ناول

قالوبلا

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ جو ٻيو ناول آهي. هو لکي ٿو:
”هيءُ ناول موت جي تاريخ آهي. هن جو وقت جي تاريخ سان ڪو واسطو نه آهي. هن ناول جا تاريخي واقعا ڪردار جي گهرج مطابق گهـڙيل آهن. اميد ته تاريخدان هن ڪتاب کي ناول سمجھي پڙهندا. “
  • 4.5/5.0
  • 2440
  • 955
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قالوبلا

8

وارث مقدونيا جي فيلقوس جي مزار جو مجاور هيو. مزار جنهن جي هر پٿر تي چتر هيا. چترن ۾ اولمپيا جي ڊوڙندڙ رٿن جي قطارن جا عڪس هيا، جن ۾ جيئرا گهوڙا ڄڻ پٿرن ۾ هڻڪي رهيا هيا. سندس زال المپياس جون مورتيون مزار جي چئن ڪنڊن کان لڳل هيون.
هڪ مجاور جنهن کي چانٺ تي ويٺي ٻه هزار سال ٿي ويا. هن جا وار اڇا ٿيا، وري ڪارا ۽ وري اڇا. سندس ڍلي چمڙي جسم تي ڪپڙي جيان لڙڪڻ لڳي. آڱرين جا وڌيل ننهن جن ۾ ماضيءَ جو روڳ ڀريل هيو. مٿي جي وارن جون چڳون پراڻين اڳڙين جيان لڙڪي رهيون هيون هن فيلقوس کي ٻاڏايو.
”اي فاتحن کي جنم ڏيندڙ. اي سڪندر جا پيءُ. ڇا تنهنجي سيني ۾ اهو خنجر اڃان لڳل آهي جيڪو توکي ڌيءَ جي شاديءَ جي تقريب ۾ هڪ رئيسزادي ٺوڪيو هيو؟ جادوئي خنجر جيڪو تنهنجي سيني مان مقدونيا جو ڪوبه جوڌو ڇڪي ٻاهر ڪڍي نه سگهيو. ان خنجر جي هڪ پاسي شفا جا ڪلما آهن ۽ ٻئي پاسي موت جا مڪالما. اجازت ڏي ته تنهنجو سينو کولي شفا جا ڪلما پڙهي سگهان. شل ان خنجر کي تنهنجي سيني مان ڪڍي موت جا مڪالما مٽائي سگهان.“ اهي يونان جي اسيريءَ جا ڏينهن هيا. مقدونيا مان اٿندڙ طوفان ان کي لوڙهي ڇڏيو. بلغاريا جي اوندهه ۾ گم غير مهذب علائقي مان فيلقوس خوفائتن ڪرڻن جيان اڀريو ۽ يونان دهلجي ويو. اهي همت هاري ويٺا، انهن جي همت وڌائڻ لاءِ ٻاتو مقرر ڊيمانٿيسز اڳتي وڌيو. اهو تقرير ڪندي ائين هٻڪي رهيو هيو جيئن زبان کان ڪم وٺڻ لاءِ ان کي چهبڪ هڻندو هجي. بازار ۾ بيهي ٻڌندڙ سندس نڪرندڙ لفظن جو انتظار ڪندا هيا. ان کان اڳ جو لفظ نڪرن ٻڌندڙ هليا ويندا هيا.
ڊيمانٿيسز سمنڊ ڪناري ويو. پٿر جا ذرا وات ۾ وڌا ۽ لهرن سان مخاطب ٿيو.
