ناول

قالوبلا

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ جو ٻيو ناول آهي. هو لکي ٿو:
”هيءُ ناول موت جي تاريخ آهي. هن جو وقت جي تاريخ سان ڪو واسطو نه آهي. هن ناول جا تاريخي واقعا ڪردار جي گهرج مطابق گهـڙيل آهن. اميد ته تاريخدان هن ڪتاب کي ناول سمجھي پڙهندا. “
  • 4.5/5.0
  • 2440
  • 955
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قالوبلا

9

اهي بهار جا ڏينهن هيا. ورجل ايلپس جي واديءَ ۾ زينيا جا گل پسي رهيو هيو. هن ايڊيليڊ لکيو. چار سٽون فينيشيا مان جلاوطن ٿيل ڪار ٿج جي شهزادي ايلسياتي به لکيون جنهن اينياس جي وڇوڙي ۾ چتا چڙهي وچ باهه ۾ بيهي سيني اندر خنجر ٺوڪيو. مدتن تائين سسليءَ جا جپسي بيابانن ۾ مچ چوڌاري ويهي چنگ تي ورجل جا داستان ٻڌائيندا رهيا. ايلسيا ۽ اينياس جي وڇوڙي جا قصا اتان پئي شروع ٿيا جڏهن موسى جي وفات کانپوءِ يوشع بن نون ڪنعان ۾ داخل ٿي اصلوڪن کي جلاوطن ڪيو. ڪنعان جي علائقي فينيشيا جا تڙيل سسليءَ سامهون ميڊيٽرينين جي ٻئي پاسي آفريڪي ساحل تي آباد ٿيا. انهن ڪارٿج جو بنياد وڌو. فينيسشيا جا دربدر سرمائيدار جن ڪارٿج کي واپاري مرڪز ۾ تبديل ڪري وڌو. ديو جيڏا ٻيڙا ايجاد ڪيا. اهي مڊيٽرينين جي اولهه ۾ جتي سمنڊ سوڙهو ٿي اسپين ۽ مراڪوجي وچ مان پئي لنگهيو، اتي ٻن پاسن کان جبلن کي ڄڻ هرڪيولس هٿن سان روڪي بيٺل هوندو هيو. هيبتناڪ ٻيڙا هلندا نار مان لنگهيندا هيا ته اتي هرڪيولس جي بغلن جي بوءِ هوندي هئي. دربدر سرمائيدارن جو اڏيل اهو شهر جهنگلي گينڊي جيان چراگاهن ۾ گهمي ٿوڻا هڻڻ لڳو. انهن سسليءَ تي قبضو ڪيو ته ورجل دنيا مان وڃي چڪو هيو. جڏهن ايڊيليڊ مڪمل ٿيو ماضيءَ جا سڀ داستان کٽي ويا. ورجل وٽ لکڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو. ويو ته نشانيءَ طور صفحن وچ ۾ چنگ ڇڏي ويو، جنهن تي سندس چپن جا نشان لفظن جي صورت ۾ موجود هيا.
اها ڪارٿج جي واپاري جمهوريت هئي جيڪا روم جي فوجي جمهوريت سان مهاڏو اٽڪائي نه سگهي. سسليءَ تي قبضي کانپوءِ روم انهن کي ٽن لڙائين ۾ شڪست ڏني. اهي گوڏا کوڙي بيهي رهيا، نه صرف سسليءَ تان دستبردار ٿيا پر ڏنڊ ۾ سارڊينا جو ٻيٽ انهن حوالي ڪيو ۽ ڪيترا سال ڏن ڀريندا رهيا. امن جي ڏينهن ۾ جنگ جي ديوتا يانوس جي مندر جو دربند ڪيو ويو. ان جي تالي کي ڪٽ چڙهي وئي. تجارت جا در کلي ويا. ترقيءَ جو دور عروج تي پهتو ته يانوس جي مندر جون چاٻيون چورائي ڪنهن ان جو در کولڻ جي ڪوشش ڪئي. ڳوڙهن جي آلاڻ ڪري ڪٽ لڳل تالي جو رنگ سندوري ٿي چڪو هيو. ڪنهن چاٻيءَ جو ڪو اثر نه ٿيو. مندر جو در نه کليو يانوس ديوتا اڳيان باهه نه ٻري پر نفرت جي باهه ڪارٿج جي هر شهريءَ جي من ۾ ٻري رهي هئي. ڏن ڏئي انهن جا هٿ ٿڪجي پيا. شڪست کانپوءِ نفرت بند نانگ جيان ٽٻڻي کي ڏنگڻ لڳي. مدبر ’هاملڪار‘ جي نون سالن جي پٽ هني بال بهل جي ديويءَ اڳيان قسم کنيو ته روم کان انتقام وٺندو. هن يانوس ديوتا جي در کي لت هنئي ته ڍانچي جيان ان جون پاسيريون پري وڃي پيون. جڏهن بت اڳيان باهه ٻري ته ديوتا سان گڏ اوندهه ۾ ويٺل وارث جو چهرو روشن ٿي ويو. ان کي اتي ويٺل ڏسي هني بال سوال ڪيو.
