2
ريگستان جي واريءَ جو رنگ ڳاڙهو هيو. هوا ۾ هلي پئي ته منهن تي رت جون ڦينگون پئي پيون. هن پاڻ کي پيرين اگهاڙو ڪمزور عرشنا سان کجيءَ هيٺ بيٺل ڏٺو. کجيءَ جي پاڇي ۾ سندن پير پئي سڙيا. هن فيصلو ڪيو ته تاريخ جو سفر طي ڪندو. تاريخ جيڪا هماليا کان بلند آهي. جتان پاڻي هيٺ ڪرندو تهذيبن کي جنم ڏيندو، سمنڊ ۾ دفن ٿئي ٿو. هو عرشنا کي ساڻ ڪري ڪرندڙ پاڻيءَ جو سينو چيري ان پهاڙ تي چڙهندو جتي چوٽيءَ تي ڇوٽڪارو پٿر سان ٻڌل آهي ۽ آزاديءَ لاءِ واجهائي رهيو آهي. هٿ ۾ پيالو کڻي عرشنا جي شفا پنندو. حياتيءَ جو خير گهرندو. تاريخ جي لنگهي ويل قافلي پويان ڊڪندو. هر ديوتا پيغمبر ولي ۽ اوتار پويان ويندو جيڪو سرحدون لتاڙي ويو آهي. ڪائنات آڪاش پولارن ۽ ستارن جي اوٽ ۾ لڪيل هستيءَ کي ڳولهي لهندو جنهن وٽ ڳاڙهي بندي آهي ۽ ان ۾ زندگيءَ جي طوالت جو تذڪرو ٿيل آهي. عزرائيل جو قلم چورائي عرشنا جي وحيءَ مٿان وهائي انگ بدلائي وجهندو. عرشنا امر ٿي ويندي ۽ هو عرشنا جي صدقي ڪڏهن فنا نه ٿيندو.
جڏهن خواب جي ستين سطح تان رب کي پڪاريو ته ست پڙاڏا ٿيا ست رب ٺهيا جن ۾ هڪ سمايل هيو. هن عرشنا کي آواز ڏنو ست عرشنائون ٺهيون جن ۾ هو سمايل هيو. هن خواب ۾ وجود جي رڳن جهڙي وڄ چمڪندي ڏٺي سندس وار لوهه جي سيخن ۾ تبديل ٿي ويا جيڪي دماغ جي گهرائين ۾ کتل هيون. هن عرشنا جي وجود کي محسوس ڪيو اهو وهاڻي جيان نرم هيو جنهن جي ڪپهه ۾ وجود جي گرمي سمايل هئي. ان جا ڳل اوندهه ۾ فانوس جيان ٻري رهيا هيا. ويراني ۾ انيڪ رستا روشن هيا. رستا سندس قدمن مان ڪرڻن جيان ڦهليل هيا. ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل سنڌوءَ جا رستا هٿ لڪيرن جهڙا فارس جا رستا. موسى جي قدمن سان چٽيل ڪنعان جا رستا. مهاوير جي زخمن ۾ چرندڙ ڪيئَنَ جا رستا. ٻڌ جي پيڙائن سان ڀريل درد جا رستا. کوپڙين جي مينارن سان سجايل تاتارين جا رستا. انقلاب جي رت سان رنگيل روس جا رستا. جهنڊن سان لهرائيندڙ ترڪيءَ جا رستا. ڀڳل ڀت مان ويندڙ جرمنيءَ جا رستا. نيلام ٿيندڙ يوسف جي چوراهي ڏي ويندڙ مصر جا رستا. فرانس جا باغي رستا. آفريڪي محڪوم رستا. برطانيه جا استحصالي رستا. ڪارو نقاب پائي نچندڙ رقاصا جي سنهي چيلهه جهڙا الحمرا جا رستا. رستا جيڪي ڏور انڌيارن ۾ اوجهل پئي ٿيا.
’ماضي اوندهه نه آهي.‘ هن عرشنا سان ڳالهايو ته خوابن جي آئيني تي پٿر لڳڻ ڪري چير پئجي ويا. ’ماضي سرد موسم جيان آهي جنهن ۾ يادون ڄميل آهن. ان کي گرمائي ڪردارن کي جيئرو ڪري وجهون.‘ عرشنا اکيون ٻوٽي سندس سيني تي ساهه کڻندي رهي. هن خواب ۾ ڏٺو ڏور ٻرندڙ جبل مان چڻگون تجلا ڏئي ٻاهر نڪرنديون هجن. آسمان ڏي دونهي جا هزارين چهرا اڏاميا هجن.
’مون کي هٿ ڏي.‘ هن ڳالهايو.
