1- مرد سورما:
[/b]دودو سومرو اسان جي تاريخ جو عظيم جرنيل ۽ سورهيه سپاهي آهي، جنهن اسان جي قومي آزادي لاءِ قرباني ڏني. دودو سونهن ، سياڻپ ۽ سورهيائي جو مجسمو هو. حب الوطني ۽ قرباني جي جذبن سان سرشار مکيه سورمو هو. اسان جي قومي ڪردار جي بهترين نمائندگي ڪري ٿو. سندس جنگي ڪارناما وطن جي راهه ۾، سرفروشي ۽ قرباني جي عوامي جذبن جي صحيح ترجماني ڪن ٿا. دودو سنڌ جو هڪ لافاني، لاثاني ۽ قومي هيرو آهي. هو محب وطن ۽ وطن پرست انسان آهي. جڏهن ڪي وزير کيس صلاح ڏين ٿا ته علاءُ الدين جا مطالبا مڃي سنڌ ۽ سنڌين کي آزاد ڪرائي ته هي غيور فرزند چوي ٿو ته” سنڌ جي تاريخ انسانيت جو هڪ شرف ۽ مقدس ڪتاب آهي. هي ملڪ پنهنجي علمي ، اخلاقي ۽ تمدني روايتن جي باعث دنيا جي سامهون جهڪڻ لاءِ پئدا ڪونه ٿيو آهي. ( دودو چنيسر – (ڊرامو) لطف الله بدوي ص نمبر 35)
دودو سنڌ جي حاڪم ڀونگر جو پليٺو پٽ هو. دودي جي معنى آهي پيار ۽ هو سڀني کي پيارو هو. هڪ ته هو تاڃي پيٽي پٽ هو. ” دودو سڄو ئي سون ، جنهن کي ريهه روپي جو ناهه ڪو.“ ۽ ٻيو ته مڙس نه پنج هٿيو پهلوان، ڪوپو، قدآور ۽ دل جو بهادر هو. اڃان جواني کي ئي مس پهتو ته دهليءَ حڪومت جو هڪ جرنيل محمد خان پٺاڻ ، سومرن جي سرحد ٽپي آيو، جنهن جي مقابلي لاءِ سلطان ڀونگر شهزادي دودي کي موڪليو جنهن محمد خان کي شڪست ڏيئي قيد ڪيو. جيڪو تيستائين قيد رهيو جيستائين سلطان چنيسر تخت تي ويٺو جنهن پنهنجي سالي محمد گجر جي سفارش تي هن کي آزاد ڪيو. ( سلطان دودو شهيد – غلام قادر سومرو ص نمبر 32).
دودو پڙهيل ڳڙهيل ، هوشيار ۽ علم دوست هو. مطالعي لاءِ ڪتاب سدائين هٿ ۾هوندو هئس. هن گادي تي ويهڻ شرط باغ رکايا، شهر آباد ڪرايا، راڄ رهايا، رستا ٺهرايا ۽ مسافرخانه تعمير ڪرايا. سندس شاهي باغ جو نالو ” لکي باغ“ هو. سندس درٻار وارو ڪوٽ ” ٻانگ ڪوٽ“ سڏبو هو. سندس روپا شهر تي راز هو. انکي آباد ڪيائين ۽ پري پري کان ماڻهو لڏائي اتي رهائي ، کين هر قسم جي سهوليت ڏنائين. هن پنهنجي درٻار قائم ڪئي، جنهن کي اڄ جي زبان ۾ قمي اسيمبلي سڏجي ٿو. هڪ خاص ڪابينه تشڪيل ڏنائين جنهن ۾ ساهڙ سومرو ، حيدر سومرو، ٻارڻ ، ڀاڳو ڀان، دوسو مير، مم ڳاهو ۽ ممگهه موڍائي اچي وڃن ٿا.