”اي شور مچائيندڙ لهرون خاموشي اختيار ڪيو ۽ مونکي ٻڌو منهنجا لفظ بهادر سپاهي آهن، زخمي آهن پر وڙهي رهيا آهن. اهي ايٿينس جي اميرن جيان اطلس جون پوشاڪون پهريل نه آهن، جيڪي محلاتن ۾ شڪست جا منتظر آهن. اي ميڊيٽرينين جون لهرون توهان ڪيڏيون نه عظيم آهيو هڪ ٻئي پويان ڪناري سان ٽڪرائجي ٽڪر ٿيڻ کان پوءِ به وري اڳتي وڌو ٿيون.“
هٻڪ ڊيمانٿيسز کي ايٿينس جو وڏو مقرر بڻائي ڇڏيو، سندس تقرير جو وار تلوار جي ضرب کان سرس ثابت ٿيو. وارث جيڪو اٿينس جي گهٽين ۾ خاڪ ڇاڻي شفا ڳولهي رهيو هيو. ڊيمانٿيسز جي تقرير کان ايڏو ته متاثر ٿيو جو فيلقوس سان ويڙهه لاءِ تيار ٿي ويو. هو يونان جي فوج جو زخمي گهوڙو هيو جيڪو پويان اچي رهيو هيو. سندس پٺيءَ تي اهو رئيسزادو سوار هيو جنهن جي چيلهه ۾ ٻڌل خنجر سان فيلقوس جو موت واقع ٿيڻو هيو. اهو ناياب خنجر جنهن تي شفا ۽ موت جا ڪلما درج ٿيل هيا، جنهن جي هڪ ڌار ۾ موت جو انجام هيو ۽ ٻئيءَ ۾ زندگيءَ جو پيغام.
زخمي گهوڙو منڊڪائيندو جڏهن ڪردينيا پهتو ته دير ٿي چڪي هئي فيلقوس يونانين جا مڙهه چتا تي چاڙهي رهيو هيو. سڙندڙ گوشت جي دونهي ايٿينس مٿان اڏامندڙ ڳجهن کي پريشان ڪري ڇڏيو. فيلقوس جنهن جي سيني ۾ رئيسزادي جو خنجر ويو ته سٽ ڏئي ڪير به ڪڍڻ وارو نه هيو. اهو سندس ڌيءَ جو ڪاج هيو جيڪو فتح جي چوٿين سال ڪردينيا ۾ ٿيو. رئيسزادي درٻارين وچ ۾ اچي کيس خنجر وهايو. خنجر غروب ٿي ويو جنهن کي حاصل ڪرڻ جي حسرت وارث جي سيني ۾ دٻجي وئي. وارث تاريخ جي مزار جو مجاور هيو . گنبذ تي اڏامندڙ پاريهر هيو. هن جي عرشنا جنهن جي جسم ۾ بيماريءَ جو زهر ڌرتيءَ تي نفرت جيان ڦهلجندو پئي ويو جيڪا موت کي ائين ويجهي پئي ٿيندي وئي جيئن سمنڊ ۾ ٻه ٻيڙا لڙائيءَ وقت ٽڪرائجڻ وارا هجن.
سڪندر ڄايو ته ان ڏينهن شهر جي بتخاني کي باهه لڳي. باهه لڳندي آهي ته سڀ کان پهريون ڪتاب سڙندا آهن. بت جيڪي ديوتائن جا ٺوٺيلا وجود هيا جن جي اڇي مرمر ڪاراڻ ۾ ڦري وئي ۽ اهي قهري ٿي پيا. هڪ نجوميءَ چيو، ”بتخاني جي باهه اهو ظاهر ڪري ٿي ته سڪندر ايشيا جي جهر جهنگ ۾ باهه لڳائنيدو.“
ارسطوءَ اهو پيالو لڪائي رکيو هيو جنهن ۾ سقراط کي زهر ڏنو ويو هيو. ان ۾ خاص ڏڻن تي شاگردن کي امر جل پيئاريندو هيو.
