ناول

قالوبلا

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ جو ٻيو ناول آهي. هو لکي ٿو:
”هيءُ ناول موت جي تاريخ آهي. هن جو وقت جي تاريخ سان ڪو واسطو نه آهي. هن ناول جا تاريخي واقعا ڪردار جي گهرج مطابق گهـڙيل آهن. اميد ته تاريخدان هن ڪتاب کي ناول سمجھي پڙهندا. “
  • 4.5/5.0
  • 2440
  • 955
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قالوبلا

14

آدم کان اڳ ڪل جڳ ۾ ڪير هيو؟ عرشنا جو اٿندڙ آواز خيالن جي خول ۾ ساز جيان وڄي نه سگهيو. لفظن کي سهارو ڏيڻ لاءِ آواز جنم نه ورتو هيو. ڪنن جا پردا سانت جي سيٽيءَ ۾ ڦاٽي چڪا هيا. آواز مئل پکي هيو. لفظن اچارڻ لاءِ زبان جي جستجو ناڪارا هئي.
”جڏهن هويت نه هئي هيت پاڻ پسائڻ لاءِ اکيون تراشي رهيون هئي اڻ هوند جي حڪمرانيءَ ۾ ماٺار تي سڃ جو سينوَر هيو.“
وارث ڪائنات جي آخري ڪناري تي هن سان ڳالهايو. هوءَ خوابن ۾ آد جي چپ کان وڌيڪ اداس ۽ هيڊي هئي. هوا نه هئي پر وار گهلي ناسي نيڻن تي لهرائي رهيا هيا.
”اهو ڪٿي آهي جنهن تخليق ڪئي؟“ عرشنا چيو: ”جنهن جي هٿن جو ڇُهاءُ ڇاتيءَ تي محسوس ڪيان ٿي. وجود جي رڳ رڳ آڱرين جي احساس کان آشنا آهي.“
وارث خوابن جي مٿاهين سطح تي عرشنا سان ويٺل هيو. هن آڏو اڻ کٽ پولارجي ڪا حد نه هئي، چوڌاري لامحدوديت اهڙي گولائيءَ جيان وريل هئي جنهن جي وچ مان ٻاٽ ٻاهر نڪرڻ جا رستا ڳولهي رهي هئي. دونهي جو لامحدود غبار پاڻ ۾ ويڙهيل هيو. اهي ڪائنات جي آخري ڪناري تي ويٺل هيا. سندن پير لڙڪي رهيا هيا. پيرن تي ڪائنات جا نقش هيا. جڏهن باهه نه بڻي هئي عرشنا جو وجود باهه هيو. دکندڙ وجود جنهن جا ٽانڊا سندس اکين ۾ ٻري رهيا هيا. هن جا ساهه اڻ ڏٺل رستن تي خوف کان هيٺ ڪنڌ ڪري هلي رهيا هيا. هن جو وجود جنهن جي ناسورن مان پيڙا ٽهڪي ڪنارن کان وهي رهي هئي. هوءَ بند ڪمري ۾ وارث سان ستل هئي. وارث جي جڪڙيل ٻانهن ۾ ان جو جسم پڄري رهيو هيو. بخار جيڪو روح جو احتجاج آهي. لاعلاج ناسور جن مان درد ڳوڙهن جيان وهي رهيو هيو. وارث ان جي وجود جي گرمائش ۾ دل ٻرندي محسوس ڪري رهيو هيو. هن جو سينو جنهن ۾ عرشنا ٻاڦ جيان جذب ٿي رهي هئي. ان جو احساس سندس رڳ رڳ ۾ سمائجي خون ۾ گردش ڪري رهيو هيو. هوءَ جيڪا ڦڙو ڦڙو وهي رهي هئي. جنهن جي وجود ۾ روح بند دريون کڙڪائي ٻاهر نڪري تازي هوا ۾ ساهه کڻڻ لئي بي چين هيو. هن ڄاتو پئي موت وٽ انتظار لئي وقت گهٽ آهي. موت پاليل ڪتو آهي جيڪو ايندڙ ويندڙ جا پير سنگهي ٿو. هو عرشنا سان اڻ هوند جي ان مقام تي ويٺل هيو جتي لفظ معنى وڃائي ويهن ٿا. وضاحت لاءِ موجودات ناپيد آهي. ڪجهه نه هجڻ جي صدمي ۾ عالم سڪتي ۾ آهي. مونجهه ۽ حبس ۾ خلائن جو ساهه منجهيل آهي ۽ سانت جي صحرا ۾ سڃ، رڃ جي رڙ ٻڌڻ لاءِ بي چين آهي. سواد اعظم جي اڻ کٽ ڊگهائيءَ ۾ بصارت ۽ بصيرت نابين ٿي چڪي آهي. ڪائنات جو لامحدود مراقبو جنهن ۾ امن اکيون ٻوٽي ڪنهن ڌماڪي جي اوسيئڙي ۾ آهي.
