سنڌ شناسي

سومرن جي دور جا سورما

ڪتاب ”سومرن جي دور جا سورما“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي. نياز همايوني لکي ٿو:
”سومرن جو دور، اھو سڌريل دور آھي جنھن ۾ سنڌين کي تھذيبي قدرن سان گڏ، قومي غيرت ورثي ۾ ملي. انھيءَ عظيم قومي ورثي جي ڪري اسان جي قومي ھيرن ۽ سورمن جي ساک توڙي سچائي، اسان لاءِ قومي علامت جي حيثيت رکي ٿي. اسان جي پياري دوست دادا سنڌي سومرن واري دور جي سورمن تي جيڪا محنت ڪئي آھي سان سندس قومي جذبي ۽ حب الوطنيءَ جي نشاني آھي.“
  • 4.5/5.0
  • 3363
  • 1036
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سومرن جي دور جا سورما

ٻه اکر

”سومرن جي دور جا سورما“ سنڌ تحقيقي بورڊ جي لائق ميمبر، سنڌ جي تاريخ تي کوجنا ڪندڙ محقق، محترم دادا سنڌيءَ جو لکيل ڪتاب، سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ دوستن جي اڳيان آھي. جيڪو ڪتاب ”سنڌ تحقيقي بورڊ“ جو، سنڌ جي تاريخ کي گڏ ڪرڻ ۽ ڇَپائڻ جي سلسلي جو ڇھون ڪتاب آھي.
”سنڌ“ جي سموري تاريخ تي لکڻ جي ضرورت آھي. ڇاڪاڻ ته اڄ تائين، اسان سامھون سنڌ جي تاريخ جو ڪوبه پھلو چڱي نموني اجاڳر نه ٿي سگھيو آھي. اسان جي سموري تاريخ تي صدين جي ڪَٽُ چڙھيل آھي. اُھا اڃا مڪمل نه لکي ويئي آھي. عربي حڪومت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ”سومرا قوم“ جو ھن ملڪ تي راڄ قائم ٿيو، جيڪو راڄ ”سنڌ“ سنڌ تي ٿيل سمورن راڄن واري عرصي کان تمام گھڻو ھو- ۽ افسوس ته ان صدين تي پکڙيل پنھنجي نِج سنڌي راڄ تي به اسان وٽ تاريخ موجود ناھي.
سنڌ جي سومرا قوم (قبيلي) بابت اسان جا محقق اڃا تائين رڳو اھو اتفاق نه ڪري سگھيا آھيون ته سومرا قوم (قبيلو) اصل نِج سنڌي قوم آھي يا عربي نسل سان واسطو رکندڙ آھي. ڪو ان کي ھندو راجپوت ثابت ڪرڻ لاءِ مٿو ويٺو ھڻي ته ڪو عربي نسل مان ظاھر ڪرڻ لاءِ پيو رنڊا روڙي ۽ ھر ھڪ وٽ وري پنھنجا پنھنجا دليل آھن.تاريخ جي موجود نه ھجڻ ڪري، ان نموني جون غلط فھميون پيدا ٿينديون آھن. اسان وٽ اڃا ڪا اھڙي کوجنا يا تحقيق به نه ٿي سگھي آھي، جيڪا مستند ۽ قابل قبول ھجي ۽ ان تي سمورن محققن اتفاق ڪيو ھجي.
