ناول

قالوبلا

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ جو ٻيو ناول آهي. هو لکي ٿو:
”هيءُ ناول موت جي تاريخ آهي. هن جو وقت جي تاريخ سان ڪو واسطو نه آهي. هن ناول جا تاريخي واقعا ڪردار جي گهرج مطابق گهـڙيل آهن. اميد ته تاريخدان هن ڪتاب کي ناول سمجھي پڙهندا. “
  • 4.5/5.0
  • 2440
  • 955
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قالوبلا

1

هوءَ ’عرشنا‘ هئي. سندس نالو ’مهين‘ کان ست ڪوهه اولهه طرف ’ارجنا ڪوٽ‘ جي مک دروازي کان کٻي هٿ ڏي ويندڙ گهٽيءَ ۾ ٺهيل گهرجي ان ٻاويهن سالن جي ڇوڪريءَ سان ملندڙ هيو جنهن ٻانهن جا گجرا سنڌوءَ ۾ وهايا ته پاڻيءَ ۾ خوشبوءِ ڏهن هزار سالن تائين برقرار رهي.
هو ’وارث‘ هيو، جنهن جو نالو ان ديوتا جهڙو هيو جنهن جي هاٺي هماليا جيڏي ۽ مياڻ ۾ لڙڪندڙ تلوار تي وقت جي ڪٽيل لاش جورت لڳل هيو.
عرشنا ۽ وارث. هڪ محبوب هڪ عاشق. سندن پيار وٽيل رسي جيان هيو جنهن ۾ پتڻ تي پيار جي ٻيڙي ٻڌل هئي. تيز وهڪروجيڪوانهن اڳيان بي وس هيو. اهي وچڙيا ته پاڻ ڇڏائي نه سگهيا، ڇو جو پيار جي هر هٿ کي ڏهه آڱريون آهن.
ٻاويهن سالن جي عرشنا جيڪا مرمر مان تراشيل هئي، سندس وجود ۾گلاب ائين سمايل هيا جوسج اڳيان هلندي هئي ته ڪرڻا وجود مان پار ٿي ڌرتيءَ تي گلابن جو پاڇو ٺاهيندا هيا. وارث هڪ تاريخدان جنهن جو وجود ڪتابن جي جيو گهرڙن جو ٺهيل هيو- سندس وجود لامحدود ڪتابن جو ڍير هيو. تاريخ جي اکرن مان تراشيل. اڻکٽ ڌاڳي جيان جنهن جا ڇيڙا ماضي ۽ مستقبل جي اوندهه ۾ گم هيا ۽ ڌاڳي جو وچون حصو حال جيان جرڪي رهيو هو. ڌاڳو جنهن ۾ ڳالهائيندڙ لفظ لڙڪي رهيا هيا.
وارث هڪ تاريخدان هيو جيڪو حال جي وهڪري ۾ عرشنا سان وهندو پئي ويو. عرشنا سندس ٻانهن جي گهيري ۾ قابو هئي. ان جي چپن جو اسير هيو. مدهوش نيڻن جو قيدي، جن نيڻن ۾ ٻه ڪارا سج غروب ٿي رهيا هيا ته روشني طلوع ٿي رهي هئي. هن عرشنا کي چاهيو ۽ سندس هاڻي خواهش هئي ته هو چاهيندو رهي. زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين ان ۾ جيئرو رهي. سندس روح سان ملي ان جهڙو ٿي وڃي. عرشنا پيار جي ڏوهه ۾ سزا طور کيس قيد ڪري ۽ پنهنجي وجود مان ڪڏهن آزاد نه ڪري. هو عرشنا جي وجود جو قيدي بنجي زندگيءَ جا ڏينهن آسانيءَ سان بسر ڪري. اهڙي پڃري جو قيدي بنجي وڃي جنهن پڃري کي پنهنجو آسمان هجي.
پيار ڪو الهامي ڪتاب نه آهي جنهن جي صفحن تي ميلاپ ۽ وڇوڙي جا احڪام درج ٿيل هجن. پيار خالي ڪتاب آهي جنهن کي پاڻ لکيو وڃي ٿو. اتي آڱرين جا نشان آهن. نشانن ۾ سنهيون گهٽيون آهن. منجهائيندڙ رستا آهن. جيڪو رستن کان هٽيو سو بيوفا، جيڪو ڦاٿو باوفا. هو رهجي ويل آڱرين جي نشانن ۾ ڦاٿل وجود هيو. وڃائجي ويل رهگزر هيو جنهن کي منزل ڏسڻ جو شوق نه هيو.
