ناول

قالوبلا

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ جو ٻيو ناول آهي. هو لکي ٿو:
”هيءُ ناول موت جي تاريخ آهي. هن جو وقت جي تاريخ سان ڪو واسطو نه آهي. هن ناول جا تاريخي واقعا ڪردار جي گهرج مطابق گهـڙيل آهن. اميد ته تاريخدان هن ڪتاب کي ناول سمجھي پڙهندا. “
  • 4.5/5.0
  • 2440
  • 955
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قالوبلا

11

وارث وجود بنا ٺهندڙ پاڇو هيو. ان پاڇي جو ٻيو پاسو عرشنا جو وجود هيو. جڏهن موسى مصر مان ٻارنهان قبيلا وٺي ڪنعان وڃي رهيو هيو ته وارث فنيشيا ۾ رومي سمنڊ ڪناري ڳاڙهين سپن مان عرشنا جي چپن لاءِ زندگيءَ جي سرخي ٺاهي رهيو هيو. فينيشيا جيڪو لبنان ۽ شام جي سرحدن تائين ڦهليل هيو. ان جي پکيڙ حملو ڪندڙ واڳونءَ جهڙي هئي.
فينيشيا جي سمنڊ ڪنارن تي ڳاڙهيون سپون ائين پکڙيل هونديون هيون جيئن ڪو رت ڳاڙيندڙ پيغمبر اتان لنگهيو هجي. انهن سپن مان ڳاڙهو رنگ ٺاهيو ويندو هيو. هو ان ڪارخاني جي ڪنڊ ۾ لڪيل هيو جتي فرعونن جا چوغا رنگيا ويندا هيا. ڪم ڪندڙ مزدورن جا پير خدائي مينار تي ويٺل ڪبوترن جهڙا هيا. رومي سمنڊ جي ڪنارن کان پري ساڳ جا ڪومايل وڻ گناهگارن جيان بيٺل هوندا هيا جن جي ڪاٺ کي ٻاري ان باهه کي ڀڙڪايو ويندو هيو جيڪا ’منجلا‘ جي وڏي بت جي هٿن ۾ جهليل تئي هيٺان ٻرندي هئي. ان تئي تي کير پياڪ ٻارن جي ٻلي چاڙهي ويندي هئي. جڏهن ٻار کي تئي تي رکيو ويندو هيو ته رڙ دونهي ۾ تبديلي ٿي ويندي هئي ۽ خاڪ رومي سمنڊ کان ايندڙ هوا ۾ اڏامي ويندي هئي. ٻار کي ٻلي چاڙهي سامري ٻئي هٿ بلند ڪري وڏي آواز ۾ چوندو هيو.
”فينيشيا جي رهواسين کي ڊگهي عمر مبارڪ. ٻلي چڙهيل ٻار جي عمر سندن کاتي ۾ لکجي چڪي آهي. سڀ شفاياب ٿيندا. آزار مٽجي ويندا.“ باهه سامهون بيٺل سوين پگهريل چهرن تي خوف جون ريکائون سمنڊ جي ورندڙ وير هيٺان ميسارجي وينديون هيون.
”مصيبتون معاف اي منجلا جي ديوي.“ اهي گڏيل آواز ۾ چوندا هيا، ”بيشڪ تنهنجو قهر کير پياڪ جي رڙ کان وڌيڪ عذابناڪ آهي.“
وارث جڏهن زندگيءَ جي سرخي ٺاهي رهيو هيو ته موت جي خوف کان سندس چپ اڇا هيا. عرشنا جي موت جو تصور منجلا جي هٿن ۾ جهليل تئي هيٺان ٻرندڙ باهه کان وڌيڪ ساڙيندڙ هيو، سندس موت جي الڪي جا شعلا هن جي وجود ۾ ڀڙڪي رهيا هيا. هو اٿيو ۽ پاڻ کي سامريءَ حوالي ڪيو.
