ناول

قالوبلا

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ جو ٻيو ناول آهي. هو لکي ٿو:
”هيءُ ناول موت جي تاريخ آهي. هن جو وقت جي تاريخ سان ڪو واسطو نه آهي. هن ناول جا تاريخي واقعا ڪردار جي گهرج مطابق گهـڙيل آهن. اميد ته تاريخدان هن ڪتاب کي ناول سمجھي پڙهندا. “
  • 4.5/5.0
  • 2440
  • 955
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قالوبلا

5

رات ايڏي ڊگهي نه هئي. ويڙهيل ڌاڳي جيان هئي. اهي عرشنا جا آخري پساهه هيا. سندس زندگي ڪنهن ڏاهي جي گفتگوءَ جيان مختصر هئي ۽ ڪنهن حور جي رئي جهڙي نرم. هوءَ وارث جي سيني سان لڳي جڏهن ساهه کڻي رهي هئي ته سندس هر ساهه ڳڻجي وقت جي خاتمي جو اعلان ڪري رهيو هيو. ان اوچتو ڇرڪ ڀريو. ڇرڪ تي وارث جي خواب جون اکيون کلي ويون. ”ڇا تو خواب ۾ زندگي ڳولهي لڌي؟“ وارث سوال ڪيو، ”زندگي ايڏي خوفائتي ته نه آهي؟“
”ڇا خوف زندگيءَ جي نشاني نه آهي؟“ هن عرشنا جو آواز ٻڌو. سندس دل رُڃ ۾ ڀڄندڙ هرڻ جي قدمن جيان ڌڙڪي رهي هئي. عرشنا جو آواز وري اڀريو.
”مون ڏٺو تاريخ ڊگهي ازدها جيان ڌرتيءَ جي چيلهه کي ويڙهيل آهي. تاريخ ظالم آهي جابر آهي. تلوار جي نوڪ سان لکيل آهي. تاريخ کان رحم گهرڻ رمتوءَ جو بادشاهه کان تاج گهرڻو آهي. شايد منهنجو علاج تاريخ جي ڪنهن به باب ۾ موجود نه آهي. تاريخ جي قافلي جي ڪنهن به پيغمبر ولي، اولياءَ، بادشاهه ۽ سپهه سالار وٽ نه آهي. مان تاريخ جو لاعلاج ناسور آهيان. ڇڳل وقت جي زنگ لڳل زنجير جي نامڪمل ڪڙي آهيان. زندگيءَ جي جهنگ ۾ حياتيءَ جو دڳ وڃائي ويٺل واءُ آهيان. اهڙي صدا آهيان جنهنجي پڙاڏي جو ورناءُ واپس نه پهتو آهي. تنهنجو سڏ آهيان جيڪو توکي پڪاري ٿو. منهنجو ڇرڪ اوندهه ۾ اوچتو تنهنجي ڪلهي تي رکيل منهنجي هٿ جهڙو آهي.“
وارث عرشنا جي اندر جو آواز ٻڌو. ۽ تاريخ جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهجي ويو. ظاهر ٿيو ته هو پٿر جو شهر هيو. بابل هيو. نينوا هيو. دجلا هيو. فرات هيو. آرمينيا جي پهاڙن جو وهندڙ روڳ هيو. هن ڏٺو نمرود هڪ جبل تي بيهي احڪام ڏئي رهيو هيو. سندس هر حڪم قانون هيو. لفظ بت تراشيندڙ هٿوڙا هيا. ايوانن جي ستونن جا بنياد هيا. اهي شهوت ۾ ٻڏل تهذيب جي ٻانهن جون چوڙيون هيا. لفظ ڇڙواڳ حاڪم جا بي ربط محڪوم غلام هيا. لفظ بي جان ڪليسائن جي قبن جهڙا اگهاڙا ارهه هيا. هڪ حاڪم جنهنجي آڱر جي اشارن سان شهر جون عمارتون گوڏن تان اٿي بيهي رهيون. واري پاڻيءَ ۾ بدلجي وئي. سمنڊ سراب ۾ بدلجي ويا.
جڏهن نمرود خدائيءَ جو اعلان ڪيو ته وارث عرشنا جي حياتي گهري.