وارث پولارن ۾ ان شڪتيءَ کي ڳولهڻ چاهيو جيڪا وساميل وايومنڊل ۾ ٻرڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. اتي ڪنهن به قدرت جو ڪوبه مظاهرو نه هيو. سڀ توانائيون ناتوان هيون. اوجارا اجهاميل هيا. وارث جا ڪن ڌيان جي ڌاڳي ۾ لڙڪي رهيا هيا. سندس سماعت ستوڻي ٿي پردا کولي پري ٻڌي رهي هئي. وادي جنهن ۾ هاديءَ جو نانءُ نشان نه هيو. اڻ ڏٺل جيڪو اوجهل هيو. هستي جنهن جي مستي ايڏي ته سست هئي جو پير کڻندي کيس خوف پئي محسوس ٿيو. سامت ۾ ساعت جو ڪو تصور نه هيو. ڌڙڪندڙ دل وهندڙ لحظن کي ياد ڪري روئي نه رهي هئي. تسبيح جا ڪي به داڻا ڏڪندڙ آڱرين ۾ ڳڻجي عبادت جا رستا نه ڳولهي رهيا هيا. هڪ ڊگهي لڪير جيڪا آد کان عدم ڏي وڃي رهي هئي. وايومنڊ: جيڪو عروج ۽ معراج کان پري فنا جي لافاني سمنڊ ۾ غرق هيو. وارث جي تاريخي سفر جي آخري سرحد جتي ڳُجهه جون ڳجهون وات ڦاڙي ماٺ جي مرڻ جو انتظار ڪري رهيون هيون. سرحدون جتي لابقا بقا جي اهتمام لاءِ اکيون وڇائي ويٺل هئي. عرشنا هن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي ويٺل هئي سندس اڳيان اڻ هوند جو عڪس ائين هيو جيئن انڌي جي من ۾ روشنيءَ جو محل- عرشنا جي اداسي اڻ هوند تي حاوي هئي، سندس مونجهه پولارن کان پري تائين ڦهليل هئي.
وارث لامحدوديت جي مٿاهين ڇيڙي کي ڳولهي لڌو هيو جتي ڪجهه نه هجڻ جو صدمو سندس من ۾ سڏڪي رهيو هيو. هن آواز ڏنو، ”ڪٿي آهين، پولارن ۾ رهندڙ لامحدود ماٺ جا سرجڻهار. عين کان اوجهل لا اين. هاهوت ۾ وسيل لاهوت جي لامڪان جا انديشا ۽ اڻ ڏٺل امڪان. خدشن مان خلقيل. تمنائن جا تخليقڪار تنهنجو اوجارو ڪائنات جي ڪهڙيءَ ڪنڊ ۾ آهي؟ جلون جو جهان ڪٿي آهي؟ تجلو ڪٿي چمڪي تنهنجي چهري کي عيان ڪري ٿو؟ تو در دانهين پهتو آهيان. رڻ رلي ڪشالا ڪڍي تو دوار آيو آهيان. انبيائن اوليائن جي ڪلهن تان ٿيندو هن منزل تي پهتو آهيان. بادشاهن حڪمرانن سپهه سالارن جي لشڪر جو اهو سپاهي آهيان جنهن جا پير پٿون آهن. مظلومن غلامن گناهگارن جي قافلي جو اهو سرڪش آهيان جنهن جي پٺن تي تشدد جا نشان دهڪي رهيا آهن. سڏ ڏي ۽ ٻڌ. منهنجي عرشنا لاعلاج آهي سندس جسم جا ناسور تنهنجي پولارن جي ماٺ کان گهرا آهن. درد جون دانهون ڦهليل سانت جي آهن کان وڌيڪ ٻڌجندڙ آهن. اي شفا ڏيندڙ. زندگيءَ جي ٻوٽي کي پاڻي ڏيندڙ حياتيءَ جي باغ جا مالهي. ان اپائيندڙ پالڻهار. ڍڪيندڙ پردن پويان لڪيل اڻ ڏٺل اڻ هوند جي رڳن ۾ سمايل روان روح ۽ پارئون پار شفافيت جي اڻ ڇهيل آئيني جا عڪس. عرشنا جي پارت اٿئي. اها آخري پساهن ۾ آهي. کيس حياتي ڏي ۽ زندگيءَ سان همڪنار ڪر.“
وارث جو آواز خلائن جي خول ۾ پکيءَ جيان پر هڻي رهيو هيو. آواز آزاد نه هيو. ڀنور جا پر ڪٽيل هيا. ڪا ڪوئل ڪونه هئي، جا ٻولي ته نم جو ٻور ڇڻي ماٺ جي مزار تي ڪري. ڪي پوپٽ ڪين هيا اڏامن ته رنگ ڇڻن. ڀنڀوريون نه هيون جن کي پڪڙڻ لاءِ آڱريون اڳتي وڌن ۽ چرپر پيدا ڪري وجهن. ڪو گهنڊ نه هيو جنهن ۾ انساني انگنما لڙڪي ديوتا کي جاڳائي وجهي. وارث اڻ ڏٺل کي ڏسڻ لاءِ واجهائيندو رهيو. اتي ڪجهه به نه هيو.
”لا“ مان انڪار جو آواز اچي رهيو هيو. سڀ ’لا‘ هيو. ’لا‘ مان اڻيل ڄار ۽ ڄار جي هر تند ۾ ماٺ تارا ڦوٽاري ويٺل هئي. وارث بي خوديءَ مان چيو. ’لا‘
عرشنا ساڳيو لفظ اچاريو.
”ال لا.“
هڪ ٻئي کي ڇُهيو وڄ پيدا ٿي. ڪائنات جا سڀ باب بند ٿي ويا. غيب طاري ٿي ويو. خوف حاوي ٿي ويو. اڻ هوند وجود وڃائي ويٺي. ماٺ جي ڪنن جا پردا ڦاٽي پيا. سانت جو سينوَر لهرن تي لرزڻ لڳو. پولارن ۾ باهه ڀڙڪي. خلائن جا خول ٻاڦ جي دٻاءَ کان ڦاٽي پيا. غيب جا عيب ظاهر ٿي پيا.
