ڪھاڻيون

ارپڻ کان رهجي ويل محبت

پورهيت گهر ۾ جنم وٺندڙ ”وفا“ صالح سنڌي ادب جو اهو پورهيت لکاري آهي جنھن آنجهيءَ توڙي مانجهيءَ تخليقي پورهيو پئي ڪيو آهي. هن وٽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ جيڪو درد آهي، اهو درد ئي هن کي متحرڪ رکندو پيو اچي. ڇاڪاڻ ته درد جو رشتو عظيم رشتو هوندو آهي، جتي ڪيترين ئي ڪھاڻين جا زنده ڪردار هوندا آهن جيڪي ”وفا“ صالح راڄپر جي ڪھاڻين ۾ اهي ڪردار امر بڻجي ويا آهن.
Title Cover of book ارپڻ کان رهجي ويل محبت

اکيون ۽ عشق

ڀنڀراڪي جو وقت هو، سج جا ڪومل ڪرڻا، اونداهي رات جي باقيات کي تڙي، سوجهري جي چادر پکيڙي رهيا هئا. گهر جي اڱڻ ۾ گهاٽي نِم جي وَڻ تي پکين جي مڌر لاتين تي اک کلي پئي. اکيون مھٽي، چاد رلاهي، کٽ تي سِڌو ٿي ويهي رهيس. ڀنڀراڪي جي سحر ۾ ويڙهيل ماحول نه رڳو روح کي تازگي پئي ڏني، پر اکين ۾ به ڄڻ ڊَپَ جا ٿڌڙا ٻُڙا پئي رکيا. ننڊ جي خمار مان ذهن مڪمل آجو ٿيو، ته ياد آيم ته، آفيس ۾ اڄوڪي ڏينھن جي موڪل لاءِ درخواست ڏئي آيو هئس. آرس ڀڃي کٽ تان هيٺ لٿس ۽ وِهنجڻ کان وٺي نيرن تائين پَهه پئي پچايم، ته موڪل جي ڏهاڙي کي ڪيئن سجايو ڪجي؟ ايئن نه ٿئي جو ڪا وڻندڙ مصروفيت نه هئڻ ڪري، موڪل جو رومانس ئي نپوڙجي، بوريت ۾ بدلجي وڃي. ناشتي کانپوءِ چانهه جو پھريون سُرڪ ڀريندي ئي وڻندڙ خيال ذهن ۾ تري آيو، ته ڇونه اڄ لائبريري وڃجي؟ گهڻا ڏينھن ٿيا آهن. ڇونه نوان رسالا ۽ اخبارون پڙهي ڏسجن؟ اها رٿا جوڙي گهران نڪري پيس. پنڌ ئي پنڌ شھر جي رستن تي هلندي، لائبريري جي عمارت اڳيان پھتس ته صبح جا نوَ ٿيا هئا. گيٽ مان اندر داخل ٿيڻ وارو هئس، ته جتي هئس، اُتي بيھي رهيس. ڪنھن منھنجو نالو وٺي مون کي سڏ ڪيو هو. عورتاڻو آواز ڄاتل سڃاتل پئي لڳو. تڪڙو ڪنڌ ورائي ڏٺم. عائشه هئي، جيڪا مون کي ڏسي، رڪشا مان لھي پئي هئي. مون ڏانھن مُرڪي ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ رڪشا واري کي ڀاڙو ڏئي مون ڏانھن هلي آئي.
”عائشه ، تون....!“ مون حيراني گاڏڙ خوشيءَ مان چيو.
”ها، عابد....! مان، عائشه ، ڪيئن آهين تون؟“
”مان بلڪل ٺيڪ آهيان.“
”اڙي، بابا...! مان عائشه ئي آهيان. ايئن گهوري پيو ڏسين، ڄڻ اڳ ڏٺو ئي نه هجئي.“ هن هلڪو ٽھڪ ڏئي چيو.
