ارپڻ کان رهجي ويل محبت
هوءَ نه چاهيندي به پريشان ٿي وئي. پنھنجي وجود ۾ ڪا شئي کُٽل کُٽل پئي محسوس ڪيائين. غير ارادي طور نگاهون بس جي مردن واري پاسي ڏانھن کڄي ٿي ويس ۽ پوءِ سيٽن تي ويٺل مسافرن جي اَڇاتري ياترا ڪري ناڪام موٽي ٿي آيون. هن ذهن ۾ ايندڙ خيالن کي اهو آٿت ڏئي ذهن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، ته پوءِ اجايو ڇو پريشان ٿيان؟“ پر ان ۾ کيس ڪاميابي نه ٿي. سندس ان اُتاولائيءَ کي بس جي ڪنڊڪٽر به محسوس ڪيو پئي. ماڻهن جو ڌنار هو. ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان روز جو واهپو هئس. ان کان سواءِ صائما جي پريشانيءَ جو ڪارڻ کانئس ڳجهو به ته ڪونه هو. ان گونگي ڪھاڻيءَ جو اڻ ڌريو گواهه به ته هيو. هن صائما کان ٽڪيٽ جا پئسا وٺندي، چپن تي مُرڪ آڻي چيو؛
”محترمه...! ڪا پريشاني آهي ڇا؟“
”نه، اهڙي ته ڪابه ڳالهه ناهي.“ هن ٽڪيٽ جا پئسا ڏيندي وراڻيو.
”مسٽر حميد جي آفيس، اسان جي آخري اسٽاپ ڀرسان آهي. ان ڪري موڪل جي درخواست مون کي ڏني اٿس.“ ڪنڊڪٽر کيس ڄاڻ ڏني.
”ڇو...؟ ڇا ٿيو.....؟“ صائمه جي واتان بي اختيار نڪري ويو.
”اها ته خبر ناهي، شايد طبيعت ٺيڪ نه اٿس.“
”توهان کيس سڃاڻو ٿا؟“
”ها، منھنجي پاڙي ۾ رهندو آهي. نھايت شريف ماڻهو آهي.“
هن گواهي ڏني. هوءَ ماٺ ٿي وئي ۽ ڪنڊڪٽر اڳتي وڌي ويو. هوءَ سوچ ۾ گم ٿي وئي. سوچن ۾ سوالن جا دائرا، ذهن کي وڪوڙي ويا هئس. کيس پھريون ڀيرو هن لاءِ دل ۾ احساس جاڳي پيو هو. اهو احساس ئي کيس ڪنھن اڄاتي تعلق جو الارم محسوس پئي ٿيو. سندس غير موجودگيءَ واري کوٽ الائجي ڇو کيس شدت سان محسوس ٿيڻ لڳي هئي. چپن مان بي اختيار ڀڻڪو نڪري ويس.
”الائجي ڇونه آيو آهي؟ خدا ڪري، ته خير سان هجي.“
اهو روز جو معمول هو. صائما، جيئن ڪاليج وڃڻ لاءِ صبح اسپيشل سروس جي بس ۾ چڙهندي هئي، ته مرداڻي ڪمپارٽمينٽ ۾ ٻن ڳولائو اکين کي پنھنجو منتظر محسوس ڪندي هئي. کيس ايئن لڳندو هو، ڄڻ کيس ڏسي، انهن اکين کي پنھنجي منزل ملي ويندي هئي. اسپيشل بس جو ڀاڙو، ٻين عام لوڪل بسن جي ڀاڙي کان ٻيڻو، ٽيڻو وڌيڪ هو، ان ڪري بس ۾ رش نه هوندي هئي. مسافر سيٽ باءِ سيٽ سانتيڪو سفر ڪندا هئا. متلاشي اکيون ڪيتري وقت کان کيس تڪي رهيون هيون، ان جي پڪ سان ته کيس ڄاڻ نه هئي، پر جڏهن کان هن انهن نھارن جي تپش کي محسوس ڪيو آهي، ان کي به مھيني کان وڌيڪ ڏينھن گذريا آهن. پھرين، ته هن کي ڏاڍو خراب لڳو هو ۽ ڪاوڙ به گهڻي ايندي هئس. دل ۾ ايندو هئس، ته سيٽ تان اُٿي کيس ست سُريون ٻڌائي، پر پوءِ آهستي آهستي هوءَ انهن نگاهن کي برداشت ڪرڻ لڳي هئي. کيس سڪون محسوس ٿيڻ لڳو هو انهن نھارن ۾. ڪابه ڇيڳرائپ، ڪابه هلڪڙائپ نه هئي، پر کيس ايئن لڳندو هو، ڄڻ ڪا تانگهه، ڪا ڳولا، ڪا پياس هئي، صدين جي پنڌ جي ڪا پيڙا هئي، انهن نھارن ۾. هڪ عجيب ڇِڪ هئي، جنھن کيس ڄڻ هپناٽائيز ڪري ڇڏيو هو.
