پنھنجي پاران:ڪهاڻي منهنجي محبوبه آهي
مون جڏهن تاج بلوچ جي نگرانيءَ ۾ نڪرندڙ سوجهري رسالي ۾ مسلسل ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون ته سوجهري منھنجي ڪھاڻيءَ واري سڃاڻپ کي اڃان وڌيڪ مضبوط ۽ سگهارو بنائي ڇڏيو.
سال 2015ع ۾ جڏهن نثري نظمن تي مـُبني ڪتاب ”دردن ڦولاريا ڦول“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو ته ان ڪتاب تي مون کي ايتري پذيرائي ۽ مڃتا ملي جو ان ڪتاب منھنجي ڪھاڻيڪار واري سڃاڻپ کي ڄڻ ته دز چاڙهي لَٽي ڇڏي. انهيءَ سال ۾ ٻيا ته الائي جي ڪيترا ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا هوندا پر اهو مان دعوى سان چئي سگهان ٿو ته جيترو منھنجي نظمن واري ڪتاب تي لکيو ويو، ايترو شايد ئي ڪنھن ٻي ڪتاب تي لکيو ويو هجي.
مون شروع کان ٿوري پر معياري لکڻ کي ترجيح ڏني آهي. پوءِ اهو نثر وارو پاسو هجي يا نظم وارو پاسو هجي، مون کي پھرين ڪتاب تي لکت ۾، فونن، خطن ۽ ميسيجن ذريعي جيڪا پذيرائي ۽ مڃتا جو داد ۽ تاج مليو ان جو بيان مان ڪيئن ۽ ڪھڙن لفظن ۾ ڪريان...!؟ لفظ به پريشان آهن ته ساڳي وقت لفظن سان گڏ مان به پريشان آهيان. هن ڪھاڻي ڪتاب تي مھاڳ لکڻ وقت سائين محمد صديق منگيي جي ذهن ۽ د جي ڪينواس تي اڃان تائين منھنجي پھرين شاعريءَ واري ڪتاب جا رنگ اثر انداز آهن. هُو اڃان تائين منھنجي ڪتاب جي سحر مان پاڻ کي ڪڍي نه سگهيو آهي. اهو اثر، اهو تاثر، اهو سحر هن ڪھاڻي ڪتاب جي مھاڳ ۾ ڪر کنيون بيٺو آهي.
مون اهو سوچيو به نه هو ته مون کي پنھنجي ادبي پورهئي تي ايترو داد ۽ مڃتا ملندي. مان ته ان خوف ۾ وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙجي ويو هيس ته ڪٿي اها مڃتا، اهو درد مون کان منھنجي لکڻ واري حِس کسي نه وٺي ......!
شاعريءَ تي مون کي ڀل ڪيتري به مڃتا، ڪيتري به پذيرائي ۽ ڪيترو به داد ملي پر مان ڪھاڻيءَ کان پنھنجو اٽڪيل پاند، اٽڪيل ساهه ڇڏائي نـٿـو سگهان، ڪھاڻي جيڪا رڳو ڪتاب ۽ رسالي ۾ ڇپجڻ لاءِ ڪھاڻي نه آهي، پر ڪھاڻي منھنجي زندگي ۽ بندگي به آهي. ڪھاڻي منھنجو ساهه ۽ ويساهه به آهي، ڪھاڻيءَ سان منھنجو جنون جي حد تائين پيار ۽ محبت آهي، ڪھاڻيءَ سان منھنجو اهڙو گھرو تعلق ۽ عشق آهي جنھن کي موت به چاهي ته ڌار نٿو ڪري سگهي. موت کانپوءِ به منھنجو ڪھاڻيءَ سان عشق هن ڪتاب ذريعي زنده، شاد ۽ آباد رهندو.