عرشنا سان سندس پهرين ملاقات انهن ڏاڪڻين تي ٿي هئي جيڪي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي ادارن وچ ۾ هيون. انهن ڏاڪڻين هيٺان هڪ ڦوهارو هيو جنهن جي شفاف پاڻيءَ ۾ ڪميون ترنديون هيون. اداري جو پينٽر ڪمين تي رنگن سان منجهيل چتر ٺاهيندو هيو. ڪميون ڪجهه ڏينهن اندر مري وينديون هيون. اڌ ڪلوميٽر پري ڪمين جو قبرستان هيو. مينهن جي موسم ۾ زهريلا وڇون انهن جي ڍانچن ۾ پناهه وٺندا هيا. پهرين ملاقات ۾ هو عرشنا جو اسير ٿي پيو. ويڪرين ڏاڪڻين تان جتي ويٺل شاگردن ڪري سوڙهه هوندي هئي، عرشنا هلندي تاريخ تي تنقيد ڪئي.
”مان نه ٿي سمجهان ته تاريخ ماضيءَ جي لاش مٿان ڳوڙهن ڳاڙڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه آهي. اسين حادثن جا لاش ڪلهن تي کڻي نمائش لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون. ڇا اهو ان لاءِ آهي ته ايندڙ وقت کي ڊيڄاري المين کان پري رهي سگهون؟“
هو لاجواب ٿيڻ بنا سوچن ۾ ٻڏي ويو.
”نه ائين نه آهي.“ هن چيو: ”تاريخ وهي ويل وقت کانسواءِ ڪجهه نه آهي. ان جا حادثا ۽ الميا حال تي اثر انداز نٿا ٿين. انسان دنيا ۾ اهو ڪجهه ڪرڻ لاءِ مجبور آهي جنهن ڪم لاءِ خلقيو ويو آهي. هو وڙهندو، ماريندو، روئندو کلندو ۽ هٿ ڇنڊيندو دنيا مان روانو ٿئي ٿو. انڪري ته اهو سڀ ڪرڻ تي مجبور آهي. ائين ڪرڻ لاءِ جواز پيدا ڪري پاڻ کي حق بجانب سمجهي ٿو.“
عرشنا سندس ڳالهين جي ڄار ۾ وچڙندي وئي. پوءِ اها ڪڏهن الڳ نه ٿي. هن عرشنا کي ائين حاصل ڪيو جيئن تاريخ تي تحقيق ڪري ڪجهه حاصل ڪيو هجي. اها تسلسل جي وڃايل ڪڙي هجي.
هڪ دفعي هن ڍنڍ ڪناري سرنهه جي وڻ هيٺان عرشنا جا گلابي چپ ڇهيا ته سينور پاڻيءَ جي لهرن تي لڏڻ لڳو. سندس وکريل وارن کي ڳلن تان هٽايو ته سرنهن جا پيلا گل آسماني ٿي ويا.
”مان تاريخ جو پهريون ۽ تون آخري صفحو آهين.“ هن چيو: ”تنهنجي منهنجي وچ ۾ اهو ڪجهه آهي جيڪو ٿي چڪو. سڀ حادثا ۽ سانحا اسان ۾ سمائجي ويا آهن. دنيا گناهن کان پاڪ ٿي چڪي آهي. صاف ۽ شفاف ٿي رهڻ جي قابل بنجي چڪي آهي.“
عرشنا ڪو جواب نه ڏنو، اها ويڪرين اکين سان ڏسندي رهي. سندس نيرين اکين ۾ روشن آسمان هيو، جنهن ۾ چنڊ چمڪي رهيو هيو. ان جي نرم ساهن ۾ چانڊوڪي وسامنجندڙ ٽانڊن جيان دکي رهي هئي.
”ڇا توکي خبر آهي؟“ عرشنا چيو: ”رابيل روئندا آهن ته خوشبوءِ کلندي آهي. تون منهنجين اکين ۾ سمايل رهندين. منهنجن ڳوڙهن مان تنهنجي خوشبوءِ ايندي.“
”ها، تو ۾ جيئرو رهندس.“ هن چيو: ”فنا کان لاتعلق تنهنجين اکين جي آب حيات ۾ ساهه کڻندو رهندس.“
اهي ٻئي ايڏا ويجهو ٿي ويا جو هڪ وجود ۾ تبديل ٿي ويا. سندن تعلق وڌيو ته هر شيءِ کان لاتعلق ٿي ويا.
چوماسي کان اڳ ٻئي سمنڊ ڪناري ان ٽڪريءَ تي ويٺل هيا جنهن سان سمنڊ جون ڇوليون ٽڪرائجي چڻنگن جيان ٿي وکريون. اتي کيس وارث تاريخ جو اهو قصو ٻڌايو جنهن ۾ اطابلس جا هٿ، نه ڪيل گناهه ڪري ڪٽيا ويا. ان کي شهر جي چوواٽي تي ويهاري اڏيءَ تي هٿ رکرائي ڪات جو ڌڪ هڻي الڳ ڪيا ويا. اطابلس اپاهج ٿي ويو ۽ سندس ڪٽيل هٿ ظالم کي ڳولهيندا رهيا. اهي هڪ ڏينهن ان تائين پهچي ظلم جو حساب وٺندا. اطالبس دنيا مان هليو ويو پر هن جا هٿ موجود آهن. جڏهن مقصد ۾ ڪامياب ٿيندا ته دنيا مان ظلم ختم ٿي ويندو.