”ها، عائشه .....! تون اڄ به مون کي اها ئي عائشه پئي لڳين، جيڪا ڏهه سال اڳ هئي. وڌندڙ ڄمار تنھنجو ڪجهه به بگاڙي نه سگهي آهي.“
”اهو تنھنجي نظر جو حُسن آهي عابد....! نه ته ايئن ڪٿي آهي؟ گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي.“ هن ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو.
”منھنجي اکين کان ساک ڀرائي پُڇُ، عائشه ....! مون لاءِ تون اڄ به اُها ئي عائشه آهين.“
”چڱو هاڻي شاعري گهڻي ٿي. هَلُ ته سامھون واري هوٽل ۾ چانهه ٿا پيئون.“
هوٽل جي ڪنڊائتي ٽيبل تي هوءَ منھنجي سامھون ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. صبح جو وقت هو، ان ڪري هوٽل ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهن کان سواءِ ڪوبه نه هو. ٿڌي روشنيءَ ۾ هوٽل جو ماحول رومانٽڪ پئي لڳو. هن ويٽر کي چانهه ۽ پيٽيز آڻڻ لاءِ چيو ۽ پرس کولي ڪجهه جانچڻ لڳي. مان اکيون منجهس کپائي کيس ڏسڻ لڳس. مون سندس سراپاءِ جي آئيني ۾ پندرهن ورهيه اڳ واري پنھنجي عائشه کي تلاش پئي ڪيو.
هن سان منھنجي ملاقات اتفاقي ٿي هئي جيڪا پيار جو روپ ڌاري وئي هئي. هڪ ئي ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين، منھنجي ڊائري گم ٿي وئي هئي، جيڪا هن کي هٿ لڳي هئي. غير ارادي يا ارادي طور هن ڊائريءَ جا ڪجهه ورق پڙهي ورتا هئا. ٻئي ڏينھن پيرڊ اٽينڊ ڪري جيئن ڪلاس روم مان ٻاهر پئي نڪتس. هن پويان سڏ ڪيو، مڙي ڏٺم، عائشه هئي. مُرڪي چيائين،
”عابد......! توهان جي ڪا شئي گم ٿي وئي آهي؟“
”ها، وڃائي ته اٿم.“
”ڇا وڃايو اَٿوَ؟“
”سھيڙيل اُڌمن کان سواءِ اسان وٽ ڪھڙي قيمتي شئي ٿي سگهي ٿي؟“
”ها، اچي وٺو پنھنجي ڊائري.“ هن هلڪ ٽھڪ سان هٿ وڌائي ڊائري ڏني. موٽ ۾ مون به رسمي جملو ورجايو.
”ٿينڪس، مس عائشه ....!“
ڊائري ڏيڻ ۽ وٺڻ وارين مختصر ساعتن ۾ ٻنهي جون چار اکيون اٽڪيون، ته ڪيئي اڻ چيون ڳالهيون، عبارتون بڻجي، دلين ۾ هُرڻ لڳيون هيون. ائين ڪونه هو، ته رڳو عائشه جي ڪارن ڊگهن وارن، چنڊ جي پھرين تاريخ جھڙن سنهڙن چپن ۽ خوبصورت بادامي اکين مون کي پنھنجي سھر ۾ وڪوڙي ڇڏيو هو، پر عائشه جي من ۾ به ساڳي ڪيفيت هئي. اکين جي ڀرپور نگاهن ۾ قبوليت جا پيغام هئس، جيڪي نه رڳو مون، پر هن پاڻ به محسوس ڪيا هئا. ائين پئي لڳو ڄڻ ٻه روح، جيڪي ڳپل عرصي کان هڪٻئي جي ڳولا ۾ هئا، حادثاتي طور پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا هئا. ڪا مھل اسين ٻئي سُن بڻجي، مورتين جيان هڪٻئي ڏانھن ڏسندا رهياسين ۽ پوءِ هوءَ ڇرڪ ڀري مون ڏانھن ڏسڻ لڳي ۽ مرڪي بنان ڪجهه ڳالهائڻ جي اڳتي وڌي وئي.
