اوجاڳو، درد ۽ راتيون
”ڇاهي، ڙي.....! وڏي اوٻاسي ڏيندي وراڻيو.
”وڏا.....! لڳي ٿو ته هن گس سان اڄ ڪوبه داءُ نه لڳندو.“ خيروءَ چيو.
”ها، وڏا.....!، خيرو ٺيڪ ٿو چوي، بيٺي بيٺي ٽنگن جو رت ئي سُڪي ويو اٿئون، هتان نڪرڻ گهرجي.“ بالم، خيروءَ جي ڳالهه کي ٽيڪو ڀرايو.
”جيڪا سنگت جي صلاح، پر هتان پير ڊاهيون، ته ڪٿي هلون...؟“ وڏي ڳالهايو.
”سيوهاڻي سڙڪ واري موڙ وٽ تان هلون، روڊ به ٽٽل ڦٽل آهي، ته ماڻهن جي اچ وڃ به چڱي آهي.“ خيروءَ صلاح ڏني.
”اڙي او انڌا! سيوهاڻي سڙڪ تائين پھچندي پھچندي رات ٿي ويندي.“ جانوءَ ڇنڊ پٽيندي وراڻيس.
”ها“ اهو ته ٺيڪ ٿو چوين، پوءِ ڀلا ڪٿي هلون؟“ وڏي ڳالهايو.
”وڏا.....! سَرن واري لاڙي جي ڀرسان جيڪا اڇي مسيت آهي نه؟ اُتي ٿا هلون، پنڌ به ايڏو پري ڪونه آهي. ڪونه ڪو اسان جي ڪڻي ۾ ضرور ايندو.“ جانوءَ وراڻيو.
”پوءِ دير نه ڪريو. سج به لَھه پَھه ۾ آهي“ وڏي چيو.
چارئي ڄڻا ڪپڙا ڇنڊي اُٿي بيٺا. هلڻ وارا هئا، ته بالم جي رڙ تي بيھي رهيا، هن چيو پئي،
”ترسو.....! تڪڙ نه ڪريو، پريان ڪو اچي پيو. کيس رهڙو ڏئي ٻُھڻي ڪري پوءِ ٿا نڪرون.“
”چڱو ٺيڪ آهي، اچڻ ڏيوس.“ وڏي وراڻيو.
همراهه لڏندو لمندو جڏهن کين ويجهو ٿيو، ته بالم چيو،
”وڏا.....! هَڪل ڏيانس؟“
”ڇو پڇين پيو، پيءُ اٿئي ڇا؟“ وڏي داٻو ڏنس.
”اَڙي بيھه رَهُه“ بالم ويندڙ همراهه کي داٻي سان هڪ ڏئي چيو.
همراهه اوچتي هڪل ٻڌي وائڙو ٿي ويو، بيھڻ بدران کڙيءَ تي زور رکيائين. ٿورو اڳتي ٿيو ته پٺيان پسٽل جي هوائي فائر تي هراسجي ٿاٻڙجي ڪري پيو، بالم ۽ جانو مٿان اچي بيٺس. هن ڊنل اکين سان کين ڏٺو ۽ گوڏن تي هٿ ڏئي اُٿي بيٺو.
”پئسا گهڻا اٿئي؟ جيڪو ڪجهه به اٿئي ٻاهر ڪڍ، نه ته .....!“ خيروءَ کيس داٻو ڏيندي چيو.
”رُ........ رپ........رُپيو به ڪونهي“ هُو ڏڪيو پئي.
”ڪوڙ ٿو هڻين“ جانوءَ پسٽل لوندڙيءَ تي رکيس.
”ڳاڙهي قرآن جو سُنھن، مُولا ڄاڻي ٿو، ڪوڙ نٿو هڻان“ هن وراڻيو.
”اڙي، وٺوس جهڙتي بشني ڪنھن جاءِ جو ڪوڙ ٿو هڻي.“ وڏي داٻي سان چيو.
جهڙتيءَ جو ٻڌي هو تھه سياري ۾ پگهرجي ويو. ڪوٽ جي کيسي کي ٻنهي هٿن ۾ مضبوطيءَ سان ايئن جهلي بيھي رهيو جيئن جواري کٽيل پئسا، ڪانچ جي وَرَ ۾ هڻي هٿ سان مضبوط جهلي ويھندا آهن.
