13
وارث آدم جي اور ڏسي رهيو هيو. دن سان ڳنڍيل تند. آدم جي اور عرش ۾ پوريل آهي. ستن آسمانن کان مٿي ستارن جي سرزمين ۾ جتي پولار ڦاٽ کائيندڙ سانت ۾ لامحدود آهي. آدم عرش مان تند ۾ لڙڪي ٿو. خلا ۾ دن وٽان تند ۾ لڙڪي گول ڦري ٿو. ڪائنات جي هرشيءِ گردش ڪري ٿي. آدم جي ماءُ ڀونءِ تي ٻانهون ڦهلائي بيٺل آهي. اها آدم جي اچڻ جو انتظار ڪري ٿي.
ان کان اڳ وارث ستين عرش تي ان مٽيءَ وٽ ويٺل هيو جيڪا تازي ڳوٿل هئي. هن اهي هٿ چمڻ چاهيا جن ڳوٿي هئي. هن سوچيو. چمندو ته سندس چپ حياتيءَ سان آلا ٿي ويندا. اهي چپ عرشنا جي چپن تي رکندو ته اها جاڳي پوندي.
هن اتي انتظار ڪيو. جڏهن آدم جڙيو ته التجا ڪئي.
”آلي آدم جي ڪجهه مٽي مون حوالي ڪئي وڃي ته عرشنا جي ناسورن جي مرمت ڪيان.“
آدم جڙيل هيو. ڦوڪ جي انتظار ۾ هيو. ان کان اڳ جو مٽيءَ هاڻان هٿ ڌوپجن کين ڪهل آئي، اڳتي وڌيا. آدم جي پيٽ وٽان مٽيءَ ذرو وارث حوالي ڪيو. آدم جون دن ٺهي پيو. اور جو احساس جتان فطرت رڳن ۾ گردش ڪري ٿي. وارث مٽيءَ ذرو وٺي ڌرتيءَ تي آيو. مٽي ڌوڙ بنجي چڪي هئي.
”سڀ ڪوڙ... آدم ڪوڙ... ڌرتي ڪوڙ... هوا ڪوڙ... باهه ڪوڙ...“
سوچيو، آدم اڃان مڪمل نه ٿيو آهي. کيس فطرت تراشي رهي آهي. ان جي خامين کي اصلاح جي ضرورت آهي. آدم ڪجهه نه هيو پولارن جي چپ هيو. خاموشيون ٽڪرايون ته وڄ چمڪي. قطري جيان ڪريو سمنڊ ٺهيو. سمنڊ اوڳاڇيو ته ڏيڏر جيان ٽپا ڏيندو ناريلن جي جهنگ ۾ ويو. ڏونگهي کاڌي ته سندس ڏند ڄميا. گوشت کاڌو نوڪون نڪتيون. زلزلا جاڳيا ننڊ ڦٽي. طوفان آيا ٻانهن ۾ لڪيو. وڄ چمڪي روشنيءَ انڌو ڪيو. سج گرهڻ ۾ رب ڏٺو. چنڊ گرهڻ ۾ محبوب مليو. اوگهڙ جو احساس ٿيو. شرمسار ٿيو. ڪک ٻڌا. عضوا ڍڪيا،گوڏ ٻڌي، پڳ پاتي معتبر ٿيو. گهوڙي تي ويٺو سردار سڏيو. هاٿيءَ تي ويٺو حاڪم ٿيو. سچ ڳولهيو ڪوڙ ٿيو. ڪوڙ ڳولهيو سچ ٿيو.
وارث عرش تان تڙيل ڌرتيءَ تي گهمندڙ وجود جنهن جي هٿن ۾ خاڪ هئي. آدم جي دن جي خاڪ جنهن مان ڪتو ٺهيو. ڪتي جي ڀونڪ تي آدم جاڳيو. هن اک پٽي ڪجهه نه هيو. هڪ تارو هيو جنهن کي پڇ هيو. پڇڙ تارو جنهن جي ڀونڪ تي ڪائنات ڏڪي رهي هئي. عورت مرد جي ڀڳل پاسيري جنهن جو سور صدين تائين ڀوڳيندو. وارث وسري ويل خواب هيو. عرشنا کنڀ کولي سندس ذهن تي ستل هئي. هن جي هر اڏام عرشنا جا پر هيا. هن جون يادگيريون دونهي جهڙيون هيون. پولار جهڙيون جنهن جي حد ڳولهڻ خوابن ۾ ننڊ ڳولهڻ آهي. ٻه هٿ جن تي آلي مٽي ڄميل هئي. ماءُ جي آڱرين جيان ڳوٿل اٽي جا نشان. چمڪندڙ ٽانڊا، گرم چلهه. آدم پچي ٺڪر ٿي چڪو آهي. ڪريو ته ڀڄندي دير نه ڪندو. سندس وجود جا وڍ دڙڪندڙ دل کي ڪهڙو سهارو ڏيندا. دل اهڙو ٿانءُ آهي جنهن ۾ ڳاڙهو شراب ٽهڪي ٿو.
