(ب) سومرن جي روايت سنڌي ادب جي سجاوٽ
سومرن جي دور حڪومت سنڌ ۽ نئين روايت ۾ نئين زندگي تبديلي هئي جنهن جي سياسي حڪمت عملي جو بنياد ئي لفظ سنڌ هو. جيئن ته هو سنڌ جي مقامي قوم هئي، ان ڪري هن دور ۾ سنڌي تهذيب تمدن ۽ ادب وڏي ترقي ڪئي. سنڌي ٻولي دفتري زبان جي حيثيت حاصل ڪئي ۽ باقاعدي سرڪاري لکپڙهه جو ذريعو بڻجڻ لڳي. سومرن پنهنجي تخت گاهن جا نالا به سنڌي زبان ۽ لهجي کي مدنظر رکي رکيا. جهڙوڪ رويا ماڙي ۽ وڳهه ڪوٽ وغيره روپا ماڙي ۾ پ ۽ وڳهه ڪوٽ ۾ ڳ ۽ اهڙي طرح ٽ ۽ پ جهڙا حروف غير عربي هئا ۽ خالص سنڌي زبان جا آهن. جن مان صاف ظاهر آهي ته سومرن جي سنڌي ٻوليءَ سان محبت هئي. هن دور ۾ سنڌي ٻولي ۾ مقامي لهجن، سياسي ۽ جاگرافيائي تبديلين ۽ جوڙجڪ سبب هزارن نون لفظن، محاورن ۽ اصطلاحن جو اضافو ٿيو جن نه صرف سنڌي ٻولي کي سونهن بخشي پر ان ۾ خالص صوتياتي نظام پيدا ڪيو ۽ لغت ۾ واڌارو آيو ۽ هڪ خاص لپي ايجاد ٿي جنهن کي ” خواجڪي سنڌي لپي“ سڏين ٿا. هي دور سنڌي زبان جي بنيادي اوسر جو دور هو ڇاڪاڻ ته هن دور ۾ عوامي سطح تي لوڪ گيت لوڪ ڪهاڻين ۽ لوڪ ناج جون مختلف صنفون تخليق ٿيون. سماجي زندگي سان لاڳاپيل مختلف خيالن احساسن،آسن، اميدن ۽ ذهني اظهار جي طريقن ۽ سائنسي سوچ جي ڪري سنڌي زبان ۾ شاهوڪار ٻولين ۾ شمار ٿيڻ لڳي. ( سومرن جي دور جو سماجي ۽ اقتصادي تجزيو – عبدالله مگسي ٽماهي مهراڻ 2/ 1989ع).
سومرن سورمن سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کي نوان موضوع ۽ نوان لاڙا ڏنا. هنن پنهنجي وطن جي بقاءَ ۽ سالميت ۽ قومي وقار ۽ عزت جي پاسخاطري ڪندي جيڪي قربانيون ڏنيون تن سنڌي ادب کي لازوال حيثيت بخشي. وعده وفائي ، انسان دوستي ڏاڍ کان نفرت، سخاوت ، بهادري ، شرافت ، غيرت ۽ حب الوطني اهڙا گڻ آهن جيڪي پوءِ شاعريءَ ۽ ادب جا خاص موضوع بڻيا. ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته ” حب الوطني هن دور جي اهم خصوصيت آهي. وطن فروشي کي ڌڪارڻ ، ڏاڍن جي ڏاڍائي ۽ ظلم کان نه ڊڄڻ ڌارين جي اطلس ۽ ريشم جي مقابلي ۾ اباڻن جي کٿي اوڍڻ ۾ عزت سمجهڻ. مارئي جو ڪردار هڪ اهڙو ڪردار آهي جو اڄ به اسان لاءِ ساڳي اهميت ٿو رکي مارئي جو ڪردار اڄ به ساڳيو پيغام ڏئي ٿو“. ( سومرن جي دور جو سنڌي ادب – نئين زندگي مارچ 1979ع ص نمبر 47).
