سنڌ شناسي

سومرن جي دور جا سورما

ڪتاب ”سومرن جي دور جا سورما“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي. نياز همايوني لکي ٿو:
”سومرن جو دور، اھو سڌريل دور آھي جنھن ۾ سنڌين کي تھذيبي قدرن سان گڏ، قومي غيرت ورثي ۾ ملي. انھيءَ عظيم قومي ورثي جي ڪري اسان جي قومي ھيرن ۽ سورمن جي ساک توڙي سچائي، اسان لاءِ قومي علامت جي حيثيت رکي ٿي. اسان جي پياري دوست دادا سنڌي سومرن واري دور جي سورمن تي جيڪا محنت ڪئي آھي سان سندس قومي جذبي ۽ حب الوطنيءَ جي نشاني آھي.“
  • 4.5/5.0
  • 3348
  • 1033
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سومرن جي دور جا سورما

ب: خانداني پس منظر

سومرن جي ذات پات ، اصل نسل ۽ خانداني پس منظر تي ، اونداهي جا پردا چڙهيل آهن، ۽ مورخن جا مختلف رايا ۽ نظريا آهن ۽ اهي به هٿ ٺوڪيا، ۽ ذاتي خيال، جن ۾ ڪابه سچائي يا تاريخي حقيقت، ذري ماتر به نه آهي . ۽ اهو صرف ان ڪري ، جو هي وطن پرست، قومي غيرت ، سياسي قوت ۽ ملڪي وحدت لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ، سنڌي قوم هئي. سنڌ جي تاريخ ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي، ته جنهن به قوم يا فرد ۾ ذري برابر نه قومپرستي جو لاڙو رهيو آهي، ته پٺيان ايندڙ درٻاري مورخن انجي تاريخ ۽ ڪردار کي ميٽڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي ته جيئن ايندڙ نسل کي پنهنجي شاندار تاريخي روايتن کان پري رکجي. اها تاريخ جيڪا منجهن وطن پرستي، انسان دوستي، قومي غيرت، شجاعت ۽ جوانمردي جو روح ڦوڪي ، انجي کيس ڪابه ڄاڻ نه رهي، ۽ اهو نسل پوءِ ، واري جي ڀٽن ۾ رلندو ۽ ڀٽڪندو رهي. پر هي حقيقت آهي ته تاريخ کي هٿ ٺوڪين ، مصنوعي ۽ بناوتي ڳالهين جي غلافن ۾، هاڻي لڪائي نه ٿو سگهجي ، ڇاڪاڻ ته هي سائنسي دور آهي ۽ تاريخ به سائنسي طريقي سان لکجي رهي آهي.
جيتريقدر سومرن جي اصل نسل جو تعلق آهي، هن وقت ان لاءِ ٽي مڪتب فڪر آهن. ڪي مورخ کين ، عرب نسل سان ڳنڍي عرب مان سنڌ ۾ امپورٽ ڪري تاڃي پيٽي مسلمان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪي کين سميري سڏي سامي تهذيب جو باني سڏين ٿا. ته ڪي وري کين هتان جو اصلي باشندو چون ٿا. هت مختصر طور انهن ٽنهي نظرين جو جائزو پيش ڪجي ٿو.