”اي آڱر جي ضرب سان پٿر تي چٽسالي ڪندڙ گناهگارن جي ديس جا مجسما ساز، اي دجلا ڪناري اڏيل محڪومن جي شهر جا لافاني خلقڻهار، تنهنجي خدائيءَ جو اقرار ڪيان ٿو. رب مڃيان ٿو. سجدو ڪيان ٿو. حمد پڙهي تنهنجي پٿر کي پوڄيان ٿو. نوڙي عرض ڪيان ٿو. عرشنا آخري پساهن ۾ آهي. ڪجهه گهڙين جي مهمان آهي، ان بنا جيئرو نه رهي سگهندس کيس شفا ڏي. حياتي عطا فرماءِ. زندگي ڏي.“
نمرود هٿ جو اشارو ڏنو. هڪ اڌ اگهاڙي عورت دربار ۾ ظاهر ٿي سندس وار جيئرا نانگ هيا ۽ عاج جا هٿ هاٿيءَ جي ڏندن جهڙا. پيٽ اندر چيلهه سنهي اها حبش جي بکايل عورت جهڙي خوبصورت هئي. کلي ته سپ اندر موتي چمڪيا. نمرود ڀرسان هڪ ٻئي جلترنگ وڄائيندڙ عورت جون آڱريون ائين هلڻ لڳيون جيئن ڦتڪندڙ مڇيءَ جا ڇلڙ لاهينديون هجن. اڌ اگهاڙي عورت نچندي وارث ڀرسان آئي. وارن جا نانگ ڦڻ ڪڍي سندس وجود کي ڏنگڻ لڳا. زهر رڳن کي وڍيندو وجود ۾ ڊوڙڻ لڳو. رڳون بي ترتيب لڪيرن ۾ تبديل ٿي ويون. وجود سڪل لام جهڙو هيو جنهنجي شاخن جاپن سڙيل هيا. وارث لاش هيو. شر جو لاش. هڪ بي جان بت. ان ديول جو بت جنهن جي درٻاهران توحيد پرست يونس انسان جي مقدر تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هيو. هو خواب مان جاڳيو ته ان جهڙو سهانو خواب ڪوبه نه هيو. هو ثابت هيو سالم هيو. هوا باهه پاڻي هيو. اهڙي روشني هيو جنهن اندر ڪجهه نظر نه ايندڙ هيو.
هو اٿيو ۽ نينوا جي تاريخ جي اهڙي در تي پهتو جتي حرم ۾ بادشاهه سراقس عورتاڻا ڪپڙا اوڍي سُٽ ڪتي رهيو هيو. ان جا انداز سندس ستر محبوبائن جهڙا هيا. لڇڻ لاتعداد معشوقائن جهڙا هيا. اهو ملڪ نه هلائيندو هيو، حرم هلائيندو هيو. چوندو هيو. ”مرڻ کان اڳ زندگيءَ جا چار ڏينهن سهڻن جي زلفن ۾ دفن ٿي گذارجن.“
حرم جي عورتن سان ايڏو ته مانوس هيو جو انهن جهڙا انداز اختيار ڪري تخت تي ويهي حڪم هلائيندو هيو. زنانا ڪپڙا پائيندو هيو ۽ وڏا وار کيس چيلهه تي لڙڪندا هيا. چپن کي سرخ ڪري محبوبائن جا ڳل چمندو هيو ۽ هر شڪست تي ڪجلارين اکين سان روئندو هيو. ان جا ڪنگڻ ششخارجي برج تي رکيل ڳاڙهي پٿر جي ديوين جي امانت هيا. ڳلي جو نوَ لکو هار انهن جوتشين جي سوکڙي هيو جيڪي کيس ستارن جون خوشخبريون ٻڌائيندا هيا.
وارث سراقس جي حرم جو خواجا سرا هيو. محبوبائن جو خادم هيو. نينوا جو شهر ڪنوار جيان هيو. اهڙي گهونگهٽ جيان هيو جنهن ۾ بند ٻه اکيون شرم انگيز خواب ڏسي رهيون هيون. شهر جيڪو عيش جي پاروٿن گلابن سان ڍڪيل هيو. شهر جيڪو نازڪ ويڻين ۾ پاتل گجرن جي ڪومايل رابيلن جي اداس خوشبوءِ ۾ وهنتل هيو.
