اجـازت
”جناب والا....! منھنجو وڪيل دوست، قانون، اخلاقيات ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي پيو ڪري. هو منھنجي مؤڪل تي ڪوڙو بھتان ڏئي، کيس ذهني ٽارچر ڏيڻ جي ڪوشش پيو ڪري. دعوى کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ توهان وٽ ڪھڙو ثبوت آهي؟“ جَج، کيس گهوري ڏسندي چيو.
”يور آنر....! اها دعوى ئي ڪوڙي آهي، ته نصرت، زاهد جي زال آهي. قانون ۽ شريعت جي حوالي سان هوءَ زاهد جي زال ٿي ئي نٿي سگهي؟“ وڪيل ڳالهايو.
”پر نُصرت جي ماءُ پيءُ سميت ڳوٺ وارن جون شاهديون به ته زاهد جي حق ۾ آهن.“ جج ڳالهايو.
”جناب والا....! پوءِ به نصرت، زاهد جي زال ٿي نٿي سگهي.“ وڪيل جي لھجي ۾ اعتماد هو.
”نڪاح نامو به موجود آهي ۽ نڪاح پڙهائندڙ مولوي جي شاهدي ۾ دعوى جي حق ۾ آهي.“ جج پين وات ۾ ڏئي چيو.
”جناب والا....! ان به انڪار نه ڪيو آهي، ته نڪاح به پڙهيو ويو آهي، پوءِ به نصرت، زاهد جي زال نه آهي.“ وڪيل ڳالهايو.
”گهوٽ ڪنوار جا وڪيل ۽ نڪاح جا شاهد به ته موجود آهن.“ جج ڳالهايو.
”جناب والا....! نه رڳو ايترو، پر نڪاح جو حق مھر به لکيل آهي ۽ ڳوٺ وارن نڪاح جون خارڪون به ته کاڌيون آهن، پر پوءِ به نصرت، زاهد جي زال نه آهي.“ وڪيل ڳالهايو.
جج سميت، ڪورٽ ۾ ويٺل سمورا ماڻهو حيرت جي ڪُنَ ۾ غوطا کائڻ لڳا هئا، کين سمجهه ۾ نه پئي آيو، ته وڪيل دعوى کي رد ڏيڻ بدران تسليم به ڪري پيو، پر پوءِ به آخر ان سچائيءَ کان انڪار ڇو پيو ڪري؟ جج پين وات ۾ ڏئي کيس گهوري ڏسي رهيو هو. عدالت جي ڪمري ۾ ماٺار ڇانيل هئي. زاهد جو وڪيل اُتي بيٺو ۽ جج ان کي مخاطب ٿيندي چيائين.
”جناب والا ....! منھنجو وڪيل دوست عدالت جو قيمتي وقت ضايع پيو ڪري. وٽس دعوى کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوبه معقول دليل نه آهي.“
نصرت جي وڪيل جي چپن تي طنز ۾ مُرڪَ وکري وئي. هن ڌيرج سان وراڻيو.
”جناب والا....! عدالت سڳوريءَ جو آءٌ نه پر منھنجو وڪيل دوست وقت ضايع پيو ڪري، هو پاڻي پيو ولوڙي.“
”پر، تون پنھنجي موقف کي آخر ڪيئن ثابت ڪري سگهين ٿو؟“ جج صاحب ڳالهايو.
”يور آنر.....! آءٌ جيڪو ڪجهه چوان پيو، اهو سچ آهي.“ وڪيل چيو.
”تون ان کي ثابت ڪيئن ٿو ڪرين؟“ جج جي لھجي ۾ تجسس گاڏڙ بيزار هئي.
”سر....! مڃيان ٿو، ته زاهد جو نصرت سان نڪاح به ٿيو آهي. شاهد، گواهه به پنھنجي جاءِ تي ڪوڙ نٿا هڻن....!“ وڪيل ڳالهايو، پر زاهد جي وڪيل سندس جملو اڌ ۾ ڪٽيندي وراڻيو.
”پوءِ، نصرت، زاهد جي زال نه ٿي ته ڇا ڀيڻ ٿي؟“
عدالت جي ڪمري ۾ ٽھڪڙو پئجي ويو ۽ ماڻهن جو ڀڻڪو وڌي ويو. جَج ويٺلن کي خاموش رهڻ جي هدايت ڪندي چيو.
”ڇا توهان جا آرگيومينٽ مڪمل ٿيا؟“ جج چيو.
”يوئر آنر ....! آرگيومينٽ مڪمل نه پر شروع ٿيا آهن، سچ ته اڃان رهيل آهي.“ وڪيل ڳالهايو.
