سنڌ شناسي

سومرن جي دور جا سورما

ڪتاب ”سومرن جي دور جا سورما“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي. نياز همايوني لکي ٿو:
”سومرن جو دور، اھو سڌريل دور آھي جنھن ۾ سنڌين کي تھذيبي قدرن سان گڏ، قومي غيرت ورثي ۾ ملي. انھيءَ عظيم قومي ورثي جي ڪري اسان جي قومي ھيرن ۽ سورمن جي ساک توڙي سچائي، اسان لاءِ قومي علامت جي حيثيت رکي ٿي. اسان جي پياري دوست دادا سنڌي سومرن واري دور جي سورمن تي جيڪا محنت ڪئي آھي سان سندس قومي جذبي ۽ حب الوطنيءَ جي نشاني آھي.“
  • 4.5/5.0
  • 3298
  • 1025
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سومرن جي دور جا سورما

ج: اتظامي امور ۽ سياسي جوڙجڪ

سومرن جي حڪومت جو سياسي نظام قبائلي اهميت تي ٻڌل هو جنهن مطابق ذات پات جي روايتن ، نسلي برتري ۽ ذاتي صلاحيتن کي خاص اهميت حاصل هئي. رياست جو سربراهه اهو ٿيندو هو جيڪو موروثي حق رکندڙ هجي. حڪومت جي انتظامي امور ۾ سردارن ، جاگيردارن ۽ تمندارن کي وڏو حق مليل هو. هو جنهن کي چاهين ملڪ جو والي بنائين. اهڙيون ننڊيون وڏيون اٽڪل هڪ سئو جاگيرون هيون. اهي جاگير سلطان کي ساليانو مقرر ٿيل ڏن ڏيندا هئا ۽ هر هڪ جاگير ۾ ڏهن کان ويهن هزارن تائين لشڪر سلطان جي پاران رکندا هئا. انهن جاگيردارن مان مشهور جاگيردار هئا ٿهيم، ابڙا، ڳاها، پهوڙ، ٻارڻ ، ڀٽي، جاڙيجا، گجر، تنور، راڄڙ، سما، سوڍا، مينڌرا، ملاح، پنهور، سهتا، راڄپر، ڪاڇيلا ۽ لاسي. انهن جاگيردارن کي ” راڄورا“ سڏيو ويندو هو، ان کان علاوه اسي جاگيرون سومرن جون هيون، جن کي سردار سڏيو ويندو هو. انهن سردارن ۽ راڄوارن تي مشتمل هڪ سئو ارڪانن تي مشتمل هڪ سئو ارڪانن تي هڪ مجلش شورى هئي ، جيڪا سلطنت جي وڏن مسئلن ۾ سلطان کي مشورو ڏيندي هئي. ( شهيد دودو سومرو – غلام قادر سومرو ص نمبر 32). سلطان خواهه راڄ ۽ ملڪي رعيت کي مجلس شورى جو فيصلو ۽ مشورو هر حالت مڃڻو پوندو هو ۽ کين رد ڪرڻ جو ڪو به اختيار ڪونه هو. هن دور ۾ سنڌ جي رياست کي پنهنجو هڪ مخصوص جهنڊوهوندو هو جنهن جو رنگ اڇو هو. اهو جهنڊو بادشاهه جي محل مٿان چاڙهيو ويندو هو. جهنڊي جو اڇو رنگ نه فقط حاڪم طبقي جي امن پسندي ۽قومي سگهه جي علامت هو، پر قومي شعور جي به پڻ نمائندگي ڪري پيو ته سنڌي قوم امن پسند قوم آهي، جنهن هميشه اڳرائي ۽ تشدد کان نفرت پئي ڪئي آهي، جيڪا صدين کان وٺي پنهنجي وجود جي بقا واري جنگ وڏي بهادريءَ سان لڙندي آئي آهي، پر هن ڪڏهن به جارحيت ۽ اڳرائي کان ڪم نه ورتو آهي. ( عبدالله مگسي – سماهي مهراڻ 2/ 1989 ص نمبر 68). هن دور ۾ انتظامي لحاظ سان سڄي ملڪ کي مختلف پرڳڻن ۽ حصن ۾ ورهايو ويو . هر پرڳڻي مٿان مختلف سردارن وسيلي حڪومت هلائي ويندي هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ” سڄو ملڪ صوبن يعني ننڍن انتظامي پرڳڻن ۾ ورهايل هو ۽ هر صوبو شهرن ۾ ورهايل هو. ٻنگار جو صوبو نهايت زرخيز هو ۽ منجهنس ٻارهن شهر هئا. گاديءَ جي مرڪزي شهر يا سڄي ملڪ ۽ حڪومت کي اصطلاحي طور ديهه ( ڏيهه ) سڏيو ويندو هو. تخت کي پيڙهي يا منجي چوندا هئا“. ( سومرن جو دور – ص نمبر 281)ملڪ جي سرڪاري لکپڙهه سموري سنڌي ٻولي ۾ ٿيندي هئي. ملڪ جي سرڪاري لکپڙهه ساري سنڌي ٻولي ۾ ٿيندي هئي.