”اي حام بن نوح جي قوم جا سرواڻ. ڪنعان جا زدوني.“ هن چيو، ”منهنجي وجود جي باهه محسوس ڪرين ته ٻوسٽ ۾ ٻاڦ بنجي اڏامي وڃين. نبض تي هٿ رکين ته موت بنجي ڌڙڪي پوين. منهنجين اکين ۾ نهار توکي مرندڙ عرشنا زندگيءَ جي انتظار ۾ ويٺل نظر ايندي.“
ان رات سامري ساڳ جون ڪاٺيون بٺيءَ ۾ وجهي رهيو هيو، کيس هڪ نئين ٻلي چاڙهڻي هئي.
”فنا جو وجود نه آهي.“ سامريءَ چيو، ”فنا لافنا آهي اها روپ بدلائي ٿي. سمنڊ جهڙي آهي ۽ جهڙ سمنڊ. رهجي ويل زندگي ڪنهن زندگيءَ کي حيات ڪري ٿي. حياتي کوهه جي مالهه جيان آهي، اوتي ٿي ۽ وري اوتي ٿي. اسين دائري ۾ گول ڦرون ٿا. دائرو هر حال ۾ مڪمل آهي. دائري جون سڀ گولائيون سلامت آهن.“
”اي سامري مون کي ٻلي چاڙهه.“ وارث چيو، ”منهنجي حياتيءَ جا بچيل ڏينهن عرشنا جي وجود کي ڳولهي لهندا.“
سامريءَ کيس ديويءَ جي هٿن ۾ جهليل تئي تي سمهاريو. هو خواب ۾ بدلجي ويو. خواب جيڪو پاڻي هيو. پاڻي جيڪو مينهن جيان موسى جي ٻارنهن قبيلن تي وسي رهيو هيو. من و سلوا جنهن ۾ ڪوهه تورسينا جو ڪارو لوڻ سمايل هيو.
چاليهه سال ’تيا‘ جي واديءَ ۾ ڀٽڪندڙ بني اسرائيل جي قوم جون اکيون يعقوب جيان نابين ٿي چڪيون هيون. سهڻي يوسف کي ڏسڻ جي حسرت ۾ ڳوڙها بڻجي ڳري چڪيون هيون. يوسف جنهن جي سونهن ڏسي فرعون جي حرم جون عورتون صوف ڪٽيندي هٿ وڍي ويٺيون. يوسف جنهن جي چولي جي پٺ ڦاٽل هئي. ڪنعان جي ٻارنهن قبيلن جو سرواڻ موسى جنهن جي شڪايت ڌرتيءَ تي گهمندڙ هڪ ماڪوڙي خدا کي ڪئي. ان ماڪوڙي جو خاندان ڪنعان ڏي ڪوچ ڪندڙ ماڻهن جي پيرن هيٺان اچي چيٿاڙجي چڪو هيو. ماڪوڙي ڇاتيءَ تي ڌڪ هڻي ٻلوان جيان رب کي چيو.
”رب ڌرتيءَ تي موسى جي اچڻ جو ڪهڙو ضرور هيو جنهن جي پيرن هيٺان اسين نيست و نابود ٿياسين.“
خدا ڏمريو ۽ ٻارنهن قبيلن کي راهه ۾ رولي ڇڏيو. موسى کي ڏهه احڪام ڏنا. لوح کڻي جبل تان لٿو ته سندس قوم سون جي گابي جي عبادت ڪري رهي هئي. جيئري موسى جي شريعت نافذ نه ٿي. ڳاڙهو سمنڊ هڪ دفعو ٻيهر ڦاٿو ۽ ظاهر ٿيندڙ زمين مان ڪو فرعون جو لاش چورائي ويو. موسى جي لٺ نانگ بڻجي فرعون کي ڏنگيو. نانگ مري ويو. دنيا ۾ نانگن جي ضرورت نه آهي. فرعون جيئرا آهن. موسى راهه ۾ گذاري ويو. يوشع بن نون قبيلا وٺي ڪنعان پهتو ته اتان جي اصلوڪن ڏٺو هڪ ٻارنهن سڱون يورشلم جي جهاڙين ۾ ڦاٿل هيو. انهن سندس سڱ ڇڏايا ته ٻارنهن سڱي کين زخمي ڪري وڌو. هر سڱ تي هڪ قبيلو سوار هيو. ٻارنهن سڱي جي پٺي خالي هئي. جڏهن وارث اتي ويٺو ته ان جي ڪا قوميت نه هئي. ڪو قبيلو نه هيو. پاڇن جي ڪا ذات نه هوندي آهي. هوائن جو ڪو مذهب نه هوندو آهي. جهڙ جي ڪا زبان نه هوندي آهي. روحن جي ڪا قوم نه هوندي آهي. وارث وڃايل وجود هيو. ان کي آب حيات جي ڳولها هئي. زندگيءَ جي نانَ جي جستجو هئي. هن جي عرشنا نڙيءَ ۾ ڦاٿل موت جي ڪنڊي کان آخري هڏڪيون ڏئي رهي هئي. هن جي عرشنا عظيم اهرام ٻاهران ابوالهول جي شينهن نما مجسمي جي پيرن هيٺ ڦاٿل هئي. اها اهڙي تابوت ۾ بند هئي جنهن اندر سندس وجود کي اڃان ململ نه ويڙهي وئي هئي. جڏهن يوشع بن نون ٻارنهن قبيلا وٺي ڪنعان ۾ داخل ٿيو ته اصلوڪن چيو.