”تون ۽ مان اطابلس جا هٿ آهيون.“ وارث چيو: ”جيڪي ڌرتيءَ تي آڱرين سان هلي تاريخ جي ڇڏيل قدمن جي نشانن تي ويرين جي ڳولها ۾ ڪائنات جي ٻئيءَ ڪنڊ تائين هليا ويندا. هڪ وجود جا ڪٽيل ٻه حصا آهيون. پنڌ ساڳيو آهي. مقصد ساڳيو آهي.“ عرشنا هن سان متفق نه هئي. ان چيو.
”مونکي لڳندو آهي اپاهج اطابلس جيئرو آهي. هو هر ان مظلوم جي ترجماني ڪري ٿو جنهن جا هٿ اڄ به ڪٽيل آهن. اطابلس جا هٿ ظالم کي ڳولهيندي ٿڪجي چڪا آهن. تاريخ نانگ جيان آهي. جنهن جي لنگهي وڃڻ کانپوءِ اسين ڇڏيل نشان کي ڌڪ هڻي رهيا آهيون.“
سمنڊ ڪناري جنهن پهاڙيءَ تي ويهندا هيا ان سان جڏهن سمنڊ جون لهرون ٽڪرائجي موٽنديون هيون ته واريءَ جي ناهموار سطح تي لفظ ٺهندا ۽ ڊهندا هيا. اهو منظر انهن لاءِ سحرانگيز هيو. هو خيالي لفظن جون مختلف معنائون ڪڍندا هيا. اتي خدا، انسان، حيوان، شيطان، نفرت ۽ پيار جهڙا لفظ ٺهندا ۽ ڊهندا هيا.
”اڻ هوند ڪائنات جي ماءُ آهي، سندس لاتعداد ٿڻ پولارن ۾ لڙڪي رهيا آهن. اسين وات وجهي ٿڻن ۾ لڙڪيل آهيون. هر شيءِ اوندهه مان جنم ورتو آهي ڇو جو اوندهه چمڪي ٿي. اسين آهيون ڇو جو نه آهيون. جڏهن نه هونداسين يقين ڪر ضرور هونداسين.“ وارث چيو ۽ عرشنا جي هٿ کي چپن تي آندو. عرشنا مدهوش ٿي سمنڊ جي لهرن جيان سندس وجود سان ٽڪرائجي وئي. موٽي ته وارث جي ناهموار وجود تي ڪيترا سمجهه ۾ نه ايندڙ اکر اڀريا. هن عرشنا جي چپن کي چميو ته ٻاڦ ٺهي. نيڻن ۾ ڏٺو ته جُهڙ ٺهيو.
انهن جو پيار پهاڙيءَ تان ول جيان وڌي سامهون سمنڊ جي سطح تي ڦهلجي ويو.
”ڇا توکي تاريخ جو اهو واقعو ياد آهي.“ عرشنا پڇيو، ”جڏهن اوائلي انسان ارافيل کي هڪ اک هوندي هئي. کيس هڪ اک سان ڏسڻ تي اعتبار نه ايندو هيو. هوند ۽ اڻ هوند جي شڪ ۾ گذاريندو هيو. ان خدا کان ٻئي اک گهري جيئن ٻئي اک پهرينءَ جي شاهدي ڏئي. خدا دعا قبول ڪئي. ارافيل کي ٻئي اک ملي ته انڌو ٿي پيو. انڌو ٿيو ته هن اڳيان هرشيءِ واضح ٿي پئي.“
”ها عرشنا.“ وارث چيو: ”منهنجي هڪ اک تنهنجي ۽ تنهنجي هڪ اک منهنجي آهي. اسين هڪ ٻئي جا اڌ چهرا آهيون. منهن سان منهن ملاءِ ته مڪمل ٿي سگهون.“
”وارث.“ عرشنا چيو: ”اسين مڪمل آهيون. سج جيان چنڊ جيان. اسين ٻه الڳ سج نه آهيون. ٻه الڳ چنڊ نه آهيون. جڏهن دنيا تي ٻه سج اڀرندا ته چنڊ آپگهات ڪندو. رات وڌوا ٿيندي. اسين سرشتي جو حصو آهيون. تون ۽ مان اهڙو توازن آهيون جنهن جي چوڌاري پيار ڦري ٿو. فنا جي حد کان پري. لامڪان جي ويراني ۾ هوند جو فسلفو آهيون.“
انهن هڪ ڏينهن همبستري ڪئي. لذت جي لهرن ۾ لڙهندا ندي نالن مان ٿيندا وسيع سمنڊ ۾ ڪريا. ٻڏڻ لڳا. ترڻ لڳا. غوطا کائڻ لڳا. هڪ ٻئي کي پڪارڻ لڳا. انهن محسوس ڪيو اهي پڇ ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. هڪ پڇ جيڪو نانگ جيان تري رهيو آهي. هو اهڙي هنڌ پهتا جتان واپسيءَ جا در بند ٿي چڪا هيا. اهي ترندي پاڻيءَ ۾ تبديل ٿي ويا.