”ته، پوءِ مڪمل ڪريو.....!“ جج ڳالهايو.
وڪيلَ وٽنيس باڪس ۾ بيٺل پنھنجي مؤڪل نصرت ڏانھن ڏٺو، جنھن جي چھري تي پريشانيءَ جا ڪي به آثار نه هئا. هن پنھنجي وڪيل دوست ۽ نڪاح پڙهائيندڙ مُلان ڏانھن معنى خيز نگاهن سان ڏٺو ۽ چپن تي مرڪ آڻي جج سان مخاطب ٿيو.
”جناب والا..! جنھن حقيقت کي پڌرو ڪرڻ لڳو آهيان، ان سان نه رڳو زاهد، پر نڪاح پڙهائيندڙ مُلان، شاهد، وڪيل ۽ نصرت جا ماءُ پيءُ، ان ڏوهه ۾ گرفتار ٿي سگهن ٿا.“
”ڪارڻ.....؟“ جج وضاحت گهري.
”جناب والا.... شادي، ٻن انسانن وچ ۾ زندگي گڏ گذارڻ جو هڪ قانون ۽ شرعي معاهدو هوندو آهي، جنھن ۾ ٻنهي جي رضامندي شامل هوندي آهي.“
”پوءِ هي ڇا آهي....؟“ جج ڳالهايو
”گُڏي، گڏي جو وهانءُ آهي، جنھن ۾ مائٽن جي خوشي ته آهي، پر اُن جي قانوني ۽ شرعي حيثيت نه آهي. ان ڪري ته گڏي گڏيءَ جي وهانءَ ۾ ساٺ سنوڻ ته هوندا آهن، پر زندگيءَ جي سچائي شامل نه هوندي آهي.“ وڪيل ڳالهايو.
ڪورٽ روم ۾ مڪمل ماٺار ڇانيل هئي. جَج پين وات ۾ ڏئي سوچ ۾ ٻُڏل هو، وڪيل ٻيھر ڳالهايو.
”جناب والا....! ريتون رسمون مثبت به هونديون آهن، ته منفي به. اهي اسان جي سڃاڻپ جو حوالو ضرور آهن، پر قانون کان مٿانهيون نه آهي. اسان وٽ اڄ به ريتن رسمن جي نالي ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن کي وڌيڪ ڀوڳـڻو ٿو پوي.“ وڪيل ڳالهايو.
”جناب والا....! منھنجي وڪيل دوست جي جذباتي تقرير جو هن ڪيس سان ڪوبه تعلق نه آهي.“ هو ڪورٽ سڳوريءَ جو وقت زيان پيو ڪري.“ زاهد جي وڪيل ڳالهايو.
”ڪيس سان تعلق آهي....؟“
جج، زاهد جي وڪيل جي اعتراف کي رد ڪندي نصرت جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو،
”توهان پنھنجي موقف کي جاري رکو.“
وڪيل جي چپن تي مُرڪ وکري وئي. هن ڪجهه ڪاغذ جج صاحب ڏانھن وڌائيندي ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”جناب والا... منھنجي مؤڪلا جي شادي جڏهن ڪرائي وئي هئي، تڏهن هن جي عمر ڏهه سال ۽ زاهد جي عمر 12 سال مَس هئي. اها سندس راند روند جي ٻاراڻي وَهي هئي. هن برٿ سرٽيفڪيٽ ۽ اسڪول سرٽيفڪيٽ ۾ ڄم جون تاريخون درج آهن.“ هن عمر ۾ پيل نڪاح جيڪڏهن قانون ۽ شرعي طور درست آهي، ته مان نصرت کي زاهد جي قانوني زال مڃڻ لاءِ تيار آهيان.“
جَج نَڪ تي رکيل عينڪ سان وڪيل جي پيش ڪيل ڪاغذن کي غور سان پڙهڻ لڳو. وڪيل ڪجهه ٻيا ڪاغذ جج ڏانھن وڌائيندي چيو،
”يوئر آنر.....! منھنجي مؤڪلا پڙهيل لکيل آهي. هن وقت سندس عمر ويهه سال اَٺ مھينا آهي.“ ان ڪري هن پنھنجي رضا خوشيءَ سان جنيد نالي نوجوان سان شادي ڪئي آهي. جنھن جو قانون کيس پورو حق ڏئي ٿو.“
جج جي چپن تي اڻ لکي مُرڪ وکري وئي. هو ڪنڌ جهڪائي ريڊر کي فتوى لکائڻ لڳو.
نصرت پنھنجي وَر جنيد ۽ وڪيل سان گڏ عدالت جي ڪمري مان ٻاهر نڪتي، ته سندس چھري تي سوڀ ورنيون ريکائون هيون.
**