’هل ٻرندڙ جبل جي ٻئي پاسي جتي لائو مردانگيءَ جيان وهي رهيو آهي. اتي نوح ٻيڙي ۾ اسان جو انتظار ڪري رهيو آهي. هل ته ٻيڙي تي هلي حياتيءَ کي ڳولهي لهون.‘
عرشنا جي اگهاڙن پيرن ۾ ڪنڊا ٽنبيل هيا سندس چپن تي درد مرڪي رهيو هيو.
’توسان گڏ هلڻ لئي تيار آهيان.‘ عرشنا چيو، ’هلڻ جو احساس زخمي پيرن کي ڇوٽڪاري جو احساس ڏئي ٿو.‘
هن عرشنا کي ساڻ ڪيو ۽ ماضيءَ ڏي سفر شروع ڪيو. عرشنا کي يقين ڏياريو ته حال ۾ موجود مادي دنيا ۾ سندس مرض جو ڇوٽڪارو ناممڪن آهي. ڇوٽڪارو ماضيءَ جي لامحدود حدن اندر موجود آهي. جيڪي لاتعداد مسيحائن سان ڀريل رب جي ٻاجهه ۽ آفتن سان ٽمٽار آهن. هو هن کي ساڻ کڻي ماضيءَ جي هر گهٽيءَ ۾ شفا جا در کڙڪائيندو. رمتو بڻجي رحم ۽ ڇوٽڪاري جي سين هڻي سندس حياتيءَ جو خير گهرندو.
هو خوابن ۾ عرشنا سان ڪنهن بي چين روح جيان اڏاڻو سندس پر جهڙ جا ٺهيل هيا ۽ اکيون پاڪ دامن عورت جي آڱرين ۾ پاتل منڊين جي ڪارن ٻڙن جهڙيون هيون. اڏريا ته مايوسيءَ جي مزار تان اڏري اميد جا اڇا پکي انهن پويان ويا. دنيا جي هر وادي انهن اڳيان هئي. جبلن کان هيٺ مٽيءَ کي سيراب ڪندڙ هاٿين جي هجوم جيان ڊوڙندڙ بدمست سنڌو جنهن جي ڪنارن تي عظيم تهذيبون گوتم جيان گيان ۾ گم هيون. سوين تهذيبون ڪنڌ جهڪائي عقيدت مان ان جي عظمت جو اعتراف ڪري رهيون هيون. ان کان پري عظيم مصر جا تعمير ٿيندڙ اهرام جن اندر دفن ٿيڻ جي شوق ۾ فرعون انهن جي مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا هيا. ٻئي پاسي ڪاري ڪڪر جيان بيٺل ابابيلن جا ولر جيڪي پٿرن جو مينهن وسائڻ لاءِ تيار هيا. يثرب جا مقدس مسافر جن جي هٿن ۾ پاڻيءَ جون مشقون سندن چپن جيان خشڪ هيون. ٻئي طرف ڪنعان جي رستن تي وڇڙي ويل پٽ جي انتظار ۾ نابين ٿي ويل نبي ۽ سندس عصا جيڪا ڀتي ٿي ڀڄڻ واري هئي. اڃان به اڳتي رب سامهون گوڏن ڀر جهڪي ڪلام ڪندڙ موسى جنهن جي قوم جي قدمن جا نشان ڳاڙهي سمنڊ جي لهرن مٽائي ڇڏيا. اولهه طرف يونان جا اهي ڏاها جن جي کاڌي جي ميز تي رکيل بوتل ۾ مڌ بجاءِ زهر ڀريل هيو ۽ روم جا سگهارا جن پنهنجيون طاقتور ٻانهون پنهنجي منڍيءَ ۾ ورائي آرام سان آپگهات ڪيو. مقدونيا جا عظيم سپهه سالار، جن وجود جا ٽڪر ڪٽي ٽانڊن تي پچائي ڪجهه پاڻ کاڌا ۽ ڪجهه ٻين کي کارايا. حڪمراني ڪندڙ هم جنس پرست عورتون جن جا ارهه غرق ٿيل ايٽلانٽا جي گنبذن جهڙا هيا. مائيڪل اينجيلو جنهن جون اکيون ڪليسيا جي ڇت تي چٽساليءَ کانپوءِ ست رنگيون هيون. چريو ڊاونچي جنهن تي موناليزا مرڪي رهي هئي. مايوس موزارٽ جنهن پاڻ کي مٿي ۾ وائلن هڻي زخمي ڪيو جڏهن مئو ته کيس دفنائڻ لاءِ ڪنهن وٽ وقت نه هيو ڇو جو هرڪو سندس موسيقي ٻڌڻ ۾ مشغول هيو. عقلمند والٽيئر جنهن جي واچن جي ڪارخاني کي باهه لڳي ته ٽوپلو لاهي ان سان وسائي رهيو هيو. وارث عرشنا کي خوابن ۾ ياد ڪري رهيو هيو عرشنا جاڳ ۾ هڏڪيون ڏئي رهي هئي. عرشنا جو گرم وجود باهه جي شعلن جيان سندس ٻانهن ۾ ويڙهيل هيو. جيڪڏهن ڀاڪر ۾ نه هجي ها ته دنيا سڙي رک ٿي وڃي ها. عرشنا وارث جي بند اکين کي ڏٺو اهي قبرون هيون. اتي خواب پوريل هيا. خوابن ۾ زندگي جاڳي رهي هئي. زندگيءَ جي جدوجهد ۾ اکيون ڏرا ڏئي ويل هيون. اهي ڊٿل قبرون هيون جن ۾ گمنام ڪتبن تي تاريخ جا وساريل نانءَ لکيل هيا. عرشنا سيني ۾ ٻرندڙ ڏيئي کي اجهامندي محسوس ڪيو مونجهه کان ڊگهو ساهه کڻي جهيڻي آواز ۾ سڏيو.