”اڙي، هٿ ڪڍ کيسي مان“ بالم دڙڪو ڏنس.
”هٿ نه ڪڍندس، باقي پئسا مون وٽ ناهِنِ؟“
”پئسا نه آهن، ته ڪھڙا لال جواهر اٿئي جو ساهه پيو وڃئي.“ جانوءِ ٽوڪ مان چيس.
”منھنجي سڄي زندگيءَ جي ميڙي چونڊي ۽ سرمايو اٿم“ هن وراڻيو.
”اسان به ته ڏسون.....!“ وڏي ٽھڪ ڏئي چيو.
”مرندي مري ويندسُ، پر هٿ نه ڪڍندسُ“ هن ويتر کيسي کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو.
”وڏا....! مون کي ته ڪو پاڳل ٿو لڳي.“ بالم ڳالهايو.
”اڙي.....! افعالن تي نه وڃ وڏو ڍونگي اٿئي.“ وڏي وراڻيو.
هُو هيٺ زمين تي ويھي رهيو ۽ ايلاز ڪرڻ لڳو،
”ٻيلي خدا کي مڃيو، مون غريب جي پچرَ ڇڏيو.“
”اڙي.....! نالو ڇا اٿئي؟“ وڏي ڳالهايو.
”سائين.....! جمن جاني“
”جُمن ته نالو ٿيو، باقي جاني پيءُ جو نالو اٿئي ڇا؟“ وڏي ٽھڪ ڏئي چيو، سڀ کلڻ لڳا.
”نه سائين.....! مُون پاڻ رکيو آهي. بابا جو نالو ”رکيو“ آهي.“
”ڇا ڪندو آهين؟“
”سائين.....! بيروزگار آهيان.“
”معنى ته ڪُتن کي گڏيون پيو هڻين“ جانيءَ چيو سڀ وڏا ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳا.
”هاڻي گهڻو ٿيو، ماٺڙي ڪري کيس مان هٿ ڪڍُ“ بالم دڙڪو ڏنس.
”هٿ نه ڪڍندس.“
”تنھنجو ته پيءُ به هٿ ڪڍندو.“ خيروءَ پسٽل جو هٿيو مٿي ۾ وهائي ڪڍيس. سياري جي ڌڪ سيڪاٽي ڇڏيس، دانھن نڪري ويس.
”اباڙي.....! ماري ڇڏيئي.....!“
”هٿ ڪڍين ٿو يا ٺوڪيئين ٻيو ڌڪُ؟“ خيرو سيني ۾ لت هڻندي چيس. هو ٻيڻو ٿي پٽ تي ڪري پيو. پر کيسي مان هٿ نه ڪڍيائين. درد ۽ تڪليف کان دانهون پئي ڪيائين.
”چپ ڪر، دانهه نه ڪر، نه ته .....!“ بالم دهمان ڪيس.
”اڙي، ڏسوس پيا، دسي، ٽنگون ٻانهون جهلي کسيوس.“
وڏي هل ڪئي. جانو ۽ بالم ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويس. هُو ڪُٺل ڪڪڙ وانگر ڇڙهيون هڻڻ لڳو. هٿ کيسي ۾ قابو هئس، بالم سندس هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش به ڪئي پئي، ته کيس چماٽيون به هنيون پئي. پر هو کيسي مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه هو. ان وٺ وٺان ۾ جانوءِ جو هٿ کيسي جي ٻاهران کيسي ۾ موجود شيءَ کي لڳو، هن رڙ ڪري چيو.
”وڏا.....! وڏو ٻٽون اٿس کيسي ۾ لڳي ٿو وڏو مال آهي، ان ٻٽونءَ ۾.“
”اڙي، ته پوءِ نالتي..... ڪڍي وٺينس نه .....! ڏسينس ڇا پيو؟“
وڏي داٻو ڏيندي چيو.
”اڙي، ته پوءِ ٺوڪينس ڪارتوس، وڃي پنھنجي وڏڙن سان ملي.“ وڏي چيو.
خيروءَ ڪاوڙ مان اڳتي وڌي پسٽل اچي لوندڙيءَ تي رکيس.
”اڙي، ڀَر ڪلمون، سُوئر جا پٽ.....! تون ائين ڪونه مڃيندين.“
”اڙي خدا جي واسطي، مون غريب تي رحم ڪريو، مون وٽ پئسو ڏوڪڙ ڪونهي.“ هن ايلاز ڪندي چيو.