”مرڻ کان اڳ هڪ دفعو.“ وارث التجا ڪئي، ”اڻ هوند لامڪان لا اين ريب ۽ فريب جي جادونگريءَ ۾. ڪجهه نه هجڻ جي صحرا ۾. تون ۽ مان ئي آهيون جيڪي وجود رکون ٿا ۽ اڻ هوند کي هوند جو احساس ڏيون ٿا. اچ هڪ ٻئي کي ڇهون ۽ امر ڪري وجهون. ڪائنات جي ڪنڊ ۾ جتي اڪيلا آهيون. اچ گناهه جو ارتڪاب ڪيون. مونکي ڇهه مان توکي ڇهان. تون مون ۾ سمائجي وڃ مان تو ۾ سمائجي وڃان. ڪائنات جي ڪهڙي پناهگاهه ان کان وڌيڪ محفوظ آهي. مونکي ڏس مان توکي ڏسان. ڪهڙو نظارو آهي جيڪو تنهنجي جسم کان سگهارو آهي. تنهنجي چپن جي چميءَ تي لامڪان در کولي ٿي. ڳلن تي ماٺ رقص ڪري ٿي. تون ۽ مان پولارجي ويڪر کان وڏا آهيون. لامحدوديت تنهنجي جسم جو تِر آهي. فنا ڇاتين مان ڦٽيل ابديت آهي. لاتعين ڪلهن جي قطبيعت تي متعين آهي. تنهنجا نيڻ سرچشما آهن جن مان ڪائنات جا سند عضوا عضوا ٿي عيان ٿين ٿا. تنهنجي هٿ تريءَ تي رکيل آهي منهنجي دل جنهن جي ڌڙڪن ۾ وقت پاڻ ڳڻي ٿو.“
وارث اتاولو ٿي ويو. عرشنا جي اداس منهن کي هٿن ۾ وٺي چُميو. سندس منهن مرڪيو ۽ گلابي ٿي ويو. کيس ڇاتيءَ سان لڳايو، بي چين ٿي رخسارن تي ساهه کنيا. هن جا ناسور گلابن جيان ٽڙي پيا. پنکڙي پنکڙي ڇڻي پيا. وارث هن جا جذبا جاڳائي وڌا. سندس ساهه تيز ٿي ويا. اکيون بند ٿي ويون ۽ پاڻ کي وارث حوالي ڪري ڇڏيو.
”عشق ’لا‘ جون حدون اورانگهي امر ٿئي ٿو.“ عرشنا بي خوديءَ مان چيو: ’جڏهن ڪو نه آهي ڪير ڏسي ٿو؟ اڻ هوند کان ڪهڙا حجاب؟‘
عريانيت عدم کي اگهاڙو ڪري وڌو. هاهوت هيت ۾ ڍلجي ويو، پردي مان نروار ٿيو. هو جيڪي جهڙ هيا. گسندڙ بادل- گاج ٿي وڄ آسمان ۾ ڊڪندي ڪائنات جي ٻي ڪنڊ ۾ ڪري ڌماڪو ٿيو. چڻگون نڪتيون. ماٺ جا سڀ ذرا اڏامڻ لڳا. اڀ روشن ٿي ويو. پولار سڙي ويو.
