7
سقراط جي ڳالهه تي وارث کي حيرت لڳي.
”ته ڇا تون جيڪو زهر جو پيالو پيتو اها تنهنجي ناسمجهي هئي؟“ کيس سوال ڪيو.
”ڪلهه جا سچ اڄ ڪوڙ ۾ بدلجي چڪا آهن. ڪلهه جا ڪوڙ اڄ حقيقت جو روپ ڌاري چڪا آهن. نه سچ آهي نه ڪوڙ. ڪنهن ڏٺو آهي پردي پويان ڇا آهي؟ اسين حقيقت جي لٺ سهاري هلندڙ انڌا آهيون جيڪي مختلف راهن کان ايندي ٽڪرائجي رهيا آهيون. زهر جي پيالي پيئڻ کان مڌ جو پيالو بهتر آهي.“
سقراط ڳالهائيندي جذباتي ٿي ويو، سندس ڏرا ڏئي ويل اکين مان ڳوڙها ائين ڪريا جيئن کاهيءَ ۾ خوف کان لڪيل سپاهي ميدان صاف ڏسي ٻاهر نڪتا هجن.
”ٻڌاءِ ڇا موت جو علاج ممڪن آهي؟“ وارث پڇيو.
”موت اهڙي بيماري آهي جنهنجو علاج ڪائنات جي آخري ڪناري تي لڙڪندڙ ناريلن جي پاڻيءَ ۾ موجود آهي پر ڪائنات جي آخري حد جو فاصلو حياتيءَ جي ڊيگهه کان گهڻو آهي. جتان سڀ اچن ٿا اتي ڪو جيئري پهچي نه سگهيو آهي. امرتا جي ماکيءَ کان موت جي ڏنگ جو ذائقو چڱو آهي.“
”موت ظالم آهي. موت اهڙو عادل آهي جنهنجي تارازيءَ ۾ ڪاڻ آهي. ان وٽ مهلت جا الڳ پيمانا آهن. ڊيگهه جا فرق آهن.“ وارث چيو.
”نه“ سقراط چيو. ”موت جي هيئت نه آهي. بناوٽ يا جسم نه آهي. موت حالت جو نالو آهي. اها حالت تڏهن نازل ٿئي ٿي جڏهن اسين پنهنجي توهين ڪيون ٿا. پاڻ تي ظلم ڪيون ٿا. نفسانفسيءَ جي ڊوڙ ۾ قدمن هيٺان زخمي ٿيون ٿا. جسم اسان کان معافي وٺي ٿو. هٿ ٻڌي ٿو. رحم لاءِ چوي ٿو ۽ اسين ان کي ماري وجهون ٿا.“
”پر عرشنا معصوم آهي.“ وارث چيو. ”سندس جسم جوان آهي. ان تي وقت جي تذليل جون ڪي به ريکائون نه آهن. نفسانفسيءَ جا گهنج نه آهن، سندس دل تيل ۾ ٻڏل نه آهي. موت جي اهڙي ناانصافيءَ کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟“
وارث جي سوال تي سقراط منجهي پيو. هن وٽ ڪو جواب نه هيو. سچ ڪوڙ موت حياتي اهڙا سوال نظر آيا جن جا جواب عقل جي ڪنهن به تهخاني ۾ موجود نه هيا. سندس من چاهيو ته هو ڪوڙ ڳالهائڻ عيوض زهر جو پيالو پيئي. هن پاڻ کي ٽيهن قاضين جي عدالت جو مجرم محسوس ڪيو. ٽيهه ظالم قاضي جيڪي سچا هيا. هو ڪوڙ هيو. دنيا جو سڀ کان وڏو ڪوڙ. کيس ڪوڙ ڳالهائڻ عيوض قيد ڪيو ويو. هن کي قيد مان فرار ٿيڻ جو رستو پڻ فراهم ڪيو ويو. داروغي هن کان معافي گهري ۽ قيد جي کليل در ڏانهن اشارو ڏنو. سقراط قيد مان ڀڄڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو، ”قانون انڌو هجي يا کيس اکيون هجن ڪو فرق نه ٿو پوي. قانون جو تعلق سندس موجودگيءَ سان آهي.“
سقراط قيد کان نه ڀڳو. ارسطو هن ويجهو آيو ۽ چيائين.
