ڪھاڻيون

ارپڻ کان رهجي ويل محبت

پورهيت گهر ۾ جنم وٺندڙ ”وفا“ صالح سنڌي ادب جو اهو پورهيت لکاري آهي جنھن آنجهيءَ توڙي مانجهيءَ تخليقي پورهيو پئي ڪيو آهي. هن وٽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ جيڪو درد آهي، اهو درد ئي هن کي متحرڪ رکندو پيو اچي. ڇاڪاڻ ته درد جو رشتو عظيم رشتو هوندو آهي، جتي ڪيترين ئي ڪھاڻين جا زنده ڪردار هوندا آهن جيڪي ”وفا“ صالح راڄپر جي ڪھاڻين ۾ اهي ڪردار امر بڻجي ويا آهن.
Title Cover of book ارپڻ کان رهجي ويل محبت

مُـهـاڳ

ادبُ، قومن جي سڃاڻپ جو ساکائتو حوالو هوندو آهي. سڄاڻ ۽ مھذب قومون عشق جي حد تائين پاڻ کي ادب سان واڳيل رکنديون آهن. اُهي پاڻ کي ادبي ڌارائن سان سلھاڙي نه رڳو ادب جي جدت ۽ جلا کي سلامت رکنديون آهن پر ادب جي واڌ ويجهه لاءِ به پاڻ پتوڙينديون آهن. ان لاءِ وٽن پيڙهه وِڇوٽيءَ واري ڪوڙي اَنا هوندي ئي ڪانهي. ادب جي ڪنھن به صنف جي بيهجي وڃڻ جي حد تائين گهٽجڻ تي فتوائن جا فائر ڇوڙي، وهاڻو سيراندي ڏيڻ بدران ڪارڻن جا پيرا کڻي، نه رڳو ممڪنات پر ناممڪنات جي حدن تائين به ڪوششون ورتيون وينديون آهن.
ڪجهه سال اڳُ، ڪئناڊا ۾ يورپ ۽ آمريڪا سميت مختلف ملڪن جي اديبن جي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي. جنھن ۾ چوٽيءَ جا اديب شريڪ ٿيا هئا. ڪانفرنس جي هڪ نقاطي ايجنڊا هئي، ته ڪھاڻي، جيڪا بنهه گهٽ لکي پئي وڃي، ان کي ڪيئن بچائجي؟ هن ڪانفرنس ۾ رسمي ۽ روايتي احوال ڪٽي، ميار نه لاٿي وئي هئي، نه ئي سکڻا فوٽو سيشن ٿيا هئا. وڏن اديبن ۽ ڏاهن ڪھاڻيءَ جي مري وڃڻ جي فتوى ڏئي، تڏو وڇائڻ جي ڳالهه نه ڪئي هئي نه ئي پنھنجي دور جي ڪھاڻيءَ تي ليڪو ڇڪي ”اڳتي مِڙئي اوندهه“ جا راڳ آلاپيا هئا. پر هنن مٿا جوڙ ڪري، ڪھاڻيءَ جو اوج ٻيھر موٽائڻ لاءِ ڳوڙهو ويچاريو هو اڳتي هلي ڪئناڊا ڄائي ڪھاڻيڪاره ايلس منرو کي ڪھاڻين تي مليل ”نوبل پرائيز“ به ان ڪانفرنس جي ثمرات جو حصو سمجهڻ گهرجي.
اهو سچ آهي، ته يورپ ۽ آمريڪا سميت عالمي ادب ۽ ناول جي بلي بلي آهي ۽ ڪھاڻي پوهائين حال ۾ آهي، ايئن جيئن اسان وٽ سنڌي ۾، ڪھاڻي ته بتدريج سڻائي سفر ۾ آهي، پر ناول بنهه گهٽ پيو لکجي. اسان وٽ ناول جي صنعت کي جيارڻ لاءِ ڪي مُئا هٿَ ئي هنيا وڃن ها، سو ته گهوريو، رهندو جيئري جاڳندي ڪھاڻيءَ لاءِ فتوائن جي اهڙي سنگ باري شروع ڪئي وئي، جنھن جو ڪو منھن مَٿو هئو ئي ڪونه. انهن فتوائن ۾ نه ته اڄ جي ڪھاڻيءَ جو مطالعاتي پس منظر هو، نه ئي منطقي دليل. ڳنڍ ٻڌل فتوى هئي، جيڪا اڄ به ثواب خاطر موقعي مھل سان ورجائي پئي وڃي.
صفا سُڃَ به ته ڪانه ٿي آهي نه ئي تخليقي ادب مان ڏات مري مُڃَ ٿي آهي. ڪھاڻيءَ جو سفر بيھجي ته نه ويو آهي. سنڌي ڪھاڻيءَ جو منظرنامو ايترو مايوسيءَ وارو به ته ڪونهي جو گوڏا اونڌا ڪري، جوٽون ويهي ڪُٽجن. سنڌي ادب ۾ اڄ به وڏي ۽ شاهڪار ڪھاڻي لکجي پئي. اڄ جي ڪھاڻيڪار وٽ ڪھاڻي به آهي، ته ڪھاڻيءَ جو ادراڪ به آهي. وٽس تخليقي جوهر به آهي، ته Vision به آهي. ڪٿي ڪا کوٽ آهي، ته اڄ جي ڪھاڻيڪار جي حصي ۾ نقاد نه آهي. ان هوندي به اڄ جي ڪھاڻيءَ ۾ ايترو دم خم ضرور آهي، جنھن سنڌي ڪھاڻيءَ جي اعلى روايتن کي مرڻ نه ڏنو آهي.
