سنڌ شناسي

سومرن جي دور جا سورما

ڪتاب ”سومرن جي دور جا سورما“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي. نياز همايوني لکي ٿو:
”سومرن جو دور، اھو سڌريل دور آھي جنھن ۾ سنڌين کي تھذيبي قدرن سان گڏ، قومي غيرت ورثي ۾ ملي. انھيءَ عظيم قومي ورثي جي ڪري اسان جي قومي ھيرن ۽ سورمن جي ساک توڙي سچائي، اسان لاءِ قومي علامت جي حيثيت رکي ٿي. اسان جي پياري دوست دادا سنڌي سومرن واري دور جي سورمن تي جيڪا محنت ڪئي آھي سان سندس قومي جذبي ۽ حب الوطنيءَ جي نشاني آھي.“
  • 4.5/5.0
  • 3364
  • 1036
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سومرن جي دور جا سورما

(ث) ” دودي چنيسر “ جي ڳالهه تاريخي غلطين جي تحقيقي ڇندڇاڻ

هيءَ هڪ حقيقت آهي ته دودو چنيسر ، سنڌ جي تاريخ جو هڪ غير فاني باب آهي، جنهن جي اندر سنڌ جي روايتي شجاعت جو داستان آهي. جيڪڏهن تاريخ مان هن اهم باب کي ڪڍي ٿا ڇڏيون ته نه صرف سومرا دور پر سنڌ جي سموري تاريخ اڌوري ، کوکلي ۽ نشنهءِ تڪميل ٿي وڃي ٿي. سنڌ جي عظيم ۽ شاندار تاريخ سان سدائين هٿ چراند ٿيندي پئي رهي آهي. جڏهن به ٻاهريون حاڪم آيو آهي ، تنهن هتان جي ماضي جي تاريخ کي پنهنجي درٻاري مورخن کان لکرائي حقيقي سورمن جي ڪارنامن کي ميساري ، هروڀرو تيليءَ مان ٿنڀ بنايو آهي. پنهنجن ظلمن ۽ خوني ڪارواين کي انصاف ۽عدل جو لباس ڍڪي، خليفه المسلمين جا خطاب ڏيئي، سنڌ جي ماڻهن کي ڪافر ۽ جهنم رسيد سڏيو. خاص ڪري فارسي، تذڪره نگارن ۽ يورپي مورخن سنڌ جي تاريخ سان ايڏو ته قهر ڪيو آهي جو پير حسام الدين راشدي کي ساري زندگي انهن جي لٽ لاهيندي گذري. هاڻ وري اسان جا ڪي نوان وڌوان پئدا ٿيا آهن، جن کي سنڌ جي سموري تاريخ ۾ ڪفر ۽ الحاد ٿو نظر اچي. ساڳيءَ طرح سومرن جي هن رزمي ۽ جنگي ڪارنامي سان به ويڌن ٿيل آهي. ڪيترن ئي مورخن جي مبالغه آميز روايتن ، غلط تاريخي بيانن ۽ شاعرانه من گهڙت ڏٽن، هن شجاعتي ۽ تاريخي واقعي کي مشڪوڪ بنائي ڇڏيو آهي ۽ ان ڪري ئي گهڻن صاحبن هن کي هڪ من گهڙت قصو سمجهيو آهي.
جناب لطف الله بدوي لکن ٿا ته انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ” دودي چنيسر“ جو قصو شجاعت ۽ وطن پرستيءَ جو هڪ بي مثال داستان آهي. پر ان جي اندر ڪيتريون ئي غلط روايتون به گڏ ٿي ويون آهن. سومرن جي تاريخ جي غير مربوط ڪڙين کي ڏسي هت کڻي قبول ڪجي ته دودو ۽ سندس والد ڀونگر، سلطان علاءُ الدين جو هم عصر هجي پر وطن دوستي جي جذبي ۾ هو تاريخي حقائق کان تجاوز ڪري ويا آهن. ( ڪليات خادم – مهاڳ – ص نمبر 21).
اسين هاڻي هن تاريخي ۽ رزمي قصي جي پس منظر جي ڪن پهلوئن تي روشني وجهي ، انگين اکرين سومرا خاندان جي هن غيرتمندانه ۽ وطن دوستي جي پاڪيزه جذبن سان پر داستان کي سچو ثابت ڪري سنڌ جي تاريخ جي هن اهم باب کي سونهري اکرن سان لکڻ جي ڪوشش ڪنداسون.
