ته ٽڪڙين جو ٽولو کنڀ هڻندو ڇٽيءَ تي لهندو هيو ۽ڇٽي انهن جي وزن کان چيڪٽ ڪندي هئي. ڪجهه ڪبوتر اتي ويهندا هيا ۽ ڪجهه جاءِ نه ملڻ ڪري هر هر هيٺ ڪرندا هيا ۽ ڪرندي وري ڀڙڪو کائي مٿي اڏامي ڇٽيءَ تي ويهڻ جي جاءِ ڳولهيندا هيا.
خدا انسان کي ايڏا رنگ نه ڏنا آهن جيڏا ٽڪڙي ڪبوترن کي. ناسي، آسماني، گيڙو رنگا، سرمئي ۽ سانجهيءَ رنگا. سندن اکيون ائين ڳاڙهيون هونديون آهن جيئن پيئاڪن جون، انهن کي پڪڙبو آهي ته سندن دل شرميلي محبوب جيان تيز ڌڙڪندي هٿ تي محسوس ڪبي آهي. بدو سوچيندو هيو پکي زندگيءَ سان ڀريل آهن. انهن جا جسم گرم آهن پر اهي بخار ۾ ورتل نه آهن. انسان جو جسم اهڙو گرم هجي ته اهو بخار ۾ ورتل هوندو آهي، جيئن بدوءَ جو ٻرندڙ جسم ۽ بلغم ۾ ٽيپو ٽيپو ٿي وهندڙ رت.
بدو ڇا بيمار ٿيو ڄڻ ڪبوتر بيمار ٿي پيا. بدوءَ جو جسم گرم هيو ۽ ڪبوترن جا ٿڌا. ڪوٺي تي هاريل ڳاڙهي جوئر جو رنگ اڇو ٿي ويو. ڪويلين جون قطارون اڳتي وڌيون ۽ انهن آري کانپوءِ نڪتل نرم گوشت جي ٻوٽين جهڙن چيڪٽ ڪندڙ سنهي ڳچيءَ وارن ٻچن تي حملو ڪيو. ٻچي مٿان ويـٺل ڪبوتر بي وس ٿي ڪڏهن هڪ ڄنگهه مٿي ٿي کنئي ته ڪڏهن ٻي. بيمار بدوءَ ڏڪندڙ هٿن سان ڪبوتر مٿي کڻي ڏٺو ٻچو چنبڙيل ڪويلن هيٺـان چيڪي رهيو هيو. ڏسي بدوءَ کي کنگھه جو دورو پيو.
بدوءَ جو هڪ دوست کانسواءِ ڪو والي وارث نه هيو. ماڻس هئي جيڪا کنگھي کنگھي تازو گذاري وئي ۽ هاڻي پاڻ کنگھندو هيو. پيءُ ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. ڪچيءَ جاءِ ٻاهران ننڍو دوڪان هيو جنهن ۾ سندس دوست ربن نڪل ۽ ريوڙيون وڪڻندو هيو. ترن جا بوڻينڊا پاسي کان جھاري ۾ ٽين جي دٻي ۾ لڳل شيشي مان ائين نظر ايندا هيا جيئن وڄائجي ويل خزاني جا لعل هجن جن مٿان تر چمڪندا هجن. ربن ڪرايو ته ڏئي نه سگھندو هيو پر بدوءَ کي ٽي ويلا ماني کارائيندو هيو. هو ٻئي ننڍپڻ جا دوست هيا. جڏهن پاڙي ۾ بجلي نه هوندي هئي ته رات جو اک ٻوٽ کيڏندا هيا. انهن کي اها راند کيڏڻ لاءِ اکين ٻوٽن جي ضرورت نه پوندي هئي.
بدو بيمار ٿيو ته بيمار ٿيندو ويو، کيس علاج لاءِ پئسا نه هيا. هڪ سرڪاري اسپتال ۾ ويو. زڪوات مان سندس سيني جو ايڪسري ڪري ٻڌايو ويو ته ”توکي ٽي بي آهي.“ ڊاٽس پروگرام ۾ رجسٽري ڪري کيس هڪ مهيني جي دوا ڏني وئي، اها تاڪيد ڪئي وئي ته ”ان بيماري جو علاج اٺ مهينا هلڻو آهي. هر مهيني دوا لاءِ اسپتال اچڻو آهي جنهن ۾ ڏسڻو پوندو ته دوا ڪيتري حد تائين اثر ڪري رهي آهي. دوا روز کائڻي آهي، جيڪڏهن هڪ ڏينهن به دوا نه کاڌي ته بيماري اٿلي پوندي ۽ پوءِ کيس وڏي مصيبت کي منهن ڏيڻو پوندو“.
