پنهنجي پاران
ظفر مختيار اسانجي اسپتال جو سينيئر ڊاڪٽر آهي. گذريل پنجويهن سالن کان هن اسپتال ۾ ڪم ڪري ٿو. نيو ڪراچيءَ جي هيءَ اسپتال جتي عملي کي پهچڻ ۾ ان ڪري دقعت ٿيندي آهي، جو اسپتال ڏانهن ويندڙ سڀ رستا خطرن سان ڀريل آهن. روز روڊن تي ٽائر سڙندا آهن ۽ بسن کي باهيون لڳل هونديون آهن. ماڻهو مئل يا زخمي حالت ۾ رستن تي پيل هوندا آهن. پوءِ به هرڪو ڊيوٽيءَ تي پهچي ويندو آهي پر ان ڏينهن ڊاڪٽر ظفر مختيار نه پهتو. اها خبر پهتي ته ڊاڪٽر ظفر مختيار جي زالَ گذاري وئي.
ڊاڪٽر ظفر مختيار ڪڏهن دوستن سان اهي ڳالهه به نه ڪئي هئي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ته سندس زال بيمار يا ڪنهن ڊگهي آرزي ۾ مبتلا آهي. مون هڪ دفعو ان کي ڊاڪٽر ظفر مختيار سان ڏٺو هيو. اها خوبصورت ۽ صحتمند عورت هئي، ڦڙتيلي ۽ چاڪ چوبند پئي ڏٺي. اهي عورت جو موت سمجهه کان ٻاهر هيو، ڇو جو جنهن رات سندس موت واقع ٿيو، اها پوري رات هوءَ مڙس جي ٻانهن ۾ ستل هئي.
ظفر مختيار هڪ دفعو ٻڌايو هيو.
”منهنجو زالَ سان عشق اهي. ان کان سواءِ هڪ رات به الڳ گذاري نه ٿو سگهان.“
اسان دوست هن تي ٽهڪ ڏئي کليا هياسين. ڊاڪٽر عتيق جيڪو زال جو ماريل آهي، ان چيو هيو.
”نڪاح ڪرڻ سان عشق ائين ٽٽي ويندو آهي جيئن مُلان جو وضو“.
وڏو مسخرو آهي ڊاڪٽر عتيق، زال هوندي نرسن سان عشق ڪندو آهي، ڇو جو هن کي ڪنهن به نرس سان شادي ڪرڻي نه آهي.
سڀ ڳالهيون هڪ پاسي، ڳالهه ظفر مختيار جي الميي جي آهي. خدا ظفر مختيار کي صبر جي توفيقَ ڏئي. ان ڏينهن کان هو ڏاڍو غمگين ۽ روئڻهارڪو پئي رهندو آيو آهي. چار سال گذري چڪا آهن، پر سندس زال ڄڻ دل تي نقش آهي. دوستن سان هن جيڪو زالَ جي موت واري رات جو تذڪرو ڪيو، اهو هن ناول جو موضوع آهي.
هونئن نيو ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ ٻيا به گهڻا ڊاڪٽر آهن، پر اسان ڊيوٽيءَ دوران واندا ٿي هڪ دفعو چانهه ضرور پيئندا آهيون. چانهه پيئندي جڏهن هڪ دوست ڊاڪٽر ظفر مختيار کان سندس زالَ جي موت جو سبب پڇيو ته هن جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون.
”يقين ڪيو مونکي ڪا خبر نه هئي ته ڪا منهنجي زالَ دل جي مريض آهي.“ هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو. ”ان ڪڏهن ڪا اهڙي شڪايت به نه ڪئي هئي، سندس صحت ڏسي مون ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته ڪا اها ائين اوچتو مونکان جدا ٿي ويندي.“
ڊاڪٽر ظفر مختيار پوءِ چانهه جو ڍڪ ڀريو ۽ ڪوپ ٽيبل تي رکي عينڪ لاهي ان جا شيشا صاف ڪيا.