سڌو ٿيو ته کيس عرشنا جي ڇاتيءَ ۾ پنهنجو عڪس نظر آيو. عرشنا هن جي ٻانهن ۾ پاڻ ڳولهي رهي هئي. هو نه هيو عڪس هيو. عرشنا نه هئي هو هيو.
صبح جو پوڙهو پروفيسر مائيڪ جهلي ليڪچر هال ۾ ڳالهائي رهيو هيو، ”تاريخ پاڻيءَ جو وهڪرو آهي جيڪو مسلسل وهي رهيو آهي. تاريخ ماضي نه آهي، حال يا مستقبل نه آهي. تاريخ وقت نه آهي. ڇو جو وقت جو وجود نه آهي. تاريخ سيلاب آهي جنهن ۾ بادشاهه، وزير، امير غريب، آقا، غلام، ظالم مظلوم، فاتح مفتوح، ديوتا ڀڳوان، بهادر بزدل، عاشق محبوب، شاهوڪار سرمائيدار ۽ هاري مزدور. ٻڏندا ترندا. ٻانهون مٿي ڪري هٿن جي اشارن سان سمجهه ۾ نه ايندڙ صدائن سان لڙهندا پيا وڃن. اسين ڪنارن تي خاموش تماشائيءَ جيان بيٺل آهيون، ڪنهن کي بچائي نه ٿا سگهون. چيلهه پويان هٿ ٻڌي ڏسي رهيا آهيون. اسين ڪناري تي پاڻيءَ بنا لڙهي رهيا آهيون. پاڻيءَ ۾ لڙهندڙن کي ڪنارو ملي سگهي ٿو. خبر نه آهي پاڻيءَ بنا لڙهندڙن کي ڪهڙو ڪنارو ملي سگهندو؟“
عرشنا ۽ وارث ٻن ڪنارن تي بيٺل هيا، سندن پيار پُل جيان هيو ۽ ٻانهن جي پکيڙ لامحدود هئي. جُهڙ انهن جي آڱرين سان پگهرجي ٿي پيو. وڄ چپن جو ڇهاءُ هئي.
اهي سرءُ جا ڏينهن هيا جڏهن عرشنا پيلي پن جيان وارث جي جهول ۾ ڪري پئي. هن ڏٺو عرشنا جون آڱريون بهار کان اڳ ڌرتيءَ ۾ لڳل گلابن جي ڪٽيل قلمن جهڙيون هيون. ان جي سڄي هٿ جي وچين آڱر ۾ پاتل منڊيءَ مان ڳوڙها ڳڙي پٽ تي ڪري رهيا هيا. هوءَ بيمار هئي. اوچتو بيماريءَ کيس بدحال ڪري ڇڏيو. هن کي شهر جي مشهور اسپتال آندو ويو. تشخيص کانپوءِ کيس ٻڌايو ويو ته، ”عرشنا ڪينسر ۾ مبتلا آهي.“
وارث محسوس ڪيو، دنيا ۾ ڳاڙها گلاب ناياب ٿي ويا هجن.
عرشنا جي چپن جو رنگ مهنديءَ هٿن جهڙو هيو. ڳل چنڊ جهڙا زرد هيا ۽ اکيون ڪومايل ڪنولن ۾ ڦاٿل ڀنورن جهڙيون هيون. ان ڳالهايو پئي ته املتاس پئي ڇڻيا ۽ ٻڌو پئي ته سانوڻ ۾ ڪوئل پئي سڏڪي. عرشنا نيرن گلن واري ول جيان هئي. ول جنهن کي سهاري جي ضرورت هئي. وارث هن جو سهارو هيو. هوءَ واث جي وجود کي ويڙهيل هئي.
اها اسپتال جتي عرشنا جو علاج ٿي رهيو هيو ايڏي خوبصورت هئي جو ڏسڻ سان خوف ٿيندو هيو. اڇي پٿر جي اسپتال تي چنڊ چمڪندو هيو ته ميري پاڻيءَ ۾ لڏندڙ عڪس جهڙي نظر ايندي هئي. ڏينهن جو ان جي شفاف شيشن ٻاهران ڪارا پوپٽ اڏرندي نظر ايندا هيا. عرشنا ڪجهه ڏينهن اتي رهي. هڏن ۾ گودو وجهڻ باوجود شفاياب نه ٿي سگهي. سڀ ڪوششون بيڪار ثابت ٿيون. عرشنا موت جي ڪناري پهچي وئي. کيس اسپتال مان اهو چئي فارغ ڪيائون ته ”اها ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي.“
وارث ٻڌو ته محسوس ڪيو هڪ ڄنگهه تي بيٺل آهي، سندس اڌ حصو زمين تي ڪريل آهي. ان کي هٿ ڏئي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي هڪ ڄنگهه تي توازن برقرار رکي نه سگهيو ۽ هيٺ ڪري مڪمل ٿي ويو.