”اي پالڻهار، مونکي ڊاهه ۽ ٻيهر ٺاهه.“ وارث چيو، ”اهو نه چوندس تنهنجي تخليق ۾ ڪي ڪوتاهيون آهن پر ائين چوندس ته اهي مون ۾ آهن. حياتيءَ جي ڦرهي جاچ. چڪون ڪڍ ته ميساري ٻيهر لکان. الاهي، دنيا کي اڃان وجود قبول نه ٿو ڪري. اها اهڙي صراحيءَ جيان آهي جنهن جو ڍڪڻ وڃائجي چڪو آهي ۽ سرور ڏيندڙ مڌ روح جيان اڏامي چڪي آهي.“
آدم آرام پسند آهي. جنت جا ڏينهن وساري نه سگهيو آهي. ڪڻڪ کاڌائين ڪرفٽي ڪيائين. تڙجي ڌرتيءَ تي آيو. ڌرتيءَ تي جنت ڳولهيائين جنت ڳولهيندي زندگي دوزخ بڻائي وڌائين. وارث آدم جو پاڇو ڪڏهن رهنماءُ ٿي اڳيان پٺي هليو ته ڪڏهن مريد ٿي پويان. امڙ حوا جو اڱڻ وسيع آهي ۽ اسين بانبڙا پائيندڙ ٻار. ڪروڙها ٻار. حوا هڪ آهي. خوشنصيب جي وات ۾ ٿڻ. بدنصيب جي وات ۾ آڱوٺو آهي. ڌرتيءَ تي آدم خدا کي وساري ويٺو. هڪ ڏينهن هن کي هڏڪي آئي کيس خدا ياد ڪري رهيو هيو. ڪانءُ انسان جو ازلي استاد جنهن کيس پورڻ سيکاريو. ڪانءُ نه هجي ها ته انسان لاش ڪلهن تي رولي ها. وارث حوا جي اڱڻ ۾ ويو، سندس رئو چمي اکين تي رکيو ۽ عرض ڪيو،
”لوليءَ جا لفظ خيرات ۾ ڏي ته پاند ۾ وجهي مرندڙ عرشنا تي جھونگاريان. ٿي سگهي ٿو سڪون محسوس ڪري ۽ سندس روح دنيا ۾ ڪجهه ڏينهن ترسڻ لاءِ راضي ٿي پوي.“
حوا هن جا ڳل چميا ۽ چيو: ”چريا پٽ، پالڻهار اڃان لوليءَ جا اهڙا لفظ نه خلقيا آهن جو موت کي مات ڏئي سگهن. عزرائيل ٻڌي ته ان جي اکين مان ڳوڙها ڳڙن.“
آدم جي اٺين پيڙهيءَ جو فرد ’فرهيل‘ جڏهن ڄايو ته سندس اور کي الڳ نه ڪيو ويو. اور کي دفنايو ويو ته اهو ان ۾ ڳنڍيل هيو. اور ان اٺين پيڙهيءَ جي پاڙ هئي. هو وڻ هيو، ڌرتيءَ جو رت سندس وجود ۾ گردش ڪرڻ لڳو. ان شاخون ڪڍيون. پن ڦٽا. گل ڏنا ۽ ميوا نروار ٿيا. هر ميوو هڪ فرد هيو. هر فرد تخم سان جهنجهيل هيو. قبيلا ٺهيا. قومن وجود ورتو. جبل صحرا سمنڊ وڇوٽيون بڻيا. لهجا ٺهيا. اچار بدليا. زبانن وجود ورتو. توريت جا ترجما ٿيا ۽ تفسيرن تفرقو مچائي وڌو. سڀ سچائيءَ جا دعويدار ٿيا. پاڻ کي حق ٻئي کي ناحق چيو. ڪوڙ کي مروڙي ائين مڙهيو جو ڇوٽڪاري جا سڀ دڳ اوڏانهن ويندي نظر آيا. گناهن جا در کليا. انسان جهالت جي نشي ۾ ٿاٻڙجڻ لڳو. جڏهن قهر نازل ٿيو ته نوح ڪاٺ ڪٽي رهيو هيو. جودي جبل تي شاهه بلوط جا وڻ هن سان مخاطب ٿيا.
