پـهـريـون پـيـار
وڇڙڻ کانپوءِ هوءَ، اڄ جڏهن ٻن ٻارن جي ماءُ بڻجي سندس اڳيان ويٺي هئي، ته اُن وڇوڙي کي ڀريا چار سال ٿيا هئا. شاديءَ کانپوءِ پھريون ڀيرو سندس گهر آئي هئي.
وري وڇڙڻ جي يقيني احساس واري مختصر ميلاپ جي هنن ساعتن سندس ذهن ۾ ڏياري جي ڏيئن جھڙيون يادون ٽمڪڻ لڳيون هيون. وڇڙڻ کانپوءِ هو کيس هڪ پل لاءِ به وساري نه سگهيو هو. سندس يادن سھاري جيئڻ لڳو هو. هوءَ گهر جي آڳر ۾ نم جي گهاٽي ڇانءَ ۾ سندس ماءُ، ڀينرن ۽ ڀاڄاين سان ويٺي هئي. ٻئي ٻارڙا کٽ تي ستل هئس. هو گهر جي ورانڊي ۾ کٽ تي ويڙهيل هنڌ کي ٽيڪ ڏئي ايئن آهليو پيو هو، جو هوءَ سندس نگاهن جي ٺيڪ سامھون هئي. هن ظاهري ڏيک مان ائين پئي محسوس ڪرايو، ڄڻ هن کي سندس اچڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه هي. رکي رکي ٻنھي جي سوال اکين جون نهارون، جوابن جا پيرا کڻي هڪٻئي ڏانھن آيون ويون پئي.
زاهده، ننڍي لاڪون ڏاڍي چنچل هئي. امجد سان گهڻي لڳندي هئس. ذات برادري ۾ ته ڪانه هئي، پر پاڙي ۾ گهر گڏيل هئڻ ڪري، ٻنهي گهرن جو پاڻ ۾ سڳن مِٽن جھڙو تعلق هو. اوکي سوکيءَ ۾ ٻنهي گهرن کي هڪٻئي لاءِ ايترو ته سيڪُ ايندو هو، جيترو رت جي رشتن کي ايندو آهي. اهو ئي ڪارڻ هو، جو زاهده ننڍي هوندي کان ئي سڄو ڏينھن سندن گهر هوندي هئي. امجد جي ننڍي ڀيڻ شڪيلا سان گهاٽي ساهيڙپ هئس، پر گهڻو وقت امجد سان ڳالهيون ۽ مستيون ڪندي گذرندو هئس.
ٻاراڻي وهي جڏهن سمجهه ۽ شعور جا ڏاڪا اُڪري الهڙ جوانيءَ جي حدن کي ڇُهڻ لڳي، تڏهن ننڍ پڻ جو فطري لڳاءُ، پيار ۾ ايئن بدلجي ويو، جو ان جو کين پتو ئي ڪونه پيو. اکين جي اٽڪاءَ سان دلين جي ڌڙڪن جو وڌڻ ۽ اکين ۾ حجاب جا ڏورا لهي اچڻ، سندن پيار جو اهڙو سچ هو، جنھن کي ڪنھن به اظھار جي محتاجي نه هئي. هونئن به جڏهن ننڍپڻ جي ذهني هم آهنگي، ٻاراڻي وهيءَ جا ڏاڪا اُڪري، چري مُند جي چاهت جي معنى ۾ بدلجي ٿي وڃي، تڏهن ڪوري ڪاغذ جھڙي مَن، ذهن جون سوچون به سامائجي جوان ٿي وينديون آهن. اکين جي خوابن جا عنوان بدلجي ويندا آهن.
زاهده گُڏين راند بدران ڀرتَ ۽ ٽوپي ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي هئي. توڙي جو ٻاراڻي وَهيءَ مان ڀرپور جوانيءَ ۾ پير رکيو هئائين، پر طبيعت مان چنچلتا اڃان نه وئي هئس. ايترو ضرور ٿيو هو، ته ان چنچلتا ۾ وهيءَ ڦُلار جو حجاب شامل ٿي ويو هئس. زاهد سان ملڻ وقت به سندس رويو چنچل هوندو هو، پر زاهد جڏهن کيس گهوري ڏسندو هو، شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندي هئي، يا اُتان کِسڪي ويندي هئي.