حميد چاليهن ورهين جي لڳ ڀڳ ڄمار وارو پختو مرد هو. پر پنھنجي جسامت، سٺي صحت ۽ هاٺيءَ مان پنھنجي عمر کان گهڻو ننڍو ٿي لڳو. کڙوتر، ڀريل بُت، رنگ ڳورو، وڏيون اکيون. نَڪ نقشي ۾ سيبتو. شيو ڪيل چھري تي سنهيون مُڇون. پٺتي ورايل گهاٽا وارَ ۽ ڪپڙي لٽي ۾ ڇنڊيل ڦوڪيل. حميد نوجوان پيو لڳندو هو. هو هڪ پرائيويٽ دوائن جي ڪمپنيءَ ۾ ملازم هو. هن جي چھري ۾ ڏسڻ واري کي پھرين نظر ۾ موهڻ جي ڪشش هئي.
هو ٽن ڏهاڙن کان مليريا بخار ۾ مبتلا رهڻ ڪري آفيس نه ويو هو. بيماريءَ کان وڌيڪ کيس صائما جي اُڻ تڻ هئي. ٽن ڏهاڙن کان جو کيس نه ڏٺو هئائين. ٽيسٽن ۽ اينٽي مليريا ڊوز وٺڻ کانپوءِ ٽئين ڏينھن سندس طبيعت ۾ بھتري آئي هئي. سومھڻيءَ جو وقت هو، هو مانيءَ کان واندو ٿي پنھنجي ڪمري ۾ ڪتاب پڙهي رهيو هو، ته موبائيل فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي. هن ڪتاب ڊگهيري وهاڻي هيٺان فون کڻي اسڪرين ۾ ڏٺو. نمبر نئون هو، هن ڪال اوڪي ڪري، فون ڪَنَ تي رکي، ته عورتاڻو آواز ڪن تي پيس.
”هيلو....!“
”جي محترمه .....! فرمايو.“
”توهان حميد صاحب پيا ڳالهايو؟“
”جي، ها... پر توهان .....؟“
”مان، توهان جي ڳولا .....!“
”معاف ڪجو. مون سمجهيو ڪونه.“
”مان صائمه پئي ڳالهايان.“ ترنم ٽھڪ فون جي مائوٿ پيس مان نڪري، هن جي ڪن ۾ ٻُرڻ لڳو.
”صائمه......!!!“
”اسپيشل بس جي، اسپيشل مسافر!“
”اوه، صائما، تون ......!“
”ها، مان....! تنھنجي نگاهن جو مرڪز.“
”نه، ائين نه چئه صائما، خدارا مون کي غلط نه سمجهه.“
”غلط سمجهان ها، ته فون ڇو ڪريان ها...؟“
”صائما.... تنھنجي وڏي مھرباني، سچ پڇين، ته اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان.“
”خير....! ٻڌايو، توهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟“
”مليريا بخار هو، اڄ بھتر محسوس پيو ڪريان.“
”ٻئي ماٺ ٿي ويا، ڪجهه ساعتن کان پوءِ حميد ماٺ کي ٽوڙيو.“
”صائما، هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ؟“
”جي، فرمايو.“
”منھنجو نمبر ڪٿان مليو؟“
”ڳولڻ وارن کي خدا به ملي ويندو آهي.“
”پر، پوءِ به .....!“
”ڪنڊڪٽر کان ورتو اٿم.“
”اوهه.....!“
”حميد صاحب....!“
”جيءُ، جيءُ، چئو صائما....!“
”مان توهان سان ملڻ چاهيان ٿي.“
”اهو ته مان به چاهيان ٿو. ماڻهوءَ جي شخصيت بند تالي جيان هوندي آهي ۽ گفتگو ان تالي جي ڪنجي هوندي آهي.“
”مان ته توهان جي آلجبرا جھڙي شخصيت کي ويجهڙائيءَ سان سمجهڻ گهران ٿي.“
”منھنجي شخصيت ته جوڙ جو سولو حساب آهي، جنھن سولائيءَ سان حل ڪري سگهجي ٿو.“
”پوءِ به ....!“
”جڏهن ۽ جتي چاهيو، مان اچي ويندس.“
”سڀاڻي رات منھنجي فون جو انتظار ڪجو.“
”ٺيڪ آهي، مان انتظار ڪندس.“
”چڱو، فون بند ڪريان ٿي.“
”مھرباني، خوش هجين شل.“