الف: هن قصي ۾ پهرين غلط ۽ بي بنياد روايت هيءَ آيل آهي، جيڪا هن واقعي کي مشڪوڪ بنائي ٿي ته دودي تي چڙهائي خود علاءُ الدين خلجي پاڻ ڪري آيو ۽ ٻيو ته هن جو موت سنڌ ۾نون سپاهين سان ماٿيلي ۾ ٿيو ۽ سندس قبر به اتي ئي آهي. جتي ” نول گوري جي مزرا“ سان مشهور آهي.
هن سلسلي ۾ عرض آهي ته دهلي جي حاڪم علاءُ الدين خلجي جو موت خود دهليءَ ۾ ٿيو ۽ سندس قبر به اتي ئي آهي. ان لاءِ مشهور مورخ قرشته پنهنجي تاريخ ۾ لکي ٿو ته ” مشهور هي آهي ته بيماري ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي، تان جو شوال جي ڇهين تاريخ سن 716هه ۾ وفات ڪيائين. ايڏو وڏو خزانو ڇڏيائين جو سلطان محمود بن سبڪتين کي به نصيب نه ٿيو.“ هنن لفظن مان صاف ظاهر آهي ته علاءُ الدين خلجي سنڌ ۾ ڪونه آيو ۽ نه وري هو هت مئو. ٻي ڳالهه ” نول گوري“ جي مقبري بابت آهي. ان سلسلي ۾ ” تاريخ تحفته الڪرام“ مان صاف خبر پوي ٿي. مير علي شير قانع لکي ٿو ته ” ماٿيلو ڇهن قلعن مان آهي. درگاهه سلطان نول غوري جي اهل الله جي طواف جي جاءِ آهي، جتي اهل الله جو گروهه اچي گڏ ٿئي ٿو.“ هن لفظن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي عوام نول غوري کي ڦيرائي ، نول گوري ڪري. انچي پوئتان هڪ عجيب من گهڙت ڳالهه منسوب ڪري ” دودي چنيسر“ جي عظيم رزميه داستان کي مشڪوڪ بنائي ان جي تاريخي اهميت کي ڌڪ رسايو.
ب: عام طور وري هينئن چيو وڃي ٿو ته ” علاءُ الدين پاڻ نه آيو، پر سندس هڪ سپهه سالار ، سالار خان نالي ، بادشاهه جي طرفان وڏو لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو. پر هي روايت به غلط آهي. اسان جو قومي شاعر حضرت شاهه عبدالطيف رح سنڌ جي تاريخ جو محافظ آهي. سندس رسالو، سنڌ جي تاريخ جو ماخذ آهي.ڀٽ ڌڻي رح جي هي عادت آهي ته هو سنڌ جي بهترين دور جي روايت کي زندهه رکڻ لاءِ چند مثالن کي وٺي انهن کي پنهنجي شاعريءَ جي قالب ۾ پيش ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ڀٽ ڌڻي رح هن بيت ۾ سومرن جي حب الوطني ، همت، غيرت ۽ قومي ڪردار کي محفوظ ڪيو آهي. شاهه صاحب پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو آهي.
عالادين آڻيو، کڻِي ڇل ڇڳير
ڪنهن ڪين همتيو، ڪان جهليندو ڪير
سومرين ساه کنئي، ابڙي ڪئو اٺ پير
هو سهائين مير، پر مستوراتن مارايو
شاهه عبدالطيف رح جو هي هڪ حوالو ” هڪ رانجهو لکان جيها“ جي مصداق سالار خان واري روايت کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته اهو بادشاهه علاءُ الدين هو. هاڻي سوال ٿو اٿي ته علاءُ الدين ڪهڙو؟ خلجي علاءُ الدين ته دهلي ۾ مئو.
تحقيقي ڇندڇاڻ: عرض هي آهي ته دودي چنيسر واري رزمي داستان ۾ آيل علاءُ الدين هو جنهن چنيسر جي چوڻ تي سنڌ تي ڪاهيو هو. وقت ۽ واقعن جي مناسبت سان اها راءِ بيشڪ وزندار۽ ڌيان طلب نظر اچي ٿي. ( شمشير الحيدري – ماهوار نئين زندگي جون جولاءِ 1970ع) ص نمبر 173).