”اسين جودي جبل جي ساڪت مخلوق آهيون. ان کان اڳ جو ٻوڏ اچي اسان جو وجود امت لاءِ استعمال ڪري سگهين ٿو پر تون آخر انهن کي ڪيترو لڪائيندين. مصبيتون انهن جو مقدر. آفتون انهن جو انجام ۽ قهر انهن جي قسمت جو حصو آهن.“
ڪٽجي هيٺ ڪرندڙ هر بلوط آهه پئي ڪئي. جودي جبل جا پٿر دهشت کان هيٺ رڙهي دجلا ۾ ٿي ڪريا. ڪاٺ ڪٽجي تيار ٿيو. نوح پهريون ڪوڪو هنيو ته ڄڻ سندس ماس ۾ گهري ويو. چُڀن جي احساس کان سِٽ اڀري رڳ رڳ ۾ ڦهلجي وئي.
”اي بني سام.“ هن چيو: ”اڄ پهريون ڪوڪو هڻي نئين دنيا جو آغاز ڪيو آهي. ٻوڏ ايندي سمنڊ اٿلندا. پراڻي دنيا جا سڀ پاپ وهائي ويندا. منهنجي ٻيڙي جون ٻانهون توهانجي هٿن جو انتظار ڪري رهيون آهن. هن جا ونجهه اوڏانهن وڃن ٿا جتي عذابن کان پاڪ پناهگاهون آهن ۽ سڙهه هر آفت جي سِٽ سهڻ جي سگهه رکن ٿا.“ بني سام نوح کي مجذوب سمجهي چرين جيان ٽهڪ ڏنا.
ڪنهن چيو: ”تنهنجو ٻيڙو ٻلهڻ جي شڪار لاءِ موزون آهي. اهڙا رَڇ ضرور رکجانءِ جن ۾ جل پريون ڦاسي سگهن.“
جڏهن ٻيڙو تيار ٿيو ته ڪو قهر نه آيو. اڏوهي کاڌل دنيا ڪاٺ جي ٻيڙي کان مضبوط هئي. ٻيڙو ٻوڏ جي انتظار ۾ پوڙهو ٿي ويو. بني سام ان ۾ بيت الخلا بڻايو. ڪو ڪوڙهي ڪرفٽيءَ ۾ ڪري شفاياب ٿيو. بني سام جا سڀ ڪوڙهي ڪٺا ٿيا ۽ انهن امرت سمجهي گندگيءَ کي گڏ ڪري عضون تي آزمايو. وارث ڏٺو، بني سام جي وجود جا ناسور ڌوپجي صاف ٿي ويا. اهڙو منظر ڏسي جودي جبل تي نوح مرڪي ڏنو.
”پاڪيزگي غلاظت ۾ ڳولهيو.“ پنهنجي منهن ڀڻڪيو، ”ڪوڙ سچ ڳولهي ٿو. مرض شفا آهي. تشدد سگهه عطا ڪري ٿو. روح جي رڙ جسم جاڳائي ٿي. ڀوڳنا مدافعت جو روپ آهي.“
جودي جبل تي وارث ڪٽيل وڻ مان ڪريل ’هُد هُد‘ جي آکيري جو دربدر پکي هيو. نوح اڳيان آيو ۽ چهنب کوليائين، سندس ڪاري وات ۾ ڳاڙهي زبان ڏڪي رهي هئي.
”اي نوح اجازت ڏي.“ هن چيو: ”ٻيڙي مان ڪجهه ڪرفٽي کڻان. ڪرشنا جا ناسور بني سام جي ڪوڙهين کان گهٽ ڪين آهن. مونکي خبر آهي موت گناهگارن جي بدبوءِ کان نڪ جهلي پاسيرو ٿئي ٿو.“ نوح ڪريل آکيري مان کڻي کيس تريءَ تي ويهاريو.
