بي وفا جي بي رخي ٽانڊا ڏنا،
ڇا ڪيان ھن دل لڳي ٽانڊا ڏنا.
ٿو ڪيان منٿون گھڻيون پرچي نه ٿو،
يار جي ناراضگي ٽانڊا ڏنا.
منھن لڪائي، دل سڪائي ٿي وڃي،
ھن جي مغروري، مڳي ٽانڊا ڏنا.
چال ھن جي کي نه مان سمجھي سگھيس،
مون کي پنھنجي سادگي ٽانڊا ڏنا.
چيلھه ھن جي ۾ پئي ڀاڪر وجھي،
سونھن واريءَ جي سڳي ٽانڊا ڏنا.
ٿو پلڻ چاھيان مگر پلجي نه ٿي،
مون کي پنهنجي دل چري ٽانڊا ڏنا.
”مانجھي“ مان ھرپل پيو سڙندو وتان،
ڇا ته آھن عاشقي ٽانڊا ڏنا.