دودو سومرو هڪ فرمانبردار پٽ، وفادار ڀاءُ ۽ پارليماني امور ڄاڻيندڙ سياستدان هو. جڏهن ڀونگو جي مرڻ کان پوءِ پڳ جو معاملو پيش آيو تڏهن سومرن جا 16 پاڙا ۽ ٻا راڄ ۽ قبيلا جهڙوڪ جاڙيجا، ڀٽي، گجر، چنا ، ابڙا، راڄڙ، ٿهيم ۽ سوڍا وغيره اچي گڏ ٿيا ۽ دودي کي پڳ ٻڌايائون. پر هو هڪ وفادار ڀاءُ وانگر، راڄ کي چئي ٿو ته ” پڳ چنيسر مير جي ٻڌندو منهنجو ڀاءُ“ . پر راڄ جي زور ڀرڻ تي هو پارلياماني امور ۽ سياسي مصلحت جو لحاظ ڪندي ڳالهه قبول ڪري ٿو پر چوي ٿو ته ” جي پاڳ منهنجي ته واڳ چنسر جي“. جڏهن تخت نه ملڻ تي چنيسر ڪاوڙجي دهلي ڏانهن وڃي ٿو ته هو خاندان ۾ ڏڦيڙ ۽ ملڪي امن امان جو ويچار ڪندي چنيسر کي منٿون ڪري چوي ٿو ته :
ادو ٿي ، ابو ٿي، تنهنجي مرم ڀانيان ماءُ
ڌونئرو ڏٿ پسيءَ ۾، توکي ڀانيان ڀاءُ
هن مان دودي جو بلند ڪردار اخلاق جي بلندي ۽ انسان دوستي نمايان ٿئي ٿي. پر جڏهن دشمن ڪاهي ٿو اچي تڏهن هو شينهن بنجي پوي ٿو. جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس جنگ ڪرڻ جو نظارو هينئن چٽي ٿو ” دودو سڀني جو ڏڍ ۽ ڀرجهلو هو ۽ سندس آڌار ۽ آسري تي ٻين پئي جنگيون ڏنيون. جڏهن ٻيو ڪو باقي نه بچيو تڏهن دودو رڪ جو سندرو ٻڌي چڙهيو. دودو دلير ۽ دلاور هو. ڪوپو ۽ ڪنڌار هو. جڏهن دودو جنگ تي چڙهيو ته سندس حشمت ۽ هيبت کان بادشاهي لشڪر جا هيانءُ کاڄي ويا. دوس چڙهيو ته پنهنجو ٽهانگ هٿيار کڻي چڙهيو جنهن ۾ ست ترارون سمٽيل هيون. دودي کي ” ست هٿيار سومرو“ ٿي سڏيائون جو جنگ جي ميدان ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ست هٿيار پئي وڙهيا ۽ جتان ٿي شاهي فوج ۾ پيو اتان ڄڻ ته پها ڪڍي ٿي ڇڏيائين. ڄڻ ته درياءَ اٿلون ڪري پلٽي ٿي پيو ۽ مخالف لشڪر کي ٻنهي ڪنڌئين ٻوڙي ٿي ڇڏيائين. دودي جي مقابلي جي ڪنهن کي به جرئت ڪانه ٿي. پهرين جنگ ۾ دودي رڻ آجو ڪري ڇڏيو جو مخالف لشڪر کي ختم ڪري ميدان صاف ڪري وڳهه ڏي موٽي آيو. ان کان پوءِ پنهنجي طاقت ڄمائڻ خاطر دودي چڙهي اچي علاءُ الدين جي ڇانوڻي جي ويجهو پنهنجو لشڪر گاهه قائم ڪيو ۽ اتان جنگ جي ٻارهين ڪوهين ميدان ۾ اچي لاڳيتيون لڙائيون لاتائين. اهڙي طرح دودو چوڏهين چنڊ وڙهيو ۽ علاءُ الدين جي لشڪر جو وڏو حصو مارجي ويو پر شاهي لشڪر کٽڻ جو ڪونه هو. آخري جنگ ۾ دودو ڪفن پائي گهڙيو ۽ جوش مان حملا ڪيائين تڏهن سڀني کي حرفت ڏسي جنهن دودي جي جسم ۾ پڻ ڀالا چڙهي پيا ۽ دودو زخمي ٿي پيو. چنيسر کيس پاڻي ڏنو پر دودي چيس ته ” تنهنجو پاڻي ڪيئن پيان، جو منهنجا ٻيا سڀ نيرانا لڏي ويا باقي مونکي سولو ڪري سجدي ۾ ڪر“. چنيسر کيس سجدي ۾ ڪيو ۽ اتي ئي سندس پساهه پورو ٿيو. ( دودو سومرو – ص نمبر 80. )
اهو واقعو جمعي جي منجهند جو ٻن پهرن ، ڏهين محرم سن 700هه بمطابق سن 1300 ع ۾ ٿيو.
اهڙي طرح دودي وطن جي بقاءَ خانداني غيرت ۽ پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جي زرين اصولن جي پاسخاطري ڪندي، پاڪيزه جذبي ۽ جوانمردي سان سر قربان ڪيو.اهو ئي سبب آهي جو سندس شهادت واري واقعي جو پوري سماج اثر قبول ڪيو. ڪڙمين ، ڪاسبين ، پنهوارن، ٻڪرارن، ڌنارن ، ڪنڀرن ، لوهرن ، سمن ، سهتن ، گجرن ، راڻن ڪورين ، موچين ۽ مردن توڙي عورتن جو پنهنجي حاڪمن جي شهيد ٿي وڃڻ ۽ ماتم ڪيو ٿو ڏسجي. دودي جي شهادت رياست جي حاڪم جي شهادت ڪانه هئي، پر اها شهادت سڄي معاشري جي ساٿ ڏني سرواڻ جي شهادت هئي ڇاڪاڻ ته اها ويڙهه سلطنت شاهي جي طاقت ۽ استحصال خلاف پورهيتن هنرمندن ۽ واپارن جي اتحاد وطنيت ۽ قومي ثقافت جي جنگ هئي ( عبدالله مگسي صاحب - ٽماهي مهراڻ – 1989/ 2 ص نمبر 81).