اڄ جي سنڌي ادب جي تخيلقي ڪھڪشان ۾ جتي اخلاق انصاري، رسول ميمڻ، منظور ڪوهيار، لياقت رضوي، محمد علي پٺاڻ کان وٺي پير عبيد راشدي، منور سراج، امر لغاري، پروفيسر نصير ڪنڀر، انور ڪاڪا، ممتاز لوهار تائين کوڙ برجستا ڪھاڻيڪار موجود آهن. اُتي اڄ جي سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ نئون سَرهائي جوڳو تخليقي جوهر به دريافت ٿئي پيو. نوان ڪھاڻيڪار پنھجي تخليقي جوهر سان ڌيان ڇڪائڻ لڳا آهن. انهن ۾ انور شيخ، منظور ڪلهوڙو، حميد ابڙو، اختر حفيظ، يار محمد چانڊيو، عبدالسلام ٿهيم، حسيب ڪانهيو، رئوف کوسو، ذوالفقار گاڏهي، ’وفا‘ صالح راڄپر ۽ ٻيا ڪيترائي نئين خوشگوار تعارف سان پاڻ ڳڻائي رهيا آهن.
ڪھاڻي، انساني زندگيءَ جو عڪسُ ۽ اولڙو آهي ته پاڇولو به آهي، جيڪو انساني زندگيءَ سان گڏ گڏ سفر ڪري ٿو. کن پل لاءِ به ڌار نٿو ٿئي ان ڪري، ڪھاڻيءَ جي تاريخ به اوتري ئي پراڻي آهي، جيتري انساني ارتقا جي تاريخ. قابيل هٿان هابيل جو پھريون انساني قتل ڀلي ڌرتيءَ جي پھرين ڪھاڻي نه به هجي، پر ڌرتيءَ تي موجود اوائلي انسان، هٿن جي ميڇن ۽ اشارن جي زبان ۾ جڏهن ٻئي انسان جو ڌيان ڪنھن وارتا جون اهڃاڻيون ڏئي ڇڪايو هوندو، ڪھاڻي ته هُن کان پنھنجو سفر رکيون پئي اچي ۽ تيستائين لکي ويندي، جيستائين ڌرتيءَ تي هڪ به انسان جي موجودگيءَ جا اهڃاڻ سلامت هوندا.
ڪھاڻي لکڻ، اَڪ مان ماکي لاهڻ جيترو سَولو ڪم به ڪونهي. اهو تخليقي پورهيو آهي. رت جي لَپ ڏئي، ڏات ڏيئي کي روشن رکڻو ٿو پوي. تڏهن وڃي ڪو زندگيءَ جو سچو پچو عڪس تخليق جو روپ ٿو وٺي. ڪھاڻي، گهڻي کي ٿورڙي ۾ سموهڻ جو تخليقي ڏانءُ آهي. لفظن جي وڏي هجوم مان ڪارائـتي نڪـتي کي جهٽي فني انداز ۾ پيش ڪرڻ. سنهي سيبي جھڙو ڏکيو ڪم آهي. ايئن، جو ڏٺل وائٺل شيءِ نئين ۽ نئين شيءِ ڏٺل وائٺل لڳي. مولانا ابوالڪلام آزاد هڪ خط جي جواب ۾ لکيو هو ته:”اڄڪلهه ڏاڍو مصروف آهيان، مختصر نٿو لکي سگهان.“
ڪھاڻي، ڏات جو ڪرشمو ته آهي ئي، پر ڊکاڻڪو هُنر به آهي، ان ڪري ته ڪھاڻي جتي تخيلقي تپسيا مان جنم وٺي ٿي، اُتي رمزي واهولي سان گهڙي به وڃي ٿي. گهڙيل ڪھاڻيءَ ۾ ته ليکڪ جو گهڻو هَڏُ ڪونه ٿو اُلڙي، پر وجداني سطحن تي سرجندڙ ڪھاڻيءَ جو سڌو سنئون تعلق ڏات سان آهي ۽ ڏات ڌڻي پاڻ وهيڻو نه هوندو آهي. ڏات جا درياهه شاهه وارا ويرا آهن. ڪڏهن ٻوڙان ٻوڙ ڌڌڪا، ته ڪڏهن خالي پيٽ جون وارياسيون پاسراٽيون پيون ڏسبيون آهن. ايئن ڏات ديوي ماڻا ڪري، ته هفتن جا هفتا سِٽَ به نٿي سِرجي. پنن مٿان پين رکي آڱرين مان ٺۡڪاءَ پيا ڪڍائبا آهن. ڪڏهن، ته ڏات ديوي وجدان جي رَٿ تي سوار ٿي ايئن اچي واسو ٿي ڪري، جو لکڻ جون ڪيفيتون مھربان ٿي اورگهور پيون وينديون آهن ۽ پوءِ جيئن درياءُ، مينھن جي چاري مان به وهي پوندو آهي، تيئن تخيل جا وهڪرا جاري ٿي ويندا آهن.