”موٽي آءُ.“
وارث اهو آواز تڏهن ٻڌو جڏهن حڪيم مانيءَ اڳيان اکيون بند ڪري تناسخ جا گر سکي رهيو هيو. هن جو ڇرڪ نڪري ويو. اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. ڳوڙهن ۾ عرشنا جو ٻڏندڙ وجود محسوس ڪيو. عرشنا جا ارهه سرءُ ۾ پپرجي پن جهڙا هيا. کليل اکين ۾ ترورا هيا. ڊٿل گلابي رنگ جهڙا چپ ڪجهه چئي رهيا هيا. سندس آواز درياهه جي ٻئي ڪپ تي ويٺل سنهي چهنب واي پکيءَ جهڙو هيو. هن کي آواز سمجهه ۾ نه آيو، پوءِبه ايترو ضرور سمجهيو ته ويرانيءَ ۾ هلندي ڪنهن کيس سڏيو هجي. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو اتي رڃ هئي. رڃ جو آواز اڃايل هيو. سوچيائين. ’رڃ تي هلندڙ ٻيڙين کي سڙهه نه هوندا آهن. رڃ ويجهي وڃڻ سان فنا ٿي ويندي آهي.‘
وارث رڃ جي نخلستان جون کارڪون کاڌيون انهن ۾ اک جهڙي کوکڙي هئي. رڃ ۾ حڪيم مانيءَ کي ڏٺو. حڪيم مانيءَ جو جسم ٽرنگو هيو. ان جا پير ڳاڙها. هٿ گيڙو ۽ منهن هيڊو هيو. سندس پير زرتشت جي موڪدي جي شعلن جو پاڇو هيا. هٿ ٻڌ جو گيڙو لباس ۽ منهن تي عيسى جو هيڊو رنگ هيو. ماني مجموعو هيو جنهن ۾ فرقن جا هجوم هيا. همدان جي زرتشتي ’فاتڪ‘ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ماني جنهن جي جواني دجلا ڪناري گذري. هن مذهبن جو مطالعو ڪيو. عيسى جي صبر ۽ گوتم جي اواگوان سان آبياري ڪئي. ماني ايران جي موڪدن ۾ ٻرندڙن باهه جي ٽانڊن تي اهڙا انگور اٻاريا جو تراشيل جامن ۾ نظر ايندڙ هر اک سرور ۾ خماريل هئي. هو سنڌوءَ جو مداح هيو ان جي پاڻيءَ سان ڪيل هڪ وضوءَ جي پاڪيزگي سندس سدائين قائم رهي. هن سنڌوءَ ڪناري جهونن بڙن هيٺان مراقبا ڪيا. هن اڳيان سنڌو ائين وهندو هيو جيئن بند اکين سان وقت وهندو هجي. هن ٻڌيا جي مندرن ۾ راتيون بسر ڪيون، اوجاڳا ڪڍيا، اهڙو ڪامل ٿيو جو اڏامندڙ روحن سان گفتگو ڪري ستن جنمن جو شجرو ٺاهي محفوظ ڪندو هيو. چوندو هيو. ’سٺايون ڪيو جيئن رب جي روپ ۾ ظاهر ٿيو. عقلمند گڏهن لاءِ دنيا دوزخ آهي.‘