عرشنا دانهن ڪندي چيو، ”پاڻ سنڀال ۽ منهنجو سهارو ٿيءُ.“ وارث کي ٻن ماڻهن سهارو ڏنو. هڪ وجود کي پٽيون ويڙهيندڙ ڊريسر ۽ ٻيو هو پاڻ. جڏهن عرشنا جي ڀڪ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو هيو ته سندس هڪ اک ٻئيءَ کي ڳوڙها ڳاڙيندي ڏسي رهي هئي.
”عرشنا“ وارث چيو. ”تنهنجي وڇوڙي جو سوچي لڳي ٿو دنيا جا سڀ رنگ ڪچا هجن. دنيا ڪچن رنگن مان ٺهيل هجي، وسندڙ مينهن جو پاڻي سڀ رنگ پاڻ ۾ سمائي اڳتي وڌندو هجي. منهنجي چهري جا رنگ مٽجي چڪا آهن. تو سوا مونکي ڪير سڃاڻيندو؟“
عرشنا هٿ اڳتي وڌايو. هن ڏٺو سندس هيڊي هٿ جون سايون رڳون چيريل وجود جهڙيون هيون. هن هٿ عرشنا جي هٿ ۾ ڏنو. اهو گرم هيو دوزخ جيان جنهن ۾ موت گناهگارن جيان دانهي رهيو هيو.
”مونکي معاف ڪجانءِ عرشنا.“ هن چيو، ”جيڪر زندگيءَ جا ڪجهه پل تنهنجي حياتيءَ جي کاتي ۾ وجهي سگهان. جيڪر حياتي تنور جي تازي نان جيان هجي جنهن کي گڏ چٻاڙي سگهون. پنهنجي حياتيءَ جو ڪجهه حصو ڏئي جيڪر توسان گڏ روانو ٿي سگهان.“
عرشنا ڇت کي ڏسي رهي هئي، سندس اکين جي ڪنارن ۾ ڦاٿل ڳوڙها وارث جي سڏڪن تي لرزي رهيا هيا.
”موت زندگيءَ جي سرحد نه آهي.“ عرشنا چيو، ”ان سرحد تي ڪي ڪنڊيدار تارون نه آهن. موت جو تصور ان وسري ويل واديءَ جهڙو آهي جتي جنم کان اڳ اسين رهي چڪا آهيو. وسري ويل وادي جيڪا يادن کان پري گم آهي. جتي خاموشيءَ جون سيٽيون وڄن ٿيون. ان واديءَ ۾ تنهنجو انتظار ڪندس. موت کانپوءِ آواز ڏيندس ته اها وسريل وادي توکي ضرور ياد ايندي.“
وارث لاءِ عرشنا جي موت جو تصور ائين هيو جيئن ڪمري ۾ بلب دماغ جيان ڦاٽي پيو هجي. وارث ياد ڪيو جڏهن عرشنا سان نه مليو هيو. اڪيلائي ۽ پاڇي جو پيار هيو. پاڇو عرشنا جي وجود ۾ تبديل ٿي ويو. سندس اڪيلائيون سڪل پنن جيان ڇڻي ويون. پيار المين جو خالق آهي. چاهتون وڇوڙن جي احساس کي اجاگر ڪن ٿيون. جڏهن پيار نه هيو الميانه هيا.
هن عرشنا جي چپن کي ڏٺو محسوس ڪيائين صحرا ۾ هلندي کيس لڦون نڪري آيون هجن، تاريخ جو سفر طي ڪيو هجي ۽ عرشنا جي اکين جي کنڊر ۾ پناهه ورتي هجي. کنڊر چوڌاري عرشنا جي وارن جهڙا ڪاريهر ويٺل هجن. عرشنا جون اکيون پاڪ ڪتاب تي ويڙهيل ڪپڙي جهڙيون هيون. هن چيو.
”سوچيو هيو توکان هٿ اڌارو وٺي نئين تاريخ لکندس. تنهنجين آڱرين سان لفظ ڇهي ماضيءَ جي چهرن جون ريکائون محسوس ڪري سگهندس. توکانسواءِ هٿ ڪٽيل آهن. آڱريون وڍيل آهن.“ عرشنا هٿ وڌائي سندس چهري کي ڇهيو. وارث محسوس ڪيو عرشنا چهري تي ڪجهه لکيو هجي. سندس آڱرين جي نرم ڇهاءَ چهري جي لڪيرن کي بدلائي وڌو هجي. هو وات لڙڪائي ويٺل هجي ۽ چهري جي زخمن ۾ جيت چرندا هجن.