اسان وٽ هڪ عام چوڻي آهي ته :
” دودو ڌوڙ ، چنيسر ڇائي، هن جي ڪسر هن ۾ آئي. “
مان عرض ڪريان ٿو ته ” دودي ڌارين سان لڙي ، اسان جي وطني آزادي ۽ قومي غيرت جي نعمت کي برقرار رکيو. علاءُ الدين سان جنگ ڪري ڀيڻ جو سڱ ٻئي ڪڙم ۾ نه ڏيئي هن خانداني غيرت ثقافتي ۽ تمدني برتري جي عزت ۽ عظمت جي پاسخاطري ڪري آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو اسان کيس سونو تاج پهرائڻ يا عزت سان نالي وٺڻ جي بدران ” ڌوڙ“ جو لقب ڏنو. ”ڌوڙ“ لفظ جي معنى تي غور ڪبو ته هنجون انيڪ معنائون ملنديون مثلاً بيووقوف، ڇسو بزدل، ڊڄڻو، ڪانئر ، ڪمزور، گيدي ، ڀاڄوڪڙ وغيره، مون کي ٻڌايو وڃي ته ان مان هڪ به لفظ دودي جي سورهيائي ، سياڻپ، غيرت ۽ بهادري لاءِ مناسب آهي. دراصل اها چوڻي به انهن جي گهڙيل آهي، جن سنڌ جي تاريخ کي غلط انداز سان لکيو آهي ۽ اسان سنڌي روايتي طور اکيون ٻوٽي دشمنن جي ڪڍ لڳڻ وارا آهيون . دراصل سنڌي ڪيڏا نه ڪوتاهه انديش ۽ احسان فراموش آهيون جو پنهنجن محسنن جي عظيم ڪارنامن کي ڀلائي مٿن آڱريون کڻڻ ۽ لفظ ڪڍڻ شروع ڪريون ٿا. اهو ظلم اسان دودي سان نه ٿا ڪريون پر پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب سان پيا ڪريون . صديون گذري آهن مادر وطن سنڌ لاءِ جيڪو ڪردار دودو سومرو ادا ڪري ويو آهي ان جو مثال اڃا تائين ملڻ مشڪل آهي. جڏهن به سنڌ جي ڌرتي لاءِ غيرت ۽ حميت ، شجاعت ۽ همت ، شان ۽ مان جو سوال آيو آهي، ته سواءِ دودي سومري جي ٻو ڪنهن به سورهيه جو مثال ذهن ۾ نه ٿو اڀري. ( وڳهه جا وريام – مقدمو ابن الياس سومرو ص نمبر 32).
[b]2 – ننگر سومرو
[/b] ننگر سومرو چنيسر جو پٽ ۽ ڀونگر جو پوٽو هو. دودي سومري پنهنجي نياڻي ڪوئل جو ساڻس مڱڻو ڪرايو هو. اهو مڱڻو دودي جي تخت تي وهڻ کان چند ڏينهن پوءِ ٿيو هو. ننگر عام طور پڙهيل ڳڙهيل ، سگهڙ سياڻو ۽ دلير ڳڀرو پٽ هو. خانداني رت ۽ غيرت منجهس موجزن هئي، جيڪا سنڌ جي ثقافتي وٿ ۽ املهه دولت آهي. جڏهن علاءُ الدين سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو ان وقت سندس عمر چوڏهن سال هئي. هن جي شادي جون رٿون ۽ تياريون ٿي رهيون هيون. موڙ سندس منهن تي سجايل هئا. ميندي رتا هٿڙا هئا ۽ ٻانهن ۾ ڳانا ٻڌل هئا. هو خود دار ، بهادر ۽ بيباڪ نوجوان هو. کيس نهرو يا ” ننگر راو نهرو “ چوندا هئا. سومرن پنج سئو ماڻهن مان ايلچي ڪري کيس دشمن جي درٻار ۾ موڪليو. جڏهن هو درٻار ۾ پهتو تڏهن چنيسر اٿي کيڪاريس. مگر سنڌڙي جي هن غيور فرزند جواب ڏنو ته ” جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي وطن جو ويري بنجي ديس ۽ سيڻ ڌارين وٽ وڪڻي تنهن کي عزت ڏيڻ ملڪ ۽ ملت سان وفاداري جي خلاف آهي.“ علاءُ الدين سندس واتان اهڙا سورهيائي جا لفظ ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ چيائينس ته اوهان جو جذبه وطن پرستي ڏسي مان ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. تخت چنيسر کي ڏيو يا نه پر ٻاگهيءَ جو سَڱ اسان کي ڏيو.“ بهادر ۽ غيور ننگر جواب ڏنو ته ” اوهان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي رڳ رڳ ۾ عزت ۽ غيرت جو خون ڇوليون هڻي رهيو آهي. اسان ڪڏهن به عزت جو دامن هٿان نه ڇڏيندا سون. اسان جو مٽيون مائيٽيون پنهنجن قبيلن تائين محدود آهن، سو وري ڌارين کي ڌيئرون ڀينرون ڪيئن ڏيندا سين. وطن ۽ ننگ هر ڪنهن کي پيارا آهن. وني ۽ ٻني تان هي هڪ جان ته ڇا پر اهڙيون هزار جانيون قربان ڪرڻ اسان جي روايت آهي.“
