ڪھاڻيون

ارپڻ کان رهجي ويل محبت

پورهيت گهر ۾ جنم وٺندڙ ”وفا“ صالح سنڌي ادب جو اهو پورهيت لکاري آهي جنھن آنجهيءَ توڙي مانجهيءَ تخليقي پورهيو پئي ڪيو آهي. هن وٽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ جيڪو درد آهي، اهو درد ئي هن کي متحرڪ رکندو پيو اچي. ڇاڪاڻ ته درد جو رشتو عظيم رشتو هوندو آهي، جتي ڪيترين ئي ڪھاڻين جا زنده ڪردار هوندا آهن جيڪي ”وفا“ صالح راڄپر جي ڪھاڻين ۾ اهي ڪردار امر بڻجي ويا آهن.
Title Cover of book ارپڻ کان رهجي ويل محبت

ســيــمــا

هوءَ نه رڳو منھنجي ڀيڻ ياسمين جي دل گُهري ساهيڙي، پر اسان جي پاڙيسري به آهي. وچولي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سيما هڪ شريف گهراڻي جي پڙهيل لکيل، سُگهڙ، سنجيده مزاج رکندڙ ڇوڪري آهي. رنگ گورو، ڪٽورا نيڻ، پورو پُنو قد بت، لباس ۾ سادگي ۽ سليقو، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڌيرج ۽ شائستگي. هوءَ منھنجي ڀيڻ سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهندي آهي. ڪاليج کان پوءِ گهر جي ڪم ڪار ۾ ماءُ جو هٿ ونڊائڻ کانپوءِ جيڪو وقت بچندو اٿس، ياسمين سان گڏ گذارڻ لاءِ اسان جي گهر هلي ايندي آهي. ٻنهي گهرن جا پراڻا واسطا ۽ تعلقات آهن، ان ڪري کيس اسان جي گهر ۾ ڪابه اوپرائپ محسوس نه ٿيندي آهي.
مان ادب سان لاڳاپيل ڪھاڻيڪار آهيان ۽ هوءَ ادب جي سٺي پاڙهو آهي. خاص ڪري سٺي ڪھاڻي يا شاعري سندس ڪمزوري آهي. جڏهن به ڪھاڻي يا شاعريءَ جونئون ڪتاب خريد ڪري ايندو آهيان، ته پڙهڻ لاءِ گهر کڻي ويندي آهي. مزاج سان ٺھڪندڙ هوندس، ته رات ۾ پڙهي ٻئي ڏينھن نه رڳو ڪتاب موٽائي ڏيندي، پر ان تي تبصرو به ڪندي آهي. جڏهن به ڪا نئين ڪھاڻي لکندو آهيان، ته ڇپجڻ کان اڳ پڙهي وٺندي آهي.
جڏهن کان منھنجي گهر واري نصرت ، پھرئين ويم دوران پُٽ کي جنم ڏئي، پنھنجي پُٽ ۽ مون کان مُنھن موڙي وڇڙي وئي آهي، تڏهن کان مان اندران ئي اندران ڀڄي ڀُري پيو هوس. نصرت جي وڇوڙي کي اٺ مھينا گذري ويا هئا، پر مان اڃان تائين پاڻ کي ان صدمي مان ٻاهر ڪڍي نه سگهيو هئس. صدمي جي ان ڪيفيت ۾ مون کان لکڻ پڙهڻ ڇڏائجي ويا هئا. مون کي صدمي جي ان ڪيفيت مان ڪڍڻ لاءِ سيما ڀرپور ڪوشش ڪندي هئي. منھنجو گهڻو خيال رکڻ لڳي هئي. ان خيال کان، ته مان پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ ٻيھر تخليقي دنيا ڏانھن موٽي اچيان. ايئن سيما سان احساس جو رشتو جڙي ويو هو. هن جي آٿت جھڙي ورتاءَ ڪري مان ٻيھر تخليقي دنيا ۾ موٽڻ لڳو هئس. انهن ڏهاڙن ۾ هڪ ڪھاڻيڪار دوست مون ڏانھن ڪھاڻين جو مسودو مھاڳ لکڻ لاءِ ڏياري موڪليو هو. دل نه چاهيندي به لکڻ لاءِ هڪ سبب پيدا ٿي پيو هو.
ڪھاڻين جو مسودو پڙهي، نوٽس وٺي، مھاڳ لکڻ ويٺس، اڃان ابتدائي سِٽون مَس لکيم، ته سيما ڪمري جي ٻيڪڙيل دروازي کي کولي چيو، ”وسيم مان اندر اچي سگهان ٿي؟“
”ها، سيما....! ان ۾ پڇڻ جي ڪھڙي ڳالهه آهي؟“ مون پين، پنن مٿان رکي وراڻيو.
”وسيم...! سچ، ته توکي ايئن لکندي ڏسي، ڏاڍي خوشي ٿي اٿم.“ هن ڪرسيءَ تي ويھندي چيو.
”سيما، اهو تنھنجي خلوص جو ثمرُ ئي ته آهي، نه ته .....!“
”وسيم....! ليکڪ قومن جا دماغ هوندا آهن، انهن کي حالتن جي بي رحم وهڪرن ۾ ضايع ٿيڻ نه گهرجي.“
”تون ٺيڪ ٿي چوين، سيما.....!“
”وسيم....! الائجي ڇو؟ مون کي تنھنجي ڪھاڻي پڙهڻ جو گهڻو انتظار آهي، جنھن کان تون منھن موڙي ويو آهين.“