”تون ڪهڙو ديوتا آهين جو يانوس جي سٿر تي چڙهي در کلڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي.“
وارث هن سامهون اهڙي پاڇي جيان آيو جنهن جي شڪل تازي مس سان لکيل ان ورق جهڙي هئي جنهن جا لفظ مينهن جي بوندن ۾ وهي چڪا هجن.
”پيار جو پاڇو آهيان جيڪو نظر ايندي به اوجهل آهيان.“ هن چيو، ”امن آهيان جيڪو جنگ جي ميدان ۾ گهوڙي جي هڻڪار کان خوف کائي ورهن کان بند مندر ۾ لڪيو آهيان.“
هني بال تلوار سڌي ڪري هن تي وار ڪيو.
”مونکي مارڻ لاءِ تلوار جي ضرورت نه آهي.“ وارث چيو. ”ياد رک انسان پنهنجي پاڇي جي ڇانوَ ۾ هلندو آهي پر مان تنهنجو پاڇو آهيان. تون موت جو متلاشي آهين، مان حياتيءَ کي ڳولهي رهيو آهيان. منهنجي جستجو توکي بقا بخشيندي، تنهنجي جدوجهد مونکي راهون ڏيکاريندي. اهڙو ڪبوتر آهيان جيڪو تنهنجي فتح جي هر مينار تي پهريون ويٺل هوندو.“
جڏهن هني بال هليو ته وارث هن جا ٻاويهه هاٿي هڪلي رهيو هيو. لاتعداد لشڪر جنهن ۾ سڀ شامل هيا. ڪارٿج جا ڀورا. مراڪو نيو ميڊيا جا ناسي. اسپين جا ٽامڻي ڪلٽ. گاليا جا گورا جرمن ۽ وارث جنهن جو ڪو رنگ نه هيو. هو پاڻي هيو. هوا هيو. خالي شفاف بوتل هيو. ڪارو خواب. سڙيل اکين وارو اڏامندڙ روح هيو. ڪنهن چيو، ”ايلپس جا جبل پٿر جا نه آهن. برف جا تراشيل اهڙا نشان آهن جن تي رانڀوٽا پائي رستو ٺاهي سگهجي ٿو“.
جڏهن جنگ لڳي ته رت نه وهيو. رت ڳنڍاهيو. ڳاڙهي برف هيو. پهاڙن جا رستا کوٽيندي برف نه رجي سپاهين جون آڱريون رجي ويون. اهي سچ لکندڙ قلمڪار جيان رونڊا ٿي ويا. هني بال ’ارنو‘ جي ڌٻڻ ٽپندي برف ۾ غرق ٿيڻ لڳو. وارث دعا گهري.
”اي منجلا جي ديوي عرشنا جي وارن کي سگهه ڏي. ڊگهي عمر جيڏي طوالت ڏي جيئن رسي جي روپ ۾ هني بال کي ڇڪي ٻاهر ڪڍن.“
هوا ۾ عرشنا جا وار لڙڪي رهيا هيا. هني بال وارن ۾ هٿ وڌو ۽ نڪري ٻاهر آيو ٿڌ ڪري سندس هڪ اک ضايع ٿي وئي. اک تي چمڙي جي پٽي ويڙهي ته کيس چوڏهينءَ رات ۾ برف تي ڪريل چانڊوڪي زهر جهڙي نظر آئي.