هن موضوع تي سنڌ جي تاريخ جي هڪ ڄاڻو ۽ عالم مير حاجي محمد بخش ٽالپر ( مرحوم) هڪ جامع مضمون ٽماهي مهراڻ 1967/ 4 ۾ لکيوهو جنهن ۾ هن انگين اکرين ثابت ڪيو ته اهو علاءُ الدين ترم شيرين هو، جيڪو اصل سمر قند ( ايران) جو حاڪم هو. جنهن 727هه مطابق 1326ع ۾ سنڌ تي ڪاهيو هو. تاريخ فرشته جو صاحب لکي ٿو ته ” ترم شيرين خان بن دائود خان ، حاڪم الوسد چغتائي ، سامانن جو بادشاهه هو سو ڪثير فوج وٺي ، هندستان کي فتح ڪرڻ جي ارادي سان 727 هه ۾ مملڪت هند ۾ داخل ٿيو. لعنان ۽ دهلي تائين ملڪ کي تخت ۽ تاراج ڪيائين دهلي جي ٻاهران ميدان کي پنهنجو لشڪر گاهه بڻايائين. سلطان محمد بن تغلق کيس نقد هيرا جواهر ڏيئي، خوش ڪري روانو ڪيو. پر گجرات طرف وڃي ڦرلٽ ڪيائين ۽ ماڻهن کي غلام بڻايائين. پوءِ سنڌ ۽ گجرات جي علائقي کان صحيح سلامت غنيمت جو مال کڻي واپس وطن وريو. ( تاريخ فرشته جلد نمبر 269).
مولانا ابو ظفر ندوي لکي ٿو ته ” محمد بن تغلق جي تخت نشيني کان ٻه سال پوءِ علاءَ الدين ترم شيرين ، هندستان تي ڪاهيو، جنهن کي محمد بن تغلق ، زر ۽ جواهر ڏيئي رخصت ڪيو. ان کان پوءِ خان موصوف مارواڙ ۽ گجرات ۾ ڦرمار ڪري سنڌ رستي پنهنجي وطن وريو. ( تاريخ گجرات ص نمبر 280).
دودي چنيسر جي تاريخي قصي ۾ جنهن علاءُ الدين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سو اهو ئي علاءُ الدين آهي جنهن کي چنيسر مال دولت ۽ ٻانهن جي لالچ ڏيئي دهلي مان خيمه زن واري حالت ۾ سنڌ تي چاڙهي آيو. علاءُ الدين آيو ئي هندستان ۾ ڦرلٽ ڪرڻ ۽ مال ميڙڻ جي خيال سان هو. سو هن کي جڏهن سنڌ جو ڄائو ۽ پنهنجي ئي ڪڙم جو ويري ملي ويو ڪنهن جي مکڻ مٿي پئي ته سينڌ ڪانه ٿي سڙي. ” يڪ نه شد و شد“ هڪ ئي وقت سندس مٺ ۾ ٻه گدرا ٿي آيا سو دهلي مان ٻانهون کنجي سنڌ روانو ٿيو. جناب مير محمد بخش صاحب جو رايو آهي ته ” چنيسر سلطان علاءُ الدين کي دهلي ۾ دم دلاسا ڏيئي گجرات جي راهه کان سنڌ ۾ آندو جڏهن ته سلطان کي دهليءَ جو بادشاهه ڪري مشهور ڪيو ويو . اهي انهي طرح اسان جي تاريخي ۽ نيم تاريخي ڪتابن سلطان علاءُ الدين جي نالي کان انڪار ڪري ، هڪ مشهور روايت کي غلط قرار ڏنو آهي. اسان جي خيال موجب سلطان علاءُ الدين ترم شيرين جي هٿان دودو سومرو 427 هه مطابق 1327 ع ۾ شهيد ٿي ويو ۽ ڪوبه سبب ناهي جو اسان سلطان علاءُ الدين ۽ دودي سومري جي قصن ۾ علاءُ الدين جي ڪردار کي فرضي سمجهون.“ ( سلطان علاءُ الدين ۽ سومرا – ٽماهي مهراڻ 4 / 1967ع)
هنن بيانن مان صاف ظاهر ٿيو ته دودي سومري جو هي رزميه داستان واقعي تاريخي ۽ تحقيقي نوعيت جو آهي ۽ هنن سوڍن برابر قربانيون ڏنيون. جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاف لکيو آهي ته ” دنيا جي مختلف ملڪن جي تاريخي ماخذن تي نظر ڪبي ته معلوم ٿيندو ته ڪن اهڙن ڪنهن قصن ۽ داستانن جي مطالعي مان تاريخي نتيجا مرتب ڪيا ويا آهن، جيڪي دودي چنيسر جي ڳالهه جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ڏند ڪٿائون آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ دودي چنيسر جي ڳالهه جو پس منظر تاريخي آهي ۽ نه ڏند ڪٿائون . ان جا مکيه ٽاڻا ۽ اهڃاڻ محض افسانوي نوعيت جا نه آهن. بلڪ تاريخي اهميت رکن ٿا. ان جا مکيه ڪردار به محض خيالي نه آهن، بلڪ تاريخي حيثيت رکن ٿا. ٻين ملڪن ۽ ٻولين ۾ رائج قصا ۽ داستان جن کي تاريخي ماخذ تسليم ڪيو ويو آهي، سي فقط ڪن هڪ ٻن روايتن ذريعي محفوظ رهيا آهن جن کي آڳاٽو ڪنهن منظوم ڪيو يا انهن جي خاڪي کي لکيت ۾ آندو ، پر دودي چنيسر جي ڳالهه سيني به سيني مسلسل طور هلندڙ عوامي روايت جو بهترين مثال آهي. ٻين ڪوپائي ڪٿائن وانگر هي ڪنهن خاص شاعر جو منظوم ڪيل قصو ناهي پر عوام جو عام مقبول داستان آهي. آڳاٽي وقت کان وٺي هي ڳالهه هڪ عوامي ڳالهه اسري ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور ٿي. ان بعد هر دور ۾ هن کي جدا جدا راوين زباني طور بيان ڪيو، ملڪ جي مختلف ڀاڱن ۾ سگهڙن ۽ شاعرن کي نثر ۽ نظم واري گڏيل سٽاءُ ۾ سينگاريو. هنرمند قصه خوانن ان کي عام ڪچهرين ۾ ڳايو وڄايو ۽ عام توڙي خاص ان کي دل سان ٻڌو ۽ ساراهيو. هي ڳالهه نه فقط ڪنهن خاص دور ۾ بيان ڪئي وئي، پر جيئن ئي اها ، سومرن جي اوائلي يا وچين دور جي تاريخي واقعن مان اسري نسري ته مسلسل طور کنئي ۽ ڳائي ويئي ۽ اڄ ڏينهن تائين ڳائجي پئي هن دور ۾ جيڪا ڳالهه هلندڙ آهي ، تنهن جون روايتون به ڪم از ڪم گذريل سون ورهين کان وٺي هلنديون آيون آهن. ( سومرن جو دور – ص نمبر 9 ۽ 10)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هيءَ عالمانه راءِ ۽ ٻين محققن جي بيانن مان پروڙ پوي ٿي ته هي جنگ اسان جي تاريخ جو قومي سرمايو آهي ۽ سنڌ جو هي دليرانه ۽ شجاعتي ڪارنامو، اقوام عالم جي تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکڻ لائق آهي . دراصل اسان سنڌي احساس ڪمتري جا مريض آهيون . ٻارهين جي چمڪ ڌمڪ ٺٺ ٺانگر ۽ ڪوڙي اڊمبر کان جلد مرعوب ٿيندا آهيون. لڪير جا فقير بنجڻ اسان جي عادت آهي. اکيون ٻوٽي ٻين جي ڪڍ لڳي پوڻ به اسان جي عادت آهي. پٺي ورائي اسان پنهنجي سڄڻ جي سڏ کي ٻڌڻ اسان سکيا ئي ڪونه آهيون. اسان ذاتي مفاد جا غلام آهيون ۽ اهو ئي سبب آهي جو ” جيئري لاءِ ٻڪري ڪهڻ “ وقت اسان کي ڪهڪاءُ ڪونه اچي. اسين پنهنجن جا ترا ڪڍڻ وارا آهيون ۽ شير شاهه جا شڪرا بنجي گهر جا ڪڪڙ مارڻ اسان لاءِ سولو آهي. جي ائين نه هجي ها ته اسان ڇو ڀلا پنهنجي اعلى پائي جي ڪارگذاري ۽ ڪارنامي کي ڀلايون ها ۽ نه وري ان کي ڪو ڪوڙو افسانو يا من گهڙت ڳالهه تسليم ڪريون ها. ننگن تي سر ڏيئڻ ۽ وطن لاءِ جان قربان ڪرڻ مڙسن جو شيوو آهي. جوانن جو شان آهي. بي غيرت ۽ ڀاڙيو پانڊي هوندو آهي ۽ سنڌ جي روايت آهي ته سنڌ واسي سدائين چوندو آهي ته
وڍيو آهين ته ويهه، نه وٺيو وڃڃ واٽ تون
هيءَ تنين جو ڏيهه، جو جن جهونا ڳڙهه جلايو

”گريزد از صف ماهر که غوغا نيست
کسه که کسته نه از قبيلئه مانيست“
” يعني ڀاڙيو اسان جي صفن مان ڀڄي وڃي ۽ جيڪو سر اڏي تي رکڻ لاءِ تيار نه آهي سو اسان جي ڪٽنب مان نه آهي.“