ھيستائين جيڪا مستند تاريخ ڇپجي ميدان ۾ آئي آھي، ان ۾ به ڪو سلسلو ناھي. ڪابه ڪڙي ڪنھن به ڪڙيءَ سان نٿي ملي. اسان جي محقق طرفان ايڏي محنت نه ٿيل آھي. صدين جي عرصي جي تاريخ گم آھي. سومرن ڪھڙي نموني حڪمراني ڪئي، سنڌ جا ڪھڙا سومرا حڪمران ھئا، انھن ڪيترو عرصو سنڌ تي راڄڌاني ڪئي. اھا صحيح ڄاڻ ڪونھي ۽ سمورين ڳالھين تي اسان کي ڪابه معلومات ميسر ناھي. سنڌ مان عربي حڪومت ختم ٿي ته نج سنڌي قوم حڪمران ٿي. ظاھر آھي ته ان لاءِ سومرا قوم کي، سنڌ تي نج پنھنجو راڄ قائم ڪرڻ لاءِ وڏا جھد پٽڻا پيا ھوندا. ڌارئين راڄ کي ڊاھي، پنھنجو راڄ قائم ڪرڻ کانپوءِ ان کي ڪيترن مرحلن مان گذرڻو پيو ھوندو، ڪھڙين ڪھڙين ڳالھين ۽ معاملن کي منھن ڏيڻو پيو ھوندو، ڪيتريون جنگيون ۽ ويڙھيون ڪرڻيون پيون ھونديون. انھن صدين تائين جيڪا سنڌ تي حڪمراني ڪئي، ان بابت ڪوبه احوال موجود ناھي، باقي زور وڃي رڳو ان دور تي بيٺو آھي جڏھن ھڪڙو سومرو ”چنيسر“ سنڌ سان غداري ڪندي ڌارئين حڪمران علاؤالدين خلجيءَ کي وٺي سنڌ تي ڪاھي آيو ۽ اچي پنھنجا مارايائين ۽ ان وقت، ان ويڙھ ۾ سنڌ جي سومرن، سنڌ ۽ نج سنڌين جي حڪمرانيءَ جي بچاءَ لاءِ وڏيون چوٽون کاڌيون. رڳو ان عرصي بات ڪي جھلڪيون موجود آھن، باقي ان کان اڳ وڏي عرصي تي پکڙيل حڪمرانيءَ بابت ڪجھ به موجود ناھي. اھا به ڳالھ طئه نه ٿي سگھي آھي ته سومرن حڪومت ڪيترو عرصو ڪئي ۽ ڪھڙو حاڪم ڪيترو عرصو حڪمران رھيو. افسوس ته ان دور بابت ڪوبه خاص ڪتاب موجود ناھي. سومرا دور، جيڪو سنڌ تي حڪمرانيءَ جو سڀ کان وڏو دور ھو، ان بابت اسان وٽ اھڙو ڪوبه احوال موجود ناھي، جنھن مان اسان ان دور بابت ڄاڻي سگھون ان عرصي بابت جيڪي ڪجھ موجود آھي اھو به گھڻو ڪري ڏند ڪٿائن، لوڪ آکاڻين ۽ قصن ڪھاڻين تي مشتمل آھي. جن سمورين ڪڙين کي گڏي، جيڪڏھن اسان تحرير ڪريون ته ممڪن آھي ته ان عرصي جا ڪي پھلو اجاڳر ٿي پون.
سنڌ جي ادب، شاعري ۽ تاريخن ۾، جيڪي به، جنھن به دور بابت ذڪر موجود آھي اول ان کي ويھي ھٿ ڪجي ۽ ڪڙيون ڪڙين سان ملائجن. اختلافي ڳالھين تي مذاڪرا ڪرائڻ گھرجن، بحث مباحثا منعقد ڪرائي، سنڌ جي تاريخ تي چڙھيل صدين جي لَٽ لاھڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جنھن جي اشد ضرورت آھي.