هو پکين ۽ جانورن کي ڀوڳيندڙ روح ڪوٺيندو هيو ۽ ديوتائن کي انسانيت جو معراج. هن وٽ عيسى جو صبر هيو ۽ سندس ڪلها زرتشت جي نيڪي ۽ بديءَ جا اهڙا آستان هيا جن تي ڪاري ۽ اڇي منهن وارا سوار ويٺل هيا جن جا هٿ هڪ ٻئي جي گريبانن ۾ هيا. ماني سنڌ جي صحرائن ۾ رليو گم ٿي ويو ۽ پاڻ ڳولهي ڪڍيو. سيوستان ۽ ڪيڪانان جي جبلن ۾ چلا ڪڍي اڳيان ٻرندڙ باهه ۽ مراقبي جي سنگم تي زرتشت ۽ ٻڌ کي هڪ ٿالهه ۾ کائيندي ڏٺو. پنهنجين پاسيرين ۾ عيسى جي ڌڙڪندڙ دل محسوس ڪئي. سندس وجود ۾ چوٿين اک ظاهر ٿي ۽ هن ماني مت جو بنياد وڌو. ماني ڌرتيءَ تي صوفين جو پهريون پيغمبر هيو جنهن جي پگهر ۾ سنڌوءَ جو پاڻي هيو. وارث جڏهن عرشنا جو سڏ ٻڌو ته پڙاڏي کي پهچندي وڏو وقت لڳي ويو. پڙاڏو پنهنجي اصليت ڳولهيندو آهي. جڏهن ڳولهي لهندو آهي ته وراڻيءَ ۾ ان جي گواهي ڏيندو آهي. عرشنا کيس سڏي رهي هئي.
”زندگيءَ پويان ڊوڙ فضول آهي. زندگيءَ کي ڪير پڪڙي سگهيو آهي. موٽي آءُ ته زندگيءَ کي بيقدريءَ جو احساس ٿيندو. توکي ڳولهي پاڻ تنهنجي در ايندي.“
وارث مانيءَ کي التجا ڪئي.
”اي پيغمبر. تناسخ جي ترغيب ڏي. عرشنا موٽي ته عرشنا هجي جنهن روپ ۾ فنا ٿئي تنهن ۾ جاڳي. هن جو اواگوان صحتمند هجي. توکي سندس کاڏيءَ جي تِر جي پارت هجي.“
ماني کيس ناسور کان پاڪ اواگوان جووچن ڏنو ۽ چيو.
”عرشنا به ائين جيئندي جيئن مان زرتشت جو چوٿون اواگوان آهيان. ڳجهن جو چٻاڙيل جسم آهيان. ڪانون اکيون کاڌيون ته عقلمند ٿيا. اهو روح آهيان جيڪو عيسى جي جسم ۾ گروي رهيو. ٻڌ جو اڌ اگهاڙو جسم آهيان جنهن تي منع ٿيل عورت جو عذاب ڄور جيان چنبڙيل آهي.“
بادشاهن مانيءَ تي ايمان آندو. ميڪدن جي باهه برف جيان رجڻ لڳي. جڏهن ماني مت پکڙيو ته خطي جي پکيڙ گهٽجي وئي. شاهپور رنگيو ته ان جا ڀائر بابل جو والي مهر شاهه ۽ خراسان جو پيروز. سرنگو ٿيا.
موڪدي جا موبد عاجز اچي ويا. زرتشت جو ماس کائيندڙ ڳجهن جا پر ڪٽجي ويا. باهه وسامڻ لڳي. رک اڏامڻ لڳي. موبدان موبد سنهري هٿئي واري لٺ ڦيرائي ائين ڏيکاري جيئن ڪپڙن کان عاجز خاص هنڌ ڏانهن اشارو ڪندو آهي. بادشاهه بهرام موبدن جي اثر ۾ اچي ويو. تخت نشينيءَ جي ڏينهن ۾ مانيءَ تي زور ڀريو ته ”مذهبي معاملن تي موبدان موبد سان بحث ڪري جيڪڏهن سچو ثابت ٿئي ته ايمان آڻيندو ٻئي صورت ۾ کيس قتل ڪرائي ڇڏيندو.“
هن کي زبردستي اهڙي محل ۾ آندو ويو جتي موبدان موبد تجليدار تاجن سان موجود هيا. انهن مانيءَ سان بحث ڪرڻ چاهيو. مانيءَ جواب نه ڏنو. اٿي بيٺو ۽ چيو.
”خدا بحث سان حاصل نه ٿو ڪري سگهجي.“
هٿ ٻڌا ۽ وري چيو، ”مون آڻ مڃي.“
وارث جيڪو واءُ جيان سندس وجود چوڌاري ويڙهيل هيو. ان رڙ ڪئي.