ايئن، ليکڪ ۽ تخليقڪار به قلمي قبيلي سان لاڳاپيل هوندي به هڪٻئي کان گهڻو مختلف هوندا آهن. هر تخيلقڪار ته ليکڪ به هوندو آهي. پر هر ليکڪ تخليقڪار نه هوندو آهي. ان ڪري، ته ليکڪ ته درخواستون لکڻ وارو اسٽامپ وينڊر به آهي، جيڪو هر درخواست ۾ ڪانه ڪا ڪھاڻي لکندو آهي. اخباري رپورٽر به ليکڪ آهي جنھن جي هر خبر ۽ رپورٽ ۾ ڪھاڻي هوندي آهي. انهن ڪھاڻين ۾ وارتائون ۽ واقعا به هوندا آهن ته منظر نگاري ۽ ڪردار نگاري به هوندي آهي. ڪردار به هوندا آهن، ته مڪالما به هوندا آهن. اسلوبي رنگ به هوندو آهي، ته بيان جي چاشني به هوندي آهي، پر ڪھاڻيءَ وارو تخليقي ۽ احساساتي رچاءُ نه هوندو آهي. ليکڪ جي ذهن ۽ آڱرين جو پورهيو ته هوندو آهي، پر احساسن جي ڇاڇول ۽ لفطن ۾ حرارت وارو ساهه پساهه نه هوندو آهي.
تخيلقي ادب محسوسات جو جھانُ ۽ لفظن جي سائنس آهي ۽ لفظ ڪائنات جي نه رڳو سونھن، پر جذبن ۽ احساسن جي ترجمانيءَ جي سگهه رکندا آهن. تخليقڪار، پڪاسو جيان درد آشنا هوندا آهن، جيڪو ڌام تتيءَ، نِٽھڻ اُس ۾ ويھي جڏهن سورج کي گلن جا چتر چِٽيندو هو، ته سندس تخليقون ساهه کڻڻ لڳنديون هيون. تخليقڪار لفظن سان پيار ڪندا آهن ۽ لفظن سان پيار ڪرڻ وارا ڀوڳنائن جا درياهه اُڪرندا آهن ۽ پوءِ ڏات جي ونڊ مان جيڪي ميڙي چونڊي پلئه پوندي اٿن، اوجاڳن جي بند لفافن ۾ آڇيندا آهن. بنگال (بنگله ديش) جي ڪوي جسيم الدين چواڻي ته:
”اوهين جڏهن خواب ۾ مدهوش هوندا آهيو. اسين مٽيءَ جي ڏيئن کي روشن ڪري، اوهان لاءِ لکندا آهيون. اسان جو فن ۽ ادب، اوهان جي زندگيءَ جو ساٿي ۽ رفيق ثابت ٿيندو.“
تخليقڪار جي اندر ۾ هڪ آرٽسٽ هوندو آهي، جيڪو سندس ڏات ۽ جمالياتي قدرن جو تعين وجداني سطحن تي ڪندو آهي ۽ پوءِ وجدان جي پاڻيءَ ۾ ڳوهيل مٽيءَ مان انسان زندگيءَ جي جذبن ۽ احساسن جا ڪومل گؤنچ ڦٽي، نئين تخليق جون واڌايون ڪري سگهندو آهي. ٽن آڱرين جي ٽيانگهه تي قلم رکي لکڻ وارو هر ليکڪ نه.
”وفا“ صالح تخيلقڪارن جي ان قبيلي مان آهي، جيڪي لکڻ ۾ جئدان ڳوليندا آهن. لفظن جا ڏنگ ۽ سِٽن جا صدما سھندا آهن. ڏات ۽ ڏانءُ کين پنھنجي پناهه جون پکيڙيل ٻانهون آڇيندا آهن. قلم انهن لاءِ اهڙو ڪلهو هوندو آهي، جنھن تي ڪنڌ رکي، لفظن جا سُڏڪا ڀـريندا آهن. هو اهڙو ڏات ڌڻي آهي، جيڪو لکڻ لاءِ لکي ٿو، لکڻ سندس جياپو آهي. هو پنھنجي لکڻين کي آڪسيجن بڻائي جياپي جا اونها ساهه کڻي ٿو. ائين، جيئن ثميره زرين هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته:
”ڪوئي لکي، ٻين تي احسان ڪندو هوندو. ادب تي، عوام تي، سماج تي، داد طلبڻ لاءِ مون کي اعتراف آهي، پنھنجي دل جي سمورين سچائين سان، ته مان صرف ان ڪري لکان ٿي، جو مان لکڻ چاهيان ٿي.“
يا جيئن قمر شھباز کي لکيل هڪ خط ۾ امر جليل لکيو هوته:
”روز ڪاغذ ڪارا ڪندو آهيان. ڦاڙي ڇڏيندو آهيان. وري لکندو آهيان. لکڻ کان سواءِ منھنجي زندگيءَ جو ڪوبه مصرف نه آهي. مون اڪثر تمام سنجيدگيءَ سان سوچيو آهي، ته لکڻ جي ڏات (جنھن کي مانTalent of Exhimtion چوندو آهيان) مون کان کسجي ويندي، تڏهن مان خودڪشي ڪندس. جيئندس ته اهو حادثو ئي هوندو.“
”وفا“ جي شخصيت ۽ سندس تخليقي سُرت مون لاءِ اوپرا نه رهيا آهن. مون جتي سندس تخليقن کي پيار ۽ پرک وارين دل جي اکين سان پڙهيو آهي، اُتي سندس جيون باب به ڀيرا ڏئي پڙهيا آهن. شيخ سعدي چيو هو ته ”مون ڪجهه اهڙا غريب به ڏٺا آهن، جن وٽ پئسي کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي.“ منھنجي نظر ۾ ”وفا“ پنھنجي فقيراڻي حال ۾ اهڙو تونگر آهي، جنھن وٽ پئسي کان سواءِ سڀ ڪجهه آهي. هونئن به زندگيءَ جي سچائين کي پرکڻ، پرجهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ کيسن جو ڀـرتو هجڻ نه، پر خالي هجڻ ضروري هوندو آهي. هو پنھنجي جيون جالاڻي ۾ به اوترو ئي سادو، سچو ۽ کرو آهي، جيترو پنھنجي تخليقن ۾ نظر اچي ٿو. هو ”ٻاهر ٻولي هنج جي، اندر ڪارو ڪانءُ“ واري ڪوفي قبيلي مان ڪونهي ۽ ماڻهپي جو معراج جو، ان کان وڏو ٻيو ڪو حوالو ٿي نٿو سگهي.