هن دور ۾ مذهبي تبليغ به زور ورتو ان ڪري سماع وقت بيتن ، مداحن ، مناجاتن ۽ مناقبن جون ڪيتريون ئي صنفون سنڌي شاعري ۾ داخل ٿيون. اهڙي طرح شاعري جي مضمون ۽ هيئت ۾ واڌارو ٿيو. عوامي شاعري ۾ ڳيچ، سورٺا، دوها ۽ گنان وجود ۾ آيا ۽ موسيقي ۾ به نواڻ پيدا ٿي. لوڪ ڪهاڻين ۽ انهن جي ڪردارن سنڌي ادب کي ترقي پسند ڪردار عطا ڪيا. عمر مارئي، ليلا چنيسر، سسئي پنهون ، مورڙو مانگر مڇ، عمر ۽ گنگا، دودو چنيسر، مينڌرو ۽ مومل جي قصن ۽ ڪهاڻين سنڌي ادب کي سونهن بخشي ۽ ادب کي مالا مال ڪيو.
سومرن جو هي روايتي ادب، پوئتان ايندڙن لاءِ قيمتي سرمايو ۽ آبحيات آهي. هيءِ حقيقت آهي ته ڪو به ادب پنهنجي سرزمين جي روايتن ، جن جون پاڙون نهايت اونهائي ۾ انهيءَ سرزمين جي مٽي ۾ کتل هجن کان ڇڄي جدا ٿي انهيءَ سرزمين جي مخصوص قومي خاصيتن پٽاندر رنگجي وجود قائم رکي نٿو سگهي. ادب هر قوم جي عوام جي داخلي توڙي خارجي زندگي جو عڪس هوندو آهي ۽ انهيءَ عڪس جون شڪليون، انهيءَ قوم جي مخصوص اهڃاڻن جيڪي نظام جاگرافيائي حالتن ۽ تاريخ جي ڊگهي عرصي دوران پنهنجو مخصوص قومي رنگ اختيار ڪنديون آهن ۽ اتي جي عوام جي زندگي ۽ چالو اقتصادي رشتن تاريخي روايتن ريتن رسمن قومي مزاج ۽ نفسيات پٽاندر مخصوص قومي عڪس هوندا آهن. هي سمورا عناصر ادب کي مخصوص قومي ڪردار مزاج ۽ رنگ ڏين ٿا.
سومرن جو پيش ڪيل هي روايتي ادب ڌرتي جو ادب آهي. ساڻيهه جو ادب آهي. سومرن سوڍن سر ڏيئي جيڪا روايت قائم ڪئي انهيءَ تي اڳتي هلي هر سومري سوڍي کي هڪ مثالي پيش ڪري سنڌ جي نوجوانن اڳيان پيش ڪيو ۽ اهڙي طرح سنڌ ۾ ڪابه قومي تحريڪ اٿي تڏهن سومرا ئي انهن جا سرڪردا بڻيا. اسان جي ” عوامي ادب“ ۾ ته ” دودي چنيسر“ جي قصي ۾ هر سوڍي جي هر ادا کي نهايت دلچسپ ۽ موثر انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هي داستان يا قصي ۾ جنهن عنصر کي اڀاريو ويو آهي اهو ” حب الوطني“ جو عنصر آهي. هي حقيقت آهي ته حب الوطني انسان ذات جي هڪ قديمي جهموري ۽ عالمگير خصلت آهي جنهن جي ڪري دنيا جون مختلف قومون ۽ انهن جو مخصوص تهذيبون مختلف ملڪ ۽ انهن جون مقرر سرحدون ڪيترن زمانن کان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي قائم ۽ برقرار آهن. اها ئي انساني وصف آهي جيڪا ڪنهن قوم جي مخصوص اخلاقي نظام کي جنم ڏئي ٿي ۽ ان جي فردن ۾ قومي غيرت ، شجاعت ، جدوجهد خدمت ، سخاوت ، سچائي ۽ قرباني جي مقدس جذبن جي پرورش ڪري ٿي. حب الوطني انسان ذات جي عظيم ميراث آهي، ۽ ان تي فخر ڪرڻ لاءِ پنهنجي شعر ۽ ادب ۾هر ملڪ وٽ اهڙا مثال محفوظ آهن، جيڪي حق ۽ باطل جي تصادم جي تاريخ ۾ سندن ڪردار جي عڪاسي ڪن ٿا.“ ( شمشير الحيدري ، سوڀون سر گهرن – صفحو نمبر 20.)