بدوءَ کي روز لپ دوائن جي کائڻي ٿي پئي. هو گوريون کائيندو هيو ۽ ڪبوتر لڳ ڪندا هيا. جڏهن ڪلسريءَ آنو ڏنو ته بدو خوش ٿيو هن جي کنگھه ختم ٿي وئي. بلغم بند ٿي ويو. بدوءَ جو بخار لٿو ته کيس هٿ ۾ جهليل ڪبوتر جو جسم گرم محسوس ٿيو. بدو ٽي مهينا اسپتال ويو. سمجهيائين صفا ٺيڪ ٿي ويو آهيان. سگھارو ٿي ويو. جسم ڀرجي ويس. سوچيائين روز ربن جي دال کائي ٿلهو ٿي پيو آهيان. هڪ ڏينهن ربن کي مذاق ۾ چيائين ”روز دال ڪا ٺـيڪي ۾ ته نه آهي. يار ڪڏهن گوشت به کارائيندو ڪر ته وزن هلڪو ٿي“.
ربن ڏٺو سندس دوست ڏاڍو خوش هيو ۽ ان جي منهن ۾ رت ڀريل هيو جيئن ڪڏهن سندس بلغم ۾ ڀريل هوندو هيو. ان ڏينهن ربن کيس ڪڪڙ کارايو. ربن ڪڪڙ کائي ڪوٺي ٿي ويو. ڪلسريءَ هيٺان آري تي پيل آني مان ٻچو ڦٽي نڪتو هيو. هن مذاق ۾ ٻچو هٿ ۾ کڻي سندس ڪن ۾ ڪڪڙ جيان ٻانگ ڏني. هاڻي بدو بيمار نه هيو، پر دوا بند ڪرڻ کانپوءِ پندرهين ڏينهن بيمار ٿي پيو. هٿ ۾ جهليل ڪبوتر کيس ٿڌو محسوس ٿيو. اهو سوچي ته هو بيمار آهي سندس دل جي ڌڙڪن هٿ ۾ جهليل ڪبوتر جي محسوس ٿيندڙ ڌڙڪن کان گوءِ کڻي وئي. سندس مستي ائين ختم ٿي وئي جيئن ڪلسرو ماديءَ تان لهي کنڀ کنڊيري ڌرتيءَ سان ڀڇ گسائي پاسي ۾ بيهي پر کنهندو هجي.
هو اسپتال نه ويو ۽ بيمار ٿيندو ويو. ڪبوتر بانس جي ڇٽيءَ تي لهندا اڏامندا رهيا. هن کنگهي ڪاوڙ مان ڇٽيءَ جي ڏور کي هر هر ڇڪي ڍر پئي ڏني. پريشان ڪبوتر ڇٽيءَ تي پير نه ڄمڻ ڪري هيٺ ڪريا پئي ۽ ڀڙڪو کائي مٿي اڏاميا پئي. هڪ رات کيس ننڊ نه آئي. هن کي پنهنجي بيماريءَ جو خيال نه هيو پر ڏک هيو ته دگلي ڪبوتر جو گج ڦاٽي پيو هيو. ان داڻو پئي کاڌو ته پاڻي پيئڻ کانپوءِ اهو ڦاٽل گج مان ٻاهر پئي نڪري آيو، دگلو ڪبوتر جنهن جي هڪ اک ڳاڙهي ۽ ٻئي اڇي هئي، اهو ايڏي ته اوچائيءَ تي اڏامندو هيو جو نظر نه ايندو هيو. اهو صبح سان جيئن نيري آسمان ۾ اڏامي رهيو هيو ته ڀوري باز ان تي اڇي اک واري پاسي کان حملو ڪيو. دگلي هيـٺ گهت هنئي باز جو چنبو ان جي گج ۾ لڳو. ننهن گھري ويس. دگلي ڳاڙهيءَ اک سان ڏٺو کيس خطرو محسوس ٿيو. هن اڇي اک واري پاسي ڏانهن اڏامي جان بچائي. هيٺ لٿو ته پاڻيءَ جي پاٽ تي اچي ڪريو. سهڪندي جيئن چهنب پاڻيءَ ۾ وجهي ڳيت ڏئي ڪنڌ مٿي ڪيائين ته سمورو پاڻي گج مان نڪري سيني وٽان کنڀ آلا ڪرڻ لڳس.