”اي پيغمبر بحث شروع نه ٿيو آهي، تون آڻ ڪيئن مڃي؟ اهي توکي قتل ڪري ڇڏيندا. مون اڃان اواگوان جو راز حاصل نه ڪيو آهي. تنهنجو موت منهنجي عرشنا جو موت آهي.“
ماني ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيو. تلوار لڳي ۽ سندس ڪنڌ ڪٽجي ائين پري وڃي پيو جيئن وجود تي اُڇاترو رکيل هجي هن جي هڪ پيروڪار حامي ڀريندي گواهي ڏني.
”بيشڪ ڪوپن جا ڪنڌ ڪٽجڻ لئي بيقرار هوندا آهن. فطرت انهن کي مضبوطيءَ سان نه ڳنڍيندي آهي جيئن ڪنڌ ڪٽجندي کين عذاب محسوس نه ٿئي.“
سندس منڍيءَ کي گنديشاپور جي ڦاٽڪ تي ٽنگيو ويو. اها ايترو عرصو ٽنگيل رهي جو ان جي اکين اهو سڀ ڏٺو جيڪو بهرام جي ڏينهن ۾ ٿيو. ماني مت جو هر پيروڪار چونڊي ماريو ويو. ماني مت ڌرتيءَ تي روپ مٽائي ختم ٿي ويو.
’بندوس‘ مانيءَ جو پيروڪار هيو. هن روم ۾ پناهه ورتي. جڏهن واپس ايران وريو ته ماني مت ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون. هن مذهب کي خير جو نالو ڏنو. چيو.
”شر فنا ٿي چڪو آهي. خدا خير جو خالق آهي. بديءَ جو وجود مٽجي چڪو آهي. هر چڱائي رب پاران آهي. رب عذابن کان نفرت ڪري ٿو. سزائون انسان جو ذاتي عمل آهن.“
جڏهن ’بندوس‘ جو مريد ’مزدڪ‘ ڌرتيءَ تي آيو. وارث ڳاڙهو جهنڊو ٺاهيءَ ’قباد‘ جي محل تي هنيو. ڳاڙهي جهنڊي ۾ اڇين بوندن جا نشان هيا. وارث قباد وٽ ويو ۽ چيو.
”اي شهنشاهه ڌرتيءَ تي انسانن جي رت جو رنگ اڇو ٿي چڪو آهي. اهو کير جهڙو آهي. ان کان اڳ جو جانور رت جهڙو کير ڏين تون بند چراگاهن جا رستا کول.“
قباد فراخدليءَ جو مظاهرو ڪيو. مزدڪ کي نائب مقرر ڪري ڀر ۾ ويهاريو. مزدڪ ماني ۽ بندوس جو پيروڪار هيو. قباد ڪليسائن کي ناراض ڪيو. زرتشتي ڪليسائن جي باهه ازدها جو ٻيو روپ هيون. اهي ازدها مجوسين جي محلي مان نڪري فرات ۽ دجلا ڪناري اڃ اجهائيندا هيا ته پيئڻ لئي بوند نه بچندي هئي. ڪليسيا طاقتور هئي. ان جا موبد جنس سميت هر شيءِ ڏن ۾ وٺندا هيا. موبدن جا ولي موبدان موبد هيا جن جي صلاحن سان مملڪتن جا والي تخت تي چڙهندا ۽ لهندا هيا. اهي ئي موبدان موبد هيا جن جون فتوائون ولين کي تختن تي لڙڪائينديون هيون.
مزدڪ دجلا ڪناري ’مادرايا‘ ۾ ڄايو. سندس پيءُ ’نامداز‘ ڌنار هيو هن جي ٻڪرين جي شڪل ان وقت جي مظلومن جهڙي هئي. ٻڪريون ٻانهون ۽ ٻايون مختلف رنگن جا جانور هيا. خوشحالي قباد جي محل ۾ قيد هئي. محل ٻاهران مک دروازي وٽ انڌو موت، ڪشڪول جهلي ويٺل هيو. ڪشڪول ڪنارن تائين ڀريل هيو. خيرات ۾ ملندڙ هر سڪو هيٺ ڪري ٿي پيو. موت بيزار ٿي چيو.
”آخر موت آهيان دل نه آهي ته ڇا ٿي پيو؟ انڌو آهيان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟ زندگين جو وزن جهليندي هٿ ٿڪجي چڪا آهن. فرض جي يڪسانيت بيزار ڪري وڌو آهي. آهي ڪو ٻيو جيڪو ڪشڪول جهلي قباد جي در تي ويهي ڄڀ ڪڍي سهڪي؟“
وارث اتي ويٺل هيو، وڌي هن مٿان آيو ۽ چيو.