”تاريخ پڄاڻيءَ کي پهچي وئي آهي.“ عرشنا چيو، ”ان جو آخري صفحو مان آهيان. هر انسان جو پنهنجو چنڊ سج ڏينهن ۽ رات آهي. هر انسان وقت آهي سندس وقت پاڻ سان پڄاڻيءَ کي پهچي ٿو. تاريخ پنن تي رهجي ويل خواب آهي. خواب، ننڊ ۽ موت جو تفاوت آهي.“
عرشنا جا لفظ قديم قلعي جي فصيل تان ڪمانيون ڇڪي اڇلايل زهر ۾ ٻڏل تير هيا جيڪي سندس روح جي گهرائين ۾ لهي ويا.
”عرشنا“ وارث چيو، ”تنهنجي حياتيءَ لاءِ موت جي اکين ۾ دعا گهرندس. موت انڌو آهي. جيڪر تنهنجو چهرو ڏسي ته زندگيءَ تي عاشق ٿي پوي.“
عرشنا مرڪي، سندس ڪنارن ۾ ڦاٿل ڳوڙها ڇڻي پيا. هن جي مرڪ جدائيءَ جي سنهي چير جهڙي هئي.
ڊاڪٽر ڪمري ۾ آيو ۽ عرشنا جو معائنو ڪيو. سندس ڀيڪوڙيل چپ تشويش ظاهر ڪري رهيا هيا.
”ڪجهه دوائون لکيون آهن.“ هن چيو، ”جيڪي عارضي آرام ڏينديون. باقي ٻڌائي چڪو آهيان. جيڪڏهن گهر وڃڻ چاهيو ته وڃي سگهو ٿا.“
ڊاڪٽر هليو ويو. لفظ ڪمري ۾ رهجي ويا جيئن مينهن کانپوءِ ڪمري ۾ سوين کنڀڙيون بلب چوڌاري ڦرنديون هجن. هو الوداع چوڻ کان اڳ اهڙي ويران رستي تي ويٺل هجي جتان صرف هڪ بس لنگهيندي هجي جيڪا اڻ ڏٺل واديءَ ڏي ويندي هجي.
ڊاڪٽر جي هدايت مطابق هن دوائون ورتيو. گهر پهتو ته بند ڪمري ۾ بستر جي دز جاڳي پئي. عرشنا کي سمهاري نرم وهاڻو ڏنو. سندس ڀڪ ۾ اکيون ڦاڙي بي سُڌ ائين سمهي پيو جيئن رانديڪو هجي. هڪ گڏو جنهن چوڌاري عرشنا هڪ ٻار جيان ٻانهون ورائي ڇڏيون.
”موت جو خوف موت کان خوفائتو آهي.“ عرشنا چيو، ”جڏهن ننڍي هوندي هيس ته سئيءَ کان ڊڄندي هيس، لڳندي هئي ته ايڏي عذابناڪ نه هوندي هئي. شايد موت سئيءَ کان سنهو آهي.“
”پوپٽ جنهن جي زندگي چار ڏينهن آهي.“ وارث چيو، ”مونکي هڪ پوپٽ جي زندگيءَ جو مشاهدو آهي. سورج مکيءَ تي ويٺل پوپٽ جنهن جا رنگ چئن ڏينهن ۾ ڇڻي ويا. اڏام کان قاصر ٿي پيو. هڪ بلبل کيس چهنب ۾ وجهي آسمان ڏي اڏامي وئي.“
عرشنا جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو ۽ چيو.
”پوپٽ جي چئن ڏينهن جي زندگي انسان جي سؤ سالن کان بهتر آهي. بي فڪريءَ جو هڪ لمحو صدين تي حاوي آهي. جيڪر تون مان چار ڏينهن رهي ٿوهر جي گلن جو رس پي ريگستان جي واريءَ ۾ بي فڪريءَ جو موت مري سگهون ها.“
هن عرشنا کي سيني سان لائي چپ سندس پيشانيءَ تي رکيا. پيشانيءَ تي سج پئي ٻريو. ڪرڻا اکين ۾ لهندي محسوس ڪيائين. سندس اکيون بند ٿي ويون. عرشنا جو جسم ٽانڊن جهڙو هيو ۽ ٽانڊا رک پئي ٿيا.
رات لڙي چڪي هئي، ڪمرو گرم هيو. ٻاهر سرد هوا جا ڏند کڙڪي رهيا هيا، اها گهر ۾ گهرڻ لاءِ بي چين هيڏانهن هوڏانهن ڦري درين ۽ دروازن جون وٿيون ڳولهي رهي هئي.