وارث عرشنا جا چپ چوسيا ته پاڻي پيدا ٿيو. ٿڻ ڇُهيا ته آدم جاڳي پيو. ان جي دن هيٺان ستارا ڇڻي رهيا هيا. وارث جي سٿرن وچ ۾ ڪڻڪ جو ٻوٽو ڦٽيل هيو، سندس خصين ۾ قيد نانگ نما نسلن جا ترندڙ تخم آزاد ٿيڻ لاءِ مٿو ٽڪرائڻ لڳا. عرشنا جي ٻچيدانين ۾ سرنهه جا گل ڦٽا. سٿر جي سنهي تِر جيترا رائي داڻا هيٺ ڇڻيا. گول سنها تيل سان ڀريل حياتيءَ جا اڻ ٻريل ڏيئا. ٻج جنهنجو سميل سلو پاڻيءَ جي انتظار ۾ هيو. اڌ تخم جيڪو اڌ کي ڳولهي مڪمل ٿيڻ جي جستجوءَ ۾ هيو. وارث جي وجود جي نلي جيڪا آد کان عدم ڏي ويندڙ ڳُجهه هئي. هڪ درياهه جنهن ۾ سمنڊ اٿلي رهيا هيا. هن جا خصيا ٻرندڙ جبل جن جي چڻنگن ۾ زندگي دکي رهي هئي. دل خون جو آبشار ۽ ڌڙڪن جي ڌڪ تي لڏندڙ عضوا- سندس ساهه جنهن جي طوفان ۾ ڪائنات جي ٻيڙي جا سڙهه کلي ويا. شهوت جيڪا لذت کي جنم ڏئي رهي هئي، جيڪا پيڙا جي پالنا ڪري رهي هئي. پيڙا جنهن مان جستجو ڦٽي ٿي. جستجو جيڪا جيئڻ سيکاري ٿي. جيئڻ گهوڙي ڊوڙ- وڌڻ جي ڪلپنا- ٿڪاوٽ موت ساهي ڪوئلو، دونهون، ٻاڦ، بوند ندي، سمنڊ، ڪو ڪوئلي جو هيرو، ڪو سپ جو موتي، لاتعداد بوندون، سمنڊ جي سطح تي ڪري گمنام ٿين ٿيون. سمنڊ ۾ ڪرندڙ بوند کي ڪير ڳولهي سگهيو آهي؟ آڱر ٻوڙي تريءَ تي کنيل قطري ۾ سمنڊ نه سمنڊ جي خاصيت سمايل هوندي آهي. ڳوڙهي جي لوڻاٺ سمنڊ کان گهٽ نه آهي. تخم سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ تري ٿو. تخم جو پڇ ڀولي کان اڌارو ورتل آهي. عرشنا جي ڪک ۾ ڌرتي گول آني جيان ڳڀرجڻ جي انتظار ۾ آهي. تخم ڏنڊي کي ويڙهيل ڏاڪڻ جنهن جي هر ڏاڪي تي شبيهن جي شڪل ۾ گوشت لڙڪي ٿو. ڏاڪڻيون جيڪي بند گدامن ۾ رکيل آهن گدامن جي گولائي اوندهه ۾ لڪيل چنڊ جهڙي آهي جنهن تي سج جو پاڇو نه پيو آهي.