ڇو ته بقول ڊاڪٽر غلام علي الانا ” سومرن جي مادري زبان سنڌي هئي“ ۽ بقول ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ته ” مقامي مسلمانن جي هيءَ پهرين وطني حڪومت هئي“. ان ڪري عام سنڌي ماڻهو سرڪاري لکپڙهه کي چڱي طرح سمجهي سگهندو هو. ملڪ جي انتظام لاءِ سرڪاري عملي ۾ ڪيترائي عامل ۽ ڪاتب هئا. گادي جي شهر ۾ حڪومت جو شاهي دفتر هو، جيڪو پهريائين همير سومري بادشاهه قائم ڪيو هو. ننڍن پرڳڻن ۾ ننڍا عامل هئا، جيڪي مرڪز کان آيل حڪناما ۽ سرڪاري ڪاغذ پٽ شهرن ڏانهن نيڪال ڪندا هئا. اهڙي طرح سرڪاري لکپڙهه جو ستت اڪلاءُ ٿي سگهندو هو.
سماجي جوڙجڪ: سنڌ ۾ پراڻي زماني کان وٺي جاگيرداري نظام موجود آهي . جاگيرداري سماج ۾ زمين نجي ملڪيت هوندي آهي. سومرا دور ۾ زمين تي ٽن ڌرين جا حق تسليم ٿيل هئا. پهرين رياستي زمين تي ٽن ڌرين جا حق تسليم ٿيل هئا. پهرين رياستي زمين جيڪا حاڪم گهراڻن شهزادن، شهزادين ، اميرن ۽ خاص ملازمن لاءِ مخصوص هئي ، ٻيو حق زمينن جو جاگيردارن کي هو، جن کي سندن راڄن جي تعداد مطابق زمين ڏنل هئي. جيڪا هو پنهنجن راڄن کان آباد ڪرائيندا هئا. راڄ جو هر فرد پنهنجي پيدائش جو هڪ حصو جاگيردار ۽ ٻيو حصو حڪومت کي ڍل طور ڏيندو هو ۽ باقي پاڻ کڻندو هو. ٽيون حصو زمين جو صوفين، بزرگن، معلمن، درگاهن ۽ خانگاهن جي متولين ۽ مشائخن کي ڏنل هو، جن کان ڊل نه ورتي ويندي هئي. هي عالم ۽ بزرگ معاشري ۾ علم جو فروغ اخلاقي نظام جي اوسر معاشرتي اصلاح ۽ عسڪري قوت پيدا ڪرڻ ۾ بنيادي حيثيت رکندڙ هئا، انڪري معاشي طرح انهن جي پوزيشن مضبوط ڪرڻ حڪومت جو اولين فرض هو. سومرن جو دور حڪومت سنڌ ۾ خوشحالي، آسودگي، امن ۽ سڪون جو دور هو. سومرن حڪمرانن واهه ۽ ڪڙيا کڻايا ۽ آبادي کي وڌايو ۽ سنڌ درياهه جي هاڪڙي ۽ پراڻ وارن وهڪرن جو پاڻي زمينن کي آباد ڪرڻ لڳو. نواب شاهه، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي ايراضين ۾ سارين ۽وونئڻ جا مکيه فصل ٿيندا هئا. لاڙ طرف پڻ ساريون گهڻيون ٿينديون هيون. ڍورن ۽ ڍنڍن ۾ مڇي ، بهه ۽ لوڙهه گهڻي مقدار ۾ ٿيندا هئا. چوپائي مال جي وڏي پيدائش هئي. ڪپهه جي پيدائش به گهڻي هئي. مڇي ۽ مال وارا ماڻهو سکيا ستابا هئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته ” مڇي مال وارا ماڻهو ان وقت سکيا ستابا ۽ وڏي همت ۽ حوصلي وارا هئا. ان وقت چوپايو مال گهڻو هو جنهن مان وڏي آمدني هئي. ان ڪري ڌنار، پنهوار، ميهار، ميربحر ۽مهاڻا سڀ سکيا ستابا سمجهيا ويندا هئا. ملڪ جي زرعي، مالي ، هنري ۽ ٻي اندروني اپت ۽ پيدائش سڄي ملڪ جو سرمايو هئي ۽ ملڪ خوشحال ۽ آباد هو. جتي به زراعت يا چوپائي مال کي نقصان پهچندو هو ان جي تلافي ٿيندي هئي. ( ايضاً ص نمبر 275).