جڏهن سڪندر چوڏهن سالن جو ٿيو ته امرجل پيئڻ کانپوءِ سندس مڇن جي ساول ۾ بوندون اٽڪي پيون. هٿ هڻي انهن کي صاف ڪيائين ۽ مدرسي ۾ خوبصورت قليطوس تي عاشق ٿي پيو. هو ان کي پنهنجي گهوڙي بوقيفانوس تي ويهاريندو هيو. گهوڙو سڪندر جي وجود کانسواءِ سندس دوست جو وزن برداشت ڪندو هيو. ان گهوڙي تي ٻيو ڪوبه سوار نه ٿي سگهيو جيڪو سندس واڳ کان وٺندو هيو ان کي اڳيان کر هڻي هيٺ ڪيرائي ڇڏيندو هيو. بوقيفانوس اڇي رنگ جو گهوڙو هيو جنهن جي سٿرن تي هڪ پاسي ايران ۽ ٻئي پاسي سنڌ جي نقشن سان ملندڙ قدرتي ڪارا چٽ هيا. تڏهن سڪندر شاعر هيو. رات جو سمهي ستارا ڏسي سوچيندو هيو ۽ چنڊ ڏسڻ سان بي چين ٿي ويندو هيو. هن جي وهاڻي هيٺان هومر جو ڪتاب رکيل هوندو هيو. هن هرمس اعظم جي بت اڳيان ڪنڌ کڻي چيو، ”منهنجو پيءُ فيلقوس هرڪيولس جي شجري مان آهي ۽ ماءُ المپياس ٽرائي جي اڪيلس مان. آئون آسمانن جو شهزادو آهيان جنهن جو وجود شينهن جي کل ۾ ويڙهيل آهي. زخمي اڪيلس جو روح آهيان جنهن جي کڙي لوهه کان مضبوط آهي. مان ڌرتيءَ جو آخري ديوتا آهيان.“
هرمس جي بت جي مرڪ ائين گم ٿي وئي ڄڻ سندس وات تي ويٺل پکي اڏامي ويو هجي.
سڪندر ايران تي حملو ڪيو. مقابلي لاءِ دارا جو نائب شهريار ميدان ۾ آيو. شهريار کي شڪست آئي. سڪندر طرطوس ۾ داخل ٿيو. اهي گرميءَ جا ڏينهن هيا. سج سوا نيزي هيو. ماڻهو گرميءَ کان نه، سڪندر کان گهرن ۾ لڪيل هيا. سڪندر قدنوس درياهه جي ٿڌي پاڻيءَ وهنجيو ته تپ ۾ وٺجي ويو. جنهن خيمي ۾ سمهيل هيو اهو عرشنا جي ڪمري جهڙو هيو. وارث اتي موجود هيو. حڪيم فلپ سڪندر جو علاج ڪري رهيو هيو، ڪاراٺيل جسم جو علاج جيڪو قدنوس درياهه جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ سڙي رک ٿي چڪو هيو.
”اي فلپ ڪا اهڙي ستي ڏي ته زرتشت جي کوري جهڙي باهه ٿڌي ٿي. شفا جو ڇنڊو هڻ. ٻرندڙ کي وساءِ.“
فلپ هن کي ڪاري دوا پيئاري. سائي دوا پيئاري. ڳاڙهي دوا پيئاري. ست رنگي پيئاري ۽ اهڙي دوا پيئاري جنهن جو ڪو رنگ نه هيو. سڪندر جو من آتشڪدو هيو سندس جسم جلي رهيو هيو. فلپ جي دوا ۾ سسليا جي مندرن ۾ ٻرندڙ ڏيئن جو تيل سمايل هيو. تيل جيڪو سڪندر کي ٻاري رهيو هيو.