”اي يوشع اسين هن ڌرتيءَ جا بت آهيون. اسان جو وجود ديس جي پٿر مان ٺهيل آهي. تون بيشڪ وحدانيت جو دعويدار آهين پر اسان کي نه ڊاهجانءِ. اسين ديس جا کوٽيل پهاڙ آهيون. اهي بت آهيون جيڪي ڌرتيءَ جي عبادت ڪن ٿا. بي دخل نه ڪجانءِ.“
يوشع بن نون انهن کي تڙي ڪڍيو. اصلوڪن جي ٻن ڌڙن کي رهڻ جي اجازت ڏني. هڪڙا فلسطيني ٻيا زدوني. فينيشيا جازدوني جن جا قبيلا رومي سمنڊ کان ڳاڙهي سمنڊ تائين ڦهليل هيا. طائر ۽ زدون دنيا جا وڏا بندرگاهه هيا. تجارتي مرڪز هيا. محنت ڪش زدوني جن وٽ ديوتا جو تصور هڪ سرمائيدار جهڙو هيو. جنهن جون ٽجوڙيون هيرن جواهرن اشرفين ۽ حياتيءَ جي ڏينهن سان ڀريل هيون، سندس ڳاڙهين بندين ۾ زندگيءَ جا انگ اکر درج هيا. ديوتائون جيڪي بي رحم ۽ صدقو گهرندڙ هيا. بيابانن چراگاهن ۾ اڏامندڙ طائر جا پکي، منجلا ديوي جي باهه مٿان جهليل تئي تان پرواز ڪندڙ معصوم روحن جو روپ هيا. اهي امر پکي جن جي عمر خضر کان وڏي هئي.
ٻارنهن سڱي جي چيلهه تي ويٺل وارث ڪنعان پهتو ته دائود ڪوهه سليمان تي ٻڪريون چاري رهيو هيو. ان جي ٻڪرين کي لوهه جا نعل لڳل هيا. نعل جڏهن ڪوهه سليمان جي پارس پٿرن سان ٽڪرائبا هيا ته سونا ٿي پوندا هيا. دائود ان ٻڪريءَ جو صدقو ڪري سونا نعل ’سائول‘ جي خزاني ۾ جمع ڪرائيندو هيو. سائول جي وارن مان گهٽي جي چرٻيءَ جي بوءِ ايندي هئي. پيغمبر سموئل سائول کي بن يامين جي قبيلي مان چونڊي ڪنعان م شهنشاهيت عطا ڪئي، سندس وارن جي گهٽي جي چرٻيءَ سان تدئين ڪئي وئي. جابر سموئل هڪ رات حام بن نوح جي پرپوٽن مان هڪ عبراني عورت سان زنا ڪئي. صبح سان وهنجيو ته سندس وار گهنجڙي ٿي ويا. خدا قهر نازل ڪيو. مئو ته خدا ترس دائود تخت نشين ٿيو. وارث دائود جي ٻڪرين جو ڌنار هيو. ڪوهه سليمان جا پارس پٿر وري ڪنهن ٻڪريءَ جي نعل کي سونو نه ڪري سگهيا. وارث ستر سال ڪوهه سليمان تي ٻڪريون چاريندو رهيو. هن جي ٻڪرين جو کير عبرانين جا اهڙا روح پيئندا هيا جن جو تاريخ ۾ ڪو ذڪر نه آهي. دائود جي وفات