”اي جاڳ ۾ اڏامندڙ خوابن جا پکي.“ هن چيو: ”بني سام جي سزائن ۾ ڇو ٿو شامل ٿئين؟ اها شفا نه آهي سزا آهي. انهن توهين ڪئي پاڻ ئي مجاز ٿيا. تون ڪهڙي توهين ڪئي آهي جو اجازت ڏيان ته سندن ڀوڳنا ۾ ڀائيوار ٿيءُ؟ کين ڪرڻ ڏي جيڪي ڪن ٿا. ايندڙ وقت انهن لاءِ آفت کان گهٽ ڪين هوندو.“
وارث ڇڳل آکيري جو، نوح جي تريءَ تي ويٺل مايوس پکي. ڳالهايو ته سندس لفظ سڏڪن جو ٻيو روپ هيا. ”ان هر سزا جو مستحق آهيان. جنهن عيوض عرشنا کي شفا ملي.“
”توکي عرشنا جي حياتي ايڏي عزيز آهي ته سڀ سوڻ ڇڏي هن ٻيڙي تي ويهه جيڪو نسلن جي نجات ۽ آدم جي اولاد جو آخري سهارو آهي.“ نوح چيو.
وارث اهو واعدو ڪري اڏاڻو ته واپس اچي ٻيڙي ۾ سوار ٿيندو، جيڪو جودي جبل تان روانو ٿيڻ وارو آهي. دنيا ٻڏندي ته ٻيڙو ترندو. آدم جي اولاد نوح جي نسل ۾ جيئندي. نئين دنيا جا رستا ڌوپجي ويندا. صحرائن جي واري اجري ٿي چمڪندي ۽ سمنڊ جو پاڻي انسانن جا ڳوڙها اگهندو. نوح جو نسل ڪوڙهه کان پاڪ ۽ بيمارين کان بري هوندو.
وارث اڏاڻو ته دونهون ٿي ويو. دونهون پاڇي ۾ تبديل ٿي ويو. پاڇي مان سوين پکي عرش ڏي اڏاڻا. ڪارا پکي جهڙ هيا جنهن جي گرم ٻاڦ ۾ رت ڀريل هيو. رت جا ڳوڙها. ڳوڙهن جو مينهن وسيو ته طوفان آيو. جبلن تان ريڙهيون ڏيندو ائين وهيو جيئن سندس رڳون ڪٽيل هجن. پاڻي هٿ هڻندو ترندو اڳتي وڌيو. ٻيڙي ۾ ساهه پئجي ويو. ديو جيان اٿيو ته سندس گوڏن مان ٺڪاءُ نڪتا. ڄنگهون سڌيون ڪيائين. قهر کي منهن ڏيڻ لاءِ هيٺيون چپ ڀيڪوڙي گناهگارن کي ڏٺائين. نوح جودي جبل تي بيٺل پنهنجي پٽ کي آخري گذارش ڪئي.
”ان کان اڳ جو پاڻي تنهنجن ڪلهن کان پٽي ڪنڌ تي اچي. ٻيڙي ۾ ويهه ته چڱائي ٿئي. توبهه تائب ٿيءُ ته عذابن کان آجو ٿئين.“
سندس پٽ جنهن جو ڪنڌ تڪبر کان مٿي هيو تنهن چيو: ”جودي جبل جي اوچائين کي ڪير لوڏي سگهيو آهي؟ تنهنجي ٻيڙي کان هيءَ پناهگاهه محفوظ آهي.“ اهو نه چڙهيو. ٻوڏ هر شيءِ کي لوڙهيو. ٻيڙو مٿي اڀريو ته جودي جبل ائين غرق ٿي ويو جيئن سانجهيءَ کانپوءِ سج.