وارث هرڻ جي منڍي پائي ڀت ۾ ٽنگيل هيو سندس اکين جي چرپر اتي رکيل دوائن جي بوتلن ۾ نظر اچي رهي هئي، کيس فلپ جي ست رنگي دوا چورائڻي هئي جنهن ۾ عرشنا جو ڇوٽڪارو نظر اچي رهيو هيو. دوا جنهن جو ڪو رنگ نه هيو. ان ۾ وارث جون اکيون ٻڏل هيون. ٻه اکيون بستري تي بيمار اڌ اگهاڙي سمهيل سڪندر جي ڪليءَ ۾ لڙڪندڙ ورديءَ جي پاسن کان لڳل ٻن خوبصورت بٽڻن جهڙيون اکيون جن ۾ اميد چمڪي رهي هئي. عرشنا جي شفايابيءَ جي اميد. ان کان اڳ جو حڪيم فلپ بوتل مان دوا ڪڍي سڪندر کي پيئاري وارث اها لڪائڻ چاهي پر هڪ خابرو جيڪو گهوڙي تي سوار تيز اڏامندو اچي اتي پهتو هيو. ان هڪ خط سڪندر حوالي ڪيو. سڪندر خط کولي پڙهيو. اهو هن جي هڪ بي وفا دوست جو هيو جنهن وفا جا ڍُڪ ڀريندي کيس خبردار ڪيو هيو،
”حڪيم فلپ ايران جي بادشاهه دارا سان مليل آهي. ان کي اهڙيون دوائون ڏئي رهيو آهي جن ۾ زهر مليل آهي.“
سڪندر خط پڙهيو ته سڀ دوائون حڪيم فلپ کي پيئاريون. حڪيم فلپ بخار ۾ وٺجي ويو. هو ان ساڳي بستري تي سمهيو جنهن تان سڪندر شفاياب ٿي اٿيو. وارث چمڙاپوش ٿي فلپ مٿان آيو ۽ چيو،
”اي دوائن کي مارڻ ۽ جيئارڻ جي سگهه عطا ڪندڙ، جيڪڏهن زهر ترياق آهي ته مونکي عطا ڪر. وچ سير ۾ ٻڏندڙ پاڻ کي بچائڻ لاءِ ترندڙ نانگ ۾ هٿ وجهندو آهي. مان عرشنا جي چپن تي هر رنگ آزمائڻ لاءِ تيار آهيان.“
حڪيم فلپ رُنو. ان جي ڳوڙهن ۾ سيسليا جي مندرن جي ٻرندڙ ڏيئن جي تيل جي بوءِ هئي.
”دنيا جي هر دوا زهر جو بگڙيل روپ آهي.“ فلپ چيو. ”زهر ماريندو آهي مرض کي يا مريض کي. ڪو اهڙو زهر ايجاد نه ٿيو آهي جيڪو موت کي ماري وجهي.“
مرڻ کانپوءِ حڪيم فلپ جو جنازو جڏهن خاموشيءَ جي مينار تي پهچايو ويو ته سڀ ڳجهون هجرت ڪري چڪيون هيون. تپندڙ سج هيٺان سندس جسم ميڻ جيان رِجي ويو. خاموشيءَ جي مينار هيٺ ڦهليل وسيع ميدان ۾ دارا سان آخري مقابلي جي تياري ٿي رهي هئي. وارث ڏٺو سج آئينو هيو جنهن ۾ ديوتا جو منهن چمڪي رهيو هيو. سندس اکين اڳيان اوندهه اچي وئي ڏينهن رات ۾ تبديل ٿي ويو. رات جي وهاڻن ۾ ڪپهه جهڙا خواب ڀريل هيا. وهاڻو جيڪو ٻن حصن ۾ ورهايل هيو. عرشنا جو اڌ وهاڻو جنهن تي ليٽي هوءَ موت ڏانهن ويندڙ رستي تي زندگي ڳولهي رهي هئي. ٻيو اڌ جنهن تي وارث ننڊ ۾ ائين سڏڪي رهيو هيو جيئن خوابن جي چوراهي تي وڃائجي ويل ٻار هجي. هن عرشنا جي سيني تي ڪنڌ رکي ڌوڻيو سندس من ۾ اڃان زندگيءَ جو پاڻي ڇلڪي رهيو هيو. هن خواب ۾ عرشنا جي چپن تي چپ رکيا ته ڏينهن ٿي ويو. سج هڪ نئين خواب جيان اڀري اوندهه کي جنم ڏنو.
هو خاموشيءَ جي مينار تي ويٺل ڳيرو هيو، سندس گيڙو کنڀن هيٺان دل ڏڪي رهي هئي. هن هيٺ وسيع ميدان ۾ ڏٺو. دارا جو اهو آخري معرقو هيو جنهن ۾ ٽي سو پنجهٺ ننڍا ڳپرو ڪلهن تي باهه جا چلها کڻي لشڪر جي اڳواڻي ڪري رهيا هيا. سج جهڙي رٿ تي دارا سونين تارن مان اڻيل عبا پائي جنگ جي ميدان ۾ اچي رهيو هيو. فوجين جي ڪپڙن تي هيرا جواهرات جڙيل هيا. جڏهن جنگ ۾ پهريون لاش ڪريو ته رت جي بوءِ تي لامارا ڏيندڙ پکي نه هيا. وارث رحمدل ڳيرو هيو. ماس نه پئي کائي سگهيو پر انسانن جي معدن ۾ موجود اناج هن لاءِ ذخيرو ٿيل هيو.