( الف) پهريون نظريو : - (1) سومرا قوم، سامرهه جي عربن مان آهن. اهي ٻي صدي هه ۾ ، عرب جي تميم قبيلي مان ، گڏجي سنڌ ۾ آيا. تميم عباسي ان دور ۾ سنڌ جو والي هو. ( مير علي شير قانع ٺٽوي - تحفته الڪرام ج 3 سنڌي ترجمو ص نمبر 95 ) (2) سومرا عرب نسل جي قوم آهي ۽ اها قوم خلجي گهراڻي جي دور تائين ، سنڌ ۾ موجود هئي. ( تاريخ سنڌ – ڀاڱو ٽيون – عبدالله عبدالغني ص نمبر 96) (3) تميم 111 هه ۾ هشام بن عبدالمالڪ جي زماني ۾ ، سنڌ سنڌ جو گورنر هو، تنهنجو اولاد، بني تميم، جڏهن چوٿين صدي هه، ۾ خليفي مامون جي ڏينهن ۾ ، سامرهه شهر کان لڏي سنڌ ۾ آيو ۽ ساڻن اتان ٻئي هڪڙي عرب قوم به سنڌ ۾ لڏي آئي ، جنهن پوءِ پاڻ کي سومرا سڏيو. ( ابن بطوطه – سفرنامو – نفيس اڪيڊمي ڪراچي) (4) سومرا قوم يثرب يعني مديني ۾ رهندڙ نبي سمرا قبيلي مان آهي، ان قبيلي جو سردار سومرو بن جنب نبي ڪري صه جن جو اصحابي هو. عثماني دور ۾ مڪران جو گورنر هو ۽ هن سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي.محمد بن قاسم سان ڪيترائي ماڻهو سمرا قبيلي جا سنڌ ۾ آيا هئا. (سومرا قوم جو جائزو – نمبر اول ص نمبر 2 ۽ 3 انقلاب پريس سکر )
هنن بيانن جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته، معلوم ٿيندو ته سنڌي نفسياتي طرح ٻاهرين کان مرعوب ٿيل آهن ۽ ” ولايت جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا“ وانگر هروڀرو وڏن ماڻهن سان پڇ اٽڪائي پاڻ کي پيا معتبر سڏائيندا ۽ اهڙي طرح ڪوڙي ٺٺ ٺانگر منجهن احساس ڪمتري پيدا ڪري ، پست ۽ بي همت بنائي ڇڏيو. حقيقت ۾ سومرن جو سامره ، سمرا يا عرب قوم سان ڪوبه تعلق نه آهي. جيتريقدر سامره شهر جو تعلق آهي، ان لاءِ عرض آهي ته ” عباسي خليفي معتصم باالله سنڌ 220 هه ۾ بغداد کان نوميل دجله جي درياءَ جي قاطون شاخ تي هي شهر تعمير ڪرايو هو. معتصم کان اڳ ۾ جيڪي عباسي خليفا ٿي گذريا آهن، تن جي فوج ۾ عرب ، ايراني ۽ خراساني ماڻهو شامل هئا. بلڪ عربن تي کين ٿورو ڀروسو هو ۽ مجموعي طور کين ايرانين تي وڌيڪ اعتماد هو. معتصم پاڻ خود هڪ وڏو جرنيل سپاهي هو. هن فرغانه جا هزارين ترڪ فوج ۾ ڀرتي ڪيا هئا ۽ هنن واسطي ، هڪ خاص قسم جو لباس تجويز ڪري ، بغداد کان ٻاهر ”سمن راءِ“ نالي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ رهايو. خليفي پنهنجي رهڻ لاءِ جدا محلات ۽ جامع مسجد پڻ تعمير ڪرائي هئي، آخر ۾ هي شهر فوجي ڇانوڻي مان بدلجي تختگاهه بڻجي ويو. سرمن راءِ يا سمرا جو پوءِ سامره سڏجڻ ۾آيو، سو سن 221هه کان 279هه تائين عباسين جو تختگاهه رهيو. معتد جي دور ۾ هن شهر جو اوج گهٽ ٿي ويو ۽ اها ساڳي اڳ واري رونق موٽي آئي. ( سنڌ جي سومرا قوم – قريشي حامد علي خانائي – سماهي مهراڻ 1/ 1974 ص نمبر 117) هي آهي سمره شهر جي ڪهاڻي ، جنهن کي مورخن ور وڪڙ ڏيئي سومرن سان ملايو آهي. جناب سيد سليمان ندوي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته ” سومرن جي قوم جو تعلق سمره شهر سان لڳائڻ لفظي صفت گري کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي“. ( بحواله ايضاً) باقي سومرن کي مديني مان آيل ۽ اصحابن سان ملائڻ ، مذهبي جنون کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.