مون دل ۾ خيال ڪري ڪڏهن ويھي ڪھاڻي ناهي لکي، مون ڪڏهن انگ وڌائڻ لاءِ به زوريءَ ڪھاڻي ناهي لکي، مون ڪڏهن لکڻ لاءِ ڪھاڻيءَ سان زبردستي به ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري ڪھاڻيءَ ڪڏهن مون کي لکڻ لاءِ زبردستي ڪئي آهي. مون وٽ جڏهن به ڪھاڻي آئي ته مور جيان رقص ڪندي آئي آهي، ڪنوار جيان سينگارجي ۽ سنوارجي آئي آهي ۽ پوءِ جڏهن هڪ سچي عاشق جيان ننھن کان چوٽيءَ تائين ان کي ڏسندو آهيان، ته پوءِ ڪھاڻي پاڻ مون سان ڳالهائيندي چوندي آهي ته، ”ڏس ....! هاڻ مان توکي وڻان ٿي نه ....؟، ڏس! مان ڪيڏو نه سينگارجي سنوارجي تنھنجي دل ۽ نيڻن جي آڳر تي رقص ڪندي لٿي آهيان. هاڻ تون ڀل مون کي قلم جي نوڪ سان پنھنجي لفظن ۾ محفوظ ڪري ڇڏ، منھنجي سونھن، سينگار ۽ رقص کي پنھنجي سِٽن ۾ سمائي ڇڏ.“
ڪھاڻيءَ سان، بي پناهه عشق هئڻ ڪري مان خود ڪھاڻي بڻجي ويو آهيان، پر منھنجي ڪھاڻيءَ ۾ ڪٿي به خوشي ناهي؟ ڪٿي به مور جھڙو رقص ناهي؟ ڪٿي سونھن ۽ سينگار ناهي؟ جيڪڏهن آهي ته رڳو مفلسي آهي، اڪيلائپ آهي، ڏک ۽ ڏولاوا آهن. اذيتون، تڪليفون، ڀوڳنائون، درد ۽ پيڙائون آهن. زندگيءَ ساٿ نه ڇنو ته پنھنجي حياتيءَ ۾ پنھنجي ڪھاڻي ضرور لکندس. هن جنم ۾ نه لکي سگهيس ته ٻئي جنم ۾ ضرور لکندس.
انگريزي ادب جي نامياري مترجم هيري ايولنگ (Harry Aveling) چواڻي ته، ”ڪھاڻي اظھار جو اهڙو نفيس ذريعو آهي، جنھن ذريعي پنھنجو پاڻ کي سمجهڻ سان گڏوگڏ آس پاس جي ماحول کي پڻ پرجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي/ ڪري ٿو.“ مون پنھنجون ڪھاڻيون پنھنجي جيءُ ۾ پاتل جهاتين سان گڏوگڏ آس پاس جي ماحول کي پڻ نظر ۾ رکي ڪري لکيون آهن.
منھنجي ڪھاڻين ۾ جنس، سيڪس جو موضوع ڪجهه سرس رهيو آهي ۽ مون تي پڻ اگهاڙپ جا الزام به لڳندا رهيا آهن. پر مون ڪڏهن به انهن کي ليکي ۾ نه آندو آهي. منھنجون اهڙي قسم جون ڪھاڻيون جڏهن ادبي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳيون ته انهن ڪھاڻين تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪھاڻيڪار محمد صديق منگيي پنھنجي راءِ ۾ لکيو هيو ته ”ڪھاڻيءَ ۾ جنس ۽ سيڪس جو اظھار شھواني نه پر جمالياتي هئڻ گهرجي، اهڙو اظھار جيڪڏهن پڙهندڙن جذبات اُڀارڻ بدران ڪردار جي مظلوميت کي پڌرو ڪرڻ وارو يا ڪھاڻيءَ جي اڻٽر گهرج مطابق آهي ته خراب ناهي هوندو. سنڌي ادب ۾ اهڙيون کوڙ لاجواب ڪھاڻيون لکيون ويون آهن. امر جليل جي ”سرد لاش جو سفر“، غلام نبي مغل جي ”ريشمي وار“، ”گٽس“، علي بابا جي ”گرف جو تيج“ ۽ ٻيون ڪھاڻيون شامل آهن. وفا صالح راڄپر جون ڪھاڻيون خوبصورت آهن. ڪھاڻين ۾ جنس، سيڪس جو اظھار فطري ۽ ڪھاڻيءَ جي گهرج مطابق آهي، خراب نٿو لڳي. وفا جون اهي ڀلوڙڪھاڻيون آهن.“
معاشري جي غليظ ترين موضوعن کي به ڪھاڻين ۾ خوبصورت انداز ۾ بيان ڪرڻ ائين هوندو آهي جيئن ڪو ڪنول ڪني ۽ گندي پاڻيءَ مان ڪڍي ڪنھن وينگس جي ريشم جھڙن ذلفن ۾ لڳائڻ. ائين ڪرڻ سان لازمي طور تي ڪِنُ، گندگي به پلئه پوندي. وينگس ۽ ان جھڙيون ٻيون شخصيتون به ناراضگيءَ جي باهه ۾ ته ساڙينديون. اهڙا ڪم ڪرڻ تي نتيجن ڀوڳڻ جي به سگهه ۽ ان سان گڏوگڏ بلند حوصلو به گهرجي ٿو.