هو سراقس جي محبوبائن جي ڊگهن وارن ۾ ڦڻي ڏيندو هيو ته محل ۾ سُرندي جو آواز گوجندو هيو. مرمرين جسمن کي وهنجاريندو هيو ته پاڻيءَ ۾ سون وهندو هيو. وارث جا هٿ جسمن جي گهنجن جون لڪيرون مٽائي ڇڏيندا هيا. اهي جوانيون بخشيندا هيا. خوبصورت نينوا جي برج تي اڪريل مورتين جهڙيون لازوال جوانيون. اڻ مٽ ۽ لافاني مرڪ سان ثبت ٿيل عظيم تخليقون.
سراقس هڪ ڀيري حرم ۾ زنانا ڪپڙا پائي ڀرت ڀري رهيو هيو ان خوش ٿي وارث کي ڀرسان ويهاريو.
”مان تومان ڏاڍو خوش آهيان.“ سراقس چيو، ”تون منهنجي حرم جو اهڙو مالهي آهين جنهن گلن جي تازگي برقرار رکي.“
وارث جيڪو خواجا سرا هيو جنهن جا جذبا آرمينيا جي جيلن جهڙي برف ٿي چڪا هيا. ان جي زبان ڪاغذ ۾ بدلجي وئي. هن ڳالهايو نه چپ رهيو، کيس خاموش ڏسي سراقس وري چيو.
”اي خواجا سرا چاهين ته محل جي تهه خاني ۾ رکيل ٽجوڙي کولي ويڙهي رکيل مردانگي تو حوالي ڪيان. چاهين ته توکي جنس جي جستجوءَ ۾ بي قرار ڪري حرم مان آزاد ڪيان.“
وارث ڪاغذ جهڙي ڏڪندڙ زبان هن آڏو ڪئي. اتي ڪي لفظ لکيل هيا. عرشنا جون نانءُ لکيل هيو. چهرو اڪريل هيو. شفا جي التجا هئي.
سراقس ڀرت ڀريندڙ سئيءَ سان ڪاغذ جهڙي زبان ۾ سوراخ ڪيا. لاتعداد سوراخ جن ۾ زخمي لفظ ڏسجي رهيا هيا. شڪست کاڌل لشڪر جي مئل سپاهين جهڙا لفظ جن جون ٻانهون الڳ هيون. سرڪٽيل هيا. پير وڍيل هيا. سراقس اهڙي عمل سان لفظ اندوز ٿيو. ڪاغذ جهڙي زبان ۾ سئي وجهڻ سان لڪيل جنسي جذبن جو پورائو ٿيو. وارث گگ جيان گونگا لفظ ڳاڙيندو وٺي ڀڳو ۽ بابل پهچي دانيال کي دانهن ڏني.
”اي دانيال“ هن ڳالهايو ته سور ڌاڳي جيان سندس وات ۾ وچڙيل هيو. ”گناهن جي شهر ۾ ڀٽڪيل باز جيان محلاتن جو اڇلايل پاروٿو گوشت کائي بيزار ٿي چڪو آهيان. مون ڪئي دفعا ڪوئي جي روپ ۾ رات جو نڪري بادشاهن جي پيالن ۾ ڇڏيل شراب جي اوڀر پيتي آهي. هڪ گلر جي روپ ۾ عطر سان ڀريل انهن حوض ڪنارن تي ويهي پڇ لوڏيو آهي جن مان گناهگار جسم وهنجي ٻاهر نڪتا آهن. سج جي پرستش ڪئي ته دڳ ڏيکاري راهه روشن ڪري. سج چيو, ”اڃا دڳ خلقيا نه ويا آهن. رستا گهڙيا نه ويا آهن. اڃان راهون رستن ۾ آهن. منزلون پنهنجين منزلن کي نه پهتيون آهن. مان مايوس آهيان. زخمي آهيان. اي نبي سامهون ديوارن تي تحريرون اڀري مستقبل جو ڏس ڏين ٿيون. توکي الهام حاصل آهي. ايندڙ وقت جي ڄاڻ آهي. مستقبل تنهنجي ڪن ۾ سرگوشي ڪري لنگهي ٿو. مونکي ٻڌاءِ. عرشنا جو موت ڪيترو پري آهي. ڇا ان ۽ عرشنا وچ ۾ ايتري وٿي آهي جو مان سمائجي سگهان؟ وقت کي وهائڻ لاءِ آڱرين جي وچ جي وٿي ڪافي آهي. هم خيال جي من ۾ راز بغل جي لاتعداد وارن جيان سمائجي سگهندا آهن. اناج جا ٻوٽا سٿرن وچ ۾ جنم وٺندا آهن. پير هيٺان ڪنڊي جهڙو ڪک عذابناڪ آهي. بي وفا عورت جي جسم جي خوشبوءَ ۾ نڪ ٽانڊن تي رکيل گوشت جيان سڙندو آهي. اي نبي مان فلسفي نه آهيان. تاريخ جو وڃائجي ويل اهڙو واقعو آهيان جيڪو پنهنجو مقام ڳولهي ٿو. منهنجي پيشانيءَ تي هٿ رک ۽ ٻڏندڙ سوچن کي ڪنارو ڏي. سوچن جا وار ايڏي ته وڏا آهن جو ڏک انهن ۾ پکين جيان لڪن ٿا. ماضيءَ کان بچاءِ ۽ مستقبل ڏي. حال جي وجود کي پاڙان پٽي پري اڇل جيئن هاڃن کان محفوظ رهون. اي پيشنگوئيون ڪندڙ مستقبل ۾ ترميم ڪر جيئن عرشنا جيئري رهي. سندس حياتيءَ جي صفحي تان موت کي ميسار جيئن امر ٿي وڃي.“
دانيال دعا لاءِ هٿ نه کڻي سگهيو سندس هٿ زنجيرن ۾ بند هيا. هو ڪنعان جو قيدي هيو. بخت نصر جي تخت هيٺ ويٺل ڏاهو غلام هيو جنهن جون اکيون محل جي ڀت تي اڀرندڙ الفاظ پڙهي رهيون هيون. بابل جو بادشاهه بخت نصر جنهن ڪنعان جو هڪ سال محاصرو ڪيو. فتحياب ٿيو ته يهودي بادشاهه صدقيا جون اکيون ڪڍي عقابن کي کارايون. ڳڀا ڳڀا ڪري ڪتن کي ڏنو. هن جي پٽن جا هڪ هڪ ڪري قتل گاهه ۾ سر قلم ڪيا. مصر فتح ڪئي ۽ فرعونن کي احرامن ۾ آباد ڪيو. بابل جنهن بخت نصر جو عروج ڏٺو. بابل جيڪو دنيا جي طاقت جو محور هيو. جنهن چوڌاري قلعي جي ڀت ايڏي ويڪري هئي جو چار رٿ گڏ هلندا هيا. شهر جي وچ ۾ اڏيل بعل جي مندر جي نغارن جي آواز تي فرات جي پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ٿينديون هيون.
ڪنعان جو قيدي دانيال جنهن جا هٿ زنجيرن مان آزاد ٿيا ته عرشنا لاءِ دعا نه گهري سگهيو، سندس هٿ سائرس جي ڊگهي ڄمار لاءِ اٿيا. بخت نصر مئو ته ان جا هٿ تاراج شهر جي مقدس مٽيءَ سان ميرا هيا. مئل اکيون پاڻيءَ سان ڀريل هيون جن ۾ ڦتڪندڙ روح مڇيءَ جيان تري رهيا هيا.
بخت نصر کانپوءِ بابل جي باغن ۾ ڦوهارن مان شراب وهندو هيو. ٻوٽن ۾ گلابي بدن ڦٽندا هيا ۽ نرگس جون اکيون شرم کان ٻوٽيل هونديون هيون. بعل جي مندر مان اٿندڙ سنک جي آواز تي سندريون سگهاري بت اڳيان ڇاتيون کولي نچنديون هيون. گهر گهر ۾ گُھگُھرن جا آواز گونجندا هيا. گهٽين ۾ فاتح لشڪر جا مدهوش سپاهي ڳچيءَ ۾ گناهن جا گهنڊ وجهي مست هاٿين جيان گهمندا هيا. چاهت جي چڪلن جا در کليل هيا ۽ بيوفائيون معنى وڃائي ويٺيون هيون. اهو بابل ۾ بليئرز جو دور هيو. دانيال گناهگارن جي هجوم ۾ ڀت تي پوندڙ اگهاڙن پاڇن جي وچ ۾ اڀرندڙ تحريرون پڙهي رهيو هيو ”هيءُ فنا... هو فنا... سڀ فنا.“
دانيال جون اکيون سائرس کي ڏسي رهيون هيون. فارس جي وسيع ميدانن ۾ ٻرندڙ سج هيٺان چمڪندڙ تلوارون جن جا تجلا اقباطنا جي پهاڙين تي جرڪي رهيا هيا. ليڊيا جا پهاڙ جيڪي سون سان سٿيل هيا. پڪتولوس درياهه جي واري جنهن ۾ سونا ذرا اڌوهيءَ جي سائرس جي ڪارن وارن ۾ اڇن جيان جرڪي رهيا هيا. ڪريمسوس جيڪو سونين وادين جو حڪمران هيو. وقت جو سڀ کان وڏو سرمائيدار جنهن جي گهوڙن کي سون جا نعل لڳل هوندا هيا. دانيال جنهن جون اکيون سولن کي ڏسي رهيون هيون. ڪريمسوس جو يوناني غلام. وقت جي ڏاهي بي باڪ ڪريمسوس پنهنجي غلام سولن آڏو سون جا انبار لڳائي پڇيو.