(ب) ٻيو نظريو: چيو وڃي ٿو ته سومرا ايشيا جي مشهور قوم، سميرين مان آهي، جن کي عربي ۾ سامي سڏيو وڃي ٿو. پراڻي زماني ۾ هي قوم وڏي طاقتور هئي. جنهن جو وچ ايشيا ۾ گهڻو اثر رسوخ هو. ٿي سگهي ٿو ته انهن جو ڪو ڀاڱو انهيءَ زماني ۾ ، سنڌ ۾ آيو هجي ۽ سنڌ کي پنهنجو گهر بنايو هجين.“ ( تحفته الڪرام- سنڌي ترجمو. مخدوم امير احمد جو فوٽ نوٽ ص نمبر 94) . مشهور يورپي محقق پروفيسر ايڇ آر هال جو چوڻ آهي ته ” سميري هڪ هندوستاني قوم هئا، جيڪي خشڪي رستي ايران کن ٿيندا ٻن ندين ( دجله ۽ فرات) واري ماٿري ۾ ، وارد ٿيا هئا. اهو سندس هندستاني گهر، مهراڻ جي ماٿري هو، جتي اسين هنن جي ثقافت کي عروج تي ڏسي چڪا آهيون .“ ( تاريخ طاهري – سنڌي ترجمو نياز همايوني حوالا۽ تعلقات ص نمبر 351). ائين به چيو وڃي ٿو ته سومرن جي ذات ۽ خاص نالو دودو سميرين جي تذڪرن ۾ ڪيترن هنڌن تي آيل آهي. ( ايضاً) ڪن مورخن جو رايو آهي ته ” سومرا پنج هزار ورهيه اڳ سنڌ مان پنهنجي مال جي چراگاهن جي ڳولها ۾ هلندي هلندي جڏهن دجله ۽ فرات ندين جي وچ واري علائقي ۾ پهتا، تڏهن اتي وڻڪار ڏسي هميشه لاءِ آباد ٿي ويا ۽ جڏهن محمد بن قاسم ڪاهه ڪئي تڏهن هو فاتح بڻجي هت آيا. ( ” سلطان دودو سومرو“ غلام قادر سومرو ص نمبر 11).
هاڻي عرض آهي ته سميري ۽ سامي به علحده قومون آهن. سميري نه ته آريا آهن ۽ وري سامي. سميري ۽ سومرن جي وچ ۾ اٽڪل چار هزار سالن جي وٿي آهي جنهن ۾ انهي نالي جي ڪابه قوم ، برصغير پاڪ وهند ۾ نه ڏٺي ويئي ۽ نه وري ٻڌي ويئي . البت تورات ۾ انهي نالي سان ملندڙ جلندڙ قوم سمارٽين جو نالو ڏنل آهي ، جا آشوري ۽ يهودي قوم جي ميلاپ مان پيدا ٿي هئي. آشوري قوم يهودي نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو، سمارٽين کي يهودي گاڏڙ ۽ گهٽ قوم سمجهندي هئي. بهرحال سمارٽين جو سنڌ جي سومرن سان ڪوبه تعلق نه آهي سامرا يهودين جي اسرائيلي حڪومت جو تختگاهه هو جنهن کي آشوري بادشاهه سارگان ( ٻئي) تباهه ڪري ڇڏيو. ( ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ ، ”نئين زندگي “ ڊسمبر 1971 ع ص نمبر 16. ) جيتريقدر سامي لفظ جو تعلق آهي ته اهو سام مان نڪتل آهي جو عبراني ٻولي جي سام يا سيم جو نعم البدل آهي. تورات جو شيم ۽ عربي جو سام، هڪ اهڙي شخصيت ڏانهن اشارو آهي جو سامي نسل يا قوم جو ابو سمجهيو وڃي ٿو. هن وقت عرب ۽ يهودي سامي نسل جون قومون آهن، جن جو مشرق وسطى ، مصر ، اتر آفريڪا ۽ عربستان ۾ زور آهي ۽ انهن جي آدمشماري اٽڪل ساڍا ڇهه ڪروڙ ٿيندي. “ ( ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ نئين زندگي فيبروري 1969ع ص نمبر 11)
هن مان صاف ظاهر آهي ته سومرن جو سميرن يا سامي نسل سان ڪوبه تعلق نه آهي. هونئن به سامي نسل حضرت نوح جي پٽ سام مان آهي، جنهن کي 5 پٽ هئا. جن مان هي اولاد ٿيو ۽ سنڌ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان تي نالو حام بن نوح جي پٽ هند ۽ سنڌ جي نالي پٺيان پيو. ان ڪري سام سان سنڌ يا سنڌ جي ماڻهن جو تعلق ذري برابر به ناهي.