دودي چنيسر جي رزمي داستان جي شروعات هن طرح سان ئي ٿئي ٿي.
سک وسي سنڌڙي، سکن سندو ڏيهه
سدا وسي سنڌڙي، جتي ولين جا ميڙا
سنڌو سي شهباز جي، جنهن جا ظاهر پير فقير
” عوامي ادب“ ۾ سوڍن جي سورهيائي، سرويچي ، غيرت ۽ سچائي جي قائم ڪيل روايت کي ساراهيندي چيو ويو ته ؛
ساراهه ڪريان، دو دواڻين جي سڻي جڳ سارو
سنڌ ملهائيندا سومرا، جا سين هوندن ساهه،
سورهيه سڄن ٿا سومرا جي وڳهه راڄ رهن
سنڌ جا سورهيه سومرا، پيا ويريءَ ساڻ وڙهن
ڏجئين سوڀ سچا ڌڻيءَ، سومرا سي سر ڪن
هن رزمي ۽ قومي داستان ۾ دودو مکيه سرويچ، غيور ۽ محب وطن آهي. هن قومي آزادي لاءِ جنگ ڪئي ۽ سنڌ جي لڄ کي سلامت رکيو. ان ڪري هو، عوامي ادب جو لافاني ۽ لاثاني ڪردار آهي. سندس جرئت ، همت ، وطني حب ۽ غيرت کي ور ور ڪري ڳايو ويو آهي.
وڳهه قلعو قادر جو جنهن کي لڳي نه ڪوسو واءُ
ڀلي ته دودا ڄائين ، تنهنجي نچ ويائي ماءُ
شينهن ستي ڪر موڙيا، ڇني ڇپر کٽ
دودي دو داڻي جي ڪير جهليندو سٽ
ننگر نوجوان آهي . ڳڀرو آهي ، پر سندس قومي شعور ۽ جذبو اعلى آهي. ” عوامي ادب “ ۾ ڪردار کي موثر انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جيڪو اڄ جي نوجوانن لاءِ ” سوچڻ ۽ فڪر“ جو سامان مهيا ڪري ٿو.
ڪهڙو سانگو ساهه جو، موت انهيءَ مربو
رڪن سان رانديو ڪبيون، پير نه پوءِ ڪبو
کنا کيٽ اسان جا سندا، لوهارن جوڙيا
اهي چميو ٻڌون چيلهه تي سونا ٻيا روپا
ڪاهيو پوي اڙدن ۾ جيئن پورب واءُ لڳي
ننگر هٽي ٿو ڪينڪي، ڄڻ درياءَ دور ڪري
مردن کان سواءِ هن جنگ ۾ عورتن به وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ ” عوامي ادب“ ۾سندن واکاڻ هن طرح ڪئي وئي آهي.
وڄ جيئن ولٽي اٿي ڪري ناز نينگر
کانئي ٿي کنوڻين وانگي، سندي دودي دختر
مرمرين، مر مارجين، مر مرين ڪانڌ
ته به ڪجن وڏا پاند
ساران پنهنجي ڪانڌ کي چئنچل اڀي چوءِ
جان مرين جان مارجين، ڀڄي اچج م پوءِ
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان
هوندءِ جي پٺ ۾ ته ڪهڙيءَ لڄ چٽيان
اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن مان حضرت شاهه عبدالطيف رحه سومرن جي دور کي پنهنجي زرين خيالن جو نقطو بنايو ۽ ان ماحول کي اظهار راءِ لاءِ منتخب ڪيو. ڀٽ ڌڻي رحه ، سومرن جي حب الوطني ۽ پنهنجي ننگن لاءِ سر قربان ڪرڻ ۽ قومي غيرت کي سر مارئي ۾ ور ور ڪري ڳايو.