انهن ڏينهن روم جا سپاهي ستارن جي چونڊ تي ڀاڳ جي منڊي پائيندا هيا، سندن عقيدو هيو ته اها کين شڪست ۽ موت کان بچائيندي. هني بال هزارين رومي قتل ڪيا. جڏهن ڪو رومي قتل ڪندو هيو ته ان جي منڊي لاهي هڙ ۾ وجهندو هيو. هن جيڪي منڊيون گڏ ڪيون اهي وزن ۾ ٻن مڻن کان وڌيڪ هيون. انهن ۾ آخري منڊي پولوس جي هئي جيڪو روم جو تجربيڪار حڪمران هيو. جڏهن هني بال نوڙي کيس کڙين وٽ تلوار هنئي ته سندس رت گرڙاٽ ڪندو ٻاهر نڪتو. ان مرڻ کان اڳ ڪاري ٻڙي واري منڊي لاهي پري اڇلائي جنهن ۾حياتيءَ جو ويساهه هيو ۽ چيو،
”اهي مقدس جوتشي عقيدي کي هٿي ڏيڻ لاءِ مرڻ کان اڳ منڊي لاهي اڇلايان ٿو جيئن توتي الزام نه اچي.“
پولوس مري ويو. هني بال منڊي لاهي هڙ ۾ وڌي. جڏهن هليو ته وارث سندس اڪيلي هاٿيءَ جو فيلبان هيو. سڀ هاٿي برف بڻجي رجي چڪا هيا. بچيل زخمي سپاهين جي منهن تي رهڙن جا نشان مري ويل شينهن جي چنبن جا هيا. هني بال ’پَو‘ درياهه ڪناري تلوار ڌوئي رهيو هيو ته وارث هن سامهون گوڏا کوڙي ويٺو ۽ چيو ”هاٿيءَ جهڙو خواب آهيان. منهنجون خدمتون ان سونڍ جي ڊيگهه کان وڌيڪ آهن جيڪا تنهنجي عظمتن جو سلام ڀري ٿي.“
هني بال درياهه مان ٻڪ ڀري پيتو. سامت ۾ اچي سڌو ٿي ويٺو. وارث ڏي ڏٺو ۽ چيو.
”ڪهڙو اجورو ڏئي سگهان ٿو؟“
وارث ان گهڙيءَ جي انتظار ۾ هيو. هن سوچيو ۽ چيو.
”پولوس جي منڊي جيڪا هن مرڻ کان اڳ آڱر مان لاهي اڇلائي. ڪاري پٿر واري آفتن کان پناهه ڏيندڙ. جيڪڏهن ڏين ته عرشنا کي آڱر ۾ پارائي موت کان محفوظ ڪري سگهان.“
هني بال هڙ کولي هن اڳيان رکي.
”زندگيءَ جا متلاشي! هيءَ هڙ تو حوالي. ڳولهي سگهين ته ڳولهه.“ هن چيو. وارث هڙ ۾ نظر وڌي. سڀ منڊيون هڪجهڙيون هيون. هزارين منڊيون آڱرين جيان چري رهيون هيون. هن هڪ منڊي کنئين. بدقسمتيءَ سان اها بزدل طبريوس جي هئي. جڏهن هني بال طربياتي قبضو ڪيو هيو ته طبريوس ڀڃي نڪتو. ڪانيا جي ميدانن ۾ زهريلو پاڻي پيئڻ ڪري ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا ٿي مريو. هني بال جي هڙ مان نڪتل هڪ بزدل جي منڊيءَ کانپوءِ سندس بهادريءَ جا سڀ قصا ختم ٿي ويا. زاما جي لڙائيءَ ۾ هني بال کي شڪست آئي. فاتح رومي سردار اسڪوپيو کيس قتل نه ڪيو، اهو چئي جيئندان ڏنو، ’تولاءِ ذلت جي زندگي موت کان بهتر آهي.‘
هني بال تلوار ڪڍي پنهنجي سيني تي رکي ۽ چيو،
”شڪست کي مات ڏيڻ لاءِ خودڪشيءَ کان وڌيڪ ڪهڙو انتقام آهي؟“ اسڪيپيو هن کي روڪيو ۽ تنبيهه ڪندي چيو.