هڪ ڏينھن ٽاڪَ منجهند جي مھلَ، جڏهن امجد جي گهر جون عورتون، گهر جي آڳر ۾ نم جي گهاٽي ڇانءَ ۾ ڀرت ڀرڻ ۽ ڪچھريءَ ۾ مصروف هيون ۽ امجد ڪمري ۾ ڪجهه لکي رهيو هو، هوءَ ڪمري ۾ داخل ٿي. ٻئي هٿ چيلهه تي رکي چيائين.
”ڪھڙا اَڪَ ڪارا پيو ڪرين؟“
”اَڪَ نه، پر پَنا ڪارا پيو ڪريان.“
”ڳالهه ته ساڳي ٿي نه....!“
هوءَ کٽ جي پيرانديءَ کان ويهي رهي. هٿ ۾ ڪجهه هئس جيڪو امجد کان لڪايائين پئي. نيٺ هٻڪي هٻڪي چيائين،
”امجد“
”ها، چئه زاهده...!“
”هن ڪپڙي تي نالو ته لکي ڏي.“ هن رومال جو ڪپڙو امجد ڏانھن وڌائيندي چيو.
امجد کانئس رومال وڍي ڏسندي چيو،
”ڪنھن جو نالو لکان؟“
”توکي ڄڻ خبر ئي ڪونهي؟“
ڀلا، مون کي ڪھڙي خبر؟“
”جيڪو نالو مون کي وڻي ٿو.“ هن شرمائيندي چيو.
امجد وڏا ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳو ۽ زاهده وائڙين نگاهن سان کيس ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ ڪاوڙ مان چيائين،
”ان ۾ کلڻ جي ڪھڙي ڳالهه آهي؟“
”ڳالهه کِلڻ جھڙي ئي آهي.“
”ڪيئن؟“ هوءِ ڪاوڙجي پئي هئي.
”ڀلا، مون کي ڪھڙي خبر ته توکي ڪھڙو نالو وڻي ٿو؟“
هوءَ روئڻهارڪي ٿي وئي ۽ يڪدم کٽ تان اُٿي، امجد جو هٿ وٺي، پنھنجي مٿي تي رکندي چيائين،
”هاڻي ٻڌاءِ، ته توکي خبر ناهي ته مون کي ڪھڙو نالو وڻي ٿو.“ اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هئس.
”اڙي بابا... مون بس ڪئي، مون ته مذاق پئي ڪئي.“
”امجد...! مون کي اهڙي مذاق بلڪل نٿي وڻي.“
”چڱو بابا..... ٺيڪ آهي.“
امجد رومال کولي، ان تي پنھنجو نالو لکي کيس موٽائي ڏنو، ته هن جي خوبصورت چھري تي خوشي جون ريکائون رقص ڪرڻ لڳيون. هن امجد جي ڳٽي تي زور سان چھنڊڙي پاتي ۽ پوءِ ٽھڪ ڏيندي ڪمري مان نڪري وئي.
اها رات امجد خوشيءَ ۾ سمهي نه سگهيو هو. ننڍپڻ جي پيار تي جوانيءَ جي اظھار جي مُھر جو لڳي هئس. خوشي ۽ سرشاريءَ جي عالم ۾ کيس ننڊ نه پئي آئي. ان ڪيفيت کيس ايترو ته سُرور پئي ڏنو، جو اکين مان ننڊ، پَر ڪري اڏامي وئي هئس. پاڻ کي دنيا جو خوشنصيب انسان پئي سمجهيائين. زاهده جو کلمک چھرو اکين اڳيان پئي ڦِريس. گهڻي رات گذرڻ کانپوءِ پاسا ورائيندي، ننڊ ديويءَ کيس پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀريو ته کيس ڪا ڪَلَ ئي نه پئي.
ڪجهه ڏهاڙن کانپوءِ زاهده وٽس آئي، ته گهڻو خوش پئي لڳي. سندس نالي وارو ڀرت ڀريل رومال هٿ ۾ هئس. امجد کانئس رومال وٺي ڏسڻ لڳو. رومال جي چوڌاري گل ٻوٽا ۽ وليون هيون ۽ وچ ۾ سندس نالو ڀرت سان ڀريل هو، جيڪو هن پنھنجي نازڪ هٿڙن سان، پيار جي رنگين ڌاڳن سان ڀريو هو. امجد رومال اکين تي رکيو ۽ ۽ پوءِ چمڻ لڳو. زاهده، سندس هٿ مان رومال کسي ورتو ۽ وڏو ٽھڪ ڏئي چيو.