”استاد افسوس آهي بي ڏوهي ماريو ويندين.“
سقراط هن ڏي رحم جي نظرن سان ڏٺو.
”تنهنجي مرضي آهي ته مان ڏوهي ماريو وڃان؟“ هن جواب ڏنو.
افلاطون پنهنجي چادر لاهي سقراط کي ڏيندي چيو.
”استاد هن ۾ منهن لڪائي هتان هليو وڃ.“
سقراط هن کان چادر وٺي پري ڦٽي ڪئي ۽ چيو.
”چادر ۾ منهن لڪائڻ سان ڇا موت کي دوکو ڏئي سگهجي ٿو؟ ڇا آٽيڪا جي جيل ٻاهران موت موجود نه آهي؟“
جلاد هملوڪ هن کي نيري مس جو پيالو ڀري ڏنو. سقراط وڏي صبر سان چپن تي آندو. هو مطمئن ٿي سمهيو ۽ مري ويو . موت طاري ٿيڻ جو تاثر ڪنهن اڳيان بيان نه ڪري سگهيو. وارث هن مٿان آيو ۽ سڏڪيا.
”اي عظيم استاد ويندي ايترو ته ٻڌاءِ اها واٽ ڪهڙي طرف وڃي ٿي؟“
کيس لاش مان آواز آيو.
”خاموشيءَ مان اندازو لڳاءِ. ان ڳالهه جو جواب ڪير ڏئي سگهيو آهي؟“
وارث مايوس ٿي آٽيڪا جي گهٽين ۾ ڀڳو. هڪ رستي تي آيو جنهن جي ٻنهي پاسن کان قطار ۾ بيٺل هرمس اعظم جي بتن جون منڍيون ڀڳل هيون.
اهو يونان ۾ اسٽيواڪ فرقي جو عروج هيو. وارث گهر جي چانٺ تي بيهي تقرير ڪندڙ ايپيڪيو رس جي دامن کي جهلي ان آڏو عرشنا جي زندگيءَ جي سين هنئي. ايپيڪيورس اسٽيواڪ فلسفي جو باني هيو. اسٽيواڪ گهرن جي چانٺ تي بيهي تقريرون ڪندا هيا. ماڻهن کي سمجهائيندا هيا ته زندگي چئن ڏينهن جي مهمان آهي. ان کي فضول نه وڃايو. هر گهڙيءَ جو لطف وٺو. جيڪي آهي موجود آهي ان کانسواءِ ڪجهه نه آهي. اهوئي آهي جيڪو نظر اچي ٿو. ڪابه شيءِ اکين کان اوجهل نه آهي. ڪي به پردانه آهن ڪي به راز نه آهن. سڀ رمزون اگهاڙيون ٿي محفل ۾ رقص ڪري رهيون آهن. تون آهين. مان آهيان. هي آهي. هو آهي ۽ اهو ئي آهي جيڪو توهان اڳيان آهي. مصيبتن کي ڳلي لڳائي ڏکن مان لطف اندوز ٿيو. جام کڻو پر مُسرور رهو. طيش ۾ نه اچو عيش ڪيو ۽ مري وڃو.“
ايپيڪيورس وارث کي ڪلهن ۾ هٿ وجهي اٿاريو ۽ دلفريب ٽهڪ ڏنو.
”اي الميا نگار سوفوڪلس جا ڀٽڪندڙ ڪردار“ هن چيو، ”مرندڙ مختصر زندگيءَ جي مالڪ عرشنا جي پيار جا دعويدار. تون ڪهڙو عاشق آهين محبوب کان ڏور رهي تاريخ جي رڻ ۾ ڀٽڪي رهيو آهين. ڪهڙن اڻ ڏٺل خوابن ۾ ڀٽڪي رهيو آهين؟ جاڳي هوش جي هڪ گهڙي مرندڙ محبوب سان گهاري ان کي امرڪر.“
ايپيڪيورس پوءِ اهل ايٿينيا ڏانهن منهن ڪندي چيو،
”ٻوٽي ۾ گل جي مرجهائجي وڃڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته ان کي پٽي هار ۾ پوئجي.“
وارث جي دل ڀرجي آئي.