ظاهر آهي ته گيدي ۽ بزدل دشمن اهي لفظ ٻڌي ڪوڙيو هوندو ۽ ٿيو به ائين علاءُالدين کي باهه وٺِي وئي ۽ باقاعدي جنگ جو اعلان ڪيائين. جنهن سنڌي سورمي پهريون ساڻس جنگ لڙي اهو ننگر ئي هو. ساڻس گڏ دودي جو پٽ منگر، ڪاهيو ڄام ڇٽو جاڙيجو، سوائي سوڍو، سرکنڊ سوڍو ۽ ڀاڻس محمد ۽ سندس ٻيا فوجي جرنيل وڙهيا. جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ننگر جي جنگي صلاحيت ۽ بهادرانه ڪردار جو نقشو هينئن چٽي ٿو ” ننگر غيرت ۽ وطنيت جي جذبي سان جڏهن علاءُ الدين جي ڇانوڻي ۾ پهچي ٿو ته وچان ئي بي پرواهه ٿي لنگهي وڃي ٿو. هو علاءُ الدين جي ڇانوڻي ۾ پهچي ٿو ته وچان ئي بي پرواهه ٿي لنگهي وڃي ٿو. هو علاءُ الدين جي وزيرن سپهه سالارن کي بي دڙڪ ٿي ملي ٿو ۽ کين سڄي هٿ سان نه پر کٻي هٿ سان سلام ڪندو ( سڄي هٿ سان سلام ڄڻ ته حڪمرانن جي خودمختياري کي تسليم ڪرڻ ۽ سندس فرمان برداري جي اقرار جي برابر هو. ٻيو ” سڄي هٿ سان سلام“ فقط پنهنجي پيءُ ۽ والد لاءِ ئي هو ڇاڪاڻ جو ذاتي عزت جي لحاظ سان والد جو درجو ڄڻ حڪمران جي برابر هو) (سومرن جو دور ص نمبر 279). آڏا اُبتا جواب ڏيندو آخر وڃي پڻس چنيسر سان ملي ٿو.
پيءُ کي سمجهائي ٿو پر جڏهن نٿو مڃيس ته کيس سڌيون ٻڌائي ٿو. جڏهن بادشاهه ٻاگهي جي سڱ جي ڳالهه ڪري ٿو ت کيس ٺهه پهه جواب ڏي ٿو ته ” تون ترڪ اسين سومرا اها ڪيئن جوڙ جڳاءِ“ ان بعد جڏهن جنگ جي نوعيت اچي ٿي ته بادشاهي لشڪر سان وڏي بهادري سان وڙهي ٿو ۽ علاءُ الدين جي سپهه سالارن کي هڪ ٻئي پٺيان شڪستون ڏيئي پورو ڪري ٿو .ننگر چوڏهن ڏينهن ساندهه جنگ ڪئي ۽ سورهيائي ۽ سوڀ ٻئي ساڻس پٽ ٻيلي ٿيون. کيس پنهنجي پيءُ ( چنيسر) تلوارن سان ماريو هن جمعي جي ڏينهن پساهه ڏنو ۽ ماروئڙي جي مقام ۾ دفنايو ويو. ( سومرا دور – ص نمبر 78)
نوجوان ڳڀرو ننگر جو اهو تاريخي ڪردار قومي غيرت جو شاندار مثال آهي ۽ ثابت ڪري ٿو ته سنڌڙِي لاءِ سدائين نوجوانن ئي رت ڏنو آهي. کيس سنڌ جي ڌرتي سان اٿاهه محبت آهي جڏهن دشمنن جي لشڪر کي ديس ۾ ڏسي ٿو ته سندس تمنا ڪر موڙي اٿي ٿي ته ” شل پنهنجي رت سان پنهنجي ديس جي ڌرتي جا اهي گهاءُ ڌوئان، جيڪي ڌارين گهوڙن جي سنبن هن کي ڏنا آهن.“ ننگر جي پنهنجي وطن تان هي قرباني ديس عزت ۽ غيرت جي راهه ۾ هي پهرين قرباني آهي. سنڌ جي هن سورهيه سپوت ۽ نوجوان شهزادي جو نالو سدائين روشن رهندو، جيڪو اٿاهه لشڪر جي هجوم ۾ پنهنجي خانداني روايت ۽ قومي عزت جو دامن هٿان نه ڇڏيندي سمورن ساٿين سان سنڌڙي تان قربان ٿيندي اسان لاءِ هڪ انمول اصول ۽ اڻ مٽ نقش ڇڏي ٿو وڃي. ان ڪري ئي جباب شمشيرالحيدري لکي ٿو ته ” ڪمسن ايلچي ننگر جي غيرت ۽حوصلي جو نظير تاريخ ۾ ورلي ملندو.“ ( دودو سومرو – نئين زندگي جون جولاءِ 1970 ع ص نمبر 179).