عائشه ۽ مان هڪٻئي کي ويجها ٿيڻ لڳا هئاسين، چري چاهت اسان جي وچان تڪلف جا پردا هٽائي ڇڏيا هئا. محبت جون ڀاونائون اظھارجي نروار ٿي پيون هيون. محبت جي موضوع تي کلي ڳالهيون ڪرڻ لڳا هئاسين ۽ ڳالهين ۾ وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيندو هو. ٻئي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي وياسين. هڪٻئي کان سواءِ اڌورا ۽ اڻپورا.
هڪ ڏينھن ڪاليج مان جيئن نڪتاسين، ته هڪ هوٽل جي فيملي روم ۾ اچي ويٺاسين. ٻنھي جي چھرن تي ڳنڀيرتا هئي. شايد عائشه به اهو ئي ڪجهه پئي سوچيو، جيڪو مان سوچي پريشان پئي ٿيس. هن پيٽيز کي ڇُريءَ سان ڪٽي، ڪانٽي سان ننڍو ٽڪرو وات ۾ رکيو. مون چانهه ۾ کنڊ ۽ کير پئي ملايو. چانهه جو ڪوپ هن ڏانهن وڌائيندي ڏٺم. هوءَ لاڳيتو مون کي گهوري ڏسي رهي هئي. مرڪي چيم،
”ايترو گهوري ڇا پئي ڏسين؟“
”ڏسڻ مان وِرچان ئي نٿي. ان ڪري.....!“ هن ٿڌو ساهه کڻي جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
”ڇا مطلب....؟“ مون ڇرڪ ڀري کيس گهوري ڏٺو.
”ڏس نه، عابد....!“ ڪاليج جي تعليم مڪمل ٿيڻ واري آهي پوءِ ته لازمي آهي، ته ملڻ جُلڻ به گهٽجي ويندو.“ هن وراڻيو
”ها، اهو ته مان به سوچيان پيو، پر ان جو حل به ته آهي.“
”ڪھڙو حل آهي تو وٽ، مان به ته ٻُڌان.“
”جڏهن پنھنجا خيال ملن ٿا. سوچون ۽ ذهن به ملن ٿا، ته پوءِ ڇونه شاديءَ لاءِ سوچيون.“ مون مقصد واري ڳالهه ڪئي.
هوءَ ماٺ ٿي وئي. ڪنڌ جهڪائي ڪوپ مان چانهه جا ڍُڪَ ڀرڻ لڳي.
”عائشه ....! تو ڪا ورندي ناهي ڏني، ڪٿي تون....!“
”عابد....! تون منھنجي پھرين ۽ آخري محبت آهين. مون توکي دل جي اٿاهه گھرائين سان پيار ڪيو آهي، پر .....!“
”پر، ڇا......؟“
”پر، شاديءَ جو اختيار مون وٽ ڪونهي. ان جو اختيار منھنجي بابا وٽ آهي.“
”تنھنجو بابا انڪار ڪري ڇڏي، ته ....؟“
”پوءِ به توسان محبت ڪندي رهنديس. جسم ڀلي ڪنھن ٻئي جو ٿي وڃي، پر روح ۾ تون سمايل هوندين.“
”ان مسئلي جا ٻيا به ته حل ٿي سگهن ٿا.“
هوءَ ڇرڪي پئي ۽ ڊنل اکين سان ڏسندي وراڻيائين.
”بابا جي رضامنديءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه آپشن ڪونهي. اهڙو خيال به دل نه آڻجانءِ. مان پريم ڪھاڻيءَ جي خبر بڻجي، پنھنجي عظيم بابا جي نراڙ تي ڪارنھن جو ٽڪو لائڻ نٿي چاهيان. هن امڙ جي وڇوڙي کانپوءِ نه رڳو پيءُ، پر ماءُ جي ممتا جھڙي ٻاجهاري ڇانءَ به ڏني آهي.