”اي ايپيڪيورس“ هن چيو، ”منهنجي اڱڻ جا ڪارا گلاب سڙي چڪا آهن. گهر جي چانٺ تي ڪي اسٽيواڪ تقريرون نه ڪندا آهن. اتي ڪي نعل لڳل نه آهن. گهوڙا هڻڪندا نه آهن.“
هو وري مايوس ٿي ڀڳو. شهر جي ٻي گهٽيءَ ۾ پهتو جتي فيشاغورث سائي چادر ويڙهي ويٺل هيو. اهو بت پرستن جي شهر ۾ روحن جون ڳالهيون ڪري رهيو هيو. اهو اواگوان جو پرچارڪ هيو. روحن جي تناسخ جو عقيدتنگار هيو. هن چوڌاري محفل ۾ اٺ نفس ويٺل هيا. چار انسان، چار حيوان. هڪ وارث هيو جيڪو نه انسان هيو نه حيوان. اهو خيال هيو جيڪو خوابن ۾ اڏامي رهيو هيو. وارث ڳالهايو ته ڄڻ عالم غيب مان آواز آيو.
”اي فيثاغورث ڪو اهڙو اواگوان نه آهي؟ اهڙو تناسخ نه آهي؟ جو روح ڪنهن حيوان ۾ پناهه وٺڻ بنا ڀٽڪي واپس پنهنجو جسم ڳولهي لهن؟ مونکي اهڙو عمل ٻڌاءِ جو روح جو رستو روڪي سگهجي، ان کي موڙي سگهجي. ڇا روح اهڙي رڍ جيان نه آهي جيڪا واڙ مان نڪري ته واپس واڙ ۾ ورائي وٺجي؟“
فيثاغورث سائي چادر مٿي ڪري ڏٺو. هن کي ڪاري ويس ۾ ويٺل وارث نظر آيو.
”ڇا انسان آهين؟“ هن پڇيو، ”جي انسان آهين ته ياد رک جسم جهوپڙيءَ جيان آهي جيڪا هر موسم ۾ جهري ٿي. اها ڪرندي ۽ روح ٻي پناهگاهه حاصل ڪندو. عرشنا ڪريل عمارت جي هيٺان دٻيل آهي. موت ڇوٽڪارو آهي. اها آزاد ٿيندي ته سسلياجي چراگاهن ۾ گهمندڙ خوبصورت هرڻي هوندي. موت کان پناهه جي دعا نه گهر، ڇو جو روح زخمي ٿي پوندو. ڇا تون ڪڏهن شينهن جي منهن تي انسان جي ننهن جا نشان ڏٺا آهن؟ صحتمند عمارت ۾ روح سک جا ساهه کڻندو آهي.“
”اي فيثاغورث منهنجي عرشنا ڪا عمارت نه آهي. اها اهڙو کنڊر نه آهي جنهنجي ويران ڪنڊ جو ويٺل فقير آهيان. ڇا جهوپڙيون وري اڏي نه ٿيون سگهجن؟ ڊٿل عمارتون تعمير ٿي نه ٿيون سگهن؟ ڇا روح ايڏا بيوفا آهن جو مرمت جو انتظار نه ٿا ڪن. اواگوان ۾ روح ان عورت جهڙا آهن جيڪا هڪ رات به مرد بنا نه ٿي سمهي.“
فيثاغورث کيس اخلاقيات تي خطبو ڏنو. وارث ڪنڌ جهڪائي ائين ويهي رهيو جيئن هن کي ويٺي ننڊ اچي وئي هجي. هو خواب ۾ سمهي پيو. جڏهن جاڳيو ته انهن ڏهه هزار سپاهين ۾ شامل هيو جيڪي وطن جي ڳولها ۾ نڪتا هيا، انهن جي رهنمائي زينوفون ڪري رهيو هيو.