”ائين ڪندين ته توکي ٻڌي فتح جي جشن واري ڏينهن روم جي گهٽين ۾ گهمائيندس.“
هني بال تلوار ڦٽي ڪئي ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري ويهي رهيو. شڪست کانپوءِ هو جڏهن زاما جي ميدانن ۾ موت ڳولهيندي ٿڪجي پيو ته هن وارث کي آواز ڏنو.
”ڪٿي آهين تاريخ جي کنڊرن ۾ رهندڙ ويران روح! اچ ته حياتي تو حوالي ڪيان. زندگي ڄور جيان چنبڙيل آهي.“
بزدل بطريوس جي منڊي چمڻ کانپوءِ وارث جا چپ نيرا ٿي ويا. هن ڳالهايو ته ڪارٿج جي وادين ۾ گل ڦٽا. نيري رنگ جا دائودي جن ۾ عرشنا جي وارن جي خوشبوءِ هئي.
هن هني بال کان حياتيءَ جا ڏينهن نه ورتا، سندس ڏينهن زخمي هيا. انهن ۾ روڳ جي بوءِ هئي. اهي ان پاروٿي مڇي جهڙا هيا جيڪا هڪ دفعي وارث ڪاحل مهاڻن جي ڳوٺ ۾ کاڌي هئي ۽ هن اوڪارا ڏنا هيا. هني بال زخمي ڍور هيو جنهن جي رانپ کان شينهن جا ڇرڪ پئي نڪتا.
هني بال جي ننڍي ڀاءُ هدسو بال بدلو وٺڻ لاءِ روم تي حملو ڪيو. نيروءَ جي حڪمراني هئي. ان کي بين وڄائڻ جو شوق هيو. ان جي محل ۾ آئيني جو فرش هيو. هيٺ آئيني ۾ سڀ اگهاڙا هيا. ڏک جي هر گهڙيءَ ۾ بين وڄائي ستن عورتن سان ڦيرا پائيندو هيو. هدسو بال روم ساڙيو ته باهه جا شعلا بين تي نچي رهيا هيا. نيرو اکيون بند ڪري بين وڄائيندو رهيو ڇو جو شعلن جي عرياني کيس شرمائي رهي هئي. روم سڙي رک ٿيو. اٿندڙ دونهي جي انگڙائين ۾ هن رٺل محبوبا ڏٺي. ننڊ مان ڪر ڀڃي جاڳندڙ محبوبا، جنهن جو جسم ڏنگي ويندڙ نانگ جهڙو هيو. نيرو شڪست کائي مدهوش ٿي ستن عورتن سان بين وڄائي کڙيون فرش تي هنيون ته آئينو ڀڄي پيو. اهو نيروءَ جي زندگيءَ جو يادگار ڏينهن هيو. اڳ هن اهڙو نظارو هيٺ آئيني ۾ نه ڏٺو هيو.
وارث روم جي رک ۾ پوريل هيو. روم جنهن جا پنا سڙي چڪا هيا، جلد محفوظ هيو جنهن تي عرشنا جو نانءُ لکيل هيو. هو رک بنجي اڏاڻو ته سندس پر ڪتاب جي جلد جيان هيا.
ڪارٿج جي ٻي لڙائيءَ ۾ نيروءَ بين وڄائيندي ميطروس درياهه ڪناري هدسو بال جو ڪنڌ ڪپي وڌو. شڪست کائي هدسو بال جو لشڪر ڪارٿج طرف ڀڳو. بين جا سُر بهادر سپاهين جيان انهن کي ڀڄائيندا ويا.
جڏهن نيرو مئو ته سندس روح روم جي خاڪ ٿيل گهٽين ۾ ٻار جيان بانبڙا پائي مٽي چٽيندو رهيو.
