سنڌ شناسي

سومرن جي دور جا سورما

ڪتاب ”سومرن جي دور جا سورما“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي. نياز همايوني لکي ٿو:
”سومرن جو دور، اھو سڌريل دور آھي جنھن ۾ سنڌين کي تھذيبي قدرن سان گڏ، قومي غيرت ورثي ۾ ملي. انھيءَ عظيم قومي ورثي جي ڪري اسان جي قومي ھيرن ۽ سورمن جي ساک توڙي سچائي، اسان لاءِ قومي علامت جي حيثيت رکي ٿي. اسان جي پياري دوست دادا سنڌي سومرن واري دور جي سورمن تي جيڪا محنت ڪئي آھي سان سندس قومي جذبي ۽ حب الوطنيءَ جي نشاني آھي.“
  • 4.5/5.0
  • 3367
  • 1036
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سومرن جي دور جا سورما

الف: تعارف

تواريخي طور تي عجم جي قومن ۽ ملڪن ۾، سنڌ ۽ ھند کي ھڪ ٻئي کان ڌار تھذيبون ۽ ملڪ ڏيکاريو ويو آھي. جاگرافيائي طور تي، ھتان وھندڙ “درياھ سنڌ” دنيا جو ستون نمبر درياھ آھي. ان کانسواءِ ھن ملڪ جون سرحدون؛ ٽن اھم سمنڊن سان لاڳاپيل آھن. جنھن ڪري زراعتي ۽ تجارتي طور تي، دنيا جي بحري توڙي بري، شاھراھ ھن جو چوسول پئي رھيو آھي ۽ نتيجي ۾، سنڌ جي جاگرافيائي شاھوڪاري، دنيا جي ھر فاتح لاءِ ڪشش ۽ ڇِڪ جو سامان پئي مھيا ڪيو آھي. ان ڪري ھن ديس تاريخ جي وھڪرن ۾ گھڻا ئي لاھا چاڙھا پئي ڏٺا آھن، ۽ ان سان گڏ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تبديلين ۽ حالتن ھتي ڪڏھن خوشحالي ته ڪڏھن قحط واري صورتحال کي پئي جنم ڏنو آھي. ھتان جو معاشرو، تھذيب جي جن مختلف مرحلن مان گذريو آھي، تن ۾ سومرا دور کي وڏي اھميت حاصل آھي، ڇاڪاڻ ته عرب راڄ کان پوءِ سڀ کان پھريون ڀيرو، سومرن ئي سياسي سگھ حاصل ڪري، ڌرتي ۽ راڄ تي، پنھنجي حڪمراني قائم ڪئي ھئي، ۽ قومي رياست جو پايو وڌو. سنڌ اندر، عرب آبادگارن ۽ افغان قبضي جي خلاف جيڪا عوامي جدوجھد ھلي رھي ھئي، تنھن جي قيادت سومرا ڪري رھيا ھئا. ھن جدوجھد جا ٻه رخ آھن. ھڪ ته ڌارين جي قبضي خلاف قومي آزادي حاصل ڪرڻ ۽ ٻيو نظرياتي طور تي، قومي ثقافتي بنيادن تي تنگ نظريءَ کان پاڪ رياست قائم ڪئي. تاريخ ۾ ھميشه ائين ٿيو آھي، ته جيستائين مظلوم قوم يا طبقي، پاڻ کي، ظالم قوم يا طبقي کان نظرياتي يا ثقافتي طرح علحده نه ڪيو آھي، تيستائين ظالم جي خلاف ڪامياب سياسي جنگ نه لڙي سگھيو آھي. جنگ جيڪڏھن کٽي به آھي ته، ان جا نتيجا صحيح ڪونه نڪتا آھن. سومرن انھيءَ ڪري نظرياتي طرح، پاڻ کي عربن ۽ افغانن کان الڳ رکي، پنھنجي قومي جدوجھد ھلائي ۽ آخرڪار ڪاميابي حاصل ڪئي. اھوئي سبب آھي جو، سومرا دور سنڌ جي تاريخ جو اھم ترين ٿنڀو پئي رھيو آھي. ان ڪري سنڌ جي اڪثر رومانوي داستانن، ڪوپائي ڪٿائن ۽ شاعريءَ جو تمام گھڻو حصو به ھن ئي دور سان لاڳاپيل نظر اچي ٿو. (سومرن جي دور جو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تجزيو. عبدالله مگسي سه ماھي مھراڻ 2- 1979ع ص نمبر 64)
سومرن جي دور جون ھي چار خصوصيتون، ان کي سنڌ جي تاريخ ۾، ٻين مڙني دورن کان اھم ۽ منفرد بڻائين ٿيون.