”اسان جو صبح سان ڪوهه مري وڃڻ جو پروگرام هيو.“ هن ڳالهه جاري رکندي چيو ”اسان سڄو سامان بند ڪري هڪ پيٽيءَ ۾ وجھي رکيو هيو. ٻئي ڏاڍا خوش هياسين. ٻارڙا ٻئي ڪمري ۾ سمهيل هيا.“ ڊاڪٽر ظفر مختيار ڳالهه ڪندي چپ ٿي ويو. اهو وڌيڪَ ڳالهائي ها ته شايد روئي پوي ها.
دوستن هن کي دلجاءِ ڏني ۽ وڌيڪَ ڳالهائڻ کان روڪيو پر هو نه مڙيو. هن چيو.
”مان توهان کي پوري ڳالهه ٻڌائيندس، ڇو جو ان سان منهنجي دل جو بار هلڪو ٿيندو.“
پوءِ هن ٻڌايو.
”اسان ٻئي زالَ مڙس هڪ رات به الڳ نه سمهيا هياسين. ان رات به هوءَ منهنجين ٻانهن ۾ هئي. مان ان جا ساهه سيني تي محسوس ڪري رهيو هيس. خبر نه آهي. منهنجين ٻانهن اندر رات جي ڪهڙي پهر ۾ هن جو موت واقع ٿيو. مان گهري ننڊ ۾ خوابن جي دنيا اندر گم هيس. مرڻ کانپوءِ هن جو جسم منهنجين ٻانهن اندر ٿڌو ٿي ويو ۽ مون سردي محسوس ڪئي. ان رات مون خواب ۾ برف کانسواءِ ڪجهه نه ڏٺو. مون کي لڳو ته مان اڌ اگهاڙو برف سان ڍڪيل پهاڙن وچ ۾ گهمي رهيو آهيان. اوچتو منهنجي جسم تي سرديءَ جو اثرٿيو ۽ مان ڏڪڻ لڳس. اک کلي مون ڏٺو اها مري چڪي هئي ۽ سندس جسم برف جيان ٿڌو ٿي چڪو هيو.“
ڊاڪٽر ظفر مختيار روئڻ لڳو. دوست هن جو الميو ٻڌي اداس ٿي ويا. انهن هن کي دلداري ڏني ۽ هو ڪرسيءَ تي ويهي ڳوڙها اگهندو رهيو.
اهو الميو هڪ ڊاڪٽر جو سچو واقعو آهي.
هن ناول جو موضوع ڊاڪٽر ظفر مختيار سان پيش آيل الميو آهي. ناول جو ڪردار جيڪو مرندڙ محبوبا کي ٻانهن ۾ سمهاري خوابن ۾ ان جو ڇوٽڪارو ڳولهي ٿو. ڇو جو اها هڪ اهڙي بيماريءَ ۾ ورتل آهي جنهن بيماريءَ جو علاج اڃان دريافت ٿي نه سگهيو آهي. اها لا علاج ٿي چڪي آهي. هر گذرندڙ گهڙيءَ سان موت کي ويجھو پئي ٿيندي وڃي. اهو ڪردار خواب ۾ تاريخ جي هر هستيءَ کي محبوبا جي زندگيءَ لاءِ ٻاڏائي ٿو. اها تاريخ هاڻوڪي وقت کان پوئتي ٿيندي اونڌائي وقت تائين هلي وڃي ٿي ۽ آدم کان اڳ ان هستيءَ کي ڳولهي ٿي جنهن اڃا ڪائنات کي وجود نه ڏنو آهي. اتي پهچي هو مايوس ٿئي ٿو ۽ هن جي محبوبا سندس ٻانهن ۾ مري وڃي ٿي. اهو مئل محبوبا جي جسم جي ٿڌ محسوس ڪري ٿو ۽ ڏڪڻ لڳي ٿو.
هيءُ ناول موت جي تاريخ آهي. هن جو وقت جي تاريخ سان ڪو واسطو نه آهي. هن ناول جا تاريخي واقعا ڪردار جي گهرج مطابق گهـڙيل آهن. اميد ته تاريخدان هن ڪتاب کي ناول سمجھي پڙهندا.
ــــ رسول ميمڻ