سنڌ جي شناس
اسان جڏھن تاريخ طاھريءَ ۾ اھو پڙھون ٿا ته ”دودو سومرو ايترو ته ظالم ھو، جو ماڻھن جي ڪلھن تي زوري ڏنڀ ڏيڻ جي رسم شروع ڪئي ھئائين.” اوڏي مھل ھڪدم اسان جي غيرت جوش ۾ اچي ٿي ته ”دودي جھڙي وطن دوست سورمي تي ايڏو الزام ان جي قومي ڪردار کي داغدار ڪرڻ لاءِ مڙھيو ويو آھي.” (اھو تجربو مون کي تاريخ طاھريءَ جي ترجمي دوران ٿيو. ڏسو تاريخ طاھري، سنڌي ترجمو ص نمبر 57 سنڌي ادبي بورڊ)
انھيءَ الزام جو اصل مقصد به اھوئي ھو ته دودي جھڙي جڳ مشھور سورمي کي ظالم ظاھر ڪري سندن مخالفن جي سفاڪيءَ تي ڍَڪ ڏنو وڃي ته ھو خدا جا نيڪ بندا، عدل انصاف جو جامو پائي، خلق جي دانھن ڪوڪ ورنائڻ لاءِ اچي سنڌ تي ڪڙڪيا ھئا. اھڙن سفاڪن لاءِ قرآن شريف ۾ ھڪ ھنڌ اشارو ڏنل آھي ته ”جڏھن انھن کي فساد ڪرڻ کان روڪيو ويو ته ھنن وراڻيو اسان ته سڌارو ڪرڻ وارا آھيون.”
سومرن جو دور، اھو سڌريل دور آھي جنھن ۾ سنڌين کي تھذيبي قدرن سان گڏ، قومي غيرت ورثي ۾ ملي. انھيءَ عظيم قومي ورثي جي ڪري اسان جي قومي ھيرن ۽ سورمن جي ساک توڙي سچائي، اسان لاءِ قومي علامت جي حيثيت رکي ٿي. اسان جي پياري دوست دادا سنڌي سومرن واري دور جي سورمن تي جيڪا محنت ڪئي آھي سان سندس قومي جذبي ۽ حب الوطنيءَ جي نشاني آھي. ھن کان اڳ انھي دور جي سورمن تي ڇڙوڇڙ مواد ملي ٿو، جنھن ڪري طبيعت جي تاس نٿي لھي. پڙھندڙ جو شوق تڏھن پورو ٿئي ٿو، جڏھن ان کي پنھنجي پسند پيل شخصيت بابت، ھيڪاندو مواد ملي وڃي ٿو. دادا سنڌي مختلف ڪتابن تان مواد جي چونڊ ڪري، ان کي پنھنجي جذبي جي سيبتائيءَ سان سنواري، اھڙي نموني ڪتابي صورت ڏني آھي، جو پڙھڻ سان، حب الوطنيءَ جو ايمان تازو ٿي وڃي ٿو.
سنڌ جي باري ۾ لکڻ لاءِ وڏي جاکوڙ جي گھرج آھي. ڇاڪاڻ ته ان بابت ڌارين ٻولين ۾ گھڻي مواد سان گڏ اھڙيون عجيب ڳالھيون به مطالعي ھيٺ اينديون رھن ٿيون، جن تي اُمالڪ اندر مان پاراتو پڌرو ٿئي ٿو. مثال طور، گجرات ۾ سانڍيل ھڪ تاريخي ڪتاب ۾ لکيل آھي ته مرزا شاھ بيگ ارغون سنڌ جو غاصب بڻجي جڏھن چڙھائي ڪري آيو ته دريا خان ساڻس مھاڏو ڏنو. شاھ بيگ ان سان پڄي نه سگھيو. آخرڪار قرآن شريف وچ ۾ آڻي، دوکي سان دريا خان کي شھيد ڪري سنڌ تي ڌاڪو ڄمايائين. (ظفر الواله بمظفر والد عبدالله بن محمد بن نھرواني)
اھا حقيقت پڙھڻ سان اسان کي انتھائي سرھائي ٿئي ٿي. ان ڪري جو سنڌ ۾ لکيل تاريخي ڪتابن جي روايت مطابق، دريا خان کي ارغونن، دوکي بدران طاقت تي شڪست ڏني ھئي. جا ڳالھ اسان جي مايوسيءَ جو باعث رھندي آئي.
ھاڻي ھڪ عجيب ڳالھ پيش ڪجي ٿي.