[b]3 – هاسو سومرو
[/b] سوڍا سومرن سان ڀيڙا هئا، بلڪ سومرن جو لشڪر هئا. علاءُ الدين جي حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ دودي جي قومن ۽ سربراهن مدد ڪئي، تن ۾ سوڍا پڻ موجود هئا. هاسو سوڍو، پرمارن مان هو. عمرڪوٽ جو رهاڪو هو ۽ سندس چاچو ٻاهڙ مير جو حڪمران هو. هن جڏهن ٻڌو ته سنڌ تي ڌارين ڪاهه تي ڪاهيو آهي ۽ دودي سندن مقابلي ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي ميدان ۾ فوجيون لاٿيون آهن تڏهن هو ۽ سندس سوٽ ڻ لاءِ سندرو ٻڌي ميدان ۾ فوجيون لاٿيون آهن تڏهن هو ۽ سندس سوٽ سوڍو هزار سوڍا ۽ ستر هزار پرمار تي مشتمل لشڪر وٺي دودي وٽ آيو ۽ کيس چيائين ته ” سنڌڙي منهنجي به جنم ڀومي ۽ ساهه سيباڻي آهي . منهنجو به حق آهي ته مان به سندس سينڌ ۾ سيندرو ڀريان ۽ جيستائين جيئرو آهيان، سندس سهاڳ لٽجڻ نه ڏيان“. اهو ٻڌي دودي کيس ننگر کان پوءِ دشمن سان وڙهڻ جي اجازت ڏني. هاسي سان گڏ چنيسر جو پٽ محمد به شريڪ هو. هن لشڪر دشمنن جي لشڪر سان وڏو مقابلو ڪيو. مغلن جو لشڪر تيستائين هڪ منٽ به وڌي نه سگهيو جيستائين هاسي سوڍي جي لشڪر جو هڪ سپاهي به زندهه هو. هاسو ۽ ڏيئو ٻئي شهيد ٿيا. هوڏانهن مغلن جي لشڪر جو پنجاهه هزران کان به مٿي لشڪر مارجي ويو ۽ سپهه سالار تمر بيگ به مارجي ويو. جرنيل سالار خان اهڙ ن مانجهي مردن جا مقابلا ڏسي سوچڻ لڳو ته جي جنگ ائين هلي ته پوءِ سندس سارو لشڪر وڳهه ڪوٽ پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويندو . ( سلطان دودو شهيد – غلام قادر سومرو ص نمبر 57).
[b]4- ڄام ابڙو
[/b]ڄام ابڙو جاڙيجائي ذات مان هو جيڪا سمن جي هڪ شاخ آهي. تاريخ طاهري وارو لکي ٿو ته ابڙو ابڙائي سمون هو. سنڌ جي سمن ۾ جڏهن پڳ ۽ سرداري تان جهڳڙو ٿيو تڏهن ابڙو سمو سنڌ ڇڏي ڪڇ ڏانهن هليو ويو ۽ اتي پنهنجي سرداري قائم ڪيائين.“ ( تاريخ طاهري – سنڌي ترجمو ، نياز همايوني ص نمبر 9)
هو ڪڇ جو حاڪم هو جيڪو هن وقت ابڙا سيو يا گدڙيو ابڙاسيون سڏجي ٿو. ابڙاسيو ٻني واري علائقي کان اولهه طرف ۽ عربي سمنڊ جي اولهه طرف ڪناري سان لڳو لڳ آهي. ( سومرا دور – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ص نمبر 97).