سپارٽا جا ڏهه هزار جوڌا جن ڊگهين ٻانهن واري اردشير اڳيان تلوارون ڦٽيون نه ڪيون. سپارٽا جا اشتراڪيت پسند جن جي گهرن ۾ بورچيخانا نه هيا. کاڌي وقت شهر جا ماڻهو طعامگاهه ۾ ڪٺا ٿيندا هيا ۽ هڪجهڙو کائيندا هيا. هر پنجن سالن کانپوءِ گهر مٽائيندا هيا جيئن عمارتن جي مالڪيءَ جو ڪو دعويدار نه هجي. سندن هر شيءِ قومي امانت هئي. ڪا ذاتي ملڪيت نه هئي. هڪ دفعي اپيلياس گڏيل کاڌي جي ميز تي سڀني کان سوال ڪيو، ”اسان وٽ ڪا نجي شيءِ نه آهي سواءِ زالن جي ڇا اهو قانون جو انحراف نه آهي. جڏهن هر شيءِ گڏيل ملڪيت آهي ته زالن جي نجي هجڻ جو ڪهڙو سبب؟“
ان ڳالهه تي کيس الڪوسوس يخنيءَ جو پيالو هڻندي چيو، ”ياد رک غيرت نجي شيءِ آهي جيڪا فطرت ۾ شامل آهي.“ اپيلياس اهڙي جٺ تي جوش ۾ نه آيو. هن رومال سان منهن اگهندي چيو،
”منهنجو اهو مطلب نه هيو. چوڻ پئي چاهيم ته ٻار جن کي فوج ۾ شامل ڪري وڙهڻ جي ترغيب ڏني وڃي ٿي، شهيد ٿين ٿا ته ڏک ٿئي ٿو. زالون مشترڪه هونديون ته ٻار تي فرد واحد جو نالو نه هوندو. ڪا خبر نه پوندي ته جنگ ۾ ڪير شهيد ٿيو، ڪنهن جي وڇڙڻ جو ڪو ڏک نه ٿيندو. اسين اشتراڪيت تي مڪمل عمل ڪري ڏکن کي اڃان به گهٽائي سگهون ٿا.“
ان کان اڳ جو ماڻهو بحث ڪري مٿا ڦاڙين. فلاسافر زينوفون اڳتي وڌيو ۽ وچ ۾ اچي سڀني کي خاموش ڪندي چيو. ”سياست ۾ مذاق جي اجازت نه آهي. اسين سڀ قوم جي امانت آهيون. ڪو ننڍو وڏو نه آهي. ڪو سهڻو ڪوجهو نه آهي. اسان جي ملڪ جا ڪوئا اردشير جي سپاهين کان دلير آهن. اسين عظيم معاشري جا اڳواڻ آهيون.“
زينوفون ڳالهايو ته سڀ ٿڌا ٿي ويا. هيٺ ڪنڌ ڪري کائڻ لڳا. سندن کاڌي ۾ لوڻ جو ساڳيو مقدار هيو.
پيءُ جي موت کانپوءِ ايران جي ٻن ڀائرن سائرس ۽ اردشير وچ ۾ اقتدار جي ويڙهه هلي. سائرس مدد لاءِ سپارٽا کي سڏيو. سپارٽا جا ڏهه هزار فوجي فرات ڪناري پهچي ويا، انهن سائرس جي مدد ڪئي. جنگ هلندي سائرس قتل ٿي ويو ۽ سپارٽا جا ڏهه هزار فوجي فرات کان دجلا جي ٻئي ڪناري برپٽ ۾ رلي ويا. اردشير انهن جو رستو روڪيو. ڏهه هزار فوجي همت هاري ويٺا، انهن جي اکين اڳيان موت نينوا ۾ نمرود جي خدائي مينار جيڏو ٽوپ پائي ڪاري جبي ۾ هٿ وجهي گول ڦرڻ لڳو. زينوفون مياڻ مان قلم ٻاهر ڪڍيو.
”خبردار“ هن چيو، ”همت نه هارجو. اسان کي وطن واپس پهچڻو آهي. درياهن ۽ دشمنن اسان جا رستا روڪيا آهن. پر هڪ رستو کليل آهي جيڪو اڻ ڏٺل آهي. جنهن کان ڪوبه سونهون نه آهي جيڪو ڏور برفاني جبلن ڏي وڃي ٿو. جتي آرمينيا جا ڀورا رڇ رهن ٿا. ان کان پري اڇا ڪانءَ ڄمن ٿا ۽ انڌا باز جيڪي ٽئين اک سان شڪار ڪن ٿا.