عرشنا جو وات ويڪرو ٿي ويو. هزارين لفظ وهندا سندس چپن تي چنبڙي پيا. اڻ چيل لفظ. ساڪت زبان جا اڻ اٿلايل لفظ. لفظ جيڪي شڪلين جي صورت ۾ نروار ٿي رهيا هيا. لفظ جن جون لڪيرون شبيهن کي ترتيب ڏئي رهيون هيون. شبيهون جيڪي اڻ هوند جي هوند هيون. جيڪي اڻ ڏٺل اڻ ڇهيل. لاتعين خاليپڻي جون لاتعداد وجودي صورتون هيون. انام صفتون جيڪي اڻ ڏٺل کي عيان ڪري رهيون هيون. ڇهڻ سان عرشنا جي ڇاتين جي گولائيءَ مان سج اڀريو. چنڊ اڀريو. وارث جي انگ مان وهندڙ پڇڙ تارا پولارجي بيٺل پاڻيءَ ۾ تري ڪاري هول جو رستو ڳولهڻ لڳا.
جيئڻ جي جدوجهد ۾ فطرت جا عذاب سهي انهن جا پڇ گسي ويا. ڊوڙيا ته ڄنگهون نڪتيون. اڏاميا ته پر نڪتا. تريا ته ڪلين ساهه کنيو. گهميا ته ڦڦڙ ڦوڪجي ويا. وقت جي خزان ۾ غير ضروري عضوا ڇڻي ويا. دڙڪا دهمان ٻڌي ڪن لڏڻ بند ٿي ويا. دنيا جي دوزخ جي تنور تي ويٺل نانوائي پاروٿو اٽو سنگهي هاٿي ٿي ويو. بادشاهه جا هٿ چمندڙ لومڙ ٿي پيو. هرام هڏي تي هريل ڪتو ٿي پيو. هارايل سپاهي دل چٻاڙي شينهن ٿي پيو. جهنگ جو ڀليل شهر ۾ گدڙ ٿي پيو. سور سهي گڏهه ٿي پيو. عرشنا جا عضوا وارث جي هنج ۾ گينڊي جي گلن جيان هاريل هيا. وارث جي جهول ناسورن سان ڀريل هئي. ناسور جن ۾ عرشنا جي بدن جي بوءِ هئي. اڇا رابيل جن کي پٽي وارث ڦوڪ ڏئي پولارن ۾ ڇڏيو ته هر شيءِ پيارجي واس ۾ وڪوڙجي وئي. پيار جيڪو عشق جو ناسور آهي.
عرشنا جي عضون ۾ زندگي روان ٿي وئي. ان جي اڌ دنيا وارث جي اڌ دنيا سان ملي مڪمل ٿي وئي. هوءَ ماءُ جي عهدي تي فائز ٿي وئي. ماءُ جنهن جو پيٽ قبر جيان آهي، جنهن ۾ نامڪمل انسان دفن هوندو آهي جيڪو اکيون ٻوٽي زندگي ڳولهيندو آهي ۽ ڌرتي جنهن جي پيٽ جي قبر سواداعظم جهڙي اڻ کٽ ۽ لا اين جي اوندهه سان ٽمٽار آهي.