سومرن جي دور ۾ معاشري اندر پورهيتن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. خود سومرن حاڪمن ڪاسبين ۽ ڪاريگرن جي قدر داني ڪئي ۽ڌنڌي ، هنر حرفت کي زور وٺرايائون. ڪاسبين لاءِ هنن خاص حصا، بخرا ۽ لوازما مقرر ڪيا، جيڪي سومرن جي دور کان پوءِ موجوده تائين رسمي طور هلندا اچن. انهن لوازمن مان هڪ اهو هو ته جيڪڏهن ڪو پهرو ذبح ٿيندو هو ته سسي موچيءَ کي ملندي هئي ۽ هنجهي ڪنڀار کي ملندي هئي. هنرمندن، ڪاريگرن ۽ ڪاسبين کي همٿائڻ سان ڳوٺ ۽ شهر آباد ٿيا ۽ ملڪ جي پيداوار ۾ واڌارو ٿيو. سومرن جي دور ۾ ڪاسبين کي همٿائڻ سان ڳوٺ ۽ شهر آباد ٿيا ۽ ملڪ جي پيداوار ۾ واڌارو ٿيو. سومرن جي دور ۾ ڪاسبي خوش ۽ خوشحال هئا. ويرم پاهوڙي ڪورين جو سردار هو، هن ويجهي پوئين دور ۾ ڪورين کي ڪمزور تصور ڪيو ويو آهي پر سومرن جي دور ۾ ڪورين جي سردار کي طاقتور تصور ڪرڻ واري اهڃاڻ مان اها تصديق ٿئي ٿي ته ان وقت ڪپهه جي فصل ۽ اڻوت جي ڌنڌي کي وڏي اهميت حاصل هئي. ( اڳوڻي سنڌ جو پرڏيهي واپار – داداسنڌي ص نمبر 192).
سومرن جي دور ۾ پورهئي جي سماجي ورڇ ، تجارتي شين جي مٽا سٽا جي وڌي وڃڻ ۽ پئداوار جون مختلف ترڪيبون خاص ڪري شهرن اندر هنرمند طبقي جو اسرڻ سبب، جاگيردارانه معيشت ڪمزور ٿي ويئي، جنهن ڪري سماج اندر آزاد تجارتي ۽ هنر مند طاقت اڀرڻ لڳي. جنهن ۾ موچي ، ڪنڀر، لوهر، رنگريز، واڍا، ٺاٺار ۽ سونارا اچي وڃن ٿا. انهيءَ هنرمند طبقي سان گڏ سندن معاون غير پيداواري طبقو به اڀرڻ لڳو. هن دور ۾ سنڌ جو واپار سنڌ رستي هرمز، قيس ، بحرين ، عدن ، گجرات، ملبار، ڪارومنڊل ۽ چين سان هلندو هو. واپار عربي ۽ چيني جهازن جي معرفت هلندو هو. معبر کان ريشمي ڪپڙو ، خوشبودار شيون ۽ سچا موتي قافلن جي وسيلي خراسان پهچندا هئا. تراورن ، گهوڙن جو زينون ڪپڙو، خوشبودار مصالحا سنڌ مان ٻاهر ويندا هئا. هرمز، قيس توڙي بحرين ۽ عدن کان هر سال ڏهه هزار گهوڙا، سنڌ ۽ هندستان جي شهرن ۾ وڪري لاءِ ايندا هئا. سومرن حاڪمن نشيدار شين جي وڪري تي پابندي وڌي هئي. شهر ۾ محتسب مقرر هئا جيڪي شين جا اگهه سرڪاري طور مقرر ڪندا هئا. جيئن واپاري رعايا سان ٺڳي ڪري نه سگهن. شهر ۾ اُٺ کان وٺي سئي تائين جون قيمتون مقرر هيون. خريدارن کي حڪم هو ته ضرورت آهر شيون خريد ڪن. ذخيره اندوزي جي سخت ممانعت هئي. وڏن شهرن ۾ سرڪاري دڪان کليل هئا. جتان ضروري شيون مقرر اگهن تي عوام آساني سان خريد ڪري سگهندو هو. واپارين کي سرڪار پئسا ڏيندي هئي، جيئن هڙني قسم جون ديسي خواهه ڌارين ملڪن جون شيون مهيا ڪري سگهن. شهرين کي شهر جي رئيس وٽان شين خريد ڪرڻ لاءِ ڪارڊ ملندا هئا. لاڙي بندر انهي دور جون مشهور بندر هو. ( اڳوڻي سنڌين جو پرڏيهي واپار – داداسنڌي ص نمبر 192).
