زماني جي ھر پل نظر ۾ رھياسين،
اسان عشق جي جو اثر ۾ رھياسين.
نڪي ڪنھن سان جھيڙيو، نڪي مال ميڙيو،
رڳو چاھتن جي چڪر ۾ رھياسين.
ڏکڻ ھير آندا سڄڻ جا سنيھا،
اسان ان ڪري ئي اُتر ۾ رھياسين.
اسان جي ته منزل پرين جي حويلي،
سدائين ڳلين جي سفر ۾ رھياسين.
اسان جي ته يارن جدي کي وسايو،
اسان بس صنم جي شھر ۾ رھياسين.
مليو درد ”مانجھي“ صبر سان سٺوسين،
ڪجي ڳالھه ڪھڙي، قھر ۾ رھياسين.