”اي سولن ٻڌاءِ دنيا جو وڏو ماڻهو ڪير آهي؟“
ڪريمسوس سمجهيو هو هن جو نالو وٺندو پر سولن وراڻيو، ”يونان جو اهو امن پسند بادشاهه جيڪو ملڪ جو دفاع ڪندي ماريو ويو.“
ڪريمسوس وري هن کان پڇيو، ”ڀلا ٻڌاءِ ان يوناني حڪمران کانپوءِ ڪير وڏو؟“
”يونان جا اهي پٽ.“ سولن چيو، ”جن ماءُ جي خدمت ڪئي کين ماءُ جنت جي بشارت ڏني. اهي ليٽيا ۽ عقيدت مان سندن روح پرواز ڪري ويو.“ ڪريمسوس کي سولن تي حيرت لڳي.
”ته ڇا هيڏي دولت هوندي منهنجو ڪو رتبو نه آهي؟“ هن پڇيو.
”جيڪو دولت تي فخر ڪري ۽ عيش ۾ مسرور هجي تاريخ ان جو قدر نه ڪندي آهي.“ هن جواب ڏنو.
سائرس سارڊيس تي قبضو ڪري ڪريمسوس کي قيد ڪيو. کيس زنجيرن ۾ جڪڙي چکيا تي چاڙهڻ جون تياريون ڪيون ويون جڏهن سپاهي ڪريمسوس کي زنجيرن کان پڪڙي اوڙاهه ڏي ڇڪڻ لڳا ته کيس سولن جو قول ياد اچي ويو. ان رڙيون ڪيون.
”سولن... سولن... اڙي او سلن.“
رڙيون سائرس جي ڪن تي پيون ته سپاهين کي حڪم ڏنائين، ”ڪريمسوس کي هن سامهون پيش ڪيو وڃي.“
زنجيرن ۾ جڪڙيل ڪريمسوس سائرس سامهون پيش ٿيو ته هن کان رڙين جو سبب پڇيو. ڪريمسوس کيس سولن سان ڪيل گفتگو ٻڌائي ۽ چيو، ”سولن سورهن آنا سچ چئي رهيو هيو جيڪو عيش ۾ مسرور آهي تاريخ ان جو ڪو قدر نه ڪندي.“
سائرس هن کي معاف ڪيو ۽ کيس عهدو ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو.
سائرس آتشڪدي اڳيان ائين جهڪيل هيو جو هر شعلو سندس پيشانيءَ تي پگهرجي بوندن ۾ ڀڙڪي رهيو هيو. چپ سورج ديوتا جي ذڪر ۾ محو هيا. سندس بند اکيون بابل جي گهٽين ۾ گهمي رهيون هيون ۽ ڪن گناهن جا گهنڊ ٻڌي رهيا هيا. بابل جو بادشاهه بليشرز چانديءَ جي پيالي ۾ مڌ اندر خوبصورت عورتن جون آڱريون ٻوڙي پي رهيو هيو. دانيال ٻرندڙ ڀتين تي الهامي تحريرون پڙهي رهيو هيو. جڏهن اها تحرير اڀري جنهن ۾ بابل جي زوال جو ذڪر هيو. بليشرز وٽ ويو ۽ چيائين،
”اي بادشاهه تنهنجو وقت پورو ٿيو. اي بي رحم بخت نصر جا بابل اڄ آزاديءَ جو ڏينهن آهي.“
سائرس آنڌيءَ جيان بابل ۾ داخل ٿيو. آنڌي هلڪي ٿي ته سڀني ڏٺو هر شيءِ مٽيءَ ۾ دفن ٿي چڪي هئي. بليشرز جي مُنڍي سندس قبر جي سيرانديءَ کان کتل نيزي جي نوڪ تي رکيل هئي. هزارين سپاهي اجتماعي چکيا تي چڙهي رهيا هيا ۽ دونهون گناهگارن جي جسم مان ديو جيان عرش ڏي اڏامي رهيو هيو. بابل فنا ٿي ويو. گهگهرو خاموش ٿي ويا. مَڌ جا مَٽ ٽٽل دلين جيان ڀڄي پيا. قلعا ڪري پيا. باغ ويران ٿي ويا. وچ شهر مان لنگهيندڙ فرات جو پاڻي رت سان رنگجي ويو. عشرت جون سڀ رنگينيون وقت جي واءُ ۾ ڌنڌليون ٿي ويون. چپن جون چميون زخم بنجي رت ڳاڙڻ لڳيون. سڀ ٽهڪ گهاءَ بنجي ويا. ڀاڪرن جون ٻانهون ڪٽجي ويون. ڌڙڪندڙ دليون مندر جي ناد جيان ڦاٽي پيون رات جي گود جون سڀ تمنائون وساميل چلهن جيان سرد ٿي ويون پر بعل جي مندر ۾ رکيل پٿر جي ديويءَ جي چپن تي ساڳي مرڪ هئي.