کانپوءِ سوڪهڙو آيو. چراگاهه سڙي ويا. ڪوهه سليمان سينا جي صحرا ۾ ڀٽڪندڙ گناهگارن جي ڳلي جيان خشڪ ٿي ويو. دائود جي ڌڻ جون ڇڏيل شينهن جهڙيون ٻڪريون ڪمزور ٿي ويون ۽ اهي سڀ ڪنعان ۾ ڇڏيل فرعونن جي گدڙن جو شڪار ٿي ويون. وارث جڏهن ڏڪندڙ ڄنگهن سان ڪوهه سليمان تان لٿو ته هيڪل سليماني تعمير ٿي رهي هئي. اهو سليمان جو دور هيو. شيشي مان ٺهيل محلاتن جو دور. جهرڻن مان وهندڙ سون جو دور. وڻن ۾ لڙڪندڙ هيرن جو دور. سليمان جي سلطنت جون حدون اورانگڻ لاءِ هڪ گهوڙي جي عمر ناڪافي هئي. رات جو سليمان جي محل مان ايندڙ روشنيءَ ۾ چاندي ڇڻندي هئي. هن جي محل ۾ شيشي جي فرش کي ملڪا ’سبا‘ پاڻي سمجهيو. داخل ٿي ته پيرن کان پڙو مٿي سوريائين، سندس سونهن جي تجليءَ تي شيشي اندر چير پيا. سليمان هٿ کڻي هن کي منع ڪئي.
”اي بلقيس اهو پاڻيءَ نه آهي پير ڍڪ.“
بي بيءَ جڏهن پير ڍڪيا ته شيشن جا سڀ چير مٽجي ويا. سبا سان تخت تي ويٺو، سندس تخت کي جيئرا طائوس اڏاريندا هيا. هو تخت تي آسمانن جو سير ڪري رهيو هيو ته وارث ڌرتيءَ تي هن جي محل ۾ داخل ٿي اهو تاج چورايو جنهن ۾ سليماني زرقون مڙهيل هيو. زرقون ۾ زندگيءَ جو راز سمايل هيو. اهو مڻيا هيو جيڪو موت کي زهر جيان چوسي وٺندو هيو. ان ۾ عرشنا جي حياتي هئي. سورن جو علاج هيو. لاشفا مرض جو ترياق هيو. هن تاج پاتو ته نظرن کان اوجهل ٿي حڪمران شيشاڪ جي سلطنت ۾ نمودار ٿيو. مصر جو سگهارو فرعون جنهن جي رٿ کي نوَ بادشاهه گهليندا هيا. شيشاڪ جڏهن فتحياب ٿيندو هيو ته شڪست کاڌل بادشاهه کي سوني زنجير سان گهوڙي جي جاءِ تي ٻڌندو هيو. شيشاڪ ڪنعان تي چڙهائي ڪئي ته صحرا ۾ نمودار ٿيندڙ وارث کي هن سليمان سمجهيو. سندس تاج ۾ مڙهيل زرقون ڏسي سوال ڪيو.
”اي وحدانيت جا پرچارڪ سليمان ڇا تون به خدا جيان اڪيلو آهين؟“ ائين اوچتو پڪڙجي پوڻ تي وارث جا هوش خطا ٿي ويا.
”مان سليمان نه، پر صحرا ۾ ڀٽڪندڙ خواب آهيان.“ وارث چيو، ”چور آهيان جنهن حياتيءَ جون ساعتون چورايون آهن.“
شيشاڪ ٽهڪ ڏنو.