”جيڪو اٿئي ٻاهر ڪڍ“ جانوءَ چيو.
”مان ٽن تائين ڳڻيا ٿو پوءِ به تو جي هٿ نه ڪڍيا ته پوءِ مُئو پيو هوندين.“ خيروءَ داٻو ڏئي پسٽل جو دٻاءُ لوندڙيءَ ڏي وڌائيندي ڳڻڻ لڳو، هڪ .....! ، ٻه .....!
ان کان اڳ جو خيرو ٽي چوي هن جا هٿ ڍرا ٿي ويا. سڏڪن ۾ پئجي ويو، بالم سَٽَ ڏئي ڪوٽ جي کيسي مان سامان ڪڍي ورتو ۽ کولي ڏسڻ لڳو.
”وڏا.....! ٻٽون ۽ ٿيلهي اٿس.“
”ها، ها، ٻڌ.....! ڏند نه ڪڍي کولي ڏسينس“ وڏي ڳالهايو.
”ها، وڏا اهو ئي، ته ڪريان پيو.“ جانوءَ وراڻيو ۽ سامان کي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳو.
”اڙي، هي ڇا.....!؟ هيڏي ساري ڦوڪيل ٻٽونءَ ۾ رڳو پنا.....؟ چريو ته ناهين؟“ بالم رڙ ڪئي.
”ٻٽون ناهي، ڊائري آهي“ هن وراڻيو.
خيرو ڪاوڙ مان زوردار چماٽ وهائي ڪڍيس. هن کان دانھن ڪري وئي.
”الا، ڙي .....! ڇو پيا مون غريب کي ماريو؟“
”پئسا ڪاٿي رکيا اٿئي؟“
”چيم، نه پئسا ناهن، مون وٽ.“ هن ڪنجهندي وراڻيو.
”اڙي، دسي ڪائنچ جا وَرَ ڏسوس، ضرور پئسا لڪايا اٿس.“ خيروءَ چيو
”اڙي کول وَرَ، ڪُتي جا ڦَرَ، پنن سان کڻي ٻٽون ڀريو اٿئي.“بالم ڳالهايو. هن قميص مٿي کنئي ته بالم سٽ ڏنس، بالم جي سٽَ تي سنھو اڳٺ ٽٽي پيس ۽ ڪائنچ جا وَرَ جاچي ڏٺا، پر ڪاريءَ وارا ڪک هئا.
”چنڊا.....! صفا ڪو ٽاڪ سڃو آهين، اجايو ڳاٽي ۾ اچي پيو آهين.“ وڏي ڪاوڙ مان چيو.
”اڙي نڀاڳا.....! ساهه وانگر پيو سانڍي، هنن پنن کي ڪھڙي ڌراوت اٿئي هنن پنن ۾؟“ جانوءَ ڪاوڙ مان ڊائري سندس منھن ۾ هڻندي چيو.
”ڪاروبار جي اوڌر لکيل اٿس ان کي بچائڻ لاءِ پادر پئي کاڌائين.“ بالم ڳالهايو.
”اڙي، ڇا اٿئي هنن پنن ۾؟“ وڏي ڳالهايو.
”منھنجي زندگيءَ جو ڪل سرمايو آهي، هن ڊائريءَ ۾.“ هن لٿل ڪانچ کي گوڏ وانگر ٻڌندي وراڻيو.
”ڪھڙو سرمايو.....!؟“
”منھنجي شاعري آهي، سالن جو نچوڙيل نُور ۽ اکين جا اوجاڳا آهن. هن ڊائريءَ ۾.“ هن ڊائري ڇنڊي ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهندي وراڻيو.
هن جو هڪڙو هٿ اڳٺ ڇنل سلوار ۾ هو، جنھن کي هن ڇڪي گوڏ وانگر ڳنڍ ڏئي ڇڏي هئي ۽ ٻيو هٿ ڪوٽ جي کيسي ۾ ان تخليقي سرمائي ۾ هو. جنھن کي انڌا ڦورو پرکي نه سگهيا هئا. هُو ڪنڌ جهڪائي رستي سان وڃي رهيو هو ۽ پٺيان وڏا ٽھڪ سندس ڪنن ۾ مترڪن وانگر وسي رهيا هئا.
”ها، ها.....! ها.....! ها.....! ها.....!
**