آچرڏينھن صائما جي ڏنل پروگرام تي حميد مشھور پارڪ پھتو، ته صبح جا ڏهه ٿيا هئا. پارڪ ۾ رش نه هئي. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو بئنچن تي ويٺل هئا. ڪجهه فيمليون ڇٻر تي چادرون وڇائي ويٺل هيون ۽ ٻار راند روند ۾ مصروف هئا. صائما کي ڳولڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿي. هوءَ پارڪ جي ڪنڊائتي پاسي، هڪ خالي بينچ تي ويٺي هئي. هو توريل وکون کڻي صائما وٽ پھتو، جيڪا چپن تي مرڪون وکيري سندس آجيان ڪري رهي هئي. هن صائما کي غور سان ڏٺو، ته جسم ۾ برقي لھرون ڊوڙي ويس ۽ بت ۾ هلڪي رٿني محسوس ڪيائين. هن صائما کي سدائين ڪاليج جي يونيفارم ۾ ڏٺو هو. اڄ هوءَ عام گهريلو لباس ۾ هلڪ ٺاهه ٺوهه سان اپسرا پئي لڳي. ويھن ورهين جي صائما، ٽاريءَ ۾ ٽڙيل تازي گلاب جيان پئي لڳي. گول گول کليل چھرو، وڏيون ڪجليون اکيون، ڳورو رنگ، هٿين پيرين آرکڻي. ٽڪ نقشي ۾ سدا ملوڪ، قد پورو پنو. ڏند موتين جي مالها جيان جرڪندڙ، کاٻي اک هيٺان جاڙا تِرَ، سندس سونھن کي ويتر وڌائي رهيا هئا. هن جي سونھن اندر ۾ پيھي پئي وئي. هوءَ ڪجهه ڊنل ڊنل پئي لڳي، پر ان فطري ڊِني ڊپَ ۾ به اعتماد هئس، جيڪو کيس هتي وٺي آيو هو.
”اچي ويا، حميد صاحب؟“ هن لاڳيتو مرڪيو پئي.
”ها، سيما.....!“ هن بينچ تي ويھندي وراڻيو.
ڪجهه دير ٻئي خاموش رهيا. پارڪ جي گلن ٻوٽن ۽ گلن جھڙن ٻارڙن کي راند روند ڪندي ڏسندا رهيا. شايد ٻنهي کي گفتگوءَ جي شروعات ڪرڻ ۾ هٻڪ پئي محسوس ٿي. نيٺ صائما ٿڌو ساهه کڻي ماٺ کي ٽوڙيو.
”حميد صاحب....!“
”جي، صائما.... چئه.“
”توهان، ته اجنبين وانگر ائين ماٺ آهيو، ڄڻ ....!“
”اهڙي ڳالهه ناهي، صائما، سوچيان پيو ته....!“
”ڇا پيا سوچيو؟“
”اهو، ته ڳالهه جي شروعات ڪٿان ڪريان؟“
”ڳالهه شروعات کان گهڻو اڳتي نڪري آئي آهي. مان، ته ....!“
”مان، ته ڇا....؟“ حميد حيرت مان کيس ڏسڻ لڳو.
”مان، ته توهان کي چاهڻ لڳي آهيان، پر .....!“
”پر، ڇا .....!“
”سوچيان ٿي، توهان به ......!“
حميد هن ڏانھن گهوري ڏٺو، ته هوءَ شرمائجي پاڻ ۾ ويڙهجي وئي. حميد چپن تي اونهي مُرڪ آڻي وراڻيو،
”صائما.....! مان به توکي جند جان کان وڌيڪ پيار ڪريان ٿو. پر ٻنهي جي پيار جا رنگ ۽ انداز ڌار ڌار آهن.“
”مون سمجهيو ڪونه....!“
”سمجهي ويندينءَ.“
”پوءِ به .....!“
هو نماڻين نهارن سان صائما جي اکين ۽ چھري ۾ ڏسڻ لڳو. هن جي چھري جا تاثرات تبديل ٿيڻ لڳا. چھري تي اداسيءَ جا بادل ڇانئجي ويا هئس ۽ لڙڪ ٽم ٽم ڪري اکين مان وهڻ لڳس. اها اوچتي صورتحال صائما جي توقع جي خلاف هئي. ان لاءِ هوءَ بنهه تيار نه هئي. ڪو پريمي، ميلاپ جي گهرين ۾ جذبات جو اظھار ائين به ڪري سگهي ٿو؟ هن سوچيو به نه هو. هوءَ غير ارادي طور سُري سندس ويجهو اچي ويٺي ۽ ٽِشو پيپر سان سندس لڙڪ اگهڻ لڳي. صائما جي ان پنھنجائپ واري ورتاءَ تي حميد ڄڻ ڀُري پيو هو. هو ٻئي هٿ منھن تي ڏئي سُڏڪن ۾ پئجي ويو. صائما کيس پرچائيندي چيو،
”حميد صاحب! خوشيءَ جي لمحن ۾ روئي پيا آهيو، توهان ته ضرورت کان وڌيڪ حساس آهيو.“
”ها، صائما.....! تنھنجي ملڻ جي اڻ جهل خوشي، اکين مان لڙڪ بڻجي ڇلڪي پئي آهي.“
”يقين ڪريو، حميد صاحب، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“ صائما کيس آٿت ڏني.