”اي سليمان! بيشڪ تون خواب جيان آهين ڇو جو مونکي اکين تي اعتبار نه ٿو اچي.“
هن وارث کي سونو زنجير وجهي رٿ سان ٻڌو ۽ جڏهن چهبڪ گهمايو ته وڏي فخر سان چيو،
”تون منهنجي رٿ جو ڏهون بادشاهه آهين. اهو نيڪ شگون آهي. منهنجي بابي ’خوفوءَ‘ کي مرڻ کانپوءِ ڏهن جيئرن عورتن سان اهرام ۾ دفنايو ويو هيو. پڪ سان پٽيون کولي سڀ کان سهڻي عورت سان ستو هوندو.“
رٿ ڇڪيندي وارث جي پٺيءَ تي چهبڪ لڳو ته سندس ڇرڪ نڪري ويو. هن جو خواب پٽ تي ڪريل روح جي هڏيءَ جيان ٽڙڪي پيو. منڊڪائيندو اٿيو، هو زخمي خواب جي ٽمندڙ رت هيو. قطار ۾ ڪريل رت ڦڙا پنڌ ڪندا هن پويان اچي رهيا هيا. ٽٽل خوابن جا گهمندڙ ذرا جيڪي هريل جانور جيان ڪڏهن پيڇو نه ڇڏيندا آهن.
هو هلندو فرات ڪناري بني سام پهتو ته کيس ڪن تي آواز پيو.
”يا قوم اني بري مما تشرڪون. اي لوڪو مان توهان جي شرڪ کان بري آهيان.“
ابراهيم نمرود جي خدائيءَ جو انڪاري هيو. هن هڪ رب جي تلقين ڪئي جيڪو اڻ ڏٺل لامحدود آهي. ابراهيم کي ساڙڻ لاءِ باهه جو مچ ٻاريو ويو.
”يا نار ڪوني بردا- و سلامًا علي الابراهيم. اي باهه ابراهيم جي حق ۾ ٿڌي ۽ سٺي ٿي وڃ.“
باهه جا ڪن خدا جو آواز ٻڌي سگهندا آهن. ٽانڊا گلن ۾ بدلجي ويا. وارث هڪ گل کڻي نڪ تي آندو، ان ۾ خدا جي خوشبوءِ هئي. سڀ خواب جيئرا ٿي پيا. خواب جن کي ڇهه حواس هيا. انهن جي رڳن ۾ تاريخ گردش ڪري رهي هئي. خواب جن جي پيرن ۾ سورهن آڱريون آهن.
هو ابراهيم سان هلندو ’يردن‘ درياهه وٽ پهتو. ابراهيم سان سندس ڀائٽو لوط ساڻ هيو. جڏهن لوط دولتمندن جي شهر ’سدوم‘ جو رخ ڪيو ته اتي ميلو متل هيو. وارث ان هجوم ۾ موجود هيو. هر طرف نمرود جي خدائيءَ جو چرچو هيو. ماڻهو ان جي مورتيءَ آڏو جهڪيل هيا. اهو نمرود جو ڏڻ هيو جڏهن هن عرشي مينار تان بيهي خدائيءَ جو اعلان ڪيوهيو. ڏڻ جي خوشيءَ ۾ نواڪل جون سڀ ڪرسيون ڀريل هيون. ميدان ۾ بازيگريءَ جا ڪرتب هلي رهيا هيا. هڪ جادوگر مرلي وڄائي، ٽٻڻيءَ ۾ پيل رسو نانگ جيان مٿي بلند ٿيو. ڪو ننڍي قد وارو بونو هٿن تي قلابازيون کائيندو ميدان ۾ آيو ۽ ان رسي تي مٿي چڙهي چوڌاري ويٺل ماڻهن کان داد وٺڻ لڳو. جادوگر مرلي بند ڪئي اهو رسي سوڌو هيٺ ڪريو. چيلهه تي هٿ رکي منڊڪائي گهمڻ لڳو. هر طرف ٽهڪڙا پئجي ويا. آخر ۾ اهو مقابلو پيش ڪيو ويو جنهن جو سڀني کي انتظار هيو. سدوم شهر جا ڏهه چونڊيل خفتي ميدان ۾ آيا جن مشتزنيءَ جو مقابلو ڪيو. کين قطار ۾ بيهاري ڳاڙهي رومال سان اشارو ڏنو ويو. سڀ کان وڌيڪ مشتزني ان ڪئي جنهن جو شهر ۾ ڪو دوست نه