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري
حيف تنين کي هوءِ، وطن جنين وساريو
دودي جي سورهيائي لاءِ چيائين ته
چار ترارون چيلهه سين ٻڌئين ٻه پاڳون
ايءَ اڳين جون آڳون، ڪانڌ قلعي موکيو
ابڙي جي پٽ ڏونگر راءِ لاءِ ڀٽ ڌڻي رح چيو
ٻن مڙني ڏنيون ڏني نه ڏونگر راءِ
اڻ ڏٺين آڏو ڦري ڏٺيون ڏي ڪئاءِ
لوڙيون لک مٿاءِ، ان مٿيري موٽائيون
مبين شاهه عنايت به سومرن کي خوب ڳايو. سچل رح ننگر لاءِ چيو ته
” هڪ جوءَ ٻي جوءِ ، ڇڏين ڪين جوان
اهڙا به انسان ، جي ننگن تان نثار ٿيا
وچين دور جي شاعر امام بخش خادم شڪارپوري دودي چنيسر جي داستان کي اعلى نموني منظوم ڪيو آهي. ننگر سومرو علاءُ الدين جي ڀري درٻار ۾ جرئت بهادريءَ ۽ بي باڪيءَ جو مظاهرو ڪري ٿو سو شاعر جي لفظن ۾ ٻڌو.
تڏهن ننگر نينگري ڏنس اُت جواب،
ته ڌارين ۾ سڱ سومرا، ڄاڻن عين عذاب
ڪين بيگانن ۾ ڪندا، توڙي ڪسي ٿين ڪباب
سڱ گهرين ٿو سومرن، توکي ڪهڙو آهي تاب
ڪريون رت وهائي تالاب، هڻي تراريون تنهنکي
( ڪليات خادم – مرتب لطف الله بدوي – ص نمبر 182)
هاڻوڪي دور ۾ روايت سان جدت جو سهڻو سنگم ٿيو آهي. اڄوڪن شاعرن ۽ اديبن ، سومرن جي حب الوطني، قومي غيرت ۽ خانداني وقار جي جذبي کي نه صرف ساراهيو آهي، پر ان کي سامهون رکي، نئين نسل کي انهن جي طريقي تي هلڻ جي تلقين به ڪئي. شيخ اياز جيڪو جديد ادب ۾ خاص ڪري شاعريءَ ۾ نقطئه آغاز جو درجو رکي ٿو تنهن ” دودي چنيسر جي قصي کي منظوم ڊرامائي شڪل ڏني آهي. هن ڊرامي ۾ اياز دودي جي ڪردار کي واضع ڪندي سندس لفظن ۾ چوي ٿو ته
ڇا به چوين من مرڻو نه آهيان – ويس مٽائي ورڻو آهيان
تون به چنيسر جو ڪجهه چاهين - مون کان اڳ ۾ ورڻو آهين
نانءَ نئين سان ، ويس بدل سان - تنهنجي منهنجي جنگ ازل کان
جاري آهي جاري رهندي
هنن سٽن ۾ ” اياز“ نوجوانن کي هڪ نئون درس ڏئينو آهي. جنهن کي سمجهڻ سندن ئي ڪم آهي. تنوير عباسي، جديد سنڌي شاعري جو نمائنده شاعر آهي. هو ڪوئل جي غيرت ۽ حوصلي کي هن طرح نمايان ڪري ٿو. جڏهن هن جي مڱيندي جو لاش زنانخاني ۾ پهچي ٿو تڏهن هي غيور عورت پنهنجن سهيلين کي چئي ٿي ته
منهنجو مڱ مٿي، هن کي گهلو گهڻا هئا
مرڪڻ جو حق ناهي ڪو او سر تي توکي
جو تنهنجي مڱ کي، رهڙ نه ڏٺم جسم تي
نياز همايوني سنڌ جو ڳهڻي جهڙو شاعر آهي. سندس شاعري ۾ سنڌ جي تاريخ جا ورق ائين ٿا ڀاسجين جيئن ڪنوار کي پاتل گج تي موتيءَ داڻا . نياز جي شاعري ۾ جيتري سنڌ جي تاريخ جي ٽقافت بيان ٿيل آهي انهيءَ جو ڏهون حصو به موجوده سنڌي شاعري ۾ مشڪل سان ملندو. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو ته ” نياز سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو شاعر آهي“. نياز جا ٻه طويل نظم سنڌ جا ميلا ( دودي چنيسر جو منظوم داستان) ۽ ساڻيهه جي ساک ( دودي چنيسر جو منظوم داستان) تعريف لائق آهن. ساڻيهه جي ساک ايڏو ته اعلى پائي جو طويل نظم آهي ، جنهن ۾ سومرن جي دور جي تاريخ کي نهايت پر اثر نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن نظم جو هڪ هڪ اکر حب الوطني جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي.