اهو سچ آهي، ته هر ماڻهو ڪھاڻي آهي. ”وفا“ جي جيون ۾ جهاتي پائي ڏسبو، ته هو پاڻ به ڪھاڻي آهي. ريئلزم ۽ سريئلزم جو سنگم اهڙي ڪھاڻي، جنھن ۾ پيڙا به آهي، ته رومانس به آهي. ٻرندڙ آڙاهه جھڙيون خارجي ڪيفيتون به آهن ته ڪنڀر جي دکندڙ آويءَ جھڙيون داخلي ڀاونائون به آهن. هن جي ساهه ساهه ۾ درد جون سانجهيون لٿل آهن ۽ اکين ۾ ڪرب جا لمحا قيد ٿيل آهن. هو پنھنجي وکريل خوابن کي ميڙڻ وارو اهڙو اڻ ٿانيڪو انسان آهي، جنھن جي جل ٿل جيون ۾ وڏي ۽ شاهڪار ڪھاڻي ساهه کڻي پئي.
”وفا“ ڪھاڻيڪار به آهي، ته شاعر به آهي. منھنجي ذاتي محسوسات موجب شاعري سندس جيون حساب سان پيچ کائيندڙ اهڙو کوڙو آهي، جنھن ۾ پاڇي نٿو بچي. هو نثر- نظم جو ٺاهوڪو شاعر آهي. اهو ئي سندس ادبي سڃاڻپ جو پھريون سگهارو حوالو به آهي. سندس نثري نظمن جو تازو ڇپيل ڪتاب ”دردن ڦولاريا ڦول“ سندس سگهارو ادبي تعارف آهي. جنھن کيس ادبي حلقن ۾ اهڙي مڃتا ڏياري آهي، جيڪا مڃتا جي رُڃ ۾ ڊوڙندڙ ڪيترن شاعرن کي نه ملي سگهي آهي. پر ڇاڪاڻ ته کيس زندگيءَ جي انيڪ صورتن جو شعور حاصل آهي ۽ زندگيءَ جي هاڪاري توڙي ناڪاري پاسن جو ڳوڙهو مشاهدو به رکي ٿو. ان کان سواءِ ڪھاڻيءَ جي فني ڪاڪ ڪلن جي چڱي موچاري ڄاڻ به رکي ٿو. ان ڪري هن زندگيءَ جي صورتن جي وائکي ۽ دل گهري کول لاءِ ڪھاڻيءَ جي چونڊ ڪئي آهي.
فيصلو غلط به ڪونهي، ان ڪري ته هن پنھنجي ڏات ڏيئي سان ادب جي ٻنھي پاسن کي روشن رکيو آهي. شاعريءَ ۾ خيال کي ۽ ڪھاڻيءَ ۾ خيال کان وڌيڪ آرٽ کي اهميت هوندي آهي ۽ ”وفا“ ان جو ادراڪ رکي ٿو. جتي سندس شاعراڻي تخيل جي اُڏام، سُن ٿي ويل سريرن ۾ حرارت جون لهرون اُڀارڻ جي سگهه رکي ٿي، اُتي ڪھاڻين ۾ آرٽ جي ڇھاءَ سان ذهن کي اُٿل وهيڻو ڪرڻ جي خوبي محسوس ڪري سگهجي ٿي. آءٌ پاڻ به ڪھاڻيڪار آهيان. ڪھاڻيءَ جي ظاهري ۽ اندروني حُسن جي جيڪا ٿوري گهڻي پرک ۽ پروڙ رکان ٿو، ان آڌار تي مون کي سندس ڪھاڻين تي پيار اچي ٿو. پر سچ اهو به آهي، ته سندس شاعري به منھنجي من جي تارن کي ڇيڙي ڇڏيندي آهي. مون لاءِ هن جا ٻـئي ادبي پاسا ساڄي ۽ کاٻي اک جيان آهن. هڪ اک، ٻي اک کي ڏسڻ جي قدرت ڀلي نه رکندي هجي، پر ٻنهي اکين مان جاري ٿيندڙ جوت جو اُهاءُ گڏ گڏ هڪ ئي مرڪز ڏانھن سفر ڪري ٿو. ”وفا“ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ گهڻو ڪجهه هئڻ جي هامَ ڀلي نه به هڻي، پر هو لئيءَ مان لٺ ڀڃي، پاڻ کي گهڻو ڪجهه سمجهڻ وارن گهڻن کان گهڻو ڪجهه سگهارو ۽ برجستو ڪھاڻيڪار آهي. هن وٽ فن به آهي، ته فن جي پاسداري به آهي.