سنڌ جي سومرن ۽ سمن جي پاڻ ۾ پڳ مٽ ياري هئي. ٻئي ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيندا هئا. ڀونگر راءِ سومرو ۽ ڄام ابڙو پاڻ ۾ دوست هئا. روايتن ۾ اچي ٿو ته هڪ دفعي ڀونگر بادشاهه ڄام ابڙي ۽ ٻين ساٿين چوپڙ راند پئي ڪئي. ڀونگر راءِ ۽پنهنجي آڏو چيلهي ۾ ساري ماري ۽ ساري کي ڌڪ لڳو سا ٿيڙ کائي وڃي ابڙي جي جهول ۾ پيئي. ڀونگر راءِ ساري وٺڻ لاءِ هٿ ڊگهيريو ته ابڙي چيس ڀونگر راءِ هي ساري مون وٽ اچي سام پيئي آهي. سانه موٽائي ڏيندو سانءِ“. ابڙي جي انهي گفتي تي ڀونگر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس ته ”ابڙا بيشڪ تون مهل جو مڙس آهين. اسان جي اولاد سان ڪا سوڙهي پئي ۽ اسان جو سامون ( سام پوڻ سنڌ جو قديم اخلاقي اصول صرف سنڌ سان ئي وابسته آهي ، جنهن موجب هارائيندڙ ڌر جي عورتن جي عصمت جي نگهداشت کڻندڙ ڌرتي لازمي هوندي آهي. يا وري جنگ جي حالت ۾ جنگ ڪندڙ حاڪم جو دوست انهن عورتن جي ذميواري قبول ڪندو آهي، جنهن جي پوئيواري هر قسم ۽ نقصان جي حالت ۾ لازم هوندي آهي ) تون وٽ نه جهلجائين.“ ( شمشيرالحيدري – نئين زندگي 1967ع – ص نمبر 9 ).
جڏهن دودي جي لشڪر جا گهڻا سپهه سالار مقابلو ڪري شهيد ٿيا تڏهن هن پنهنجي خاندان جون سڀ عورتون سام ڪري ابڙي ڏانهن موڪليون. مختلف روايتن موجب 9 راڻيو ۽ 9 سئو سندس دايون ٻايون هيون، جيڪي دودي پنهنجي ڀائيٽي محمد ۽ درجي فقير ڀاڳو ڀان سان ابڙي ڏانهن موڪليون. علاءُ الدين ترم شيرين کي جڏهن اها خبر پئي تڏهن هو ابڙي تي ڪاهه ڪري آيو کيس چيائين ته ” تون اسان جو دوست آهين اسان جي جنگ هئي دودي سان سو دودو مارجي ويو آهي. جيت اسان جي ئي ٿي آهي. هن جيڪي سامون تو وٽ ڇڏيون هيون، اهي اسان جي حوالي ڪر ته اسان توکي ملتان ۽ ماٿيلو ٻه پرڳڻا به ڏيون ۽ توسان دوستي به وڌايون. پر هن سورمي انڪارڪيو ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ٽهانگ هٿيار کڻي ميدان ۾ لٿو ۽ پورا پنج ڏينهن بهادري سان وڙهندي سنڌ جي هن اعلى تهذيبي ۽ ثقافتي روايت کي قائم رکندي سر ڏنو . ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سندس سورهيائي ۽ فرض جي ادائيگي بابت لکي ٿو ته ” ابڙو سمو هڪ سورهيه سردار هو ۽ وڏو وڙائتو سردار هو. هن سامون جهليون ۽ پنهنجو سر ڏنائين پر سامون نه ڏنائين. انهيءَ ڪري سنڌ جي اعلى سماجي قدرن موجب هو مکيه ڪردارن ۾ برک ۽ اتم ٿيو. سنڌ جي اعلى ۽ اخلاقي شاعريءَ ۾ پڻ کيس جسون ڏنيون ويون. هن سورهيه بنا ڪنهن ذاتي غرض ۽ فائدي جي سامون جهليون ۽ بي گهر ۽ بي پرواهه ضعيف زالن جي عزت ۽ آبرو بچائڻ لاءِ پنهنجو سر گهوري مٿانئن قربان ٿيو. “ ( سومر ا دور – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ص – 83)
[b]5. ساهڙ سومرو
[/b] هو ساهڙ سلطاني جي نالي سان مشهور هو. ساهڙ، سومرن جي لشڪر جو وڏو سپهه سالار هو. جڏهن علاءُ الدين جي لکن واري فوج سان دودي جو مقابلو ٿيو تڏهن پاڻ کي چڱو موکيو ۽ ڌارين سان وڙهندي وڙهندي شهيد ٿيو ويو.