(ث) ٽيون نظريو: سومرن جي اٿڻي وهڻي ، چال چلت، خانداني ريتون رسمون ، تاريخي روايتون ۽ تمدني وابستگيون ثابت ڪن ٿيون ته هو سنڌ کان ٻاهر جي ذات نه آهي. پر سنڌ جا اصلي باشندا آهن. جديد تحقيق ڪندڙ مورخن علم انسايات ( اينٿراپولاجي) ۽ علم عمرانيات ( سوشيالوجي) جي ماهرن ، سومرن جي جسماني ساخت، سماجي زندگيءَ جي طور طريقن احساسن ۽ جذبن جو تجزيو ڪندي ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جو هي تاريخي قبيلو درحقيقت راجپوت نسل مان آهي، جنهن چوٿين صدي جي آخر ۾ سياسي اهميت حاصل ڪئي. سومرن جون مخصوص ريتون رسمون هي آهن جيڪي هن جي خاندان کي عرب يا ٻي قوم کان منفرد ڪن ٿيون.
(1) سنڌ جي سومرن سردارن ۾ غرور ۽ وڏائي هئي. هو پنهنجن عزيزن ۽ زيردستن کي داغ هڻندا هئا. غريب ۽ رعيتي ماڻهن کي پٽڪي ٻڌڻ جي منع ٿيل هئي ۽ هو مٿي تي رومال يا اڌ اڻيل ڪپڙو ٻڌندا هئا. (2) عورت کي هڪ ڀيرو ٻار ڄمندو هو ته ان عورت سان ٻيهر همبستري کان پرهيز ڪندا هئا. (3) ڪوڪپڙو هڪ دفعو پهريندا هئا ته وري دوباره ان ڪپڙي کي نه پهريندا هئا. ( 4) پاڻ کي ٻين کان اتم سمجهڻ لاءِ هٿن ۽ پيرن جا ننهن پاڙون ڪڍندا هئا. (5) سومرا سردار اڪثر ڪري شراب پاڏي جي گوشت سان کائيندا هئا.( مير علي شير قانع ٺٽوي – تحفته الڪرام جلد 3 ، صفحو 117- 116). هن مان صاف ظاهر آهي ته سومرن جو واسطو سنڌ جي قوم سان آهي. مولوي نجم الغني تحقيق کان پوءِ لکي ٿو ته ” سومرا سورج بنسي ڪل مان آهن . هي پرمار راجپوت آهن ڪي ائين به چون ٿا ته هي چندر گپت جي اولاد مان آهن. پر ڪن جي راءِ آهي ته هي آئوڌ جي راجا رامچند جي پٽ ، سپو ستر جي ڪل مان آهن. پرمار راجپوتن جا چوڏهن تختگاهه هئا. جن مان سنڌ ۾ امر ڪوٽ ۽ بکر هئا ، سندس پنجٽيهه خاندانن مان ڇهين خاندان جي فرد امره سومري اسلام اختيار ڪيو. ( وقائع راجستان – جلد اول صفحو 51- 52) بهرحال سومرا پرمار راجپوت جي نسل مان هئا. جن عربن جي آخرين دور ۾ اسماعيلي مذهب قبول ڪيو ۽ مصر جي فاطمي خليفن جي تراري فرقي سان وابسته هئا. مصر جي فاطمي خليفي المعز جي لکيل خطن مان جي دروزي صورتخطي ۾ آهن. ثابت ٿو ٿئي ته ” سومرن جي راڄ جو چڱو مڙس راجا بل ابن سومار هو. جو راجپال ابن سومار جو دروزي لهجو آهي. انهن خطن ۾ راجپال تي عربي حڪومت ختم ڪرڻ ۽ اسماعيلين جي حڪومت قائم ڪرڻ جو زور ڏنو ويو آهي. کيس موحد ۽ سچي دين ( يعني اسماعيلي مذهب ) کي سنڌ ۾ پکيڙڻ جو وڏو حامي ۽ مبلغ سڏيو ويو آهي.“ ( اسلامڪ ڪلچر – جلد اول صفحو نمبر 302)