هوءَ، حميد جي زندگيءَ جي باري ۾ ڄاڻڻ لا جيڪي ڳالهيون ۽ سوال ذهن ۾ سوچي آئي هئي، اُهي سمورا سوال حميد جي جذبات پڻي واري اظھار ۾ لڙهي ويا هئس. اهي سمورا سوال ڪنھن ٻئي موقعي لاءِ ٽاريندي، کيس دلداري ڏيندي چيو؛
”حميد صاحب...! مون کي پنھنجو پاڇو سمجهو، زندگيءَ جي ڪنھن به موڙ تي توهان کي اڪيلو نه ڇڏينديس. ان لاءِ ڪو وچن وٺڻ گهرو ته به مان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“
”صائما، تنھنجي وڏي مھرباني، تو منھنجي دل جو وڏو بار هلڪو ڪري ڇڏيو. بس، مون کي رڳو هڪڙو وچن ڏي.“
”ها، ها، چئه... ڪھڙو وچن وٺڻ ٿو گهرين؟“
”اهو ته تون منھنجي گهر ايندينءَ. پوءِ اڪيلي اچين يا پنھنجي ماءُ پيءُ کي ساڻ وٺي اچين، ان جو توکي اختيار آهي.“
صائما، سوچ ۾ پئجي وئي، پوءِ ڪجهه سوچي وراڻيائين؛
”ٺيڪ آهي حميد صاحب، ضرور اينديس. پر وڌيڪ پروگرام رات فون ڪري ٻڌائي ڇڏينديس.“
”ٺيڪ آهي، مان انتظار ڪندس.“
رات جا يارهن ٿيا هئا. حميد پنھنجي ڪمري ۾ ٻن وهاڻن جي ٽيڪ تي بيڊ تي ٽنگون ڊگهيري ويٺو هو. اکيون ڪتاب ۾ هئس، پر ڌيان فون جي گهنٽيءَ ۾ هئس ڪتاب پڙهيائين پئي، پر ڪتاب جا لفظ، سندس ڌيان ورهائجڻ ڪري، معنائون وڃائي ويٺا هئا. فون جي گهنٽي وڳي ته هن ڪتاب رکي فون کڻي اوڪي جو بٽڻ دٻايو.
”هيلو....!“
”هيلو، حميد صاحب، ڪيئن آهيو؟“ صائما خوشگوار موڊ ۾ هئي.
”مان ٺيڪ آهيان، صائما تون ٻڌاءِ؟“
”مان به ٺيڪ آهيان.“
”ڇا پيو ٿئي؟“ حميد رسمي جملو ڳالهايو. صائما سندس سوال کي اڻ ٻڌو ڪري وراڻيو.
”حميد صاحب! توهان جي پيار جي انوکي اظھار ته مون کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي.“
”جذبا، پنھنجي اظھار جا رستا پاڻ جوڙيندا آهن.“ حميد وراڻيو.
”ٺيڪ ٿا چئو. سنوان سڌا ماڻهو، پنھنجي دل وانگر سادا ۽ معصوم هوندا آهن. انهن ۾ بناوٽ جو نالو نشان به نه هوندو آهي.“
”اهو تنھنجو ظرف آهي، صائما“
”ها، حميد صاحب! مون پنھنجي ماءُ کي سموري ڳالهه کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ايندڙ آچر تي توهان جي گهر اچون پيا.“
”توهان جو بابا به اچي پيو نه .....؟“
هوءَ ماٺ ٿي وئي.
”ڇو؟ ڇا ٿيو صائما”....؟“ حميد اُڻ تڻ ظاهر ڪئي. صائما ٻڏل ۽ ڏکاري لھجي ۾ وراڻيو.