بدو سڄي رات سمهي نه سگھيو. صبح سان هو ڪبوترن جي ماهر ”وڏي جاڳيراڻيءَ“ وٽ ويو. وڏي هڪ ننڍي سئي ڪڍي ان ۾ سنهو ڌاڳو وڌو ۽ ڪبوتر جو گج سبيو. بدوءَ وڏي کي نڪل ۽ ريوڙيون ڏنيون جيڪي ربن جي دوڪان تان کڻي آيو هيو. وڏي ريوڙي وات ۾ وجهي رڙڪو ڪندي چيو ”ڪبوتر جي صحت جو خيال ڪجانءِ هن کي ٻه ڏينهن بادام کارائجان“. بدوءَ پاڻ ماني نه کاڌي ڪبوتر کي بادام کارايا. دگلو ڪبوتر ٺـيڪ ٿي ويو. پاڻي پي اڏاميو ڏوٽيون ڏيندو مٿي ويو ۽ باز کي ڳاڙهي اک ڏيکاري موٽي آيو.
هڪ ڏينهن بدوءَ جو وزن ايڏو ته گھٽجي ويو جو محسوس ڪيائين ڪبوتر جيان اڏامي ويندو. هن جو پاسيريون ائين نڪتل هيون جيئن سندس کنڀ هيا ۽ منهن سنهو ٿي چهنب ۾ بدلجي ويو. بدو اٿڻ ويهڻ کا ن لاچار ٿي ويو. هو ڪوٺـي تي بي سڌ ڪري پيو ۽ ڪبوتر کيس مٿي ۾ ٺونگا هڻي اٿارڻ لڳا. هن جو دوست ربن کيس ڊاڪٽر ڏي وٺي ويو ۽ ڊاڪٽر اهو چئي جواب ڏنو ته ”بدوءَ جو علاج لا علاج ٿي چڪو آهي. اوجها انسٽيٽيوٽ ڪراچي وٺي وڃون جتي سندس جين ٿراپي ٿيندي“.
ربن منجهي پيو. بدوءَ کي گهليندو گهر کڻي آيو. بدو کٽ تي ائين ڪري پيو جيئن ڪنهن ميرو وڳو لاهي ڦٽو ڪيو هجي جنهن تي پان جا داغ هجن. ربن بدوءَ کي صلاح ڏني ته ”پيارا بدو ڪبوتر وڪڻ ته ڪراچيءَ هلون“.
بدوءَ سهڪندي چيو ”پيارا، مان پيارو نه آهيان پر ڪبوتر پيارا آهن“
”پر ماڻهوءَ جا پر ڪٽيل آهن“ ربن چيو ”لڪو گھڻا ڏينهن ڀڇ مٿي ڪري گھمندو. نيٺ ته هڪ ڏينهن کيس ........... لڳندي“. بدوءَ ڪنايو. مٿي ڪبوتر ”هو هو“ ڪري رهيا هيا. هن اٿڻ جي ڪئي. اٿي نه سگھيو. چيائين“ پاڻي ڏي“.
ربن کيس گلاس ڀري ڏنو. بدوءَ ڪروڌ مان ڏسندي چيس ”مونکي نه، ڪبوترن کي“
ربن نه ڪئي هم نه تم. بازار ويو ۽ ڪبوترن جي واپاري ”پٺي خان“ کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو. سوا سئو ڪبوترن جو ڏهن هزارن ۾ سودو ٿيو. ڪلسرا، للسرا، ٽڪڙي، سراجي، مڪئي، دوگلا، لڪا ۽ دوپٽا سڀ پـٺي خان جي دوڪان ۾ پهچي ويا. ربن، بدوءَ کي رڪشي ۾ وڌو ۽ اسٽيشن تي پهچي ويو، ريلَ هَلي ته لوڏن ۾ بدوءَ جي اکين جا ڳوڙها پئي لڏيا. هو کنگهيو ته لڳو جيئن هري ڪبوتر کي منگهو ٻِلي ڪنڌ ۾ چڪ وڌو هجي. ريل هلڻ کانپوءِ اوجها انسٽيٽيوٽ پري نه هيو ڇو جو ان رات ريلوي لائين تي ڪو ڌماڪو نه ٿيو هيو. بدو خوني شهر ۾ وات مان خون وهائيندي اسپتال پهتو ته کيس ايمرجنسيءَ ۾ داخل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن ربن کي ٻڌايو ” ادا فڪر نه ڪر بچڻو هوندو ته بچندو باقي افسوس جي ڳالهه نه آهي ڇو جو رب جي فضل سان جيئرو آهي. ڪوشش ڪنداسين ته افسوس ڪرڻو نه پئي“.