”اي موت توکان زندگي گهرڻ بکايل کان کاڌو کسڻ برابر آهي. مونکي معاف ڪر مان زندگيءَ جو متلاشي آهيان. جنهن شيءِ لاءِ عرشنا واجهائي رهي آهي اها تو وٽ ناپيد آهي.“
موت لڄي ٿيو. رنو ته ان جون اکيون خشڪ هيون.
’سچ چوين ٿو.‘ موت چيو، ’مان انسان جون خواهشون پوريون ڪرڻ کان لاچار آهيان. ان جلاد کان بدتر آهيان جيڪو سوليءَ تي چاڙهڻ کان اڳ آخري خواهش پڇي ٿو. ان سنگدل حڪمران جهڙو به نه آهيان جيڪو ڪڏهن راضي ٿي رعايا تي رحم ڪري ٿو. ياد رک موت جو ڪارو پکي رحم جا آنا نه ڏيندو آهي.‘
وارث اتاولو ٿي پڇيو.
”ٻڌاءِ، زندگي ڪٿي آهي؟“
”جتي مان نه آهيان.“ موت چيو.
”تون ڪٿي نه آهين؟“ هن وري پڇيو.
”جتي خدا نه آهي.“ موت جواب ڏنو.
وارث صحرا ۾ رلندڙ هرڻ جهڙو ٿي ويو جنهن جي مٿي تي سڱ نه هيا.
”اي موت ڪڏهن مرندين؟“ هن ڪاوڙ مان پڇيو.
موت ملامت محسوس ڪئي.
”جڏهن زندگي منهنجو ڪم سنڀاليندي.“ موت جواب ڏنو.
وارث وٽ چوڻ لاءِ ڪي به لفظ نه بچيا. محل ۾ ويو ۽ قباد کي زندگيءَ جي التجا ڪيائين.
’تنهنجن گدامن ۾ زندگيءَ جا انبار آهن. ان کان اڳ جو بيمار ڪوئا انهن کي ٽڪي وڃن ۽ اڏوهي اندر داخل ٿئي. ورهاءِ ته بکايل ٻار جي رڙ زندگيءَ جي صدا بنجي مملڪت جا در کڙڪائي.‘
وارث جو آواز مزدڪ جي صدا هيو. مزدڪ جڏهن قباد جو نائب هيو. سوڪهڙي ۾ انسانن جون اکيون ڌرتيءَ جي دراڙن جيان ڏرا ڏئي ويون. هو ڀڄندو قباد وٽ پهتو ۽ عرض ڪيائين. ’اي بادشاهه ڪنهن کي نانگ ڏنگي. ٻئي وٽ ترياق هجي. اهو ترياق استعمال نه ڪري ته ان کي ڪهڙي سزا ڏجي؟‘ قباد ٺهه پهه وراڻيو.
”اهڙي شخص کي ڦاهيءَ چاڙ هجي.“
پوءِ مزدڪ بکايلن وٽ ويو ۽ چيائين.
”بادشاهه اجازت ڏني آهي. ان جا گدام لٽيو ۽ پيٽ ڀريو.“
عوام ان لٽيو. چلها دکيا. مئل پيٽ جيئرا ٿي پيا.
قباد سخت ناراض ٿيو. مزدڪ کي گهرائي بغاوت جو سبب پڇيائين.