عرشنا جو اندر ڳڀرجي روشن ٿي پيو. سندس ٻچي دانيءَ جو قطرو سانت جي سڪل سرزمين تي ڪريو ان ۾ رت جي رواني شروع ٿي وئي. ڪريل قطري جي پيدا ٿيل آواز کان ماٺ جا پکي پر هڻندا اڏامي ويا. اتي آواز اٿيا. آواز جيڪي چپ جي چادر پائي مدتن کان ڪجهه چوڻ جي انتظار ۾ هيا. عرشنا جي گرڀ ۾ ڌرتي پروان چڙهي رهي هئي. ڌرتي جيڪا فطرت جي ماءُ آهي.
مرندڙ عرشنا جي من جي حسرت پوري ٿي چڪي هئي. بند ڪمري جي اوندهه ۾ وارث جي ٻانهن ۾ ساهه کڻندڙ عرشنا جنهن جا ناسور سندس پيلن چپن جيان چيرجي اکين جيان ناسي ٿي چڪا هيا. زندگيءَ جو روڳ نانگ جيان جسم تي رڙهي رهيو هيو. وارث جيڪو تاريخ جي صحرا ۾ اميدن جو ڪشڪول کڻي هن لاءِ حياتيءَ جي صدا هڻي رهيو هيو. عرشنا جيڪا خوابن جي هر سطح تي پر هڻي هن سان پکيءَ جيئن اڏامي رهي هئي. سندن اڏام ڪائنات جي اهڙي ڪنڊ وٽ اچي کٽي هئي جيڪا لامڪان جي آخري حد هئي، جتي پولارن ۾ ماٺ جي پڪار هئي. سانت جي صحرا ۾ آوازن جا پاڇا چپن کي ڳولهي رهيا هيا. زمان ۽ مڪان نيست ۽ نابود هيا. الک ۽ انام پڪارجي اوسيئڙي ۾ ڌيان جي گيان ۾ گم هيا.
انهن جي طريقت عشق هيو. اها اوچائي جتي شريعت ڇرڪ ڀري ٿي. لاتعين لقاءَ پسي ٿي. لامتعين مجاز ڏسي ٿي. معرفت محبوب سان ملي ٿي. حجاب پردن پويان هر انگن جو ڏيک ڏئي ٿو.
وارث جي ٻانهن ۾ عرشنا جو ٻرندڙ جسم. عرشنا جنهن جو اندر ٽهڪي رهيو هيو. گرڀ ۾ گول دنيا پروان چڙهي رهي هئي. دنيا ٻچيدانيءَ مان ڪريل بي جان بوند جنهن کي انگ جاڳائي وڌو. ستارن جي سمنڊ مٿان آوازن جا اڏامندڙ ڪارا ڪنگ جن جي چهنب ۾ حياتيءَ جا ٻج هيا. وڻ جي ٻن ڏارن وچ ۾ عرشنا جو آکيرو جتي ڪائنات جا ڪک حياتي تخليق ڪري رهيا هيا.
”ڪن فيڪون.“ چڻگون اڏاميون. ڦاٽل رڳ جا رت ڦڙا. انا جي فنا. بي انت بقا. رڳو رت. لافاني لائو. باهه دونهي جو طوفان ٻاهر نڪرندڙ ٻاڦ. سانت کي چيريندڙ سيٽي. تلوار جي تجلي جهڙا شهاب ثاقب. هڪ ٻئي کي چيريندڙ روشنيءَ جون بي تهاشا لڪيرون.
سواداعظم جو صبح عرشنا جي سينڌ جي سنهي وار ۾ لڙڪندڙ سج. دن هيٺان اڀرندڙ دنيا. تپيل صحرا جي واريءَ تي ٽپا ڏيندڙ پير. چلهه تي چڙهيل سکڻي تئي جهڙي گول دنيا، عرشنا جي اور ۾ اٽڪيل پولارن جو پينڊيولم. سانت جون ساعتون. لڙڪندڙ لحظا. وقت آڱرين مان واريءَ جيان وهڻ لڳو.
