(ب) ” دودي ۽ چنيسر“ جي ڳالهه جو پس منظر
پنهونءَ ڪارڻ پٻ ۾ ، مر متو ڏيئي
ته سرتيون سڀيئي، واکاڻينئي ويٺيون
دنيا جي هر ادب ۾ اهڙيون حڪايتون ۽ ڪهاڻيون صدين کان مروج آهن، جيڪي پشت به پشت ۽ سيني به سيني هلنديون اچن ٿيون. انهن ڪهاڻين ۾ ٻه پهلو ڪارفرما ٿين ٿا. پهريون مذهبي جذبو ۽ لڳاءُ جنهن کي ” عقيدت “ به چيو وڃي ٿو ۽ ٻيو پهلو وطن دوستي ۽ قوم پرستي جنهن موجب ماڻهو پنهنجي ملڪ جي مانجهين ۽ساڻيهه جي سورمن کي ساراهين ۽ پاڻ ۾ وطنيت جو جذبو جاڳائين ۽ پنهنجي مستقل ۾ تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي ورجائين ۽ ان کي چٽو ڪري چمڪائين. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ” دودي چنيسر جي ڳالهه سنڌ جي سورهين ۽ سورمين جي ڳالهه آهي. هتان جي ڪوپن ۽ ڪونڌرن جي ڪٿا آهي ۽ سومرن جي دور جي ڪنڌارن ۽ ڪونڌرن جي ڪهاڻي آهي. سورهيائي جي جڳ مشهور ڳالهين مان هي هڪ ” وڏي ڳوري ڳالهه“ آهي. هي سنڌ جو آڳاٽو مشهور ۽ مڃيل جنگي داستان آهي، جيڪو نه فقط ” سنڌ جي جنگ نامي“ يا رزميه شاعري جو پڻ بياد آهي بلڪ دنيا جي ڪوپائي ڪٿائن ۾ هڪ وڏي ڪوپائي ڪٿا آهي. هي ڪو معنى ۽مفهوم وارو جنگي داستان ناهي. بلڪ هڪ خاص ” دودن جو داستان“ آهي. هي هڪ ” شاهي جنگ جنگاهه“ ۽ وڏو جنگ ڪيڏارو ( ELIC AGZEAT ) آهي، جيڪو پنهنجي اصليت، هئيت ۽ عام مقبوليت جي لحاظ سان انوکو ۽ بي مثال آهي.
سنڌ جي عام روايت موجب جيئن جڳ ۾ اڍائي قلندر آهن، تيئن وڏا جنگاهه ۽ جهيڙا به جهان ۾ ڪل اڍائي ٿيا. انهن وڏن جنگ ڪيڏارن مان هڪ جهيڙو امامن وارو ٻيو جهيڙو دودن وارو ۽ اڌ جهيڙو باقي سڄي جهان جي ٻين جنگين وارو. عام روايت آهي ته ” جڏهن الله تعالى لڙائي جا بخرا هٿ ۾ جهليا ته پهريائين امام صاحب جو روح آيو ته اٺ آنا ڏنائين ان کي باقي رهيا چار آنا جيڪي مليا سڄي جهان کي ( سومرن جو دور – سنڌي ادبي بورڊ ص نمبر 4 ۽ 5). هن ما ن صاف ظاهر آهي ته ” دودي چنيسر“ جي ڳالهه سنڌ جو هڪ رزميه داستان آهي، جنهن ۾ سنڌ جي هڪ دور جي تاريخ ۽ سورهين جي ڪارنامن جو وڏو ذخيرو موجود آهي.
سومرن جي 21 حاڪمن مان ڀونگر ثاني 14 حاڪم آهي، جيڪو 638هه ۾ تخت تي ويٺو. هن به شاديون ڪيون هيون. هڪ ڏاڏي پوٽي سومري مان ۽ ٻي گجر خاندان مان سندس اولاد جو شجرو هن طرح آهي.