”عائشه ....! مون کي غلط نه سمجهه. منھنجي چوڻ جو مطلب هو، ته تون پنھنجي بابا کي راضي به ته ڪري سگهين ٿي. اهو ته مائٽ تي اولاد جو حق به هجي ٿو.“ مون پنھنجي موقف جي وضاحت ڪئي.
”ها، عابد.....! مان اهو ضرور ڪنديس. پر وري به آخري فيصلو بابا جو ئي هوندو.“
عائشه جي زور ڀرڻ تي هڪ ڏينھن مان پنھنجي ماءُ پيءُ کي ساڻ ڪري عائشه جي سڱ جي گُهر ڪرڻ سندس پيءُ وٽ وياسين. هو پڙهيل ڳڙهيل سيبتو ماڻهو هو. جيءَ ۾ جايون ڏنائين. ماني ٽِڪيءَ کانپوءِ منھنجي پيءُ ۽ امڙ کيس پنھنجي اچڻ جي مقصد کان آگاهه ڪيو، ته ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ڪا مھل سوچ ۾ ٻڏل رهڻ کانپوءِ ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏانھن ڏٺائين ۽ پوءِ بابا ڏانھن منھن ڪري، ٿڌو ساهه کڻي چيائين،
”مون کي خبر آهي، ته توهان جو پٽ عابد، ذهين، سلڇڻو ۽ باڪردار نوجوان آهي. اهڙا سلڇڻا پُٽ ته ڀلي مائرون ڄڻين، پر....!“
امان ۽ بابا تجسس مان کيس ڏٺو پئي، نيٺ بابا ڳالهايو.
”پر ڇا سائين؟“
”ادا، اوهان اچڻ ۾ دير ڪري ڇڏي آهي، مان ٻه ڏينھن اڳ پنھنجي وڏي ڀاءُ کي سندس پٽ لاءِ عائشه جي سڱ ڏيڻ جي زبان ڏئي چڪو آهيان.“
بابا ۽ امان جي ڪيفيت ته سندن چھرن مان صاف ڏسڻ ۾ پئي آئي، پر منھنجي پيرن هيٺان زمين ڇڏائجي وئي هئي. دنيا ئي اُجڙي وئي هئم. اتان ڪيئن ۽ ڪڏهن موٽياسين ۽ ڪيڏي مھل گهر پڳاسين؟ مون کي ڪابه خبر نه هئي. اکين اڳيان انڌاري ۽ ذهن تي ڍَڪر چڙهيل هئا. ڪي ڏينھن ته ڄڻ سامت ۾ ئي ڪونه هئس.
ڪاليج جي تعليم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسان ٻنهي جا رستا به ڌار ٿي ويا هئا. امتحان هلندي ٻه چار ملاقاتون به ٿيون، پر اُهي ملاقاتون به گونگيون هيون. لفظن بدران لڙڪن لارن سان گفتگو ٿيندي هئي. امتحانن کانپوءِ ملاقاتون بند ٿي ويون هيون. عائشه جي شادي ٿي وئي هئي ۽ مون به دل تي پٿر رکي، جيئڻ جو نئون حوصلو ماڻي، روزگار جي ڳولا ۾ پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيو. هوءَ ڪھڙي حال ۾ هئي. ڪوبه پتو نه هئم. بس، ڪڏهن ڪڏهن سندس يادن ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيندو هئس. ٻريا ڏهه سال گذري ويا هئا، پر ذهن جي ميموري باڪس مان سندس تصوير ۽ تصور ڊليٽ ٿي نه سگهيا هئا.