دارا شڪست کائي يروشلم ڀڄي ويو. سڪندر ايران جو فاتح هيو. دارا جي ماءُ سيسيگمبس آڻ مڃي سڪندر جي استقبال لاءِ تيار ٿي وئي. ننڍي قد وارو سڪندر جڏهن همبستري ڪندڙ خوبصورت فيسٽون کي ساڻ ڪري ان سامهون آيو ته دارا جي ماءُ سهڻي فيسٽون کي مقدونيا جو سڪندر سمجهيو. ان اڳتي وڌي فيسٽون جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو،
”ايران جي ڌرتيءَ تي توهان کي ڀليڪار چوان ٿي ۽ درخواست ڪيان ٿي ته آڻ مڃڻ کانپوءِ اميد ته ڪنهن کي قتل نه ڪيو ويندو.“
اهڙي ماجرا ڏسي خاموشيءَ جي مينار تي ويٺل وارث کان ٽهڪ نڪري ويو. هن سوچيو، ”بيشڪ دنيا ۾ حڪمرانن کان وڌيڪ انهن جي يارن جي عزت آهي.“ سڪندر اڳتي وڌي سيسيگمبس جي مٿي تي هٿ رکيو.
”سڪندر اهو نه مان آهيان.“ هن چيو. ”پر ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي. دوست جو شان به اهڙو ئي آهي جيئن منهنجو.،
ايران جي فتح کانپوءِ سڪندر يروشلم ۾ پناهه وٺندڙ دارا پويان اتي پهتو ته قلعي جا در بند ڪيا ويا. قلعي جي درن جي وٿين ۾ اکيون ڀريل هيون. خوف کان وٿيون ايڏيون ته سوڙهيون ٿي ويون جو اکين مان رت جا ڳوڙها ٽِمڻ لڳا.
مصيبت وقت هيڪل سليمانيءَ جو يدوا ٽوپي لاهي عبادت ڪندو هيو. سندس ٽوپي ميز تي رکيل هئي. وارث ٽوپيءَ ۾ لڪيل هيو. اهو ٽوپيءَ جي ڄاريءَ کان ٻاهر ڏسي رهيو هيو. يدوا حضرت هارون جا اڇا ڪپڙا پائي رب کي ٻاڏائي رهيو هيو.
”الاهي، ايندڙ آفت کان پناهه ڏي.“
وارث يدوا جي ٽوپيءَ هيٺان پاڻ کي ڏاڍو محفوظ محسوس ڪيو. ”هيڪل سليمانيءَ جي يدوا جي ٽوپيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي پناهگاهه ٿي سگهي ٿي.“ هن ڏٺو ٽوپي آر سان اڻيل خيمي نما هئي جنهن جي سوراخن مان رحمت جا ڪرڻا اندر اچي رهيا هيا.
”تنهنجي ٽوپيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي پناهگاهه آهي. اي يدوا، مان ان ۾ عرشنا کي لڪائيندس.“ هن منٿ ڪندي چيو.
”اي الاهي“ يدوا رب کي پڪاريو، ”پناهگاهون خطري ۾ آهن تون ڪٿي لڪيل آهين.“
يدوا تي الهام ٿيو. دانيال نبيءَ جا ڀت تي ڏٺل پراڻا لفظ ڪلراٺين ڀتين مان ڇڻي پيا.
”مقدونيا جي ٻڪر کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪجو نه ته ڌوڻا هڻي در ڪيري وجهندو.“ يدوا ٻاهر ڀڳو ۽ هن رڙ ڪندي چيو.
