ڪــاري
”او، ابا...! اهو ڇا ڪيئي؟ ڪوڏن جھڙي مڱَ ڇڏي پرائي نياني ڀَڄائي آندي اٿئي. ان کان ته چڱو هو، مُئي ماءُ کي گهٽو ڏئي ڇڏين ها.“
پڻس ٻه هٿَ ماڻس کان به اڳرو هو. ڪاوڙ ۾ وَهلور پئي ويو. هن گهروڙي ڀونڊو ڏيندي چيس،
”ٻُڏي مرين ها، مُردار....! لڄائي ماريو اٿئي. ذات برادري ۽ پاڙي ۾ ڪنڌ کڻڻ جھڙا ڪونه رهيا آهيون.“
”بابا....! پيار ڪيو اٿم، ڪو ڏوهه ته ڪونه ڪيو اٿم.“ نور ڳالهايو.
”ها، وڏي کيپَ کٽي آيو آهين. اڙي، پاڙي جو ته شرم ڪرين ها!“ پڻس ڪاوڙ مان چيو.
هُو بُت بڻيو بيٺو رهيو. هِراسيل ساران سندس پٺيان پاڻ لڪائي، ڊنل اکين سان سمورن گهر ڀاتين ڏانھن ڏٺو پئي. پڻس ٻيھر ڳالهايو.
”اڙي، چنڊا....! ٻه اکر ڇا پڙهئين، رشتن جي شناس ئي نڪري وئي تومان. ان نياڻيءَ جي دل تي ڇا گذرندي، جنھن تو لاءِ سڳي سوٽَ جو رشتو به قبول نه ڪيو. مامهين کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين؟“
”بابا...! ڪهڙي زماني جون ڳالهيون پيا ڪريو؟ دنيا چنڊ تي وڃي پھتي آهي ۽ توهان آهيو،جو پراڻين ڳالهين ۾ ڦاٿا پيا آهيو. شادي دِلين ۽ ذهنن جي ميلاپ جو سماجي معاهدو هوندو آهي. پوءِ جڏهن زندگي اولاد کي گذارڻي آهي، ته اُن ۾ مرضي به ته انهن جي هئڻ گهرجي.“ نور ڳالهايو.
”ها، ابا...! شابس اٿئي. مائٽَ جيڪي اولاد ڄمڻ سان ئي آسن جون ڳنڍيون ٻَڌي، اميدن ڏسڻ لاءِ جيئندا آهن، اُهي ٿيا چريا ۽ تون عقل وارو آهين‘“ ماڻس روئندي وراڻيو.
”امان...‘ سمجهڻ جي ڪوشش ڇونٿا ڪريو؟ اسين هڪٻئي کي پسند ڪريون ٿا. ان ۾ ڏوهه به ڪھڙو ڪيو اٿئون؟“ نور چيو.
”اڙي، ڪميڻا...! تنھنجي پسند، ڪنھن جي عزت، غيرت ۽ ننگُ به آهي. ننگن ۽ دنگن تي سِرَ ڏبا آهن. تون ان ۾ هٿ وڌا آهن. اهو ڏوههُ گهٽِ آهي ڇا؟“ پڻنس جو لھجو تکو ٿي ويو هو.
”اسين پنھنجي ڄاين وارا آهيون، ابا....! ڪنھن جي ڄائيءَ جا مَٺ گُهرا ڇو ٿيون؟“ ماڻس ڳالهايو.
”امان.....! ان ۾ غيرت جي ڪھڙي ڳالهه آهي؟ ڇوڪري پنھنجي رضا خوشيءَ سان نڪتي آهي. بيٺي آهي. پـُڇوس کڻي.“ نور وراڻيو.
”هُن ته کڻي ٻاراڻي ڪئي. تون ته ڪجهه پاڙي ۽ ذات برادريءَ جو شرم ڪرين ها!، انساني ۽ اخلاقي قدر به ته ڪا شئي هوندا آهن.“ پڻس جو لھجو بدستور تکو هو.
”بابا....! هاڻي جيڪو ٿيو، سو ٿيو، هينئر منھنجو ننگُ آهي. پيار ۾ سڀ جائز آهي. خوش رهو يا رنج، منھنجو فيصلو اَٽل آهي.“ نور وراڻيو.
ٻيا گهر ڀاتي، جتي نُورَ تي ڏمريل هئا، اُتي سندس ڀيڻ ناهيد جو چھرو خوشيءَ مان ٻهڪيو پئي.هن ڪنوار ڏانھن پيار مان ڏسي مُرڪيو پئي. اڄاتي خوشي هئي، جيڪا سج جي ڪرڻن جيان سندس مُکَ مان ڇڻي پئي. مَن ۾ خوشيءَ جا سَرها گلابَ ٽِڙي پيا هئس. هن جا چپ ته مُرڪيا پئي، پر ٽِڪ ٻڌي ويل اکين ۾ شناسا منظر اُٿلي پيا هئس. هوءَ ڇرڪ ڀري سوچن جي مھا ساگر مان ٻاهر آئي ۽ تڪڙيون وِکون کڻي، نور جي پٺيان بيٺل هراسيل ڪنوار کي پوتيءَ جو پلئه ڏئي بيٺي ۽ پيءُ ڏانھن منھن ڪري چيائين،
”بابا....! لکئي جا ليکَ آهن، سٺو ٿيو يا خرابُ، ساران هاڻي هن گهر جي عزت آهي.“
هوءَ ساران کي پوتيءَ جو پلئه ڏئي، ڪمري ڏانھن وٺي وڃڻ لڳي. پڻس، ماڻس سميت گهر ڀاتي کيس حيرت مان ڏسندا رهيا.