”ڪٿي گم ٿي وئين؟“
عائشه جي اوچتي سوال تي سوچن جو اڻ کٽ سلسلو، ڪچي تندُ جيان ٽٽي پيو. ٿڌو ساهه کڻي کيس ڏسي وراڻيم،
”ڪيڏانھن ويندس عائشه ....؟ تنھنجي اڳيان ته ويٺو آهيان.“
”مورتي بڻجي ويو آهين، چانهه به ٺري پاڻي ٿي وئي.“
چانهه جي سُرڪ ڀري کيس ڀرپور نگاهه سان ڏسندي وراڻيم،
”وقت ڪيئن پيو گذري، عائشه ....؟، خوش ته آهين نه......؟“
”ها، عابد....! وقت کي ته گذرڻو ئي آهي، سو گذري پيو. ارشد به خوش آهي. مون کي به خوش رکيو اٿس. زندگيءَ جو اصطلاح، زماني جي جوڙيل وصف آڌار تي ڏاڍو آسودو آهي، پر پيار جي اها مھڪ نه آهي، جيڪا تو وٽان ملندي هئي.“
عائشه جي اعترافي جملن، منھنجي روح جي تڙپ کي وڌائي ڇڏيو هو. وجود جو سمورو درد ۽ پيڙا نِپوڙجي اکين مان لارون ڪري وهڻ لڳي.
”اڙي....! هي ڇا عابد! تون ته روئين پيو.“ هن پنھنجا لڙڪ زوريءَ پيئندي چيو، پر ان ۾ کيس ڪاميابي نه ٿي. ڀرجي آيل ڳلي سندس ضبط کي ٽِڪڻ نه ڏنو. هن جي اکين جا بند به ڀڄي پيا. هن کي آٿت ڏيڻ لاءِ مون پنھنجي جذبن کي زوريءَ گُهٽيو ڏيندي چيو،
”عائشه ....! ياد اٿئي، هڪ ڀيري مان رُنو هئس ۽ تو پنھنجي پوتيءَ سان منھنجا لڙڪ اگهندي چيو هو، ته ”هيءُ لڙڪ منھنجي امانت اٿئي. انهن کي ايئن ضايع نه ڪجانءِ، ها، عائشه ....! اها سانڍيل امانت توکي موٽائي پيو ڏيان.“
هوءَ سڏڪي پئي، سڏڪن ۾ چيائين،
”عابد....! سچ پڇين، ته مان توکي وساري نه سگهي آهيان، جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو زندگيءَ جو وڏو سچ هو. جنھن کان منھن موڙڻ منھنجي وس ۽ اختيار ۾ نه هو.“
”گذريءَ کي ياد نه ڪر عائشه.....! جيڪو ٿيو، سو ٿيو. هونئن به پيار هڪ امر ۽ پوتر رشتو آهي. حاصلات پيار جي منزل به ته ناهي هوندي. تون خوش آهين. بس، مون لاءِ ايترو ئي کوڙ آهي.“ مون وراڻيو.
ٻئي ماٺ ٿي وياسين. هوءَ لاڳيتو مون کي ڏسي رهي هئي. ماٺ کي ٽوڙيندي چيائين،
”ڀلا، اهو ته ٻڌاءِ، شادي ڪئي اٿئي؟“
”ها، عائشه، شادي به ڪئي اٿم.“ مختصر وراڻيم.
”عابد....! سچي به .....!“ هن خوشيءَ مان چيو.
”ها، عائشه...! منھنجي اکين ۾ چتائي ڏس. توکي ان جو عڪس نظر ايندو.“
هن جو پيار منھنجي اکين ۾ سمنڊ جيان نظر ايندئي. ڇو ته پيار ۽ سمنڊ ڪڏهن به ڪراڙا نه ٿيندا آهن.“
”ڪير آهي اُها خوشنصيب؟ نالو ڇا اٿس؟“
”اڪيلائي.....! جيڪا منھنجي يادن جي پناهه گاهه ۽ جيون ساٿي آهي.“
هوءَ ٽڪ ٻڌي مون ڏانھن ڏسندي رهي. پوءِ پرس مان ٽِشو ڪڍي اکين ۾ ڀرجي آيل لڙڪ اُگهي، اُٿي بيھي رهي. بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي فيملي روم مان ٻاهر نڪري وئي. مان کيس خالي نگاهن سان ويندي ڏسندو رهيس.

**