[b]6. ممٽ ابڙو
[/b] چوندا آهن ته ” شينهن جو پٽ شينهن “ تيئن ممٽ ابڙو به ڄام ابڙي جو پٽ هو. سندس اصل نالو منهنٽ آهي جنهن جي معنى آهي ” جنهن جو منهن مٿي هجي“. هي نينگر وڏي همت وارو بهادر ۽ بي باڪ هو. جڏهن علاءُ الدين ابڙي کان سامون کسڻ آيو، ان وقت هي شهزادو صرف اٺن سالن جو ٻار هو . هو پيءٌ جي ميدان جنگ ۾ وڃڻ کان اڳ پاڻ دشمنن سان وڙهيو ۽ سنڌڙي جي آزادي سالميت ۽ قومي غيرت جي راهه ۾ پنهنجي پاڪ پوتر ۽ معصوم خون جو نذرانو پيش ڪيو. ممٽ نهايت بهادر ۽ سرويچ سپاهي هو. جنگ ۾ دشمن جي لشڪر کي اهڙو ته سوگهو ڪيائين جو هنن بروقت وڃي بادشاهه کي چيو ته
تون ترڪ ڪر ترار هوڏهون مانجهي ممٽ ابڙي
جيئن ڳاهجي ڳاهه ۾ ڪاني ڪڻو ڌار
تيئن وڃي آروبار، خوني خنجر ان جو
[b]7. جاڙيجا حاڪم
[/b] هيءَ حقيقت آهي ته سنڌ جي اوائلي حاڪمن جا هر ڪنهن سان قربائتا قدم ۽ سڪ جا پير هئا. سندن سرحدي حاڪمن سان دوستانا ناتا هوندا هئا ۽ آئي ويل ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا. جيڪڏهن سرن جي ضرورت پوندي هئي ته ان جا به دير نه ڪندا هئا.
جاڙيجا ڪڇ جا حاڪم هئا. جاڙيجن جو ڏاڏو ويرو پٽ ساند هو. ويري جي گهر ۾ ٻه جاڙا ٻار ڄاوا. هڪ لاکو ٻيو لکڌير لاکي جاڙيو جوڙي اولاد جاڙيجا ٿيا. جاڙيجن جي سومرن توڙي ابڙي سان دوستي هئي. سومرا هر صلاح مشوري ۾ جاڙيجن کي شريڪ ڪندا هئا. ڀونگر جي وفات کان پوءِ پڳ ۽ حڪومت جي فيصلي لاءِ جيڪي مختلف پاڙن ۽ راڄن جا سردار گڏ ٿيا. تن ۾ جاڙيجا به هئا. جاڙيجن سومرن پاران ابڙي جي مدد ۾ علاءُ الدين جي لشڪر سان چوٽون کاڌيون تن ۾ سالار جاڙيجو جکرو جاڙيجو ۽ رڻمل جاڙيجو قابل ذڪر آهن.
جکرو جاڙيجو ابڙي جو يار هو. جڏهن هن ٻڌو ته علاءُ الدين بادشاهه ابڙي تڪي ڪاهي آيو تڏهن هو جاڙيجن جو لشڪر وٺي، ابڙي وٽ آيو. جڏهن ابڙي جنگ ڪئي ۽ سندس پڄاڻي ٿي، تڏهن سامن ۽ ٻين سڀني کي جکري جي حوالي ڪيائين. ابڙي جي مارجڻ تي علاءُ الدين بادشاهه ڀانيو ته هاڻي ٻيو ڪوبه مقابلي ڪرڻ وارو ڪونهي، پر جڏهن جکر جنگ جو طبل وڄايو ته علاءَ الدين فڪر ۾ پيو ڇاڪاڻ ته وٽس سيڌو سامان کٽي ويو هو. ان ڪري صلح جي آڇ ڪيائين ۽ جکري کي چوائي موڪليائين ته ” اسان وٽ سيڌو سامان هجي ها ته جنگ ڪريون ها پر سيڌو سامان کٽي ويو آهي يا وٺي ڏي ته اهو گهرايون يا صلح ڪر ڇو ته بي ثمري لشڪر سان وڙهندين ته اها تنهنجي سوڀ ڪانه چئبي. جکري چيو ته جنگ ۾ گهاري نه وجهندس ۽ توکي وٿي به ڪونه ڏيندس باقي جي تو وٽ سيڌو سامان نه آهي ته آءُ ٿو ڏيان پر تون جنگ جي سنبت ڪر ۽ ميدان ۾ اچ. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ” جکرو اهڙو دلير ۽ سرهو ويري هو جو نه فقط علاءُ الدين جي لشڪر کي سيڌوسامان ۽ مانيون ڏنائين پر دوارون جا دنگ به کولي ڇڏيائين ۽ دشمنن کي آل جال پياريائين. رات۽ جون مهمانيون ڏينهن جون جنگيون ڪري علاءُ الدين جو لشڪر ماري کٽايائين ۽ علاءُ الدين سان باقي اٺ ڄڻا بچيا جو جکرو مارجي ويو“. سالار جاڙيجن مان هو ۽ سوڍو سورمو هو. هن علاءُ الدين جو ستر هزار لشڪر ماري پوءِ شهادت حاصل ڪئي اهڙي طرح رڻ مل جاڙيجو به مکيه سورمو آهي. جيڪو ابڙي جو يار هو ۽ هو پنهنجي ذات جا ماڻهو وٺي جنگ جي ميدان ۾ آيو. ابڙو هن کان اڳ لڙائي ۾ شريڪ هو. پر رڻمل چيس ته ” تون خاطري ڪر آءُ سر لٿي به سامون ڪونه ڏيندس باقي مقابلي لاءِ مون وٽ جنگجو جوان جهجها آهن انڪري تون ڪجهه آرام ڪر“ . پوءِ هو ميدان جنگ ۾ ڪاهي پيو ۽ وڙهندي ساهه ڏنائين.