ڌرتي عرشنا جي ٿڻن جو بوند بوند وقت پي رهي هئي. ان ۾ عرشنا جي وجود جو لوڻ سمايل هيو. ڌرتي جنهن جا جبل عرشنا جي اندر جيان دکي رهيا هيا. ان جي صحرائن تي سندس سڪتو طاري هيو. اها ٻرندڙ جسم جيان تتل هئي. ٻرندڙ عرشنا وهندڙ رت ڪري جنهن جو منهن چنڊ جهڙو ٿي ويو. رات ٿڌي ٿي. اوندهه ڄمي وئي. پهريون مينهن وسيو. خوابن جا سڀ ڪردار قطرو قطرو هيٺ ڪريا. تاريخ جا لفظ ڪيڙن جيان قطار ۾ پناهگاهه طرف وڌيا. تپندڙ تئي تي پاڻيءَ ڇنڊو- سوسٽ- وجود- اڀامندڙ ٻاڦ- تبديلي- نرواڻ- ٿڌ جو احساس- وهندڙ وقت. لڙهندڙ لحظا- باهه- گرمي-موسمون-پوپٽ ڀنڀوريون- ڪارو گلاب- مئل بلبل- خزان بهار جي انتظار ۾ ڪنڊا- سانوڻ جي صدا- سمونڊ جي سپ- يخ سيارو جيڪو عرشنا جي وجود تي طاري ٿي ويو. دنيا ٿڌي ٿي وئي ٽارين تي برف لڙڪڻ لڳي. پهاڙ ڍڪجي ويا. سمنڊ سمهي پيا. عرشنا جو تپندڙ وجود سج جيان سمنڊ ۾ ڪريو. ٿڌو ٿي چنڊ جيان اڀريو. هيڊو گمنام مندر مٿان بيٺل خزان ۾ ڇڻيل پپر جي پن جهڙو.
هوءَ وارث جي ٻانهن ۾ ٿڌي ٿي چڪي هئي.
ٿڌ روح جي گهرائين تائين محسوس ڪري رهيو هيو. برفاني وجود جنهن جي سردي هن جي رڳن ۾ سمائجي رت ۾ ڊوڙڻ لڳي. عرشنا هن جي ٻانهن ۾ مري چڪي هئي. تاريخ جو ڪوبه باب. ڪوبه ڪردار. پيغمبر ولي، اولياءُ هستي هن کي بچائي نه سگهيو. پولارن جي اڻ هوند ۾ سمايل سانت اندر سمهيل ڪوبه گمنام غائب موت کان مڪتي نه ڏئي سگهيو. محسوس ٿيندڙ ٿڌ کان خواب ۾ محو وارث جو وجود ڏڪڻ لڳو. هن جون ٻانهون بي قرار عاشق جيان ڪجهه کسجي وڃڻ جي خوف کان لرزڻ لڳيون. سيءُ سندس سيني ۾ گهري آسيب جيان واسو ڪري ويو. اکيون کلي ويون. خواب ذرا ذرا ٿي ويا.
هن ڏٺو عرشنا جو ڪنڌ هڪ پاسي لڙيل هيو، سندس وار اجهاميل چهري تي رک جيان اڏامي رهيا هيا. وارث کان سڏڪو نڪري ويو. هن رڙ ڪئي ۽ رنو. ڳوڙهن جا ڍُڪ ڀريا. عرشنا هن کان وڇڙي چڪي هئي. هن برف ٿي ويل عرشنا کي ٻانهن مان الڳ ڪيو. چپن تي الوداعي چُمي ڏني. چپ برف مان تراشيل سنگ مرمر جي ڪتبي تي محسوس ڪيا. ڪتبي تي چپن جا لفظ وارث جي وجود جيان رجي رهيا هيا.
”الست بربڪم.“ هن پڇيو.
”قالو بلا.“ عرشنا جي لاش مان آواز آيو.