الف: اسلام کان پوءِ اھو پھريون مقامي اقتدار جو دور ھو.
ب: سنڌ جي تاريخ ۾، ايڏي طويل زماني تي پکڙيل ٻيو ڪوبه دور نه رھيو آھي.
ج: سنڌ ادب ۽ زبان جون بنيادي روايتون ھن دور ۾ پيدا ٿيون آھن ۽
د: تاريخ جي ٿوري ئي مواد سان اھو دور سنڌ جي شان ۽ آسودگيءَ جو دور ثابت ٿيو. (دودو دلير- شمشيرالحيدري- نئين زندگي جون. جولاءِ 1970ع ص نمبر 177) سنڌ مان، سنڌ جي مورخن جو مقصد سنڌ جي بي نظير ۽ لاثاني تھذيب ۽ ثقافت آھي. جنھن به قوم جي ثقافت گم ٿي وڃي، ته پوءِ اھا قوم، تاريخ جي ورقن ۾ قوم نٿي سڏي سگھجي. قوم جي وجود ۽ بقا لاءِ ان جي تاريخ، تھذيب، ادب ۽ ثقافت کي زندھ رکڻو ٿو پوي. سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت جو بنياد ھيٺين ڳالھين تي آھي: سنڌ جي ڌرتيءَ سان اٿاھ محبت، مھمان نوازي، ڪشاده دلي، دوستي ۽ وفاداري، سخن جي سچائي، غيرت، حجاب، پاڙي جي لڄ، در آئي خون بخشڻ، پسن ۽ پيرن، کٻڙن ۽ کنڀاتن تي فخر، انھن جي ڀيٽ ۾ پٽ پٽيھرن کي تڇ ڀانئڻ وغيره. (اھي ڏينھن اھي شينھن- ڀاڱو پھريون. پير علي محمد راشدي.)
ڏسڻ ۾ ايندو ته سومرن پنھنجي دور ۾، سنڌي قوم جي ھن تھذيب جي جملي اراڪين کي سالم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. اھوئي سبب آھي جو، سنڌ جي تاريخ ۾ سومرن جي حڪومت جو دور انفرادي حيثيت جو حامل آھي. ھن زماني ۾ سنڌ جي تھذيب، تمدن، ادب ۽ ڪلچر، جيڪا ترقي ڪئي، اھا تاريخ جي ورقن ۾، سونھري اکرن ۾ لکي ويندي. سنڌ جا رومانوي قصا ۽ رزميه داستان، ھن دور جا لافاني يادگار آھن. عمر مارئي، ليلا چنيسر، مومل راڻو ۽ دودو چنيسر، ھن زماني جا اھي تمدني ۽ ادبي پھلو آھن جن کي سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ وڏو مقام حاصل آھي. ھنن ئي قصن ۽ داستانن سنڌ ادب ۾ ھڪ تغير، تبديلي ۽ انقلاب آندو؛ جنھن ڪري سنڌي شاعري رومانوي ۽ رزمي طرح؛ وڏي فضيلت حاصل ڪئي. مقامي حڪمرانن جي مضبوط مرڪز سبب؛ مقامي ماڻھن جو ڌيان ٻين مسئلن طرف وڌيو. امن امان ۽ سک سلامتيءَ جي ڪري؛ مختلف معرڪن ۽ ڪچھرين جو رواج پيو. مقامي راڳ رنگ ۽ شعر و شاعري جو شوق وڌيو. اھڙين ڪچھرين جا سرواڻ سالڪ ۽ سگھڙ ھئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:
“ھن نِج سنڌي ماحول ۾؛ ماڻھن جو توجه اندروني مسئلن ۽ معاملن طرف وڌيو. ملڪي آزاديءَ سببان، ماڻھن جا ذھن کليا ۽ حاڪمن ۽ سردان جي ڪچھرين ذريعي مقامي قصن، ڪھاڻين، عشقيه داستانن ۽ ٻين خاص واقعن جي پھت پچار شروع ٿي. سنڌ جي عام مقبول ڪھنن قصن ۽ عشقيه داستانن جي عنوان تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته، انھن مان گھڻن جو بنياد سڌو، سومرن جي دور واريءَ سرزمين ۾ لڳل نظر ايندو. (سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ. ص نمبر 54)
ساڳي طرح ھڪ ٻيو تاريخدان ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته:
“ھن دور ۾ مسلمانن جي پھرين وطني حڪومت جو بنياد پيو. سياسي مرڪزيت سبب ڏکڻ- اوڀر سنڌ ۽ سنڌ- ڪڇ سرحد، سومرن جي حڪومت جي خاص اثر ۽ طاقت جو مرڪز بڻيون. ۽ انھيءَ ڪري، مرڪزي ايراضيءَ ۾، سنڌي ٻولي پکڙي. عربي ٻوليءَ جو رواج ختم ٿيو ۽ ان جي جاءِ تي فارسي جو بنياد پيو. پر حاڪمن ۽ عام ماڻھن جي ٻولي سنڌي سنڌي ھئي. سنڌي زبان باقائدي لکي ويندي ھئي. ان ڪري سنڌ ادب لاءِ ھي بنيادي دور ھو ۽ ان تي ئي، سنڌ ادب جي پيڙھ ٻڌل آھي. ھن دور جي ھر خصوصيت؛ ھر مضمون، ھن کان پوءِ ايندڙ ھر دور ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا.” (سنڌي ادب سومرن جي دور ۾- ڊاڪٽر غلام علي الانا. نئين زندگي- فيبروري- مارچ 1972ع)
مطلب ته سومرن جو دور تاريخي لحاظ کان، سنڌ جو سونھري دور آھي. محترم راڄ محمد پلي لکي ٿو ته: “سومرا چڱا ديسي حاڪم ھئا. ھيءَ قوم باعزت حڪمران به رھي ۽ حڪومت کان پوءِ به ھيءَ قوم سُکي ۽ ستابي، مالدار ۽ خوشحال، بھادر ۽ چڱين قومن ۾ شمار ٿيندي رھي. وعدي جا پڪا، عزم جا پختا، پھلوان ۽ جوڌا جوان به سومرن مان ٿيا، ته عاشق مزاج ۽ اربيلا، جاھل ۽ ظالم، زورآور ۽ جبرا، وطن دوست ۽ ملڪ دشمن، خود پسند ۽ خدا پسند به سومرن ۾ ٿي گذريا. دودو ۽ چنيسر، خفيف ۽ عمر، ڏونگر ۽ ڀونگر جھڙا ھن قوم جا مشھور ۽ ناليرا بھادر حاڪم ۽ عزم جا پختا، غيرتمند، مجاھد ۽ سورما ٿي گذريا آھن.” (صوفي صادق فقير- راڄ محمد پلي- سه ماھي مھراڻ 1-2/ 1965ع ص نمبر 245) ھن مان صاف ظاھر آھي ته، سومرا خاندان جو ھر فرد پنھنجي مخصوص ڪردار جي ڪري؛ خود سنڌ جي تاريخ جو ھڪ ورق آھي ۽ ان جي ڪارنامن جو اڀياس ڪرڻ، سنڌ جي تاريخ جي مطالعي ڪرڻ جي برابر آھي.