هيو. اهو دولتمند ’شنار‘ جي ان غلام جو عاشق هيو جنهن جو تعلق آرمينيا سان هيو. مقابلو کٽڻ کانپوءِ جڏهن ان کان ايڏا دفعا مشتزنيءَ جو سبب پڇيائون ته ان اقرار ڪيو، ”مان شنارجي خوبصورت غلام جو عاشق آهيان جيڪو انارڪل ۾ منهنجي سامهون ويٺل هيو ان جو تصور ڪافي هيو“. هن ڏک مان چيو. ”شهر سدوم ۾ ڪو دوست نه آهي. من ۾ صرف ان جي خواهش آهي. مان نمرود جي جنت ڏي ويندڙ رستي جو لوهار آهيان. سڄي عمر ڌئوڻ ڦوڪيندي کٻي ٻانهن سڄي پئي آهي. يار جو تصور ئي آهي جنهن سهاري اڄ ڪاميابي حاصل ڪئي اٿم.“
سندس ڳالهه تي اهل سدوم تحسين جو نعرو بلند ڪيو. دعائن سان نوازيو ته شل ائين ڪاميابي سندس قدم چمندي رهي. دولتمند شنار جيڪو مٿي امرائن سان گڏ ويٺل هيو، ان بيهي اعلان ڪيو، ’ان شخص جي جذبي کان متاثر ٿي کيس اهو غلام انعام ۾ ڏجي ٿو.‘
شهر سدوم ۾ هوا ڇهن رخن کان هلندي هئي. لوط رب کي عرض ڪيو. ’هن شهر جي هوا جا رخ بدلاءِ. هوا کي توفيق ڏي ته اها صحيح رخ ۾ هلي.‘
سدوم جي هوا جو رخ ڪڏهن نه بدليو. هم جنس پرستن حامل ٿي ڀينگ کي جنم ڏنو. قهر نازل ٿيو. ٻرندڙ جبل جي لاوي مان بحرالموت وجود ورتو. بحر مردار شفاف پٿر جو سمنڊ، جنهن جي پاڻيءَ ۾ گناهگارن منهن ڏٺا ته سندن اکيون نڪري سپن جي پيٽ ۾ هليون ويون. موتي جيڪي انسانن جي انگن جهڙا هيا. عورتاڻا عضوا. مرداڻا عضوا. ڪارون جي خزاني جا موتي جن جون چاٻيون ست گڏهه کڻي هلندا هيا. اٺين گڏهه تي ويٺل ڪارون جي کيسي ۾ صرف هڪ چاٻي هوندي هئي. جيڪا بيت الخلا جي هئي جيئن کيس کوليندي دير نه لڳي.
وارث لوط کي چيو، ’اي بحرالموت ۾ زندگيءَ جي ٻيڙي هلائيندڙ! گناهگارن جي قهر يافتا شهر جو واحد روح آهيان جيڪو دوزخ جي باهه کان بري آهي. حياتيءَ جي نهر مان ڪناري سان پيل خالي بوتل ڀري ڏي. اڻ تارونءَ کي بحر الموت ۾ تڙڳڻ جي تربيت ڏي.“
لوط بحر مردار ۾ ٽٻي هنئي ته سمنڊ شرم ۾ ٻڏي ويو. هن ڏٺو سمنڊ جي تهه ۾ خضر تسبيهه پڙهي رهيو هيو. تسبيهه جا داڻا سندس عمر جي ڏينهن کان وڌ هيا. لوط پڇيو،
”اي خضر ڇا عمر جا ڏينهن ڳڻي رهيو آهين؟ يا رب جو ورد پيو ڪرين؟“ سوال تي خضر اکيون کوليون. تسبيهه جا داڻا رڪجي ويا.
”طوالت کان وڏو عذاب نه آهي.“ خضر چيو، ”تسبيهه پڙهي وقت گذاري رهيو آهيان. ڌرتي گناهن جو گهر آهي ۽ پاڻي پناهگاهه.“
”جيڪر حياتيءَ مان ڪجهه داڻا ڪڍي ڏين ته ڪنهن سائل حوالي ڪري ان جي حاجت دور ڪيان. اهو حياتيءَ جو متلاشي آهي، ڪجهه ڏهاڙن جي ضرورت آهي جيڪي سندس محبوبا جي حصي ۾ اچي سگهن.“ خضر سائي رنگ ۾ تبديل ٿي ويو.