زينوفون جڏهن اتر جو سفر شروع ڪيو ته رستن تي ڄميل برف جا پهاڙ ٽڪيندي پويان ايندڙ وارث جون آڱريون نيريون ٿي ويون. زينوفون جي قلم جي مس ڄمي وئي. هن ان کي جڏهن پرجوش تريءَ تي رکيو ته اها رجي رستن تي ٽمڻ لڳي. زينوفون جو سفرنامو رستن تي موجود پهاڙن جي پٿرن تي لکيل آهي جيڪو اتان ڏسي صفحن تي نقل ڪيو ويو. رستن جي برف ٽڪيندي سپاهين جون آڱريون ڳري ويون. اهو ڏکيو ۽ ڊگهو رستو هيو. زينوفون جي رهنمائيءَ ۾ انهن همت نه هاري. اهي وطن دوست مصيبتن کي منهن ڏيندا اڳتي وڌندا رهيا. زينوفون جيڪو سقراط جي شاگردن مان هيو. ان هڪ جبل جي اوٽ ۾ گوڏن ڀر ويهي اڻ ڏٺل کي پڪاريو. ”اي نظر نه ايندڙ ديوتا. توکي ڪهڙو نانءُ ڏيان. اي جيوپيٽر خلقڻهار. اي زيوس جا خدا. رهنمائي ڪري دڳ ڏيکار. ڇا ڪوهستانن جون قطارون تنهنجي در کٽن ٿيون؟ ڇا انڌن رستن جي اوٽ ۾ تنهنجيون اکيون لڪيل آهن. ڊگها رستا گناهگارن لئي هوندا آهن. مونکي مختصر ڪر جيئن منزل ماڻي سگهان.“
جڏهن دعا گهري رهيو هيو ته هن ڀرسان وارث ويٺل هيو. ان جا هٿ مٿي هيا پر آڱريون ڳريل هيون.
”اي فلسفي جوڌا.“ وارث چيو، ”دعا لاءِ کنيل هٿن جون آڱريون حسرتن جيان ڏڍيل آهن. ٻڪ کي رحمتن جهلڻ جي سگهه نه آهي. تون ٻڪ اڌارو ڏي جيئن اڻ ڏٺل کان عرشنا جي حياتيءَ جي خيرات وٺي سگهان. لافاني قلم ڏي جيئن آسماني لوح ۾ ترميم ڪري سگهان. تنهنجن ڀٽڪيل سپاهين جيان عرشنا زندگيءَ جو رستو ڳولهي رهي آهي سندس رهنمائي ڪر.“
زينوفون کيس آڱريون ڏيکاريون اهي ڌاڳي سان ٻڌل قلم هيا. سندس هٿ تريون ٿوهر جيان هيون جن جي ڪنڊن ۾ زخمي دعائون لڙڪي رهيون هيون.
”زخمن کانسواءِ ڪجهه نه آهي.“ زينوفون چيو، ”پيرن جي لڦن جو روڳ برف ٿي چڪو آهي. اکين جا ڳوڙها جذبن جيان سرد ٿي چڪا آهن. مونکي معاف ڪر. مون وٽ مرندڙ گهوڙي کانسواءِ ڪجهه نه آهي. مرندڙ گهوڙي جو ماس هضم ڪري سگهين ته شاندار شهسوار آهين باقي ان جا نعل ڪنهن ڪم جا نه آهن. چوين ته توکي ڏيان پر هڪ قدم هلي نه سگهندين“.
زينوفون وارث سان ڳالهائيندو رهيو ته سندس ڪلهن تي ڄميل برف اڇي ٻگهه ۾ تبديل ٿي وئي جنهن کيس خوشخبري ڏني ته سمنڊ ويجهو آهي. هو اٿيو ڪيسپئن سمنڊ وٽ پهچي قسطنطنيا ۾ داخل ٿيو. سپارٽا جا اهي سپوت وطن پهتا ته روئي سجدو ڪري وطن جي مٽيءَ کي مٿي ۾ وڌو. انهن جو تعداد اٺ هزار ڇهه سؤ ٻاهتر هيو. جن ۾ وارث شامل نه هيو.