”توکي اها اجازت ڪنهن ڏني ته اهڙو فرمان صادر ڪر؟“
مزدڪ قباد جي سوال تي حيرت جو اظهار ڪيو ۽ چيو، ’توهان ئي ته چيو هيو جيڪڏهن ڪنهن وٽ ترياق هجي ۽ اهو استعمال نه ڪري ته ان کي ڦاهيءَ چاڙهيو وڃي. مون اهڙي حڪم تي عمل ڪيو آهي. عوام بک مري رهيو آهي. ان گدامن ۾ بند آهي. ان عوام تائين نه پهتو ته بک کان مري ويندو. ڏوهه نه ڪيو آهي. ترياق جو ڏس ڏنو آهي.‘
قباد تخت تي ويهي ڊگهي سوچ ۾ گم ٿي ويو. مزدڪ قباد کي فڪرمند ڏسي سٺيون صلاحون ڏنيون. کيس ٻڌايو، ’ان ۾ ڪوشڪ نه آهي ته بادشاهه مملڪت جو سڀ کان طاقتور ستون آهي. رعايا ان صورت ۾ خطرو آهي جو کيس کائڻ لاءِ ڪجهه نه هجي. رعايا خوش رکڻ حڪمرانيءَ کي طول ڏيڻ برابر آهي. رعايا خوش تڏهن ٿي سگهي ٿي جڏهن ان کي حق حاصل هجن. وهنوار جي هر شيءِ مشترڪ هجي. نجي ملڪيت جو تصور نه هجي. عورتون اجتماعي زالون هجن. ٻار ماءُ جي نانءَ سان سڃاتا وڃن. اهي مملڪت جي ملڪيت هجن.‘
قباد مزدڪ جي مشوري تي عمل ڪندي اهڙو قانون نافذ ڪيو جو ڪليسيا جي موبدان موبد جون اکيون ڪاوڙ مان چڻگون ڏئي ٻرڻ لڳيون. قباد مزدڪ کي مرشد جو درجو ڏنو، عقيدت مان ان آڏو هٿ جوڙيندي عرض ڪيو،
”اي ولي، نسلن جي پاڪيزگيءَ جي باري ۾ تنهنجي ڪهڙي تجويز آهي؟“
مزدڪ محتياط ٿي ڳالهايو، ”اسين تخم جا غلام آهيون. ورثي ۾ مليل هرشيءِ تخم ۾ محفوظ رهي ٿي. خدا به تخم مان منتقل ٿي وجود ۾ موجود رهي ٿو. پاڪ تخم شفاف دليون ۽ روشن دماغ ڄڻي ٿو. جڏهن ته گڏهه گڏهه کي ئي جنم ڏئي ٿو. سڌريل ڪٽنبن ۾ ملاوٽ کان پاڪ نسل تڏهن برقرار رهن ٿا جڏهن محرمن کي نڪاح ۾ آندو وڃي ٿو.“
قباد ان تي عمل ڪيو ۽ ڀيڻ سان شادي ڪئي. موبدان موبد قباد کي ڪافر قرار ڏئي طبقي جي بااثر ماڻهن سان ملي سندس تختو اونڌو ڪري وڌو. قباد رڻ ۾ رلي ويو. هن واري ڇاڻي ڌوڙ حاصل ڪئي. سندس وار ايڏا وڏا ٿي ويا جو انهن ۾ جهرڪين آکيرا ڪيا. هو ڀٽ تي ’مزدڪ نامگ‘ پڙهي رهيو هيو ته حياتيءَ جو متلاشي وارث لهندڙ سج اڳيان ٿوهر جي وڌندڙ پاڇي جهڙي ڊگهي نانگ جيان سرندو هن جي کڙين وٽ آيو ۽ پنهنجا چپ سندس لڦن مان وهندڙ نمڪين پاڻيءَ تي رکي ڇڏيا. ٿوهرن جا پاڇا وارث جيان زندگيءَ جو پاڻي ڳولهي رهيا هيا.
قباد مزدڪ نامگ جون آخري سٽون پڙهيون.
”باهه، پاڻي ۽ مٽي هر تخليق جو جز آهن. شَرَ سڙي چڪو آهي. خير مٽيءَ مان ڳوهجي امن جي اُسَ ۾ خشڪ ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي.“
هن ڪتاب بند ڪيو ته وارث ڳالهايو.
”حياتي لڦ مان وهندڙ نمڪين پاڻيءَ جيان آهي. اي قباد تنهنجين لڦن جو پاڻي ناسورن جو علاج آهي.“
قباد ڀٽ تي ٽيڪَ ڏئي ويٺو. رات ٿي وئي. عرش ستارن جي واريءَ سان ڍڪجي ويو.
’اي زندگي ڳولهيندڙ آسمان جا جهڙ.‘ قباد چيو، ”اڻ ڏٺل کي ڳولهڻ ايئن آهي جيئن پنڊيءَ ۾ ڳڀو کڻي اناج ڳولهڻ. حاملا جو ٻار لاءِ ٻاڏائڻ. شر ٻاهر نيڪي اندر آهي. پاڻ تي غالب ٿي يا غالب ٿيڻ ڏي. “
وارث مايوس ٿي ليٽي پيو. سج اڀريو پاڇو گم هيو. ٿوهر جو رنگ گهرو سائو هيو. اتان اٿي وارث ان کوهه ڪناري آيو جيڪو مزدڪ جي پيروڪار ’المقنع‘ خراسان ۾ کوٽايو هيو، ان ۾ چنڊ لهندو ۽ چڙهندو هيو. جڏهن چنڊ لهي کوهه ۾ ويندو هيو ته ٿڪيل محبوب جيان اکيون ٻوٽي ستل هوندو هيو. هو ڪناري تي ويهي پٿر اڇلائي لهرون پيدا ڪندو هيو ته چنڊ جون اکيون کلي وينديون هيون.
’اي مقنع ڇو ٿو جاڳائين؟‘ چنڊ چوندو هيو، ’تاب سهي نه سگهندين.‘ مقنع مرڪي ان کي مخاطب ٿيندو هيو.