سنڌ ديس جي سوني ڌرتي، مٽي مڻيادار الا
هن ڌرتي تان گهور وڃان هي ڌرتي سر جڻهار الا
جاڳايا جهن جنم جنم ۾ جار ڪري جهونجهار الا
سنڌ کي اهڙو سورهيه گهرجي ، جنهن جو اهو ڪردار هجي
ملڪ ۽ ماڻهن ساڻ سڌو، پڻ دشمن لئه ديوار هجي
دودي بن ٻيو آئيو اهڙو، جنهن جو اهو ڪردار هجي
جيف تنين کي هوءِ الا، جن لوئي لڄائي لوڀي ٿي
ٻوٽو تن جو گار ٿئي، جن ويل وهايا ٺوڳي ٿي
ڏيهه ڏڪاريا ماڳ نه ماڻين، رلي وڃن شل روڳي ٿي
ابراهيم منشي کي اسان جي ” قومي شاعرن“ ۾ وڏو مقام آهي. سندس شاعريءَ ۾ سنڌو جي ساک، جوڌن جو پيغام۽ نئين سنڌ لاءِ سنيهو آهي. سومرن سورمن تي هن جو ننڍڙو ڪتاب ” وڳهه جا وريام“ قابل تعريف آهي، جنهن ۾
دودي کي خراج پيش ڪيو ويو آهي.
شينهن ببر جيئن گڙندي گجندي مغل لکين تو مات ڪيا
چئني طرفن تلوارين ٿي تجلا ڏينهن ۽ رات ڪيا
سبق ڏنو تو ساري جڳ کي جام شهادت پيئندي الا
منشي چوي تون تا قيامت ، ساري جڳ ۾ جيئندي الا
ٻين سوڍن سورمن جو ڏسو ته ڪيئن نه ذڪر ٿو ڪري
تون وٽ ننگر تون وٽ ڀونگر، تو وٽ دودا آهن دلير
چئني طرفن تلوارين ٿي تجلا ڏينهن ۽ رات ڪيا
سبق ڏنو تو ساري جڳ کي جام شهادت پيئندي الا
منشي چوي تون تا قيامت ، ساري جڳ ۾ جيئندي الا
نظم کان سواءِ ، نثر ۾ به سوڍن ۽ سورهين سومرن جي هن اعلى حب الوطني ۽ شجاعتي ڪارنامي تي اعلى نگار شات پيش ڪيون ويون آهن. هن ۾ محترم لطف الله بدوي جو ڊرامو ” دودو چنيسر“ پيش ڪري سگهجي ٿو. جنهن تصنيف جو مقام ڊرامه نگاري جي فن ۾ گهڻو بلند آهي. هن ڊرامي ۾ ڪردارن کي تمام بلند ۽ اعلى ڏيکاريو ويو آهي . دليري ۽ شجاعت کي لفظن جي لباس ۾ پيش ڪري پڙهندڙن کي موهي وجهي ٿو. ٻاگهي جي عظيم ڪردار کي ڪينئن چٽي ٿو . چند لفظ ملاخظ ڪريو.
جوابدار: شهزادي ، سيد سالار جا قاصد، قلعي جي فصيل وٽ ويٺل آهن. هنن پاڻ سان پنهنجي سردار جو ڪو پيغام آندو آهي.
ٻاگهي : بهادر رهيل فوج کي حڪم ڏيو ته انهن شيطانن کي روڪين جيئن هن مقدس قلعي جي زمين تي انهن ناپاڪ انسانن جي قدم جو نقش نه اچي. سنڌ جون عصمت ماب شهزاديون، تخت ۽ تاراج وڃائي به ايترو بلند آهن، جو هڪ غير جي تنوس جي آواز کي به ٻڌڻ نٿيون چاهين.“
هي سارو ڪتاب لفظن جي سادي صنعت ۾ سنڌ جي هڪ دور جي عظيم تهذيب تمدن جو روح پيش ڪري ٿو. جنهن لاءِ جناب مظفر ايم سومرو لکي ٿو ته ” دودو چنيسر “ سنڌي زبان ۾ حسين شاهڪار آهي. ( دودو چنيسر – لطف الله بدوي – نئين زندگي آگسٽ 1985ع صفحو نمبر 24). ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته هن ڊرامي کي ٻيهر ڇپرايو وڃي.
