3
”اي تهذيبن جا فاتح.“ وارث چيو، ”موت کي شڪست ڏيندڙ بهادر سردار. محل جي ميخاني ۾ سنگ مرمر جي صراحيءَ مان ٻه ڍڪ مڌجا ڏئي ته عرشنا جي چپن تي رکي سندس سرخي واپس ڪري سگهان. گهوڙي جي چيلهه سان ٻڌل گودڙيءَ مان انسانن جون ٻوٽيون ٿالهه ۾ وجهي ڏي ته عرشنا جي وجود جي مرمت ڪري سگهان. تنهنجي جتيءَ ۾ اڃا مصر جي مٽي لڳل آهي. ڪلهن ۾ اڃان قلوپيٽرا جي ساهن جي خوشبوءِ مهڪي ٿي. هٿن جون مٺيون کول ته ڦاٿل رنگ اڏامي عرشنا جون اکيون روشن ڪري سگهن. اي ارڏا انسان، ٻانهون اڌاريون ڏي ته عرشنا جي روح جي حفاظت ڪري سگهان. تلوار حوالي ڪر ته ان واڍ کي وڍي وجهان جنهن ۾ عرشنا لڙڪي ٿي. انهن زنجيرن کي ڪٽي وجهان جن ۾ روح قيد آهن.“
جوليس سيزر کيس حيرت مان ڏسندو رهيو جيئن هو به خواب ۾ محو هجي. اوچتو سج اڀريو. بت جي پاسن کان مقدس باهه اجهامي وئي. روشنيءَ ۾ پٿر جو شهر نروار ٿيو. سينيٽ جي ستن پاون تي بيٺل عمارت ظاهر ٿي. اڳيان هڪ چوراهو هو جتي بروٽس چوڏهن ساٿين سان خنجر ٻاهر ڪڍي سيزر جي وجود کي چيري هيٺ ڦِٽو ڪيو. مرڻ کان اڳ سيزر بروٽس ڏي منهن ڪري افسوس مان چيو.
”بروٽس تون به؟“
هن ويڙهيل چادر منهن تي ڏني ۽ مري ويو.
سيزر جو موت ڏسي وارث سوچيو. جيڪو پنهنجي حياتي نه بچائي سگهيو. عرشنا کي موت کان ڪهڙي پناهه ڏئي پئي سگهيو. هن پري کان مرداني وجاهت واري انٿونيءَ کي ڏٺو. اڌ اگهاڙي ورديءَ مان سندس ڄنگهن جا سٿر ديوتا جي بت کي سهارو ڏئي بيٺل پاون جهڙا هيا. ان جي تلوار مياڻ اندر سيزر جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ عاشق جي دل جيان بي قرار هئي. هو سمنڊ ڪناري ان قلوپيٽرا جو استقبال ڪرڻ وڃي رهيو هيو جيڪا سيزر جي اڌ بستر جي مالڪ هئي. قلوپيٽرا جيڪا اسپيني قالين ۾ ويڙهيل حبشي واپاريءَ جي ڪلهي تي رکيل لڪيل حسن جو اڻ ڏٺل جلوو هئي. قالين مان نڪتي ته جولس سيزر جي شهوت ڇرڪ ڀري جاڳي پئي. هن قلوپيٽرا جي ٻنڊڻن تي سڀني فتحن کي قربان ڪري ڇڏيو.
قلوپيٽرا کي بي درديءَ سان قتل ٿيل سيزر جو ايترو ڏک نه ٿيو، جيتري خوشي انٿونيءَ جي وصال مان حاصل ٿي.