”قلعي جا در کوليا وڃن. سڪندر جو رستو روڪڻ مقدر سان ٺڳي آهي.“
سڪندر يروشلم ۾ داخل ٿيو ته هيڪل سليمانيءَ جي ڀت کي ان هنڌ چميو جتي سوراخ ۾ ويٺل وڇون پاڻ کي ڏنگي رهيو هيو. سڪندر يدوا جي نوراني منهن ڏي ڏٺو ۽ چيو،
”بيشڪ تون ئي اهو شخص آهين جنهن خوابن ۾ مونکي فتحن جي بشارت ڏني.“
هن هيڪل سليمانيءَ جي آرائش لاءِ ايران مان لٽيل اشرفين جي ٿيلهي يدوا حوالي ڪئي. اشرفين تي دارا جي مورت هئي. اهو پڻ اعلان ڪيو ته هي اشرفيون نه اشتهار آهن جيڪو دارا کي جيئرو يا مردو گرفتار ڪندو ان کي بابل ٻاهران بخت نصر جي باغ جا چار سؤ ايڪڙ انعام ڏيندس.“
يدوا خوش ٿي هيڪل سليمانيءَ ٻاهران سڪندر جي ياد ۾ ٻڪر جو مجسمو ٺهرايو. وارث سج لهڻ کان اڳ مجسمي سامهون ويو ۽ گوڏن ڀر ويهي عرض ڪيائين،
”اي مقدونيا جا سردار، جيڪڏهن دارا جو ڏس ڏيان ته ڇا انعام ۾ زندگي عطا ڪري سگهندين؟ موت کي مات ڏئي سگهندين؟ قدرت کان ڪجهه ڏهاڙا کسي مون حوالي ڪري سگهندين؟ ته پوءِ ٻڌ. دارا تنهنجو ڀاءُ آهي. تون فيلقوس جو فرزند نه آهين. تنهنجي ماءُ المپياس دارا جي پيءُ وٽ رهي هئي. تون ان جو تُخم آهين.“
جڏهن وارث پوئتي نهاريو ته لهندڙ سج ۾ سندس پاڇو نه ٺهي رهيو هيو. سوچيائين خوابن ۾ گهمندڙن جا پاڇا نه ٺهندا آهن.“ پوءِ چيائين، ”ها ڀتين جيان پاڇن کي به ڪن هوندا آهن.“ ان ڏينهن المپياس مقدونيا ۾ پٽ کي ياد ڪري ڏاڍو رُني. هن هڪ خط لکي قاصد کي ڏنو. قاصد جڏهن يروشلم پهتو ته سڪندر پڙهي اکين تي رکيو ۽ چيو، ”امڙ تنهنجو هڪ ڳوڙهو منهنجي پوري لشڪر کي وهائي وڃڻ لاءِ ڪافي آهي.“
جڏهن سڪندر بااختر پهتو، دارا پنهنجن ٻن سپاهين هٿان قتل ٿي چڪو هيو. سڪندر رُنو. چوغو لاهي هن مٿان وڌائين. شان ۽ شوڪت سان لاش بابل روانو ڪيو. دارا جي ماءُ سيسيگمبس پنهنجن هٿن سان لاش خاموشيءَ جي مينار تي ڇڏي آئي. هن ڪنڌ ورائي مٿي نهاريو. ڪابه ڳجهه نه هئي. تيز سج چمڪي رهيو هيو. هڪ ڳيرو ويٺل هيو جنهن جي دل ڏڪي رهي هئي. فتح جي نشي ۾ چور سڪندر جشن ملهائيندي گهڻو شراب پئي مدهوش ٿي بود مان تلوار ڪڍي ويجهي يار قليطوس جو ڪنڌ ڪٽي وڌو. هوش ۾ آيو ته افسوس مان چيو، ”مون کي معاف ڪجانءِ هوش ۾ نه هيس. اميد آهي توکي ڪنڌ ڪٽجڻ جو درد محسوس نه ٿيو هوندو. تون وجدان جي ان اوچائيءَ تي هئين جتي ڌڪ لڳندي ان جو عذاب محسوس نه ٿيندو آهي.“
مرندڙ قليطوس جو روح فينيڪس پکيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. امر پکي جن ۾ لازوال روح وسندا هيا. عاشقن ۽ شهيدن جا نانءَ فينيشيا ۾ اڏرندڙ ست رنگي پکين جي پرن تي لکيل هوندا هيا. باهه جا پکي جيڪي رک ٿيندا هيا ۽ رک جنهن مان وري جنم وٺندا هيا.