”امجد....! هيءُ رومال تنھنجي لاءِ نه آهي.“
”ته پوءِ ڪنھن جي لاءِ آهي؟“
”مون پنھنجي لاءِ ڀريو آهي.“
”تون ڇا ڪندينءَ هن رومال کي؟“
”هَر هَر چُمي، تنھنجي ناءَ کي سيني سان لائي رکنديس.“
اَڄ ان کي سال گذري ويا آهن. وقت جا بي رحم واچوڙا، ٻن پيار ڪندڙ دلين کي اُڏائي ڌار ڪري ويا آهن. چئن سالن کان پوءِ ٻئي پھريون ڀيرو هڪٻئي جي سامھون بُت بڻيا ويٺا هئا. اجنبي.. اجنبي.. ٻئي خيالن ۾ گُم هئا.
امجد جون اکيون ته زاهده ۾ هيون، پر ذهن ۾ واچوڙن جھڙا سوال ڦيريون پائي رهيا هئس، جيڪي هن اکين ئي اکين ۾ زاهده ڏانھن اُماڻيا پئي.
”زاهده....! مون ته توکي پنھنجي وجود جي جملي سچائين سان چاهيو هو. تنھنجي پيار ۾ پاڻ کي اَرپي ڇڏيو هئم. ڪڏهن سوچيو به نه هئم، ته ڪو تون ايئن به ڪندينءَ! پيار جي ان هڪ طرفي روپ ڏانھن ته مون سوچيو به نه هو. وڇڙڻ کان اڳ ايترو ته سوچين ها، ته توکان بنان مان ڪيئن جي سگهندس؟ تون، ته جياپي جا سڀ سھارا کسي، اڪيلائين جي رِڻَ ۾ رولي وئي آهين، پر مون هڪ پل لاءِ به توکي نه وِساريو آهي. تون اڄ به منھنجي ساههَ ۾ وسيل آهين. تون ئي منھنجي پھرين ۽ آخري چاهت آهين. مان اڄ به توکي اوترو ئي پيار ڪريان ٿو.“
هوڏانھن زاهده جي اکين جي التجائي نھارن ۾ ڪيئي اڻ چيون عبارتون هيون. هن اکين ئي اکين ۾ ڪجهه چوڻ پئي گهريو. گونگيون وضاحتون هيون، جيڪي هن نھارن وسيلي امجد تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي. هن اکين ئي اکين ۾ کوڙ ساريون ڳالهيون پئي ڪيون. اُهي ڳالهيون، جيڪي سماجي بندشن واري ماحول ۾ زبانن مان ادا ٿي نه سگهنديون آهن، پر اکيون زبان بڻجي اظھارينديون آهن.
پوءِ اوچتو امجد ٽپ ڏئي کٽ تي سڌو ٿي ويهي رهيو. اکيون زاهده ۾ هئس، کيس زاهده وٽان سمورن سوالن جا جواب ملي ويا هئا. سموريون وضاحتون معنائن جا ويس اوڍي سامھون اچي ويون هئس. هن کي سج جي اُڀرڻ جيترو يقين ٿي ويو هو، ته زاهده کيس اڄ به ناهي وساري سگهي. هن کي سمجهه ۾ اچي ويو هو ته، عورت جو پھريون پيار سندس ساري زندگيءَ جو سرمايو هوندو آهي.
هن جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي ويون هيون. هن لڙڪن هاڻين اکين جي ڌنڌلايل نھارن ۾ زاهده کي ڏٺو پئي، جنھن جي هٿ ۾ امجد جي نالي وارو ڀرت ڀريل رومال هو، جنھن سان هن امجد جي پيار جي حصي جا اکين ۾ اوتجي آيل لڙڪ اگهيا پئي. هن پيار جي رومال کي اکين جا لڙڪ اگهڻ جي آسيس بڻائي ورتو هو.
**