ڪارٿج شڪست کائي ميڊيٽرينين ۾ رت جا ڳوڙها ڳاڙيا. انهن وري انتقام وٺڻ لئي مقدونيا جي وحشين ۽ يونان جي سرقوسا عالمن کي پاڻ سان ملائي فوج ترتيب ڏني. عالمن فوج جي اڳواڻي ڪئي. جنگ لڳي ته عالم پاسي ٿي ويا. پويان ايندڙ وحشين دشمن کي ٽوٽا چٻايا. عالم اڳتي آيا انهن وحشين جون پٺيون ٺپيندي کين خراج تحسين پيش ڪيو. انهن عالمن ۾ ارشميدس به هيو جنهن منجهيل مسئلن کي سلجهائڻ ۾ مدد ڪئي. اهڙو وقت وري آيو جو رومي جنگ جي ميدان ۾ ڇانئجي ويا. انهن يوناني ٻيٽ سرقوسا تي ڪاهه ڪئي. ارشميدس تهه خاني ۾ منجهيل مسئلو سلجهائي رهيوهيو، سندس سامهون وارث ويٺل هيو، جنهن کيس حياتيءَ جي جوڙجڪ جو اهڙو حل ڳولهڻ جي گذارش ڪئي هئي جنهن سان حياتيءَ جي پاڇيءَ ۾ ٻڙي نه اچي سگهي.
رومين کي سرقوسا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏين آزمائشين مان گذرڻو پيو. ارشميدس قلعي باهران اهڙيون ڪلون نصب ڪيون هيون جن کي ڏسي رومي ٽاهه کائي ڀڳا. نيٺ انهن ڀت جو اهو ڀُتو حصو ڳولهي ڪڍيو جنهن کي ڊاهي سرقوسا ۾ داخل ٿيا. قلعي ۾ داخل ٿيڻ سان سپهه سالار ’مرقس قلادوس‘ رڙ ڪري چيو،
”سڀني کي قتل ڪجو پر ارشميدس کي ويجهو نه وڃجو، سندس حياتي قيمتي آهي.“
قلادوس کي خبر هئي ته ارشميدس وقت جو عالم ۽ داناءُ آهي. ان کي جيئرو پڪڙجي ته روم لاءِ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.
تهه خاني ۾ ارشميدس انگن اکرن ۾ ايڏو الجهيل هيو جو کيس خبر ئي نه پئي ته مٿي سرقوسا جي قلعي تي قبضو ٿي چڪو آهي. وارث تجسس مان هن کي ڏسي رهيو هيو، انتظار ۾ هيو ته ارشميدس جيترو جلد ٿي سگهي حياتيءَ جي انگن اکرن کي سلجهائي هن جي مدد ڪري وجهي. ان اتاولو ٿي کيس عرض ڪيو،
”ڇا حياتيءَ جي ونڊ ۾ بچيل پاڇيءَ اندر ڪجهه بقايا بچيو آهي يا صفا صفر آهي؟“
ارشميدس مٿو کنهيو ۽ چيو،
”حياتيءَ جو حساب هر حال ۾ عقل کان بالاتر آهي. جيڪر عزرائيل جي ڳاڙهي بندي هٿ اچي ته هڪ دفعو پڙهي ان جو حوالو ڏئي سگهان. انتظار ڪر عزرائيل آيو ته ان سان صلاح ڪري مسئلو حل ڪري ٿا وٺون.“
هو جڏهن ڪنڌ هيٺ ڪري مسئلي ۾ مشغول هيو ته هڪ رومي سپاهي تهه خاني ۾ تلوار اڀي ڪري ڏاڪڻ لهندو اچي هن مٿان بيٺو. ارشميدس ڪنڌ کڻي ان کي ڏٺو ۽ فڪرمند لهجي ۾ چيو،
”ٿورو انتظار ڪر. هڪ مسئلي ۾ منجهيل آهيان.“
جاهل سپاهيءَ هن کي عجب مان ڏٺو ۽ سوچيو،
”پوڙهو يوناني چوي ڇا ٿو؟ هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. تلوار جو ڌڪ هڻي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيائينس.
رت ڪاغذن تي ڪريو ۽ حياتيءَ جو هر حساب پورو ٿي ويو. وارث اهي رت ٻڏل ڪاغذ کنيا ۽ انگ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. اتي زندگيءَ جا انگ نه هيا. موت هيو جيڪو ڳاڙهي چادر پائي ليٽيل هيو.