”جاڳندين ته خماريل اکين سان وڌيڪ وڻندين؟“
وارث ڏٺو کوهه ۾ چنڊ نه هيو. هيڊي منهن واري عرشنا هئي. هن المقنع کي عرض ڪيو.
”ڇا عرشنا چنڊ جيان کوهه ۾ محفوظ رهي سگهي ٿي؟ جيڪر پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائي کيس موت جي ننڊ مان جاڳائي سگهان.“
هن وارث کي کوهه جو محافظ مقرر ڪيو. وارث ڏٺو هيٺ پاڻيءَ ۾ چنڊ آخري پساهه کڻي رهيو هيو. اهو اوڻٽهينءَ جو ٿي ويو. المقنع مزدڪ جو جهنڊو بلند ڪيو ته ’آثار البلاد‘ جا صفحا ڳاڙها ٿي ويا. اها خراسان جي وڏي بغاوت هئي جنهن کي سختيءَ سان ڪچليو ويو.
انڌيرن قباد کي مايوس ڪري وڌو، ڀٽڪي موبدن کان معافي وتي. حڪومت حاصل ڪئي ته ولي عهد وڏي پٽ ڪلئوس کي قرار نه ڏنو ڇو جو اهو مزدڪي هيو. ننڍي نوشيروان کي مقرر ڪيو جيڪو موبدن جو معتبر هيو.
هارين فصلن کي باهيون ڏنيون. بکايل شاهي رنڌڻن ۾ گهري پيا. بادشاهه جو تاج چورائي اٺ کي پارايو ويو. سرمائيدارن جون ملڪيتون لٽي غريبن ۾ ورهائيون ويون. نوشيروان جي صلاح تي قباد مزدڪ کي پڪڙي زندان حوالي ڪيو. اها تجويز ڏني وئي ته مباحثي جو اهتمام ڪري مزدڪ کي موبدان موبد سامهون ويهاريو وڃي جيڪڏهن سچو آهي ته ثابت ڪري.
مناظرو منعقد ڪري راز مهرِ، خراد، فرائين، بندوي ۽ بهزاد جي آتشڪدن جا موبدان موبد گهرايا ويا. مزدڪ کي ساٿين سميت انهن آڏو پيش ڪيو ويو. مباحثو ٿيو. مزدڪ کي ڪوڙو قرار ڏئي ساٿين سميت جڏهن جيئرو دفنائيو ويو ته قبر ۾ کيس مرندي ڏهه ڏينهن لڳا. وارث هن مٿان ويٺو رهيو. ساميءَ جي ڀت کي ٽيڪ ڏئي مزدڪ جي منهن ۾ نهاريندو رهيو. مزدڪ محسوس ڪيو انڌيرن کي اکيون آهن. ڦهليل خاموشيءَ ۾ چپ چري رهيا آهن.
”اي مزدڪ ڇا باهه وسامي وئي. پاڻي سڪي ويو؟ مٽي اڏامي وئي؟“ وارث جو آواز گونجيو ”موت کان فرار جو رستو ڪهڙن ڪاڻن جي جنت ۾ وڃي ٿو؟ عرشنا جيئن تون به ڪجهه گهڙين جو مهمان آهين؟“
ساميءَ ۾ سمهيل مزدڪ ڳالهايو ته اوندهه وڄڻ لڳي.
”نه مئو آهيان... نه مرندس. جزا ڊهن ٿا. ملن ٿا. ٺهن ٿا. حياتي سمنڊ جي تهه تي ترندڙ پاڻيءَ سان ڀريل دلو آهي. دلو ڀڳو. پاڻي پاڻيءَ سان ملي هڪ ئي ويندو.“
مزدڪ اکيون ٻوٽيون ته پنهنجي زال خرم ۾ جيئرو رهيو. خرمي مزدڪ جو پيغام کڻي اڳتي هليا. ان قطار ۾ محمري آيا. مبيضي آيا. طيفسون شهر جي گهٽين ۾ مزدڪ جو روح وارث جي ڀٽڪندڙ پاڇولن جيان ڦرندو رهيو. بابڪ خرمي چوري ٿيل دنيا جي وهڙي کي طاقتور هٿن مان کسي ذبح ڪيو. هن ٽڪر ٽڪر ڪري ورهايو. مزدڪ کي سدائين ڪلهن تي ويٺل ڏٺو. مزدڪ جهڙ آهي. مزدڪ خواب آهي. هو وارث جي هر دور جو همعصر آهي. وارث کي زندگيءَ جي ڳولها آهي ۽ مزدڪ کي مارڪس جي.