جناب ابن الياس سومرو لکي ٿو ته ” حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن ، عربن جي حڪومت سرزمين سنڌ تي هئي تڏهن عرب قوم دنيا جي فاتح ۽ ترقي پذير قومن ۾ شمار ڪئي ويندي هئي. سندس سياسي شعور پختو ٿي چڪو هو. قليل عرصي ۾ ڪره ارض جي نصف النهار تي سندن ڪاميابي جو سج چمڪڻ لڳو ٿوري ئي عرصي ۾ ايران ، هند، افغان، چين ۽ ترڪمنستان جون حڪومتون ، هنن اڳيان سرنگون ٿي ويون. اهڙي وقت ۾ سومرا قوم مقامي حڪومت قائم ڪري ، عربي زبان جي جاءِ تي سنڌي زبان جو بنياد رکيو ۽ عربي معاشرتي اصولن کي گهڻي قدر رد ڪري ڏنو. اهو ڪم هڪ غير عرب قوم ئي ڪري سگهي ٿي. سومرا پهرين سنڌي هئا بعد ۾ مسلمان يا راجپوت هئا. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن جو جڏهن سنڌ جي بقا جو سوال پيدا ٿيو ته هنن هڪ طرف غزني جي حڪمرانن خلاف تلوار کڻي ۽ پوءِ دهلي جي حڪمرانن کي للڪاريو. محض هن ڪري ته سنڌ جي سرزمين تي ڪنهن غير سنڌي جو پير نه پوي. اها هڪ عرب قوم جي نشاني نه آهي بلڪ مقامي ۽ راجپوت جي ٿي سگهي ٿي. سومرن جي سياسي حڪمت عملي جو بنياد ئي لفظ سنڌ هو. اهو ئي سبب هو جو هنن جي دور حڪومت ۾ سنڌ جو اهي شيون ايجاد ٿيون يا وڌيون ويجهيون جن جو تعلق خالص سنڌي تهذيب مان هو. جهڙوڪ، سنڌي زبان ، ادب ۽ شاعري ، سنڌي لباس، سنڌي ڪچهريون ، آداب مجلس ۽ اوطاقون ، سنڌي هنر ۽ رانديون، ميڙا ۽ ملاکڙا. عربن انهن کي قريب قريب ختم ڪري ڇڏيو هو. پر سومرن ديسي حڪومت کي قائم ڪري سنڌي تهذيب ۽ تمدن کي هڪ دفعو نه رڳو سهارو ڏنو پر حفاظت ڪئي ۽ حلقه اسلام ۾ اچڻ بعد به ڪيترن ئي قديم رسمن کي معاشري جو هڪ حصو ڪري ڇڏيو. مثلاً جهنڊيون لهرائڻ، ڇٽيون ڪرڻ، سکائون ڏيڻ، اکا وجهڻ، ميڙا ڪرڻ، شادين ۽ طهرن تي ڏانڊيا هڻائڻ، گهورون گهورڻ، دهل شرنايون وڄائڻ، لائون ڏيڻ ، راڄ ۾ سڱابندي ڪرڻ، ڏاج ڏيڻ ۽ ساٽ سنوڻ. جيتوڻيڪ وقت جي ڪيترن ئي عالمن سڳورن انهن روايتن کي بدعتون ۽ غير شرعي ڪم سڏيو ان کان باز اچڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. مگر روايت پسند راجپوت انهن اباڻين رسمن کي يڪدم خيرآباد ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا. ڪو وقت اهڙو به آيو سومرا قوم کي اسماعيلي قرطمي قومن ۾ شمار ڪري کين نيم مسلم سڏيو وڃڻ لڳو. ٿي سگهي ٿو ته ائين ڪرڻ ۾ عربن هڪ حڪمران ۽ فاتح قوم جي مزاج جو مظاهرو ڪيو هجي ليڪن سومرا خالصتاً سنڌي قوم هئا ۽ سندن حڪومت جو دور به خالص سنڌي هو. ( شان سنڌ – ابن الياس سومرو – وڳهه جا وريام ص نمبر 10 ۽ 11).