وارث لاءِ وڇوڙي جو تصور سنهي تند جهڙو هيو جنهن تي بيٺل هيو. کيس يقين نه پئي آيو ته سندس پيار جنهن جي عمر اڃان ٻار جيتري هئي اهو آڱر ڇڏائي ميلي ۾ گم ٿي ويندو. اندر ۾ اونهي کڏ محسوس ڪيائين جيڪا وجود کان ويڪري، زندگيءَ کان اونهي ۽ اوندهه سان ڀريل هئي. هن کي سيني اندر ساهه اوڌر تي ورتل ۽ ڏاڍا مهانگا محسوس ٿيا. سوچيائين جيڪر ساهه بچائي رکي سگهي. سنڀاليل ساهن کي گلابي ربن ويڙهي عرشنا کي ڏئي سگهي. اها کاڻ ڳولهي ڪڍي جتي زندگيءَ جا ذخيرا موجود آهن. تاريخ جي ورقن مان ٽپي ان ڪمري ۾ داخل ٿي سگهي جتي پراڻي ميز تي زندگيءَ جي ڪتاب مٿان رکيل قلم جي مس سُڪي چڪي آهي. قلم ۾ جسم جو رت ڀري ڪتاب ۾ ٽرميم ڪري سگهي جنهن ۾ حياتيءَ جا انگ مايوسيءَ مان سمهي موت جو انتظار ڪري رهيا آهن.
وارث ياد ڪيو ننڍپڻ ۾ کيس گهرجي اڱڻ ۾ نم تي ويٺل طوطا وڻندا هيا. هن هڪ دفعي اڱڻ ۾ ڪريل طوطو پڪڙيو. طوطي هر هر ڪنڌ ورائي کيس هٿن ۾ چڪ پئي پاتا. هن خوشيءَ مان ٽهڪ پئي ڏنا ۽ چڪن کان دانهون پئي ڪيون. طوطو سندس هٿن مان پاڻ ڇڏائي اڏامي ويو. هو رنو ۽ زندگيءَ ۾ ان طوطي کي وساري نه سگهيو. طوطي کي ياد ڪري عرشنا جي وارن ۾ ائين هٿ ڦيرڻ لڳو جيئن ساوا کنڀ هجن.
وارث ڪمري جي ڀتين کي ڏٺو. اهي ڪتابن جون ٺهيل هيون. ڇت کي ڏٺو، اتي اڪريل چترن ۾ آدم جي آڱر ڪٽيل هئي، سندس سڄي هٿ ۾ چار آڱريون هيون. آسمانن ۾ رب کان آڱر ڇڏائي ڌرتيءَ تي ايندي اها رب جي هٿ ۾ رهجي وئي. آدم آڱر رب وٽ گروي رکي آيو آهي. ڪتابن جي ڀت روشني ۽ اوندهه وچ ۾ سرحد آهي. هن ڀت تي عرشنا جو پاڇو ٺهندي ڏٺو. پاڇي وٽ ڪتابن کي اڏوهي لڳل هئي. اهي خاڪ ٿي ڇڻي پيا. هن ڏٺو عرشنا جي پاڇي وٽ خاڪ ٿي ويل ڪتابن وٽان پري اوندهه ۾ مايوسيءَ جا تارا چمڪي رهيا هيا.
”مونکي معاف ڪجانءِ.“ وارث سُڏڪندي چيو، ”جيڪر مان تو لاءِ ڪجهه ڪري سگهان. اي رمتو ڪشڪول اڌارو ڏي. ڳچيءَ پائي مذهب تاريخ فلسفي ۽ حڪمت جا در کڙڪائي ڪجهه گهڙيون پني سگهان. تاريخ جوچور بنجي ماضيءَ ۾ وڃان ڪنهن ڊگهي عمر واي پيغمبر جون وساريل راتيون گودڙيءَ ۾ وجهي روپوش ٿي سگهان. اي زندگي سڏ ڏي! تنهنجو ديرو ڪهڙيءَ قبر ۾ آهي؟ اي موت اها سيٽي مون حوالي ڪر جيڪا وڄائين ٿو ته زندگيءَ جي رواني رڪجي وڃي ٿي.“
گهر پهچڻ جي چوٿين ڏينهن عرشنا بخار ۾ ٻرڻ لڳي. سندس لڱ تپي باهه ٿي ويا. وارث محسوس ڪيو اهو عرشنا جو آخري وقت آهي. پاڻيءَ جون پٽيون کيس مٿي تي رکيون. عرشنا جون اکيون وڌندڙ وير ۾ ٻيٽن جيان ٻڏنديون پئي ويون. هن هڏڪي ڏني ته ڪائنات جي نڙيءَ ۾ ٿوهر جو ڪنڊو ڦاسي پيو. اڏرندڙ عزرائيل جا پرڇڻي پيا اونڌي منهن ڪنهن تعزيت جي تڏي تي ڪري پيو. عرشنا ڳالهايو ته سندس چپ ڏڪڻ لڳا.
”منهنجو وجود اڪيلائين ۾ سانت جيان رهندو. جڏهن ڏکڻ جي واءُ تنهنجا هٿ ڇهي ته اها مان هوندس. نظر نه ايندڙ پکيءَ جي لات گونجي ته تنهنجن وهمن ۾ هوندس. گم ناميون در کڙڪائين ته ڪڙي تي نشان هوندا. تنهنجي سيني ۾ دفن ٿي يادن ۾ جيئري رهندس.“
عرشنا جي ڳالهين تي وارث جي وجود جو وزن هلڪو ٿي ويو. پاڻ کي عرشنا جي هٿ جو سهارو ڏنو. رنو ۽ هٿ تي ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو.