قلوپيٽرا جي جسم تي انٿونيءَ جي چمين جا نشان چاٻيءَ جي سوراخ جهڙا هيا جتي بند دروازي پويان شفا جي ديوي مالها پائي ويٺل هئي. وارث چمين جي نشانن ۾ شفا جا دروازا ڳولهيا. هن ڏٺو قلوپيٽرا جي اگهاڙي ٻانهن تي بازو بند جيان هڪ ننڍو نانگ ويڙهيل هيو. نانگ جون اکيون کليل هيون. اهي اکيون اسڪندريا جي اوچي قُبي تي ٺهيل شمعدان مان بلند ٿيندڙ روشنيءَ ڪري پيدا ٿيندڙ انهن عڪسن کي ڏسي رهيون هيون، جيڪي انٿوني ۽ قلوپيٽرا جا هيا. تيز ساهن جا آواز جيڪي طوفانن کان گهٽ نه هيا جن ۾ اٿندڙ لهرن ڪري حملي آورن جا ٻيڙا ٽٽي اونڌا ٿي ويندا آهن.
اسڪندريا جي ويران محل ۾ جڏهن شڪست يافتا انٿوني مڏي تلوار زور سان سيني ۾ لاهي آپگهات ڪيو ته وارث ڊڪندو اهي ڏاڪڻيون چڙهيو جيڪي قلوپيٽرا جي اڳواٽ اڏايل عاليشان مقبري طرف وڃي رهيون هيون. اتي پهتو ته ڏٺو اداس قلوپيٽرا جا اڇا ڪپڙا ڪاحل سمنڊ جي واءُ ۾ ڪرڙيءَ جي ڪَٽيل پُڇ جيان ڦتڪي رهيا هيا. هن اڳتي وڌي قلوپيٽرا کان اهو نانگ گهريو جيڪو کيس ٻانهن ۾ ويڙهيل هيو.
”تنهنجي سونهن جي درياهه ۾ زندگي تري ٿي.“ هن چيو، ”تنهنجون اکيون حياتيءَ جي ڀوري بدن تي ٻه ڪاراتر آهن. تنهنجن ڳاڙهن چپن جو چير موت جي وجود تي خنجر جو گهاءُ آهي.“
قلوپيٽرا اداس هئي. مٿان مقبري مان اسڪندريا جي اڳيان ڪاحل سمنڊ جون پرجوش ڇوليون ڏسي رهي هئي. شيشي جهڙي سمنڊ ۾ آسمان جو چهرو ڀڳل هيو. قلوپيٽرا تي وارث جي تعريف جو ڪو اثر نه ٿيو. مقبري جي ونگ کان ڏور آسمان جي آخري لڪير جي ٻئي طرف جهازن جا لهرائيندڙ سڙهه ڏسي رهي هئي. وارث وري ڳالهايو.
”اسڪندريا جي گهٽين ۾ اهي افواهون آهن ته تنهنجي ٻانهن ۾ ويڙهيل ننڍڙي نانگ جي ڳلي ۾ جيڪا مڻ آهي اها مرندڙ کي زندگي عطا ڪري ٿي. عرشنا جي بستر جي کٻي پاسي موت ڪاري چادر ۾ منهن ڍڪي خاموش بيٺل آهي. اهو نانگ ڏي ته آستين ۾ وجهي موت سان هٿ ملائي ان کي ماري وجهان.“ قلوپيٽرا جي ڪارين اکين مان ڳوڙها هٿن تي ڪريا ۽ ڪجل ڪاريهر جيان هٿن تان هيٺ رڙهڻ لڳو. سندس ساهيڙيون اڳتي وڌيون. قلوپيٽرا جي مدد ڪئي. بازو بند جهڙو نانگ ڇوڙي کيس ڏنگرائي وڌو. ڏنگ وٽان ظاهر ٿيندڙ زهر جو سائو ڳوڙهو ابليس جي اڱڻ ۾ لڳل گناهن جي وڻ مان ڇڻيل پن جهڙو هيو.
