مھاڳ
سومرن جو دور تاريخ جي لَٽ ۾ ليٽيل رھيو آھي ۽ ڪيترين ئي تاريخي غلطين افسانوي داستانن، من گھڙت قصن ۽ ھٿ ٺوڪين روايتن سنڌ جي عظيم تھذيبي ۽ تمدني دور کي جيڪو ساڍن ٽن سَون سالن تي مشتمل آھي، صرف لوڪ داستانن ۽ طويل افساني تائين محدود رکيو آھي پر تاريخ شاھدي ڏئي ٿي سنڌ جو ھي دور سونھري ۽ رنگين دور آھي. ڇا رزم ۾، ڇا بزم ۾، ڇا ادب ۾ ڇا شاعري ۾، ڇا ثقافت ۾ ڇا تمدن ۾. جيڪڏھن تاريخ مان ھن دور کي ڪڍي ڇڏينداسون ته سنڌ جي تاريخ ڪجسي، ڦِڪي ۽ ٻُسي نظر ايندي. اسين ھن ڪتاب ۾ ھر غلطي جي تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سومرا خاندان جي ڏنل قربانين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آھي.
ھيءَ حقيقت آھي ته سومرن جو دور اھڙي قسم جو آئينو آھي، جنھن ۾ موجوده دور جو عڪس نظر اچي ٿو. ھن دور کي سامھون رکي ان جي اولڙي ۾ جھاتي پائينداسين ته اسان کي پنھنجا عيب ۽ ثواب نظر ايندا، جن جو مان اشارتاً اندرين صفحن ۾ ذڪر ڪيو آھي. سومرا سوڍا سِر ڏيئي، اسان کي زندھ رھڻ جا گُر سيکاري ويا. عزت، غيرت، قومي وقار، حب الوطني، صبر ۽ استقامت اھي خاص خوبيون ۽ خصوصيتون آھن، جيڪي ھنن اسان کي سيکاريون ۽ ان دور جي ھر فرد ۾ اھي نظر اچن ٿيون. سومرا، جيئن ته اصلي ۽ نسلي لحاظ کان سنڌي ھئا ته سندن حڪومت به قومي دور، خودمختيار ۽ آزاد حڪومت جو دور ھو، ان ڪري ھن زماني ۾ سنڌي تھذيب جا جملي آثار ملن ٿا جن جي ھنن سوڍن رت جو ريج ڏيئي آبياري ڪري سندن ھٻڪار سان اسان کي معطر ڪيو. ھاڻي اسان جو ھي قومي فرض آھي ته سومرن جي دورِ حڪومت جو تفصيلي اڀياس ڪريون ۽ سنڌي تھذيب ۽ سنڌي قوم جي دشمن مورخن، جيڪي من گھڙت ڪھاڻيون ٺاھي ھنن سومرن جي تاريخي ۽ شجاعتي ڪارنامن کي ملياميٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تن کي ڪوڙو ۽ ھٿ ٺوڪيو سمجھي ڀلائي ڇڏيون ۽ پنھنجن محسنن جي قربانين کي ياد ڪري پاڻ ۾ انھن جھڙو جذبو ۽ شعور پيدا ڪري ديس ۽ ديس واسين جي خدمت ڪرڻ سان گڏ قومي وقار، خانداني غيرت ۽ نسلي برتري کي سامھون رکي احساس بالاتري پيدا ڪري ھن سنگلاخ زمين تي قدم رکي پنھنجي وجود کي بقا ۽ دائميت بخشيون.
[b] دادا سنڌي
[/b]داد لغاري
18 جولاءِ 1989ع