”توکي مرڻ نه ڏيندس“ وارث چيو، ”قديم دنيا جي تاريخ عظيم ديوتائين سان ڀري پئي آهي. خدا جي عظمت جا نشان راهه جي هر پٿر تي اڪريل آهن. پيغمبر ولي اوتار آزارن ۾ ورتل انسانن جي هجوم اندر پنهنجي شفا جا هٿ جهلي بيٺل آهن. مونسان هل تاريخ جو سفر طي ڪر. جتي ڪجهه نه آهي اتي هو آهي. غيب انهن لاءِ آهي جن اکيون ٻوٽيون. جن کوليون تن لاءِ ائين آهي جيئن ڪائنات جي قلعي جو دربان. مان مايوس نه آهيان. عرشنا اٿ! در ٻاهران جيڪو رٿ کڙو آهي ان جي مسافت تاريخ جي اهڙن دروازن ڏانهن آهي جيڪي هڪ ٻئي پويان کلن ٿا. رٿ جي پائيدان تي خاڪ شفا جي اپسرا جي قدمن جي آهي جنهن جا نيڻ ناسورن جو علاج آهن.“ عرشنا جي آهه نڪري وئي.
”پير پٿون آهن.“ هن چيو، ”هلڻ جي سڪت نه آهي. تاريخ جي ادوارن جا اوتار اڳتي نڪري چڪا آهن. سڀ ولي وڃي چڪا آهن. ڪي نبي نظرنه اچي رهيا آهن. خدا خوديءَ ۾ فنا ٿي چڪو آهي. جنهن کي ڳولهڻ چاهين ٿو اهو ڪلهن تي سوار آهي. ڪنارن تي بيابانن کانسواءِ ڪجهه نه آهي. دل جي چراگاهه جا سڀ هرڻ مري چڪا آهن.“
هن عرشنا کي سهارو ڏئي اٿاريو ۽ پاڻيءَ جا ٻه ڍُڪ ڏنا.
”همت ڪر.“ هن چيو، ”توکي ٻانهن ۾ کڻي تاريخ جو سفر طي ڪندس. ڪائنات جي وجود تائين وٺي هلندس. تاريخ جي هر پيغمبر جي چائنٺ چمندس. خدا ۽ ديوتائن کان تنهنجي لکيل حياتيءَ ۾ ترميم ڪرائيندس. تنهنجي وجود جو نئون آئين لکرائيندس ۽ نئون نظريو جوڙائيندس. هل... تاريخ ڪميت گهوڙي جيان ڀڄندي پئي وڃي. اچ روشنيءَ جي رفتار سان وقت کي مات ڏيون.“
عرشنا سندس ٻانهن ۾ ڍرڪي پئي. هن کيس سهارو ڏئي سمهاريو. منهن تان وارن کي هٽايو. گرم ساهن کي آڱرين تي محسوس ڪيو. وارث ڀتين کي نهاريو اهي اکيون ڦاڙي عرشنا کي ڏسي رهيون هيون. ڇت جون اکيون ڏک کان بند هيون. سانت سڏڪي رهي هئي. بستر جي کٻي پاسي الميو ڪنهن انتظار ۾ بيٺل هيو. رات گهر مٿان ازدها جيان رڙهي رهي هئي جنهن جي جسم تي ستارن جهڙا چٽ هيا. هو عرشنا جي ڀڪ ۾ سمهيو سندس ٻانهن کي سيني سان ورائي سوچڻ لڳو. شايد اها ڪائنات جي آخري رات آهي. ڪائنات انجام کي پهچڻ واري آهي. جيڪو سج اوجهل ٿي چڪو آهي نظر نه ايندو. آسمان ۾ دکندڙ ٽانڊن جهڙا ستارا پنهنجن ڳوڙهن ۾ وسامي رک ٿي ويندا. کڙيل چنڊ اگهور ننڊ ۾ ٻُڏي ويندو. اها قيامت جي اڻ کٽ رات آهي. ڊگهي رات جنهن ۾ ڪائنات جي تاريخ جي طوالت آسانيءَ سان سمائجي ويندي. هو سوچيندو رهيو پوءِ کيس عرشنا جي ٻانهن ۾ ننڊ اچي وئي.
سيني تي محسوس ٿيندڙ عرشنا جا گرم ساهه خواب ۾ ائين ڏسي رهيو هيو جيئن پيرين اگهاڙو ريگستان ۾ بيٺل هجي. لڪ سندس جسم سان ٽڪرائجي رهي آهي. هن ڀرسان بيمار عرشنا بيٺل آهي ان جا چپ خشڪ ٿي ڦاٽي پيا آهن. هن ڏٺو ڪو قافلو تاريخ جو سفر ڪندو اڳتي وڌندو پيو اچي. هو عرشنا کي ساڻ وٺي قافلي پويان ائين هلڻ لڳو جيئن وڃائجي ويل زندگيءَ جي ڳولها ۾ نڪتو هجي.