”حميد صاحب! منھنجو بابا هن دنيا ۾ ناهي رهيو.“ هوءَ سڏڪي پئي.
”اوهه، Very Sad صائما، مون توهان جي دل ڏکائي، ان لاءِ معذرت.“
”نه، اهڙي ڳالهه ناهي. ٿيڻي کي ڪير ٿو ٽاري سگهي؟“
حميد جي گهر ڊرائينگ روم ۾ صائما ۽ سندس ماءُ صوفا سيٽ تي ويٺيون هيون. سندن ڀرسان سنگل صوفي تي حميد جي ماءُ ويٺي هئي. ٻئي سنگل صوفي تي حميد سندن سامھون ويٺل هو. حميد جي نوجوان ڀيڻ طاهره چانهه بسڪيٽ جي ٽري کڻي سندن اڳيان ٽيبل تي رکي. صائما جي ماءُ پليٽ مان بسڪٽ کڻي سرسري نگاهه سان گهر کي ڏسڻ لڳي. اوچتو هن جي نگاهه ڀت ۾ لڳل وڏي فريم ٿيل تصويـر ڏانھن کڄي وئي. هٿ مان بسڪيٽ ڇڏائجي ويس. هن سُرٻاٽ ۾ صائما کي ڪجهه چيو ۽ صائما به ڪنڌ ورائي تصوير ڏانھن ڏٺو. ٻنهي جي چھرن جا تاثرات تبديل ٿيڻ لڳا. مرڪندڙ چھرن تي ناگواريءَ جا تاثرات اُڀري آيا هئا. صائما رُکي لھجي ۾ چيو،
”حميد صاحب....! هيءَ منھنجي تصوير توهان ڪٿان آندي آهي؟“ حميد ڪا ورندي ڏئي، ان کان اڳ صائما جي ماءُ ڦاٽ کاڌو؛
”اسين شريف ماڻهو آهيون ۽ ڪوبه شريف اهڙي بدتميزيءَ کي برداشت نه ڪندو. اڃان رشتي جي ڳالهه ئي نه ٿي آهي. توهان اڳواٽ ڇوڪريءَ جي تصوير گهر ۾ لڳائي ڇڏي آهي.“
”حميد صاحب...! اها شرافت ته ڪانه چئبي. اها، ته هلڪڙائپ آهي.“ صائما جو لھجو تکو ٿيندو پئي ويو.
”ڏس، صائما پليز....! مون کي غلط نه سمجهو.“
”ان کان وڌيڪ غلط ڇا ٿيندو؟“ صائما جي ماءُ ڳالهايو.
”ڏس، صائما، مون توکي چيو هو، ته مان توکي دل جان سان چاهيان ٿو، پر منھنجي چاهت جو رنگ الڳ آهي.“
”ته ڇا، اهو رنگ آهي توهان جي چاهت جو؟“
”ها، صائما.....! تو ٺيڪ سمجهيو.“
”پر، مون کي اهڙي چاهت جي ڪابه گهرج نه آهي.“ صائما صوفي تان اُٿندي چيو.
”ڏس، صائما....! هن تصوير ۾ تون ناهين، پر تنھنجو عڪس آهي.“ حميد ڳالهايو.
”توهان چوڻ ڇا ٿا چيهو؟ مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي.“ صائما جو لھجو اڃان به تکو هو.
حميد جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون. هن ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آواز چڙهيل گرهه وانگر نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هئس. حميد جي ماءُ ٽشوءَ سان اکيون اگهندي چيو،
”ڌيءَ.... ! هي تنھنجي تصوير نه آهي.“
”ته پوءِ، ڪنھن جي تصوير آهي؟“
”هيءَ حميد جي ڌيءُ نجمه جي تصوير آهي، جيڪا ٻه سال اڳ روڊ حادثي ۾ ماءُ سان گڏ اسان کان وڇڙي وئي آهي. حميد ساڻس بيحد پيار ڪندو هو. جڏهن کان توکي ڏٺو اٿس، ڄڻ ٻيھر جي پيو اهي. هو پنھجي ڌيءُ کي ارپڻ کان رهجي ويل محبتون، توکي ارپڻ گهري ٿو.“
صائما ٽِڪَ ٻڌي فريم ٿيل تصوير ڏانھن ۽ پوءِ حميد ڏانھن ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ اُمالڪ ڊوڙي حميد جي ڇاتيءَ سان لڳي وئي. ٻنهي جي سُڏڪن جا ڌيما آواز ۽ صائما ۽ حميد جي مائرن جي اکين ۾ ڀرجي آيل لڙڪ، نجما جي تصوير کي خاموش ڀيٽا ڏئي رهيا هئا.
**