درياهه سنڌ ۽ ان جي سامونڊي ساحل سببان، سنڌ ايشيا جو مرڪزي ملڪ هو، ان ڪري هتان جي اقتصادي زندگيءَ ۾ ملاحن ۽ مهاڻن کي به اهم حيثيت حاصل هئي جيڪي جهاز راني سبب درياهي ۽ سامونڊي زندگي مان وابسته هئا. شهرن کان بندرن تائين مال پهچائڻ ۾ بارگير ڏلهئي ڪانڌاڻي ۽ حمالي ڪندڙ مزدورن ( جيڪي بندرن سان ٻِيڙين مان مال لاهڻ ۽ چاڙهڻ جو ڪم ڪندا هئا) سان گڏ جت، مهاڻا، ملاح ۽ ٻيا پيداواري پورهيت شامل هوندا هئا. ان ڪري پيداوار ۽ ان جي مٽاسٽا سبب، سوداگر ۽ ٻيون پيداواري قوتون، پنهنجي پيداواري عمل سان اڳتي وڌي رهيون هيون. نتيجي ۾ انهن قوتن سان گڏ ملڪ اندر تجارتي سرمايو پيدا ٿيڻ لڳو. جنهن ڪري معاشري
۾ سماجي تبديليون اچڻ لڳيون ۽ ان ڪري پيداواري ذريعن جون پراڻيون صورتون ختم ٿيڻ ۽ نوان پيداواري تعلقات قائم ٿيڻ لڳا. جيڪي سماج جي اوسر ۾ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيا. صنعت ۽ تجارت جي واڌ جي ڪري، هتي پيداواري عمل کي وڏي هٿي ملي ۽ معاشرو تجارتي ۽ صنعتي طور تي پنهنجن پراڻين مقامي حد بندين کي ٽوڙي، اڳتي وڌڻ لڳو. نتيجي ۾ قومي منڊي وجود ۾ آئي. جنهن ڪري نون معاشرتي قدرن ۽ لاڙن جنم ورتو. مختلف نسلن ، گروهن ۽ قوميتن کي سماجي حالتن ۽ اقتصادي ضرورتن ، هڪٻئي ۾ متحد ۽ مدغم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. انهيءَ قومي ۽ معاشي وحدت سبب ،قومي ڪلچر، قومي زبان ۽ ادب جنم ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ قومي شعور ۽ حب الوطني پئدا ٿيا. سومرن جي دور ۾ عمر مارئي ۽ دودي چنيسر جون لوڪ ڪهاڻيون انهيءَ حب الوطني جي جذن ۽ قومي شعور جون علامتون آهن. انهيءَ سلسلي ۾ پروفيسر غلام علي الانا صاحب لکي ٿو ته ” سومرن جون دور وطنيت جي جذبي ۽ خود قرباني جي لحاظ کان خاص اهميت وارو دور هو. ( جناب عبدالله مگسي- سه ماهي مهراڻ – 2/ 1989).
پئسي جي فراواني سبب ماڻهن جو معيار زندگي بلند هو. مقامي ۽ پنهنجي حڪومت هئڻ ڪري ، هر فرد ائين سمجهندو هو ته هي سندن ئي حڪومت آهي. ان ڪري ئي ٻاهريون جڏهن سنڌ تي حملو ڪندو هو، تڏهن هتان جو هر فرد ائين دشمن سان وڙهندو هو ڄڻ ته هو پنهنجي ڪنهن ذاتي شيءِ جي کسجي وڃڻ ڪري اڳئين سان وڙهي رهيو آهي. اهو ئي سبب هو جو ان دور جو هر سنڌي ماڻهو سورمو ۽ سوڍو هو. ڇاڪاڻ ته هتان جي هر فرد ۾ قومي درد، سياسي سجاڳي، ادبي سرت ۽ معاشرتي شعورهو. هن زماني ۾ وڏي ۾ وڏي جنگ دودي واري لڳي، جنهن ۾ سنڌ جي هر ماڻهو پاڻ موکيو. اڳين صفحن ۾ انهن سوڍن ۽ سورمن جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته اهي ئي سورما اسان جي نمائندگي ڪن ٿا.