فينيشيا جو شهر ’طائر‘ جنهن مٿان اهو نالو انهن پکين پويان پيو. جڏهن سڪندر طائر ۾ داخل ٿيو ته ڪنهن کيس فينيڪس پکي تحفي ۾ ڏنو. سڪندر پکيءَ کي آزاد ڪندي چيو،
”قانون پکين تي لاڳو نه آهي. پکي آزاد آهن. هوائن ۾ سڪندر لاءِ ڪي سرحدون نه آهن.“
وارث طائر شهر جو غلام هيو. تهه خاني ۾ چيتي جون کلون رنگيندو هيو. اسيريا جي ٻيلن مان شڪار ڪيل چيتا جن جي کلن مان سڪندر ۽ سندس ساٿين جا جوتا جوڙيا ويندا هيا. هن هڪ خوبصورت جوتو جوڙي سڪندر کي پيش ڪيو. سڪندر خوش ٿيو. چيائينس، ”جيڪي گهرڻو اٿئي گهر.“
”فينيڪس پکيءَ کان عمر اڌاري وٺي ڏي.“ هن چيو، ”امرتا جو ڪجهه حصو مون حوالي ٿئي ته جيڪر مرندڙ عرشنا کي جيئندان ڏئي سگهان.“
سڪندر مرڪيو ۽ چيو،
”عمريون اڌاريون ملن ها ته خلقڻهار جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. ڪنهن کي طاقت آهي جو عمريون اڌاريون وٺي واپس ڪري؟ جڏهن خضر مٺ کولي هئي ته سندس واري هٿن مان وهي چڪي هئي. موقعو ملئي ته ڪفن کان ٻاهر منهنجا هٿ ضرو ڏسجانءِ.“
وارث ان ميڻ بتيءَ جيان رِجي وسامي ويو جنهن کي پوئين پهر تائين ٻرڻو هيو. دونهي ۾ بدلجي ويو. دونهون جنهن جي چڳن ۾ باک جي ميندي لڳل هئي. ميندي جنهن ۾ عرشنا جي خوشبوءِ هئي. وارث جي ٻانهن ۾ مرندڙ عرشنا. نازبوءِ جو مرجهايل ٻوٽو جنهن جا پن ڇڻڻ کان اڳ واس هوائن حوالي ڪندا آهن. هن عرشنا جي ٻوٽيل اکين کي ڏٺو. اتي سڀ ديوتا. سڀ سڪندر دفن ٿيل هيا. بيمار عرشنا جي چمڪندڙ پيشانيءَ تي پگهر جي بوندن ۾ پيغمبرن جون قطارون ڏٺيون جيڪي جهڙ جو لباس پائي بي وس بيٺل هيا. عرشنا جا چپ موت جو استقبال ڪندي مرڪي رهيا هيا. سندس مرڪ سڪندر جي تلوار جي ڌار کان تيز هئي.
سڪندر سنڌ ۾ داخل ٿيو. زهريلي تير جو ڌڪ پچائي ويو.
”ڇا عرشنا ائين موت جو ڌڪ پچائي ويندي؟“ وارث سوال ڪيو. سڪندر سنڌ مان موٽي فرات ڪناري پهتو. اهي سرءُ جا ڏينهن هيا، کيس دماغي مليريا ٿي پئي. نيم بي هوشيءَ ۾ وڦلڻ لڳو.
”مونکي خبر آهي تاريخ ۾ مون لاءِ ڪٿي به آبحيات نه آهي. زندگيءَ جو پڪل نان نه آهي. مان چوٽيهن سالن ۾ روانو ٿي رهيو آهيان. ڏس! ڇا منهنجي زندگيءَ جي ويلي جي ماني پنڊيءَ ۾ موجود آهي؟“
وارث جون اکيون مرندڙ سڪندر جي حياتيءَ جي بورچيخاني ۾ بکايل ڪُوئي جيان گهمڻ لڳيون. سڪندر مري ويو. ڪفن کان ٻاهر سندس ٻئي هٿ خالي هيا.