”تنھنجي خواهشن جو مون کي احترام آهي، سيما.....!“
ايتري ۾ ياسمين ٽري ۾ چانهه کڻي ڪمري ۾ داخل ٿي. هن چانهه جي ٽري ٽيبل تي رکندي چيو،
”اديب حضرات، ڪھڙي موضوع تي گفتگو پيا ڪن؟“
”ڪو خاص موضوع ناهي، ياسمين.“ سيما وراڻيو
”گفتگوءَ جو ڪجهه ته عنوان هوندو؟“
”ياسمين....! وسيم ٻيھر لکڻ پڙهڻ ڏانھن موٽ کاڌي آهي. ان کان وڏو ٻيو ڪھڙو عنوان هوندو؟“ سيما وراڻيو.
”ها، سيما....! شُڪر آهي، ادا، مَس وڃي پاڻُ سنڀاليو آهي.“
”سيما جي مھربانين سان.“ وسيم کلندي چيو.
”ٺيڪ آهي، ان خوشيءَ ۾ چانهه پي تازا توانا ٿيو.“ ياسمين وراڻيو.
سيما، حساس هِردو رکڻ واري سلڇڻي ڇوڪري هئي. هوءَ نه رڳو منھنجو پر منھنجي ننڍڙي پُٽ ڪليم جو به خيال رکڻ لڳي هئي. ڪليم به ساڻس مانوس ٿي ويو هو. هوءَ پاڻ اديب ته نه هئي، پر ادب جو چڱو مطالعو رکندي هئي. ادب جي نظماڻين توڙي نثراڻين صنفن تي ڳالهائيندي هئي. مون وٽ ايندي هئي، ته مون سان بي تڪلف گفتگو ڪندي هئي. نه رڳو ادب، پر زندگيءَ جي ٻين موضوعن تي به ڳالهائيندي هئي. ساڻس احساس جو اهڙو رشتو جُڙي ويو هو، جو سندس موجودگيءَ ۾، اڪيلائپ جو احساس نه ٿيندو هو. سندس ويجهڙائپ جي ڪري، نه رڳو ادب، پر زندگيءَ سان پيار به جاڳي پيو هو.
ننڍڙو ڪليم سال کن جو ٿي ويو هو. بانبڙن کان اڳڀرو ٿي، کٽ جي ايسَ کي وٺي هلڻ لڳو هو. موڪل واري هڪ ڏينھن، هوءَ گهر آئي، ته مان پنھنجي ڪمري ۾ ننڍڙي پٽ ڪليم کي هنج ۾ کڻي ويٺو هئس. سندس ٻاتڙين ٻولين ۾ دنيا جھان کي ائين وساري ويٺو هئس، ڄڻ سموري ڪائنات سُسي سوڙهي ٿي، منھنجي هنج ۾ سمائجي وئي هئي. سيما ڪمري ۾ داخل ٿي، ته ڪليم کيس ڏسي روئڻ لڳو ۽ کڻڻ لاءِ ڏانھس هٿ جون اُڇلون ڏيڻ لڳو. هن اڳتي وڌي ڪليم کي مون کان ورتو ۽ ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهي رهي. ڪليم سندس هنج ۾ هو ۽ سندس وکريل وارن سان کيڏڻ لڳو هو. هوءَ اوچتو سنجيده ٿي وئي. هوءَ ڪا مھل ايئن گم سم رهي. اکيون کڻي ڪڏهن مون ڏانھن، ته ڪڏهن ڪليم ڏانھن ٿي ڏٺائين.
”سيما.....!“
”جي، وسيم....!“
”ماٺ ٿي وئينءَ، ڇا پئي سوچين؟“
هن اونهو ساهه کڻي ڪليم ڏانھن ڏٺو ۽ سندس ڳل تي چمي ڏيندي وراڻيو؛
”وسيم...! تو ڪڏهن سوچيو، ته هن معصوم کي ماءُ جي پيار جي ضرورت آهي؟“
”سيما...! مان ليکڪ آهيان، ليکڪ حساس هوندا آهن. سوچيان ضرور ٿو، پر .....!“ هن جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
”پر ڇا وسيم؟“
”اهو ئي، ته ماءُ جھڙي ماٽيلي ماءُ ڪٿان آڻيان؟“
”اهڙي، ته صفا سُڃَ به ڪانه ٿي آهي.“
”ڪيئن ڀلا....!“
”ڏس نه وسيم....! گهر ۾ هڪ ئي عورت آهي، تنھنجي ڪراڙي ماءُ. ياسيمن ته نياڻي آهي، پرائو ڌڻ. اڄ نه ته سڀاڻي پنھنجي گهر هلي ويندي. هن معصوم جو ڇا ٿيندو؟“
ها، سيما....! اهو ته مان به سوچيان ٿو، پر .....!“
”پر، وري ڇا.....؟“
”سيما، تو جھڙي سگهڙ، سُلجهيل ۽ حساس عورت ڪٿان آڻيان؟“
”تو جھڙي ڇا....؟“
”ڇا مطلب....؟“ حيرت مان کيس ڏسڻ لڳس. هوءَ ماٺ ٿي وئي. پوءِ ڪجهه سوچي ڌيمي لھجي ۾ چيائين؛
”وسيم، مون جھڙي ڇو؟ مان ڇونه....؟“
مان، هڪو ٻڪو ٿي، حيرت گاڏڙ خوشگوار احساس مان کيس ڏسڻ لڳس. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري، ڪليم کي کڻي ويٺي هئي. ڪليم جي پتڪڙين ٻانهن جو هارُ سيما جي ڳچيءَ ۾ هو، سندس ڪلهي تي ڪنڌ رکي ايئن سُڪون جي گھري ننڊ ۾ هو، ڄڻ ڪيترن ڏهاڙن کان سُتو ئي نه هو.

**