[b]8. ويرم پاهوڙو
[/b] ويرم پاهوڙو ڪورين جو سردار هو. کيس دودي جي درٻار ۾ وڏي مڃوتي هئي ۽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. هن جڏهن ڏٺو ته ملڪ جو حاڪم علاءُ الدين سان جنگ ڪرڻ لاءِ ٻين لاءِ خط لکي ٿو تڏهن دودي کي صلاح ڏنائين ته ” سٺو ائين آهي ته علاءُ الدين جيستائين سنڌ پهچي تون پاڻ چڙهه ته هلي بادشاهه جو مقابلو ڪريون“ پر دودي جي مرضي نه هئي ۽ اها سنڌي حاڪمن جي روايت رهي آهي ته هنن اڳرائي ڪري ڪنهن ملڪ تي ڪاهه ڪانه ڪئي آهي .ان ڪري هن انڪار ڪيو. پوءِ جڏهن علاءُ الدين جو لشڪر سنڌ ۾ اچي هاڪڙو ڍورو ٽپيو ته ويرم به پنهنجا بهادر سپاهي وٺي اچي دشمن سان منهن ڏنو ۽ ڏاڍي بهادري سان وڙهيو . لوڪ روايتن ۾ آهي ته ” وڙهيو ويرم پائليو جنهن ماريو لک سوا.“
[b] 9. ٻيا سورما
[/b] سنڌ سونهاري جي مٽي ۽ سنڌو جي لڙاٽيل پاڻي جو اهو ڪرشمو آهي ته سنڌ واسين جي لنءَ لنءَ ۽ رڳ رڳ ۾ ساڻيهه جي سڪ ۽ مهراڻ جي مٽي سان محبت جو جذبو موجزن آهي. ان ڪري دودي ۽ علاءُ الدين واري جنگ صرف دودي جي ذاتي يا انفرادي جنگ ڪانه هئي پر اها اجتماعي هئي ان ڪري جنهن به ۾ ٻڌو اهو سر سان ڪفن ٻڌي ميدان جنگ ۾ ڪڏي پيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ننڊو وڏو سندس مقابلي لاءِ اٿي کڙو ٿيو. جنهن پئي ٻڌو ته دودي سان جنگ آهي تنهن پنهنجو پاڻ اچي پئي اول مقابلو ڪيو. ڌنار، مير بحرمهاڻا، گيهي گماشتا، ڪڙمي ڪاسبي، ڀان ۽مڱڻهار ڪوري ۽ ڪنڀار سڀ وڙهيا. جڏهن علاءُ الدين چڙهي آيو ته نه فقط سومرا وڙهيا پر سڄي رعيت وڙهي ۽ سڀ راڄ وڙهيا جو جتي هو سو اتي مقابلي لاءِ تيار ٿي ويو علاءُ الدين جي لشڪر کي سنڌ مان سلامتي سان سنئين واٽ وڃڻ نه ڏنائون واٽ ويندي علاءُ الدين جي لشڪر کي چپي چپي تي سنڌ جو هر ننڊو وڏو پنهنجي بوتي آهر ڄڻ ڇتي ڊنگريءَ وانگر چنبڙي ويو ۽ ڪنڊي مثل چڀي ويو. ( سومرن جو دور – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ – سنڌي ادبي بورڊ ص نمبر 130).
مطلب ته سنڌ جو هر فرد جيڪو جتي هو سو اتي دشمن جي لشڪر سان وڙهڻ لڳو. مهڙ نوتيار به هڪ سنڌي سورهيه هو جيڪو ڪلهوڙي ڪوٽ جو سردار هو. هن علاءُ الدين جي لشڪر سان چوٽيون کائي پندرهن هزار دشمن جا ماڻهو ماري پوءِ پاڻ شهيد ٿيو . ٻيو سورهيه هو سٻڙ ابڙو جيڪو ڄام ابڙي جو ڀائيٽو هو. هن علاءُ الدين جي لشڪر ۾ بادشاهه جي پٽ سالار سان وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ شهيد ٿي ويو. ٽيون سوڍو ڀلو ڄام هو جيڪو به ابڙي جو ڀاءُ هو. هن پورا ڏهه ڏينهن دشمن سان جنگ ڪئي ۽ يارنهن ڏينهن شهادت حاصل ڪئي. اهڙي طرح ممنگ سومرو، مم ڳاهو ، مبڀ مهلائي ، آسيو سوڍو ، ٻارڻ وزير ، گهلو گهانگهرو ۽ ٻيا هزارين فرد وطن ۽ ننگ تان سر قربان ڪري سرها ٿيا. اهڙي طرح هنن سوڍن جا نالا تاريخ ۾ اڄ به زندهه آهن.
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات، هوندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جيا