تخليقي ادب اهڙي ڳڙکيءَ وانگر هوندو آهي، جيڪو تخليقڪار کي آسپاس جي سچائين جو ادراڪ بخشيندو آهي. اهي سچايون اصل ۾ ڪنھن تخليقڪار جي تخليقن جو محور به هونديون آهن ته مرڪز به. اسين جنھن ايڪويهين صديءَ ۾ ساهه تڳايون پيا، اها عمل ۽ رد عمل جي صدي آهي. سنڌ سميت سموري دنيا سياسي ۽ معاشي بُحران ۽ دهشتگرديءَ جي ٻڙڌڪ جي ور چڙهيل آهي. عالمي سامراجي طاقتون، جديد دور جي نَون فريبن ۽ کريبن مان غلاميءَ جا نوان ريشمي ڳَٽَ وجهڻ جي ڪوشش ۾ آهن. غربت جي لڪير کان هيٺ ڪرندڙ انساني زندگيءَ جون سطحون ڇڙوڇڙ ٿي، ويڳاڻپ جي حدن کي ڇُهڻ لڳيون آهن. سنڌي مديني واسي بک، بيماري، بيروزگاري، بدامني ۽ وسيلن جي ڦرلٽ وارين حالتن جي جن ڪربلائن مان گذرن پيا، انهن حالتن ۾ ڏسڻو آهي، ته اڄ جو تخليقڪار، پنھنجي عھد کي ساڻ کڻي، اجتماعي شعور وسيلي، حقيقتن جي کول ڪيئن ٿو ڪري؟ وقت ۽ تاريخ جي سچائين اڄ جيڪي ذميدارين جا بار ڏات ڌڻين جي ڪلهن تي اُڇلايا آهن. ان حوالي سان ”وفا“ سميت اسين سڀ علائقائي ليکڪ آهيون. ادب جو نوبل انعام ماڻيندڙ ناول نگار وليم فاڪنر جا ناول آمريڪا جي ميسيسپي علائقي جي پسمنظر ۾ لکيل آهن. ان حوالي سان انگريزيءَ جي انتھائي معتبر رسالي ”پيرس رِويو“ وارن هڪ انٽرويوءَ ۾ کانئس سوال ڪيو ته، ”ڇا اوهان کي علائقائي ليکڪ سمجهيو وڃي؟“ ان جي جواب ۾ هن وراڻيو هو ته، ”دنيا جا سڀ ليکڪ علائقائي آهن. جيڪو نيويارڪ جي پسمنظر ۾ لکي ٿو، اهو به علائقائي آهي، جيڪو پيرس جي پسمنظر ۾ لکي ٿو، اهو به علائقائي آهي.“
”وفا“ حساس هردو، سڄاڻ ذهن ۽ ڪھاڻيءَ جي فني ڄاڻ رکندڙ ڪھاڻيڪار آهي. سندس فڪري ۽ تخليقي معيار ڪھاڻيءَ کي اڳتي وٺي ويندڙ آهي. هن ٿورو لکيو آهي پر سٺو لکيو آهي. هونئن به مڃتا گهڻو لکڻ سان نه، پر چڱو ۽ معياري لکڻ سان ملندي آهي. سگهاري ۽ معياري تخليق پاڻ مڃائيندي آهي. هو سماجي حقيقت پسند ڪھاڻيڪار آهي. سندس ڪھاڻيون، سماج جا اولڙا آهن. سماج جي وَهي واپريءَ جا اُهي ڏکوئيندڙ ڏيک ۽ منظرناما، جيڪي سياسي مدارين، سماجي ڌنڌوڙين ۽ مذهبي ٺوڳين، خدا جي بي پھچ، هيڻن بندن جي وَهيءَ کاتي ۾ لکئي جو ليک ڄاڻائي ٿوڦي ڇڏيا آهن، سندس ڪھاڻين جا موضوع آهن. هن جي اندر جو آرٽسٽڪ اکيون انهن منظرنامن کي ڪيئن ٿيون ڏسن؟ حساس هِردو، انهن جو اثر ڪيئن ٿو قبول ڪري؟ ۽ پوءِ سندس تخيلقي جوهر ان کي آرٽسٽڪ انداز ۾ ڪيئن ٿو اظھاري؟ اهو اسلوبي رنگ وٽس پنھنجو آهي. ڪنھن کان اڌارو ورتل نه آهي.
هو لفظن جي حُرمت ڄاڻي ٿو، ان ڪري لفظن جي خرچ ۾ هَٿ ڇوٽَ ڪونهي. هو ڪھاڻيءَ کي رٻڙ وانگر اينگهائي اجائي طوالت ڏيڻ جو قائل نه آهي. ڪھاڻيءَ جي پکيڙ موضوع ۽ ڪردارن جي گهرج آهر رکي ٿو. ان ڪري سندس ڪھاڻيون پنھنجي تَر ۽ بَر ۾ درزيءَ جي ويٽيل وڳي وانگر فِٽ هونديون آهن.
هن سماج جي ڪھاڻين جا ڪردار هن وانگر سادا ۽ سِڌا سنوان فليٽ آهن. هو ڪردارن کي گهڙي ٺاهي، انهن جا بي جان بوتا ڪھاڻين ۾ فِٽ نٿو ڪري، پر جيئن جو تيئن پنھنجي ماحول مان کڻي ٿو. هو ڪردارن کي واقعن جو اڻ ٽٽ حصو بڻائي، ڪھاڻيءَ سان ايئن هم آهنگ ڪري ٿو، جو پڙهندڙ جڏهن انهن ڪردار سان ملي ٿو، ته ڪردارن کي پنھنجو تعاف ڪرائڻو نٿو پوي. اُهي ڪھاڻيءَ جي تھن مان نڪري، ايئن سامهون اچن ٿا، جو ڏٺل وائٺل ۽ ڄاڻو سڃاڻو لڳن ٿا.
هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين جي موضوعاتي وِرڇ کي آڏو رکي ”وفا“ تي موضوعاتي ورجاءَ جي آڱر کڄي سگهي ٿي. موضوعاتي ورجاءَ تي ڏات جا لونگ ڦوٽا هارڻ ڪو وڏو ادبي ڪم به ڪونهي، جو ان جي واکاڻ ويهي ڪجي. پر ڪو وڏو ادبي گناهه به ته ڪونهي. جڏهن موضوع ساڳيا ئي آهن، ته پوءِ ورجاءُ ته اوس ٿيڻو ئي آهي، پر اهو ورجاءُ اهڙو تخيلقي ۽ هنرمنديءَ وارو هئڻ گهرجي، جنھن ۾ موضوع جي هڪجھڙائي هوندي به ڪا نيارپ ۽ نواڻ محسوس ٿئي. پراڻي موضوع کي نواڻ جو ڪو اڻ ڇُهيو رُخ ۽ پھلو به ملي. منھنجي خيال ۾ پراڻي موضوع تي ساڳئي انداز ۾ ساڳين نتيجن ۽ نبيرن سان ڪھاڻي لکڻ، سکڻي پاڻيءَ ولوڙ کان اڳتي ڪجهه به ناهي. اهو نه رڳو وقت جو زيان، پر ڏات ۽ تخيلقي جوهر کي ضايع ڪرڻ برابر آهي. ڪردارن جي ڦيري سان موضوع جي اڻ ڇُھيل پاسن کي اُجاگر ڪري نوان نتيجا ڏيڻ ضروري آهن. جمال ابڙي، ڪارو ڪاريءَ جي موضوع تي ”سينڌ“ جھڙي شاهڪار ڪھاڻي لکي. ان کانپوءِ ساڳئي موضوع تي مختلف انداز ۽ نتيجن جي ڦير گهير سان کوڙ ڪھاڻيون لکيون ويون. تازو ان موضوع تي انور شيخ ”درد جو انگاس“ ڪھاڻي لکي آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ ڪاري ڪري ماري ويندڙ ناري ”حياتان“ جي ڪردار کي جنھن نئين رُخ سان پيش ڪيو ويو آهي، اهو نه رڳو موضوعاتي نواڻ، پر موضوعاتي حُسن به بڻجي پيو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين ۾ گهڻيون تڻيون رومانس جي موضوع تي لکيل آهن، پر هو ليڪو ڪُٽڻ واري موضوعاتي ورجاءَ کان پاڻ بچائي، نواڻ پسنديءَ جو مظاهرو ڪري ٿو. ان ڪري سندس ڪھاڻين جا نبيرا به ڌار ڌار نظر اچن ٿا. ٽي ڪھاڻيون ”ڪاري“، ”ٻه جريب“، ۽ ”ڪارو ڌاڳو“ (ڪارو ڪاري) جي موضوع تي لکيل آهن. پر هر ڪھاڻيءَ ۾ موضوع ۽ نئين رُخ ۽ پھلوءَ جي کول ۽ نواڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
هو توڙي جو سماجي حقيقت پسند ڪھاڻيڪار آهي، پر اها به رومانس ڪوٽيڊ آهي. رومانيت جو عنصر مٿس گهڻو غالب نظر اچي ٿو. هن سماجي حقيقت پسندي کي رومانس سان گڏ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رومانس وڏو انقلابي لاڙو آهي. ان جي تعريف ۽ تشريح پيار کان گهڻو اڳتي ويندڙ آهي. پيار جي معنوي الفي، رومانس جي انيڪ ويسن مان محض هڪ ويس آهي. پيار، ”وفا“ جي جيون جو اساس آهي. ان ڪري ڪھاڻيءَ جو موضوع ”سريت“ سندس اهڙي ڪھاڻي آهي، جنھن کي سماجي حقيقت نگاري ۽ رومانس جو موضوعاتي سنگم چئي سگهجي ٿو. هن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ سماجي حقيقت کي رومانس جي ٿڌن مٺن جذبن سان رَلائي ايئن پيش ڪيو ويو آهي، جو نه رڳو ڪھاڻيءَ جو اصل موضوع بنا ڪنھن ڇيهو رسڻ جي نيشانبر ٿي پيو آهي، پر رومانس جي ڇايا ۽ سماج جي نظر ۾ اڻ وڻندڙ ڪردار ”ڪونج“ سان ڌڪار بدران همدردي ٿيڻ لڳي ٿي. ڪھاڻيڪار جي اهڙي روش، ڪنھن نقاد جي تنقيد جي جهپيٽ ۾ به اچي سگهي ٿي. پر پيشڪش جو انوکو ڏانءُ ۽ ڪردار نگاريءَ جو ڏانءُ ئي ته آهي، جو ڪونج، جھڙي ڪردار جي سماجي اوڻائي به سماج جي کاتي ۾ داخل ٿي، سماجي مجبوري بڻجي ٿي وڃي ۽ مٿس پيار اچڻ لڳي ٿو. اهڙو ڏانءُ گهٽ ڪھاڻيڪارن جي حصي ۾ ايندو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل احساساتي ڪھاڻي، جنھن منھنجو گهڻو ڌيان ڇڪايو. موضوعاتي نيارپ رکندڙ ڪھاڻي ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ پنھنجي تر، بر ۽ اثر ۾ خوبصورت ۽ ڀرپور اينٽي ڪلائمڪس ڪھاڻي آهي. ڪھاڻي پڙهندڙ کي پنھنجي اثر ۽ سحر ۾ وڪوڙي، چيچ مان پڪڙي پاڻ سان گڏ گڏ کڻي هلي ٿي ۽ ڇرڪائيندڙ پڄاڻيءَ تي اوچتو چيچ ڇڏي، پڙهندڙ کي سوچن جا ٽُٻ ڏئي ٿي ڇڏي. سٺي ڪھاڻيءَ جي خوبين مان هڪ وڏي خوبي اها به هجي ٿي.