منھنجون ڪي ڪھاڻيون اهڙيون به آهن جن منھنجي جان جوکي ۾ وڌي هئي ۽ مون کي وڏي مشڪلاتن، تڪليفن ۽ اذيتن کي منھن ڏيڻو پيو. منھنجي ڪھاڻين مون کي جيڪا تڪليف ڏني، انهيءَ تڪليف جي درد منھنجي اندر جي ڪھاڻيڪار کي خاموشيءَ جو لباس پارائڻ بجاءِ همت، جُرئت ۽ حوصلو ڏنو ۽ لکڻ واري سگهه کي اتساهه ڏنو. اُهي ڪھاڻيون مون هن ڪتاب ۾ شامل نه ڪيون آهن. اُهي ايندڙ ٻي ڪھاڻي ڪتاب جي انتظار ۾ آهن. هن ڪتاب ۾ شامل منھنجون ڪھاڻيون رڳو منھنجي پنھنجي تصوير ناهن. پر اردو جي مھان ۽ عظيم ڪھاڻيڪار منٽو چواڻي ته، ”ادب هڪ فرد جي پنھنجي زندگيءَ جي تصوير ناهي، جڏهن ڪوئي اديب، ليکڪ، قلم کڻي ٿو ته هو پنھنجي گهريلو معاملن جو روزنامچو نٿو لکي. پنھنجي ذاتي خوشين، رنجشن، بيمارين ۽ تندرستين جو ذڪر نٿو ڪري، ان جي قلمي تصويرن ۾ گهڻو ممڪن آهي ته ڳوڙها ان جي ڏکايل ڀيڻن جا هجن، مسڪراهٽ اوهان جي هجي ۽ ٽھڪ هڪ خسته حال مزدور جا هجن.“
اهڙا ڪيترائي رنگ قلم جي برش سان مون پنھنجي ڪھاڻين ۾ پئنٽ ڪيا ۽ چٽيا آهن. منھنجي ڪھاڻين جا ڪردار ڪي ڌاريا ۽ اوپرا ڪونه آهن. اُهي هن سماج سان جڙيل آهن. ڪھاڻي ”سيما“، ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“، ”پھريون پيار“، ۽ ”نيڻن ۾ سجايل خوابُ“، منھنجي زندگيءَ سان ائين ٽاڪيل آهن جيئن ڪنوار جي رَئي تي ستارا ٽاڪيل هوندا آهن. مون پاڻ کي ننڍي ۽ وڏي، خراب ۽ سٺي ڪھاڻيڪار جي ڊوڙ کان تمام پري رکيو آهي.
مان بيحد ٿورائتو آهيان پنھنجي پيارن ۽ پنھنجي محسن سائين اخلاق انصاري جو جنھن پنھنجو قيمتي وقت ڪڍي بيڪ ٽائيٽل فوراً لکي ڏنو ۽ سائين محمد صديق منگيي جو جنھن الاهي مصروفيتن هوندي به مون کي مھاڳ لکي ڏنو ۽ منھنجي هڪ هڪ ڪھاڻيءَ کي هڪ ماءُ جيان پيار ۽ پاٻوهه مان دل جي اکين سان ڏٺو ۽ پڙهيو آهي. مان ٿورائتو آهيان پنھنجي پياري دوست آدرش جو جيڪو ڪتاب جي ڇپائي بابت هر پل مون سان رابطي ۾ رهيو ۽ ڪجهه سِٽون به لکي ڏنيون. مان ٿورائتو آهيان پنھنجي پيارن عزيزن وزير راڄپر ۽ اسد الله راڄپر جو جن ڪتاب جي ڇپائي جي حوالي سان تعاون ڪيو. مان ايترو ئي ٿورائتو آهيان ڇھين درجي کان دوستي نڀائيندڙ پنھنجي پياري سنگتي عيسى ميمڻ جو جنھن منھنجي ڪتاب کي پنھنجو ڪتاب سمجهي ڇپرائي مون کي هٿن ۾ اچي ڏنو ۽ لک قرب علي بخش پٺاڻ جا، جنھن ڪتاب جا پروف چيڪ ڪري ڏنا.
منھنجيون اکيون ۽ منھنجي دل توهان پڙهندڙن جي راءِ جي اوسيئڙي ۾ اٽڪيل رهنديون.
وفا صالح راڄپر
وڏي وهڻي باڊهه
0334656-0348
3670955-0333