سائرس غلامن کي آزاد ڪيو. ڪنعان جي قيدين جون پير ڪڙيون کولي الڳ ڪيون ته وارث کيس التجا ڪئي.
”اي آزاديءَ جي قافلي جا اڳواڻ. عرشنا جي پيرن جا زنجير کول، موت جا زنجير جيڪي کيس اونهي کاهيءَ طرف گهلي رهيا آهن.“
سائرس ٻوڙو هيو. اهي الفاظ نه ٻڌا. سائرس ماضيءَ جي رستي تي ايڏو ته ڏور هيو جو وارث جي التجا جا آواز اڌ رستي تان پڙڏاڏا بنجي هن کي چڙائڻ لڳا. وارث خيالن جي آکيري ۾ ويٺل پکيءَ جو پاڇو هيو. هو چهنب هيو جنهن ۾ جوئر جي داڻي جيتري اميد ڦاٿل هئي.
سائرس سڀ زنجير کوليا. عرشنا جا زنجير سندس آڱرين جي پهچ کان پري هيا. هن بني اسرائيل کي ارض مقدس واپس وڃڻ جي اجازت ڏني. يوشع کي چيو، ”واپس وڃ ۽ هيڪل سليمانيءَ جي ٻيهر تعمير ڪر.“
دانيال نبيءَ هن کي دعا ڏني، ”اي ڌنار جا پٽ شل ڌڻي تنهنجي ڌڻ کي محفوظ رکي. سپاهين کي سلامت رکي. اهي طاعون کان محفوظ رهن. بيمارين جو منهن نه ڏسن. رب توکي ڊگهي ڄمار ڏئي.“
جڏهن دانيال سائرس کي دعا ڏئي رهيو هو ته وارث دعا لاءِ کنيل هٿن جي پاڇي هيٺ بيٺل هيو. وارث روئي رهيو هيو. هن جي روئڻ کان آواز موڪلائي ويو هيو سندس سڏڪا فرات ڪناري نمرود جي برج کان هڪ ٻئي پويان دجلا ۾ ڪري آپگهات ڪري رهيا هيا. هن جي اکين جي ڳوڙهن کي ڪنهن اک نه ڏٺو. وارث فرات جي پاڻيءَ تي چمڪندڙ سج ڪرڻن ۾ بابل جي ڀتين تي لڏندڙ اولڙو هيو.
دانيال نبيءَ وارث جو روئڻ نه ٻڌو. آواز نه ٻڌو. جنهن ۾ عرشنا جي عمر جي سين سمايل هئي. آزارن جو احوال سمايل هيو، سندس بيمارين جو قصو شامل هيو. هڪ التجا هئي. هڪ آهه هئي.
دانيال سائرس کي ڊگهي عمر جي دعا ڏني. اهو 90 سال جيئرو رهيو. عرشنا زندگيءَ جي ڏاڪڻ جي ٻاويهين ڏاڪي تي ڪنڌ جهڪائي ويٺل هئي. اها ٿڪل هئي، کيس مٿي چڙهڻ جيتري قوت نه هئي. سندس منهن جو رنگ توريت جي پراڻن پنن جيان پيلو هيو.