”نيڻن ۾ سجايل خواب“ ڪھاڻيءَ ۾ ”وفا“جي مضبوط گرفت ۽ تخليقي جوهر ڏسڻ وٽان آهي. هن ڪھاڻيءَ جي ڪلائمڪس وارا جملا ڪھاڻيءَ جو عرق ۽ روح به آهن، ته حُسن به آهن، ته حسين به آهن. ڪھاڻيءَ جي سموري عمارت انهن جملن تي آڌاريل آهي. ڪھاڻيءَ جي پڄاڻيءَ مان جيڪو نتيجو ۽ ميسيج پڙهندڙ ڏانھن وڃي ٿو، اهو سنڌ جي نوجوان نسل جي بيروزگاريءَ جي ڏائڻ هٿان مرندڙ ٽيلنٽ جو تخليقي نوحو آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ جيڪا ڪاٽَ محسوس ٿئي ٿي ۽ تخليقي طنز ڇيت وانگر چڀڻ لڳي ٿي، ان ۾ جتي سنڌ جي نوجوانن جي ذهني فرسٽريشن کي هنرمنديءَ سان سمايو ويو آهي، اُتي سنڌ ۾ رائج عوامي ۽ جمھوري راڄ تي اهو تاريخي تبرو به آهي، جيڪو سنڌ جي لڳ ڀڳ هر گهر ۾ ورجايو پيو وڃي. هن ڪھاڻيءَ ۾ سچ ته ”وفا“ سنڌ جي نوجوانن جي ڪرب کي محفوظ ڪري، ڪرنٽ تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي.
”پھريون پيار“ ڪھاڻيءَ ۾ ٿورن لفظن جي خرچ سان نِج نِبار ڳوٺاڻي پيار جي اهم فلسفي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. مرداڻي مٿڀرائپ واري سنڌي زرعي سماج ۾ عورت کي پيار ۾ ڪھڙين آزمائشن ۽ مجبورين جا اوڙاهه پار ڪرڻا ٿا پون. توڙي جو هوءَ پنھنجي زندگيءَ جي فيصلن ۾ آزاد ۽ خودمختيار نه رهي آهي، پوءِ به کيس پھريون پيار ساري ڄمار ساهه سيباڻو رهندو آهي. اها نڪاح جي سماجي معاهدي ۾ جسماني طرح ڀلي ڪنھن جي ٿي وڃي، پر سندس روح، اخلاقي حدبندين ۾ رهندي به پنھنجي فيصلن ۾ آزاد ۽ خودمختيار هوندو آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ عورت جي ان نفسيات کي ڀرپورتا سان آندو ويو آهي.
تخيلقڪار ماءُ جيان هوندو آهي، جيئن امڙ کي پنھنجو پيٽ ڄڻيو اولاد مِٺو هوندو آهي، تيئن تخيلقڪار به پنھنجي تخليقن سان اڻ ميو پيار ڪندو آهي. ”وفا“ ان خيال ۽ جذبي کي کڻي ڪھاڻي ”اوجاڳو، درد ۽ راتيون“ جو موضوع بڻائي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هيءَ ڪھاڻي هڪ غريب شاعر جي پنھنجي شاعراڻي ڌراوت ۽ نور پورهئي سان ميڙيل پُونجي (شاعري) سان اڻ مئي فطري پياري ۽ لڳاءَ کي نروار ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ان کان سواءِ اديب ۽ قلمڪار جهيڻي ۽ اڻپوري روشنيءَ ۾ راتيون اکين ۾ ڪٽي، پنھنجي ڏک سور پاسي تي رکي، جن جي جيون سان لاڳاپيل ڏک، درد ۽ پيڙائن کي پنھنجي تخليق ۾ نروار ڪري ٿو، انهن جا ساڻس رويا ڪھڙا آهن. غلام قوم جي غلام ذهنن جي ان نفسيات کي به هن ڪھاڻيءَ ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي.
ڪھاڻي ”اجازت“ ان حوالي سان ڀرپور آهي، ته هن ڪھاڻيءَ ۾ روايت پڻي کان هٽي ڪري، جتي حقيقت جو اظھار آهي، اُتي حقيقت مان تبديليءَ ڏانھن مثبت اشارو به ڏنو ويو آهي. سنڌي سماج ۾ ريتن رسمن جي نالي ۾ جتي نياڻين کي رڍن، ٻڪرين جيان ڪَن مان وٺي ڏيڻ وٺڻ جو رواج عام آهي. جتي نياڻين کي مُڇ جي وار جيتري به اهميت نٿي ڏني وڃي، اُتي هڪ ڪمزور نياڻيءَ کي اڏولتا سان سماجي بغاوت جي علامت بڻائي، تبديليءَ جو سگهارو ميسيج ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
”ڪارو ڌاڳو“ ڪھاڻيءَ جو موضوع توڙي جو نئون ڪونهي، پر ڪھاڻيءَ جو نبيرو اهڙو ته جاندار ۽ آرٽسٽڪ آهي، جنھن روايتي موضوع کي به نواڻ جي سگهه ڏئي ڇڏي آهي. جرڳا ڪري، غريبن جي نياڻين تي ڪاريءَ جون فتوائون مڙهڻ وارن جي پنھنجي گهرن جي چؤديوارين ۾ جڏهن اهڙيون ڪاريون جنم وٺنديون آهن، ته اهي تھمتن ۽ فتوائن جي سنگ باريءَ ۾ سنگسار نه ٿينديون آهن پر ڪارا بي دريافتا پنھنجا سر وڃائيندا آهن. هن ڪھاڻيءَ ۾ درجابنديءَ وارن اهڙين ٻٽن معيارن جي کول ڪئي وئي آهي.