لوط ابراهيم سامهون پهتو ته سندس ڪپڙا آلا هيا. لوط کي اهڙي حال ۾ ڏسي ابراهيم نصيحت ڪئي.
”پلئُه بچاءِ. ڪناري سان هل.“
”انسان اکين کي ڳوڙهن کان ڪيئن بچائي سگهي ٿو.“ لوط جواب ڏنو. ”هو هوا سان جڙيل آهي نڪ ڪيئن بند ڪري سگهي ٿو.“
ابراهيم لاجواب ٿي ويو، محسوس ڪيائين گناهه انسان جي ڳنڍ ۾ ٻڌل آهن. انسان جبل جي پٿر کي ماس سمجهي. وات وجهي ٿو، سندس ڏند اميدن جيان ڀڳل آهن.“
هن حجاز ۾ پيڙهه جو پٿر رکيو. ڪعبو ٺهيو. اسماعيل دڙا هنيا. چشمو ڦٽيو. آب زم زم جرڪڻ لڳو. چشمي ڪناري وڻ ڦٽو، ان ۾ هد هد آنا ڏنا. ٻچا نڪتا. هڪ ٻچي ٻئي کي ماري وڌو. جڏهن ابراهيم کي الهام ٿيو. وارث ’واديءِ غير ذي زرع ۾ موجود هيو. هن ڏٺو. ابراهيم ۽ اسماعيل وڃي رهيا هيا. اهڙي هنڌ جتي جبل جي چوٽ تي هڪ پٿر بي خوابيءَ جي حالت ۾ انهن جو انتظار ڪري رهيو هيو. واديءَ غير ذي زرع جتي ڪا زراعت نه ٿي. چيڪي مٽي ٻرندڙ جبلن جي لاوي هيٺان دفن ٿي چڪي هئي. وارث ڏٺو هن اسماعيل کي پٿر تي ليٽايو. ڪاتي هلائي ته وارث اسماعيل جي ڳچيءَ تي هٿ رکيو. هن جو هٿ ڪٽجي ويو. ڦٽ سڪو ته ليڪ ٺهي.
هڪ دفعي ’متفلا‘ جي غار ٻاهران هٿ کڻي دعا گهري رهيو هيو ته هڪ جوتشيءَ جي نظر سندس هٿ تي پئي. جوتشيءَ کان رڙ نڪري وئي. اڳتي وڌي هٿ کي غور سان ڏٺائين ۽ چيو،
”حياتي ۽ موت جي وچ ۾ واضح لڪير آهي. اهڙي ورهاست آهي جنهن کي اڄ ڏينهن تائين ڪو لتاڙي نه سگهيو آهي. تنهنجو وجود ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪڙو جنهن تي پنج آڱريون بيٺل آهن، ٻيو وجود جنهن تي پنجن آڱرين جا نشان آهن.“
وارث قسمت جي لڪير کي افسوس مان ڏٺو.
ڪنعان جي ڏکڻ ۾ اسحاق ان قافلي جي اڳواڻي ڪري رهيو هيو جن کي خيما ڪلهن تي هيا. اهي بيابانن جا سيلاني جن جي پيرن جا زخم پرڏيهه کان موٽندڙ جي رهنمائيءَ جا نشان بڻيا. ’عيص‘ جنهن جي اولاد ڳاڙهي نسل جي هئي. اهي ’ادومي‘ هيا جن جبل ٽڪي وسيع غارن ۾ گهر جوڙيا. ادومين جي قبيلي جو ايوب جنهن ڏک مٽائڻ لاءِ صبر جا ڍڪ ڀريا. وارث کيس التجا ڪئي.“ اي پيغمبر مون صحرائن ۾ ڀٽڪي زندگي ڳولهيندڙ لاءِ دعا ڪر.“
ايوب سندس پٺي ٺپي ۽ چيو،
”جيئن اسين وقت جو انتظار ڪندا آهيون، ائين وقت اسانجو انتظار ڪندو آهي. صبر ڪر وقت ڪشڪول کڻي تنهنجي در تي ايندو“.