ڀونگر
چنيسر ٻاگهل ٻائي دودو دلير
ننگر ڪويل منگر
سلطان ڀونگر تخت تي وهڻ شرط حڪومت جو تختگاهه وڳهه ڪوٽ مان کڻي 26 ميل اتر اولهه ۾ روپاهه ماڙي شهر ٻڌائي اتي بنايو جيڪو وڳهه ڪوٽ کان پوءِ ٻئي نمبر تي حڪومت جو تختگاهه هو. هن شهر ۾ جيڪا بادشاهي محلات هئي، ان جا دروازا چاندي جا ٺهيل هئا ۽ انهي ڪري ئي شهر جو نالو روپاهه ماڙي پئجي ويو. هن شهر جي ڀرسان ريڻ درياهه وهندو هو. شهر ۾ سندس ٻي راڻي رهندي هئي. ڀونگر بادشاهه جي حڪومت جو زمانو سومرن جي عروج جو دور هو. سندس سلطنت جي وسعت لاءِ ڄاڻايل آهي ته اتر ۾ ديري غازي خان ، ملتان ، اُچ، پٽڻ، سبي، الور، سيوهڻ ۽ بکر تائين هئِي ۽ اڀرندي ڏانهن راجستان، لوڌير، ( لوڊاڻو) جيسلمير، ڍٽ ۽ ڀونگل ، بيڪانير، ٿر، برهمڻ آباد ۽ عمرڪوٽ تائين هئي ۽ ڏکڻ ۾ گجرات ، مالوه، ڪاٺياواڙ ڪڇ، وڳهه ڪوٽ ۽ روپاهه ماڙي ۽ الهندي ڏانهن ڪيچ مڪران ، لسٻيلو، قلات، جهالا وان ڪاڇي ۽ اتر الهندي ڏي بلوچستان ۽ سبي کان ڦري ديري غازي خان تائين هئي. سندس حڪومت جو رعب ۽ دٻدٻو ، دهلي حڪومت تائين هو. ( سلطان دودو شهيد – غلام قادر ص نمبر 32).
سياسي سماجي ۽ معاشي طرح سنڌ خوشحال هئي. ماڻهو سکيا ۽ ريان کيان هئا، امن امان ۽ صلح سانت هئي. سياسي طرح سئو ارڪان تي مشتمل مجلس شورى جي پارليامينٽ مقرر ٿيل هئي، جنهن جي صلاح مصلحت سان حڪومتي امور هلائبو هو.
ڀونگر بادشاهه 678هه ۾ وفات ڪئي. ان وقت سنڌ جي پارليامينٽ متفق راءِ ٿي فيصلو ڏنو ته پڳ دودي کي ٻڌرائي وڃي. حالانڪ چنيسر دودي کان وڏو هو ۽ حق ان جو هو، پر چنيسر کي جڏهن تخت نشين ٿيڻ لاءِ چيو ويو ته هن چيو ته ” ترسو، مان امڙ کان پڇي اچان“ ان راڄ ڪاوڙجي کانس پڳ کسي دودي جي حوالي ڪئي دراصل سياسي انتظامي ڪاروبار ۽ ملڪي مسئلا ايڏا ته منجهيل ،پيچيده ۽ جلدي حل طلب هوندا آهن، جو انهن کي طئه ڪرڻ ۾ ” گهروارن“ جي راين ۽ ارادن کي دخل ڏنو وڃي ته پوءِ ” هٽي رام جي حوالي“ مصداق ٿي وڃي ٿي. ان ڪري سنڌ جي پارليامينٽ چنيسر کي زن مريد ۽ ” ماءُ جو ٻالڪو“ سڏي پڳ کان محروم ڪيو ۽ چنيسر جي ڪردارن مان به ائين سمجهجي ٿو ته هن ۾ وطن پرستي، قوم پرستي ۽ خانداني وقار بنهه ڪونه هو. صرف لالچي ۽ اقتدار جو بکيو هو. بهرحال چنيسر ڪاوڙجي دهلي هليو ويو ۽ اتان علاوءُ الدين کي سنڌ تي چاڙهي آيو. جڏهن لشڪر هت پهتو تڏهن سومرن چيو ته ” سياسي مصلحت تحت اسان چنيسر کي حڪومت ڏيون ٿا.“ ان تي علاوءُ الدين چيو ته ” اوٽ موٽ جو خرچ به ڏيو ۽ ٻاگهل ٻائيءَ جو سڱ به ڏيو.“ هي ٻئي ڳالهيون ، سنڌ جي ثقافتي ۽ تهذيبي روايتن مطابق اڻ ٿيڻيون هيون، تنهنڪري سومرن علاوءُ الدين جي لکن واري فوج سان مقابلو ڪيو ۽ ان سان گڏ ڪيترن ئي سنڌي سوڍن ۽ سنڌ جي عوام سر قربان ڪري سنڌڙي جو سر مٿي ڪيو. هن جنگ ۾ علاوءُ الدين جو لکن جو لشڪر ختم ٿي ويو ۽ پاڻ به دهلي جو هي بادشاهه ماٿيلي ۾ نو گوليون کائي مري ويو. سندس قبر ماٿيلي ۾ آهي، جنهن تي مقبرو اڏيل آهي.