قلوپيٽرا مري وئي. عرشنا جيئري هئي. وارث هڪ خواب جهڙو هيو. سنڌو ماٿري ۾ پيدا ٿيندڙ ڪپهه جهڙو هو. هو هندي سمنڊ جي ٻاڦ مان ٺهيل اڇو ڪنگ پکي هيو. سپنن جو سنسار هيو جنهن ۾ ماڻهو جل جا ٺهيل هوندا آهن. شفاف ماڻهو سندن سيني ۾ دل صاف نظر ايندي آهي، ڌڙڪندڙ آکيري ۾ آرو ڪندڙ جنهن هيٺ زندگيءَ جا آنا ڦٽڻ جي انتظار ۾ هوندا آهن. هو ڪجهه نه هيو، بس عرشنا جو عاشق هيو. حياتيءَ جو متلاشي هيو. سندس زندگيءَ جو مقصد عرشنا جي زندگي هيو. عرشنا جيڪا بستر تي سندس سيني ويجهو ساهه کڻي رهي هئي. ان جا گرم ساهه جيڪي زندگيءَ جي علامت هيا، جن جي گرمائش ۾ زندگيءَ جي دوزخ جي ڄَرَ هئي. گرمائش ۾ عرشنا جي اندر رڙيون ڪندڙ هزارين حسرتن ۽ آهن جا آواز هيا. هو خوابن ۾ سيني ڀرسان عرشنا جا گرم ساهه محسوس ڪري پيرين اگهاڙو گرم واريءَ تي هلندو رهيو. اڏامندو رهيو. سندس پر عرشنا جا پرهيا. اها عرش ۾ اڏامندڙ ان پريءَ جيان هئي جيڪا هيٺ وادين ۽ صحرائن ۾ وڃائجي ويل طلسمي ڇڙيءَ کي ڳولهيندي هجي جنهن ۾ زندگيءَ جا ڳجهه سمايل هجن.
هن ڏٺو مصر جي بيابانن ۾ وڇونءَ جيان پڇ مٿي ڪري گهمندڙ اگستوس ڪاوڙ مان پٿرن کي ڏنگي رهيو هيو. سندس ڏنگ کان پهاڙ پئي لڏيا. اگستوس جڏهن اسڪندريا پهتو ته هو فاتح هوندي به هارايل هيو. سندس سامهون قلوپيٽرا ۽ انٿونيءَ جا لاش رکيل هيا. هن ڪڏهن زندگيءَ ۾ لاشن جو پيار نه ڏٺو. فاتح اگستوس تلوار اڇلي هار جو اعلان ڪيو. هن چيو.
”انهن کي دفنائڻ کان اڳ منهنجا هٿ ڪرائين کان ڪٽي انهن جي قدمن ۾ رکيا وڃن.“
اگستوس هٿ ۾ مٽي کڻي ڇوٽڪاري جي دعا گهري ۽ اها قبر ۾ اڇلائي. وارث اهو سڀ اڳواٽ اڏيل ان مقبري تان ڏسي رهيو هيو جتي جهنگلي ڪبوتر جي صورت ۾ ويٺل هيو. پر هڻندو هيٺ لٿو ۽ هن اگستوس کان زيتون جي اها ڏانڊي گهري جيڪا سندس مٿي چوڌاري ويڙهيل هئي.
”اها ڏانڊي منهنجي حوالي ڪر ته چهنب ۾ وجهي عرشنا ڏي اڏام ڪيان. سندس وجود کي ويڙهي ناسورن کي قابو ڪري ٻڌي ٻاهر اڇلايان. اها ڇڙي جنهن ۾ ديوتائن جو واس آهي. ديوين جي زلفن جو زعفران آهي. ڏي ته عرشنا کي امر ڪري وجهان. ستل صحت کي جاڳائي موت کي مات ڏئي سگهان. مان ڪشڪول جيان چهنب کولي بيٺل آهيان. اها مٿي تان لاهه ۽ چهنب ۾ اٽڪاءِ.“
اگستوس زيتون جي ڏانڊي لاهي هن حوالي ڪئي. هو جڏهن اڏاڻو ته اسڪندريا مان نڪرندي کيس رات ٿي وئي. اهو ساڳيو وقت هيو جڏهن يروشلم ۾ عيسى جو جنم ٿي رهيو هيو.