هنن بيانن مان چڱيءَ طرح معلوم ٿيو ته سومرا سنڌ جي مقامي ذات آهي ۽ سومرا نالو جيئن سنڌ ۾ اڪثر ڪري يا وڏن جي نالن پٺيان سندن اولاد سڏبي آهي. تيئن پيو. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بني بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ” سومرا نالو غالباً سندن وڏي ڏاڏي جي نالي + سرداري لقب تان پيو. سومرن جو آڳاٽو ۽ پهريون مشهور سردار ( سومار جو پٽ) سڏجڻ لڳو. حالانڪ سندس پنهنجو ذاتي نالو راجپال هو. سومار جو لقب پڻ راءَ هو ڇاڪاڻ ته سومار راءَ جي پويان، سندس اولاد سومرا سڏجڻ لڳو. سومرا يقيني طور سومار راءِ ( سومار راءِ – سومارها اولاد ) جو ئي مخفف آهي يا مختصر اچار آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي نسب نامن جي اصطلاح موجب آڳاٽي دور ۾ اولاد سندن وڏي ناني جي ” ذاتي نالي“ پويان سڏبو هو. مثلاً چني، لاکي، سهتي، لوهاڻي، وڪيي، ۽ ڪاڪي جو اولاد پوءِ چنو ، لاکو، سهتو، لوهاڻو، سمو، وڪيو ۽ ڪاڪو سڏجڻ لڳو.“ ( سومرن جو دور – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. ص نمبر 290 – 291) سومرا ٻاهرين صدي ۾ مسلمان ٿيا. مورخ سنڌ مولائي شيدائي لکي ٿو ته ” سومرن جو پهريون سردار امير سومرو هو جيڪو پهريائين شيعو هو.“ ان زماني ۾ سنڌ ۾ اسماعيلي تحريڪ جا ٽي مکيه مرڪز هئا. ديبل ، منصوره ۽ اچ. انهيءَ تحريڪ ڪري سنڌ جي سومرن اسلام اختيار ڪيو. شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني رح جي ٻن خليفن جلال سرخ بخاري ۽ سندس سيد جلال جهانيان جي تحريڪ سان سنڌ جا سومرا اسماعيلين کان نڪري دين حقيقت ۾ داخل ٿيا. ان ڪري ئي سومرن جي تختگاهه محمد طور ۾ ڪيترائي وڏا ماڻهو ۽ سردار شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني رح جا مريد هئا ۽ انهن مان ڪيترائي خدا جا نيڪ بندا ۽ صالح انسان پيدا ٿيا. ( سنڌ جي سومرا قوم – سماهي مهراڻ - 1/ 1974 ع ص نمبر 152. )
بهرحال سومرا سنڌ جا اصلي باشندا هئا، ۽ اهو ئي سبب آهي جو تعصبي ليکڪ ۽ مورخ کين نٿا سهن ۽ عجيب و غريب تاويلون ڪري، سندن عظيم ڪردار کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هڪ اردو مورخ صلاح الدين ناسڪ لکي ٿو ته ” 39 سالن تائين عباسيه ان کان پوءِ سنڌ جي حڪومت هڪ عرب خاندان جي هٿ آئي جنهن اٽڪل ڏيڍ سئو سالن تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ هن حڪومت تي سومرا خاندان جو قبضو ٿي ويو ۽ هڪ دفعي وري هن سر زمين تي ڪفر ۽ الحاد جي اونداهه ڇانئجي ويئي. هي دور سنڌ ۽ ملتان جي علائقن ۾ آباد مسلمانن لاءِ مصائب و آلام ۽ مجبورين جو دور هو. ڪافر حڪمرانن ۾ ڀلا رواداري ۽ انصاف ڪٿان ٿي ملي سگهيو؟ جيڪو مسلمانن فاتحين ، غير مسلمانن سان هر قدم تي روا رکيو هو. ( تحريڪ آزادي . صلاح الدين ناسڪ ( اردو) ص نمبر 69).
اسان جي هن نام نهاد تاريخدان کي سومرن جي دور مان ان ڪري ڪفر ۽ الحاد جي ڌپ ئي اچي جو هو اصلي نسلي مسلمان نه هئا ۽ هنن وطن دوستي ۽ قومن غيرت جو ثبوت ڏيئي غير وطنين سان جنگ لڙي هئي. باقي سومرن تي جيڪي غير انساني ۽ غير اسلامي ريتن رسمن جي پابندي جو بهتان آهي. سي اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ گهڻو ڪري منجهائن ختم ٿي ويون. جناب نياز همايوني صاحب لکي ٿو ته ” سومرن پنهنجي دور ۾ وطن دوستي جي جن عظيم ڪارنامن سان عظيم الشان ڪردار ادا ڪيو. تنهن کي ميسارڻ لاءِ هرڪو پيو مٿن بهتان مڙهي ته جيئن سندن اهو شان مان ، جيڪو کين سورمن جي حيثيت ۾ مليل آهي ختم ٿي وڃي. ( تاريخ طاهري – سنڌي ترجمو حوالا ۽ متعلقات – ص نمبر 350)
بهرحال سومرن جي حسب نسب بابت جيڪي افسانا ۽ ڏند ڪٿائون بيان ڪري سندن تاريخ سان هٿ چراند ڪئي ٿي وڃي. اها هاڻي گهڻي ڀاڱي ختم ٿي چڪي آهي ۽ اڄ جو نئون نسل سندن عظيم ڪارنامن تي ناز ڪري رهيو آهي.