ٻيڙي ۾ سڀ جوڙا ساڻ هيا. ڀولن مباشرت ڪئي ارتقائي عقلمند ڄايو. ڪتن مباشرت ڪئي بادشاهه جي قلعي جو دربان ڄايو. ڪانون مباشرت ڪئي جاهلن کي صلاحڪار مليو. لومڙن مباشرت ڪئي شريفن جي شهر جو ٺڳ ڄايو. گدڙن مباشرت ڪئي پاڇي کان ڊڄندڙ بزدل ڄايو. اٺن مباشرت ڪئي دانشور ڄايو. گڏهن مباشرت ڪئي استحصالي دنيا جو مزدور ڄايو. گهوڙن مباشرت ڪئي ڪاڻن جي ملڪ جو فاتح ڄايو. ڪبوترن مباشرت ڪئي گونگن جو گوتم ڄايو. بازن مباشرت ڪئي بي رحم شڪاري ڄايو. هاٿين مباشرت ڪئي پوئتي ٽهي ڀڳل لشڪر جو سپهه سالار ڄايو. شينهن مباشرت ڪئي انڌو پهلوان ڄايو. انسانن مباشرت ڪئي پر ڪٽيل فرشتو ڄايو. ٻيڙو پاڻيءَ تي ترندڙ دنيا هيو. ڪاٺ جي ڌرتي جنهن تي مخلوق جا قدم ائين پئي ٿاٻڙيا جيئن شراب جون ڇوليون ٻيڙي کي بدمست ڪنديون هجن. مهاٻوڏ جنهن ۾ ڪوهه جودي ٻڏو. ڪنعان جي وادي نظرن کان اوجهل ٿي وئي. فرات دجلا ملي هڪ ٿي ويا. فينيشيا جا امر پکي اڀ ۾ اڏامي هيٺ لهڻ لئي جاءِ ڳولهڻ لڳا. ڪارٿج کان روم تائين لَس ٿي وئي. مصر جو لاش ستن سمنڊن ۾ غرق ٿي ويو. آرمينيا جا آبشار ابتا وهڻ لڳا. يونان ۽ مسوپوٽيميا جي وچ واري لڪير ميسارجي هڪ ٿي وئي. سائپرس جو سائو شراب سمنڊ سان ملي هڪ ٿي ويو. سنڌو ائين اڀامڻ لڳو جيئن ان هيٺان باهه ڀڙڪي پئي هجي. وارث عرشنا کي وٺي پهتو ته ٻيڙو روانو ٿي چڪو هيو. هو هوا جي روپ ۾ هيو ۽ عرشنا ڀورو بادل. ان کي اڏاريندو آيو ته دنيا غرق ٿي چڪي هئي. ٻيڙو دنيا جي مٿاهينءَ طرف وڃي چڪو هيو جتي روس جون سرحدون وجود وٺندڙ عظيم تهذيبن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هيون. جتي ارارات جون اوچائيون ٻوڏ جي لهندڙ پاڻيءَ جو انتظار ڪري رهيون هيون. جتي ظاهر ٿيندڙ ڌرتيءَ تي عظيم ٻيڙي جا آخري پڙاءُ هيا. جتي اولاد آدم نسل نوح ۾ نروار ٿيڻو هيو. جتي پيغمبري سلسلا گابي جي ڳچيءَ ۾ پيل زنجير جي ڪڙين جيان هڪ ٻئي ۾ ڦاٿل هيا. جتي همورابيءَ کي اخلاقيات تي ڳالهائڻو هيو ۽ نمرود کي عرش تائين رسائيءَ لاءِ اهڙو مينار جوڙڻو هيو جتي بيهي ستارن کي ڇُهي سگهي.
وارث مايوس ٿي چڪو هيو. ڌرتي غرق ٿي چڪي هئي. هن جي عرشنا ڀورو بادل جنهن کي هنج پکيءَ جا کنڀ هيا. نڀ جهڙيون نيريون اکيون جن جي ترورن ۾ تارا چمڪي رهيا هيا. ناسور جن مان درد جا ڳوڙها هيٺ ڳڙي رهيا هيا. وارث هوا جو نظر نه ايندڙ جهوٽو سندس وجود ڪجهه به نه، هوندي به اوجهل. اوجهل وجود ۾ ترندڙ محبوبا. محبوبا جو وجود هن جي وجود جي گواهي هيو. دنيا پاڻيءَ ۾ تبديل ٿي چڪي هئي. جاندار پاڻيءَ جو حصو ٿي چڪا هيا. پاڻي جيڪو جاندارن جي وجود جو حصو هيو. هر جاندار پاڻي آهي. جل ڦوٽو جڙي ٿو، ڊهي ٿو. تري ٿو ٻڏي ٿو. مري ٿو جيئي ٿو.
عرشنا پاڻيءَ جو بدليل روپ-پاڻيءَ مان نڪتل ٻاڦ- جسم مان نڪتل روح- روح جيڪو بادل آهي. ڳوڙها جيڪي جهڙ آهن. اکين ۾ اوتجي آيل جهڙ. باهه تي رجندڙ لوهه. لوهه جنهن کي پاڻيءَ جي دل آهي. عرشنا ڳالهايو ته لفظن جو مينهن وسيو.