وارڊ ۾ داخل ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن ربن کي وڌيڪ ٻڌايو ” هن کي ايستائين موڪل نه ملندي جيستائين دوائون اثر نه ڏيکارين ۽ اٿڻ ويهڻ جي قابل نه ٿئي. ان ۾ ڪجهه مهينا به لڳي سگھن ٿا“. ربن، بدوءَ کي پئسا ڏئي گھر موٽي آيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪو شخص ڪراچي مان موٽيو ته ان ربن کي ٻڌايو ”بدو جا پئسا ختم ٿي ويا آهن. کيس پئسي جي سخت ضرورت آهي“.
ربن پريشان ٿي ويو. سوچڻ لڳو پئسا ڪٿان ايندا؟ سوچيائين ڪبوترن جو کڏو وڪڻي بدوءَ کي پئسا پهچايان. اهو سوچي مٿي ويو. ڏٺائين کڏو خالي نه هيو. ان ۾ ڏهه ڪبوتر ويـٺا هيا. چار ڪلسرا، ٻه ٽڪڙي، ٻه سراجي ۽ ٻه مڪئي. ڏسي حيران ٿي ويو، کيس يقين نه پئي آيو ته ڪبوتر موٽي آيا آهن. هن کڏي ۾ هٿ وجهي ڪبوتر پڪڙيا ۽ پٺي خان جي دوڪان تي پهچي ويو. پٺي خان ڪبوتر سڃاتا.
”مون اهي ٽي ڏينهن پهريون وڪيا هيا ”هن چيو ”ڪبوتر آهن، ماڻهو نه آهن جو موٽي نه اچن“.
پـٺو خان کليو ۽ هزار جو نوٽ ڪڍي هن کي ڏنائين. ربن هزار روپيا وٺي بدوءَ ڏي موڪليا. اوجها انسٽيٽيوٽ ۾ بدوءَ جو علاج هلندو رهيو، کيس ڪو افاقو نه ٿيو. هن کي بيماري ائين وچڙي وئي جيئن سائيٽ ايريا ۾ فيڪٽري کي باهه، جتي در بند ڪيا ويندا آهن ۽ سڀ کان پهريون ڏاڪڻ سڙندي آهي. بدوءَ محسوس ڪيو بيماري هن سان ڪبوترن جيئن هري وئي آهي. ربن پاران مليل هزار هوا ۾ پر هڻندو هليو ويو ۽ بدوءَ وري نياپو موڪليو. ربن ڪوٺي تي ويو ۽ کڏي ۾ ٻارنهن ڪبوتر موجود هيا. هن ڪبوتر پڪڙيا ۽ پٺي خان کان پئسا وٺي آيو. پٺي خان پئسا ڏيڻ کان اڳ ربن جي پٺي ٺپيندي چيو ”بدوءَ جي بيماريءَ کانپوءِ منهنجو ڪاروبار چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويو آهي“.
ربن پئسا وٺي بدوءَ ڏي موڪليا. ڪبوترن جي ڪرم سان بدوءَ کي ڪڏهن پئسي جي کوٽ محسوس نه ٿي. ان کي جڏهن به ضرورت پوندي هئي، وڪامي ويل ڪبوتر ڪوٺي تي پهچي ويندا هيا ۽ وري وڪامي بدوءَ جي ڪم ايندا هيا. بدوءَ جون به ڪبوترن لاءِ وڏيون قربانيون هيون. هن انهن کي اولاد جيان پاليو ۽وڏي خدمت ڪئي، انهن ڪبوترن جا ڪيترا نسل ان ڪوٺي تي پلجي اڏاڻا هيا.
اسپتال ۾ هڪ ڏينهن بدو مري ويو. کيس اندر ٽي بي جا جراثيم کائي ويا. مئل بدو ڇڙو چمڙي هيو هيٺان سڀ جراثيم هيا. ان ڏينهن ڪوٺي تي پنجونجاهه ڪبوتر لٿا ۽ انهن ”هو هو“ جو ذڪر شروع ڪيو. ربن پڪڙڻ لئي انهن ۾ هٿ وڌا ته ڪبوترن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. پٺي خان ربن کي سٺـا پئسا ڏنا ڇو جو ٻڌايائينس ته ”بدو ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ فوت ٿي چڪو آهي“
پٺي خان کيس پئسا ڏيندي چيو ”مان به بدوءَ جو ڪبوتر آهيان“. ربن لاش کڻائي موٽي آيو. کيس دفنائيو ويو ته سڀ ڪبوتر واپس اچي قبر تي ويٺا. اڄ به اهو قبرستان ”ڪبوترن واري قبرستان“ جي نالي سان مشهور آهي.