مھيني ڏيڍ کان پوءِ جڏهن حالتن جي ساگر ۾ هوا جي اُڀار سان آيل طوفان، ڳالهين، فيصلن ۽ ڏنڊ چَٽين جي مرحلن مان گذري ماٺو ٿيو. ڳالهه آئي وئي ٿي ۽ ڇڪتاڻ ۾ ٺاپر ٿي، تڏهن مَس مَس وڃي ساهَه، ساهن سان ماپيا. اُلڪن ۽ اُڍڪن جا ڪڪرَ ڇِڊا ٿيا، ته گهر ۾ سانت ۽ سُڪون جون هيرون گُهلڻ لڳيون.
ڪچڙي منجهند جو وقت هو. نور جا ماءُ پيءُ گهرَ جي ورانڊي ۾ ويٺا هئا. نور جي ماءُ پَٽ تي وڇايل رليءَ کي ٽوپا پئي ڏنا ۽ نور جي پيءُ کٽ جي سيرانديءَ کان رکيل هنڌ کي ٽيڪ ڏئي، سگريٽ مان دُونهان پئي ڪڍيا. نور جا ننڍڙا ڀائر اڃان اسڪول مان ڪونه موٽيا هئا. ساران رڌڻي ۾ مانيءَ جي تياري پئي ڪئي ۽ نُور پنھني ڪمري ۾ بيڊ تي ليٽي ڪتاب پڙهي رهيو هو. ناهيد ڪمري ۾ ليئو پاتو، ته نور کيس ڏسي ورتو.
”ناهيد....!“
”جيءُ، ادا...!“ ناهيد ڪمري ۾ داخل ٿيندي وراڻيو.
”اچ، نه....! ڇو ليئا پئي پائين؟“
”ادا، ڏٺم پئي، ته توهان مصروف ته ناهيو؟“
”نه، ڪابه مصروفيت ناهي.“ نور ڪتابُ سيرانديءَ کان رکيو. سِڌو ٿي بيڊ تي ويھندي چيو.
ناهيد بيڊ جي پيراندِءَ کان ويهي رهي. اندر ۾ آنڌمانڌ جو طوفان هو، هاريل حوصلي جا آثار چھري مان صاف ڏسڻ ۾ پئي آيس. نارمل موسم ۾ به پگهر جون بُوندون نراڙ تي مِڙي آيون هئس. نور غور سان کيس ڏٺو پئي. هن محسوس ڪيو، ته ناهيد ڪجهه چوڻ چاهي ٿي، پر سَتُ نٿي ساري سگهي. هن ڳالهايو،
”ڀيڻ....! ڇا ڳالهه آهي، ڪا پريشاني آهي ڇا؟“
”نه، ادا...! پريشاني ته ڪابه ڪانهي، پر....!“ هن هٻڪندي وراڻيو.
”پر، ڇا...؟ ٻڌاءِ ڇا مسئلو آهي؟“
”ادا، هُو .... آهي... نه ....!“ هوءَ هٻڪڻ لڳي.
”هُو، ڇا....؟“
ناهيد ڳيتون ڏئي دل پڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ جملي حواسَ يڪجا ڪري، پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪيو ۽ دل ٻڌي وراڻيو،
”ادا، هو جُنيد آهي، نه ....!“
”ها، ڇا ٿيو آهي جنيد کي؟“
”ادا، پڙهيل لکيل ۽ شريف آهي.“
”تون چوڻ ڇا ٿي چاهين؟ ڪٿي ....!“
”نه، ادا...! اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي.“
”پوءِ ڪھڙي ڳالهه آهي؟“ نور جو لھجو سخت ٿيندو ويو.
”ادا....! آءٌ جنيد کي چاهيان ٿي.“ ناهيد وراڻيو
”تڙاخ.... تڙاخ....!“ ڄڻ ڀنڀور کي باهه لڳي وئي هئي.
ڪمري ۾ نور جي گوڙ، چماٽن جي آوازن ۽ ناهيد جي رڙين جا آواز گونجڻ لڳا هئا. نور جا ماءُ پيءُ ۽ ساران ڊوڙندا ڪمري ۾ داخل ٿيا. ناهيد فرش تي پئي هئي. رڙ هيٺ، رڙي مٿي هئس. نور کيس چوٽي مان وٺي لتن ۽ مُڪن جو وسڪارو لائي ڏنو هو. ناهيد رڙين ۾ چيو پئي.
”ادا... مون ڪوبه ڏوهه نه ڪيو آهي.“
”ڇا آهي...؟ ڇا آهي....؟“ ڇو اچي ڇتو ٿيو آهين؟“
پڻس، نور کي پري ڌڪي، ناهيد کي اُٿاري گلي سان لڳائيندي چيو. نور جون اکيون ڪاوڙ ۾ لال ٿي ويو هيون. بُتُ، ڪُٺل ڍور وانگر رٿيس پئي. هن گڦ ڳاڙيندي وراڻيو،
”بابا...! تنھنجي لاڏلي ڇوري ڪاري اٿئي.“
”ڇو...؟ ڇا ڪيو اٿس؟“ پڻس وراڻيو.
”ڪميڻي، جنيد سان پيار ڪري ٿي.“
”پڻس گهورَ وجهي نور کي ڏٺو ۽ ناهيد جي پوتي مٿي تي رکي، کيس پاٻوهه مان ڀاڪر ۾ ڀڪوڙيو ۽ ڪمري مان ٻاهر ويندي، ڪاوڙ مان نور ڏانھن منھن ڪري چيو،
”اڙي ڪميڻا....! زندگي جڏهن اولاد کي گذارڻي آهي ته پوءِ ان ۾ مرضي به ته ان جي هلندي نه....!“
نور، حيرت مان کيس ڏسندو رهيو. هو ناهيد کي ڪوڙي ۾ ڪري، ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
**