”اڄ دنيا جا زخم ڌوپجي ويا. ڌرتيءَ جا داغ مٽجي ويا. گناهن جا ناسور نيست ٿيا. جن ڏوهه ڪيا نابود ٿيا، پر منهنجي وجود جا زخم نانابود ٿيندڙ نخلستان جي کجين جيان آهن. ڪو اهڙو قهر نه آهي نازل ٿئي ته گناهگارن جهڙا ڦٽ فنا ٿين.“
وارث چپ ٿي ويو. هوا بند ٿي وئي. ڳالهايائين ته جهڙ رسي تي پيل رئي جيان لرزيو.
”آفتون ان لاءِ هونديون آهن ته انسان عقيدي تي ايمان آڻين. شڪتيءَ جي ظهور کي هٿي ڏين. ظهور کي يقين ڏئي دٻدٻي کي قائم رکن. فطرت رهجي ويل خامين کي ڏور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. خاميون ڏور ڪندي فطرت جاندارن جي هيئت بدلائي وڌي آهي. خاميون تڏهن ڏور ٿينديون جڏهن انسان ڪنهن ٻي مخلوق ۾ تبديل ٿي پوندو.“ هن جي ڳالهه تي عرشنا ٿڌو ساهه ڀريو.
”جيڪر لافاني خواب جا عرش ۾ اڏرندڙ امر ڪردار هجون. اهڙي ننڊ هجون جنهن جو انت نه هجي. اهڙي جاڳ هجون جنهن جون اکيون ڪڏهن نه کلن. ڌرتيءَ کان ڏور عرش هيٺ ڪا دنيا ڳولهڻ بنا آباد هجون. نه مئل هجون نه جيئرا هجون. اهڙي مخلوق هجون جنهن جو تخيل اڃان خلقڻهار جي خيال ۾ نه آيو هجي. اهڙا وجود هجون جيڪي اڻ هوند جي سانت ۾ سمايل هجن.“
هو نوح کي ڳولهيندا رهيا. نوح نه هيو ڌرتيءَ تي خضر هيو. پاڻيءَ جو پيغمبر جنهن جو سينو جودي جبل جيان ڦاٽي پيو هيو. پناهه نه وٺندڙ پکي پريشان هيا. اهي عرش ۾ اڏامي ڌرتي ڳولهي رهيا هيا جتي لهي ٿڪ ڀڃن. اتي ڪا وٿي نه هئي جنهن ۾ وڻن جون چوٽيون چرنديون هجن. پکي پريشان ٿي پاڻيءَ تي لٿا سندن پر ائين ڦهلجي ويا جيئن مڙهه کي سهارو ڏيندا هجن. گناهگارن جا لاش لڙهندا پئي ويا، انهن جي ڦاٽل اکين ۾ ڪوبه ڳوڙهو نه پئي ٽڪيو. ڇوليون هڻندڙ پاڻي انهن کي هر هر اگهيون پئي ويو.
وارث ۽ عرشنا جي بي ربط خوابن جو اڻسهائيندڙ تسلسل- ٻه ڀٽڪيل روح- سيني تي ساهه کڻندڙ عرشنا- تاريخ جي صفحن ۾ شفا ڳولهيندڙ وارث. جدا ٿيندڙ روح. وڇوڙي ۾ وچڙيل وجود. ڪمري جي اداسيءَ ۾ ساهه کڻندڙ رات- رات جو انجام- موت حياتي وڇوڙو وسوسا ۽ اميدن جا اڻ کٽ قافلا جن پويان وارث حياتيءَ جي سين هڻي عرشنا جي ڇوٽڪاري لاءِ سرگردان هيو. انهن کي نوح نه مليو. نوح ارارات جي اوچائين تي آيو ته طوفان جهڪو ٿيو. آفت ٽري. ٻوڏ گهٽي. ٻيڙو بيٺو. نئين دنيا وجود ورتو. هرشيءِ پاڻيءَ مان ائين نڪتي جيئن فطرت جي گرڀ مان ٻار. ٻار جي رڙ جيڪا مرڪ کان مٺي هئي. سڀ لٿا- گهوڙا، گڏهه، هرڻ، هاٿي، باز، بگهڙ، لومڙ، مرون، مينهون، ڍڳا، ٻڪريون وغيره جهان جا سڀ جوڙا موجود هيا. انهن ۾ وارث ۽ عرشنا نه هيا.