دودي ۽ چنيسر جي رزميه داستان جي پس منظر ۾ سنڌ جي منفرد افسانه نگار ۽ ڊرامه نويس جناب آغا سليم ” دودو ۽ چنيسر “ ڊرامو لکيو آهي. جيڪو به سنڌي ادب ۾ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. آغا سليم تشبيهه ۽ استعاري جو شهنشاهه آهي. لفظ سندس غلام آهن. ائين ٿو محسوس ٿئي ته اهو سندس اڳيان ٻانهون ٻڌيو بيٺا آهن ۽ چوندو مالها ۾ پوئيندو ٿو وڃي. ٻولي سادي سلوڻي ۽ سوادي ڪم آڻي سندس ڊرامي ۾ سومرن جي همت، غيرت، صبر، شجاعت ۽ جوانمردي جانقشا هوبهو چٽيل آهن. سندس قلم جي نکار، سومرن جي داستان کي سونهن ۽ سوڀيا بخشي آهي. ڪردار جيئرا جاڳنداٿي پيا آهن.
ننگر : مائرن جون جهوليون ان ڏينهن لاءِ ٿينديون آهن، ته جيئن سندن ٻچڙا ملڪ لاءِ مرن سهاڳڻيون ان ڏينهن لاءِ سهاڳ ماڻينديون آهن ته جيئن سندن گهوٽ وطن لاءِ رت ڳاڙها ٿين.
دودو: ( دودي کان دانهن نڪري وڃي ٿي ، ننگر اڳتي وڌي هن کي ڪلهن کان جهلي ) تنهنجي مهراڻ واري مستي آهي. جنهن ملڪ جون مائرون تو جهڙا پٽ ڄڻي سگهن ٿيون، تنهن ملڪ ڏانهن ڪوبه اک کڻي نه ٿو سگهي. ٻاگهل ڀيڻ ڊپ جي ڪا ڳالهه ڪانهي جو ڊپ اسان سکيائي نه آهيون. مائرن اسان کي موت جون لوليون ڏنيون آهن ۽ موت اسان کان پناهه گهرندو آهي. جنگ جو ميدان اسان جي سيج آهي. جنهن کي اسان پنهنجي رت سان سينگاريندا آهيون. پهرين اسين صلح جي ڪوشش ڪندا سين جو اسان جو ديس ، امن جو ديس آهي. پر جي ڪنهن ابتيءَ اک سان اسان جي ديس ڏانهن نهاريو ته پوءِ اسين شهباز وانگر لامارو ڏيئي هن جو اکيون ڪڍي ڇڏيندا سين. جنگ ۽ ننگر جي شادي جي تياري ڪئي وڃي اسان جو ننگر يا موت سان لائون لهندو يا اسان جي ڌيءَ ڪوئل سان.
ڪوئل: جي هن سڀيئي گهاءَ، سيني ۾ کاڌا ته بيشڪ هو منهنجي گهوٽ ٿيڻ جي لائق هو. ٻڌاءِ منهنجو گهوٽ موت جي سيج تي ڪيئن چڙهيو. ( دودو چنيسر – آغا سليم- ماهوار سهڻي اپريل مئي جون 1970ع صفحو نمبر 152).
اهڙي ريت سومرن جي قائم ڪيل روايت سنڌي ادب ۾ جدت ۽ ندرت پيدا ڪري ان کي نئين جان ۽ ولولو بخشيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان جي قومي ادب ۾ سومرن جو هر هڪ آئيڊيل ۽ سورمو آهي ۽ جيسين سنڌ آهي، تيسين سومرن جون هي قائم ڪيل روايتون اسان ۾ غيرت همت جوش جذبو ۽ حب الوطني جا ڳڻ پيدا ڪنديون رهنديون.