دادا سنڌي، پڻ ان طرح جي محنت ڪري سومرن جي دور بابت ھڪ چڱو ڪتاب ڏئي سگھيو آھي، جيڪو يقيناً اسان جي تاريخي مواد ۾ چڱي جاءِ ماڻيندو. ان ھوندي به اھو افسوس ضرور رھندو ته ھيڏي ساري عرصي بابت اسان کي مواد رڳو ھڪ سؤ صفحن جيترو ملي سگھيو آھي. حالانڪ ان لاءِ ته سوين ڪتاب به ٿورا آھن پوءِ به صفا کوٽ ھئڻ جي حالت ۾ ڪِي ته تحرير ٿيو ۽ ڇپيو. باقي سلسلو به ڪڏھن نه ڪڏھن، اھڙن ماڻھن جي محنت ۽ لگن سان ملي ويندو ۽ سنڌ جي تاريخ تي وڏو مواد اچي ويندو، جنھن مان ايندڙ محقق ۽ عالم، فائدو حاصل ڪري سگھندا- ۽ نئين سِري سان ڪا تاريخ تحرير ڪري سگھندا.
سنڌ جي تاريخ کي سموھڻ ۽ ڇپائڻ جي سلسلي ۾ ”سنڌ تحقيقي بورڊ“ پورو ھڪ سال (1989ع) محنت ڪئي آھي ۽ ان ھڪ سال جي عرصي ۾ ڇھ ڪتاب ڇپائي سگھيو آھي. جيتوڻيڪ اھو انگ ڪو ايڏو وڏو ڪونھي تڏھن به اميد افزا ضرور آھي.
سنڌ جي تاريخ لاءِ ”سنڌ تحقيقي بورڊ“ جيڪو پروگرام ٺاھيو آھي، اُن جي پورائي ۽ مڪمل ٿيڻ لاءِ رڳو ڪو ھڪ فرد يا ڪي فرد ناھن پر اھو سمورن سنڌين جو ذمو آھي ته ھو پنھنجي تاريخ جي سلسلي ۾، مٿن عائد جوابدارين کي پورو ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسان سان سھڪار ڪن.
اِھا ڳالھ ڪندي به سرھائي ٿيندي ته ”سنڌ تحقيقي بورڊ“، سرڪار يا ڪن ٻين ادارن يا ماڻھن جي مدد کانسواءِ اڪيلي سر انھن ذميوارين کي ھٿ ۾ کنيو آھي ۽ انشاءَالله ان سلسلي ۾ ”سنڌ تحقيقي بورڊ” اڳتي ھلي شانائتو ڪم ڪري ڏيکاريندو، اسان ان سلسلي ۾ اڳ ۾ به پنھنجن ڀائرن کي سنڌ جي تاريخ بابت، عرض ڪندا رھيا آھيون ته ھو اسان سان سھڪار ڪن. پر ڏک اٿئون ته اڃا تائين اسان فقط واجھائيندا رھيا آھيون پر پلئه ڪي به ڪين پيو اٿئون.
”سنڌ تحقيقي بورڊ” سنڌ جي سمورن عالمن ۽ محققن کي ھڪ ڀيرو ٻيھر گذارش ٿو ڪري ته ھو سنڌ جي تاريخ تي قلم کڻن ۽ اسان کي پنھنجا شاھڪار روانا ڪن. اسان انھن کي شايع ڪندي فخر محسوس ڪنداسين. ان سلسلي ۾ جيڪڏھن اسان کي پراڻن اڻ لڀ ڪتابن جون فوٽو ڪاپيون پڻ موڪليون ويون ته اسان کي اھي پراڻا اڻ لڀ ڪتاب ڇپرائيندي به ساڳي خوشي ٿيندي.
ان کانسواءِ، سنڌ جي تاريخ تي انگريزي، عربي ۽ فارسيءَ ۾ پڻ ڪيترا ڪتاب موجود آھن، اسان انھن جي ترجمي لاءِ به گذارش ڪنداسين جيڪڏھن اسان کي، ڪنھن به تاريخي ڪتاب جو ترجمو (جيڪو ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت ھجي) ٿي پھتو ته اسان ان کي به ڇپرائيندي فخر محسوس ڪنداسين.
اسان کي خاطري آھي ته اسان جي ڪيل گذارشن کي مانُ ملندو ۽ اسان جا محقق ۽ عالم، اسان سان سھڪار ڪندا-

[b] - ناز سنائي
[/b]ٽنڊوالھيار
22 ڊسمبر 1989ع