”ٻه جريب“ ڪارو ڪاريءَ جي موضوع تي ڀلوڙ ڪھاڻي آهي. ڪاراڻ جي تھمت جي اوٻاري مان اُٻريل غيرت جو پاڻي، زمين جي ٻن جريبن جو کاتو ملڻ تي، ڪيئن نه ڪوساڻ ماري ٿڌو گهڙو بڻجي ٿو وڃي؟ جو نه رڳو سماجي ڏوهه، ثواب بڻجي ٿو وڃي، پر ڪارو به کير جھڙو اڇو اُجرو بڻجي ٿو پوي. هن ڪھاڻيءَ جو تاڃي پيٽو ۽ ڪھاڻيڪار جو موقف، اصل ۾ سنڌ ۾ ڪارو ڪاريءَ جي هٿ وٺي وڌايل لعنت جي پٺيان جيڪي اصل مڪروهه مقصد هجن ٿا، ان کي وائکو ڪندڙ آهي.
”رکوالي“ ڪھاڻيءَ ۾ ٽريٽمنٽ جي انوکائپ ۽ اظھار جي بي ساختگي ڏسڻ وٽان آهي. ڇوڪراٽ وهيءَ مان جوانيءَ جي مست حدن کي ڇھندڙ جوانڙن جي جنسي خواهشن جي پورائي واري تڙپ کان وٺي، سندن وهيءَ واري فطري ڇڙواڳ گفتگوءَ تائين ڪردار نگاري ۽ منظرنگاريءَ جي مدد سان جيڪو ماحول جوڙيو ويو آهي، اهو فطري آهي. ان ۾ هٿرادو يا ٻاهران مڙهيل ڪابه مداخلت نه آهي.
مرداڻي مٿڀرائپ واري سماج ۾، مردن ۽ عورتن لاءِ ڌار ڌار معنائن ۾ رائج آهي. پيار کي مرد جنھن معنى ۾ پاڻ سان لاڳو ڪن ٿا، ان پيار کي ساڳي معنى ۾ پنھنجي نياڻين سان لاڳو ڪرڻ کي نه رڳو عزت ۽ غيرت جو مسئلو، پر ڪبيرو گناهه به سمجهن ٿا. مرد، پراوا ڪک لتاڙي، پرائي نياڻيءَ کي ڀڄائي کڻي اچڻ کي پيار پرڻي جو نالو ڏين ٿا، پر نياڻي رڳو ڪنھن جو نالو به زبان تي آڻي ته ڪاري بڻجي وڃي ٿي. ”وفا“ جي هيءَ ڪھاڻي ”ڪاري“ ان ڌپاري سوچ کي پڌرو ڪندڙ ڀلوڙ ڪھاڻي آهي.
”سيما“ خوبصورت اينٽي ڪلائمڪس ڪھاڻي آهي. اڻ اظھاريل معصوم محبت جي ڪومل ۽ تاسارن جذبن جي ترجماني ڪندڙ ڀرپور احساساتي ڪھاڻي آهي. هن ڪھاڻي ۾ پيار جي انهن سمورن احساسن کي سھيڙي، جنھن هنرمنديءَ سان ڪلائمڪس جو حصو بڻايو ويو آهي، اهو ڀرپور آهي. ڪھاڻي، سسپنس جو ويڙهو ويڙهيندي ڪاميابيءَ سان ڇرڪائيندڙ پڄاڻيءَ کي پھچي ٿي.
ايئن، ”اکيون ۽ عشق“، ”محبت“ ۽ ”تِـرَن جو تيل“ به رومانس ۽ سماجياتي موضوع تي ڀلوڙ ڪھاڻيون آهن. ڪھاڻين جي موضوعاتي تاڃي ته ساڳي آهي، پر پيٽيءَ جي اُڪلاءَ جا چِٽَ ڌار ڌار آهن.
”وفا“ جو هي تخليقي پورهيو، سندس نثر جي پھرين مراد آهي. سندس ڪھاڻيون تخيلقي حُسن رکن ٿيون، پر اڃان کيس تخيلقي تپسيا مان گذري، ڪھاڻيءَ جي روح تائين وڌيڪ رسائيءَ لاءِ جهاڳڻو آهي. ان ڪري، ته تخليقي پورهئي سان ادب ۾ مڃتا ماڻڻ جيترو ڏکيرڙو ڪم آهي، ان کان وڌيڪ ڏکيو ڪم ان سڃاڻپ کي برقرار رکڻ هوندو آهي. آءٌ پڪ سان چئي سگهان ٿو، ته هو پنھنجي ٽھيءَ جو اهڙو ڪھاڻيڪار آهي، جنھن مان اُميدون واڳي سگهجن ٿيون. منجهس اُهي سموريون تخليقي اهڃاڻيون موجود آهن، جيڪي ڪنھن ڪھاڻيڪار کي نمايان مقام ڏيارڻ ۾ مددگار بڻجي سگهنديون.
دُعائون، جهليل ٻُڪن ۽ چوريل چپن جون محتاج نه هونديون آهن. اُهي، ته اندر جي انت اونهائين مان ٻاڦ بڻجي بي اختيار اُٿنديون آهن. ”وفا“ لاءِ اهڙين دعائن جي دري منھنجي مَنَ ۾ به آهي، جنھن کي ڪڙو ڪُنڍو، ته پري، ڪو تاڪُ به ڪونهي. انهن غير مشروط دعائن مان هڪ دعا اها به آهي، ته شل هن جي اکين جا اوجاڳا سڦلتا ماڻين، هو ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ به اها مڃتا ماڻي، جيڪا کيس شاعراڻي پورهئي ڏني آهي.


محمد صديق منگيو
سڪرنڊ
2016-12-18