1986ع ۾ آءٌ ڀارت جي دوري تي ھڪ سرڪاري وفد سان خدا بخش لائبرري (پٽنه) جي سيمينار ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويس. اتفاق سان ھڪ ڏينھن ڪتب خاني جي ڪلارڪ اڳيان ھندوستاني رسالي جا پراڻا پرچا پيل ڏٺم جن کي اٿلائيندي پٿلائيندي ھڪ ھنڌ ”ديھاتي گيت“ نالي مضمون تي نظر پيم. ان ۾ سنڌي گيتن بابت لکيل ھو ته:
”سنڌي گيتن ۾ ڪي گيت ان دور جي ياد ڏيارين ٿا، جڏھن عربن سنڌ تي پنھنجي ڌاڪ ڄمائي ھئي. ھڪ سنڌي ڇوڪري جڏھن گرفتار ٿي، عربن وٽ اچي ٿي ته اوپرن ماڻھن ۾ گھٻرائڻ ٿي لڳي. ھوءَ پنھنجي گھر لاءِ بي قرار آھي. سو ھاڻ ڏسو ته ڪھڙي طرح ”حضرت عمري” کي انصاف لاءِ الاھون ٿي ڪري ۽ ٽوڪ نموني کيس دڙڪا به ڏيندي ٿي وڃي:
- مان تنھنجي ريشمي وڳن کي ڇا ڪنديس، جڏھن کان ھتي آئي آھيان، مونکي پنھنجا پڊ ۽ پھنوار ياد اچن ٿا. رکي رکي پيرُن پٽڻ لاءِ دل پئي تانگھي. مان ريشمي ڪپڙا نه پھرينديس، نه وري بخملي بستري تي سمھنديس. مونکي بُت ڍڪڻ لاءِ سوٽي ڪپڙا کپن.
اي عمر!
جيڪڏھن، تو مونکي انصاف ڪري؛ گھر پھچايو ته مان تنھنجي ساک ساراھينديس ٻي حالت ۾ توکي بدنام ڪنديس” (ماھوار رسالو ھندوستاني ج 13 اپريل 1943ع ص 52 کان 186 تائين اظھر علي فاروقي.
ھن مان اڳيان ٽڪرو پڙھي، جتي روح کي راحت رسي ٿي، اتي ٻيو ٽُڪرو پڙھڻ سان؛ دل مان ڌڪار ٿي نڪري ته، مضمون نگار سنڌ جي لوڪ ادب کان وڌيڪ پنھنجي ھوش عقل سان ڪيڏو ويل وھائي چڪو آھي. ان حالت ۾ اسان کي پنھنجي جاکوڙ سان، جتان ڪٿان مواد ھٿ ڪري ھڪ طرف قومي تاريخ مڪمل ڪرڻ گھرجي ته ٻئي پاسي غلط مواد کي ڇنڊ ڇاڻ سان درست ڪري، ڌارين کي ڏيکاريو وڃي ته اصل حقيقت ھيءَ آھي. سنڌ جي سورمن جي واکاڻ به تڏھن صحيح نموني ٿي سگھي ٿي ته سنڌ جي شناس به ان حالت ۾ پيدا ٿيندي جڏھن اسان، سنڌ جي جامع مواد لاءِ، جتن ڪنداسين.
اسان وٽ مصيبت اھا آھي ته ھر سھڻي شيءِ کي جيڪا قومي قدرن جي ترجماني ڪري ٿي ڦيرائي گهيرائي بي معنيٰ بڻائي ٿا ڇڏيون.
تاريخ ۾ ٽيپو سلطان کي “جنگ آزادي” جو ھيرو ڄاڻايو وڃي ٿو ته ٻئي پاسي خود مسلمان طبقي ۾ اھو نالو ڪُتي تي رکيو ٿو وڃي. انھيءَ کان وڌيڪ ”قومي حجاب” تي ٻيو ڪھڙو خضاب ٿي سگھي ٿو. سنڌ ۾ عام چوڻي آھي ته ”دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي“ ان کان مٿي قومي غيرت تي ڪھڙو داغ ٺھڪي ايندو؟
ھتي جيڪڏھن قومي تھذيب ۽ غيرت کي ڏٺو وڃي ته درحقيقت، ننڍي وڏي طبقي ۾ ھڪ ئي حال نظر ايندو ۽ انھيءَ حال جو اسان جي آئيندي تي جيڪو اثر پوندو سو نھايت اندوھناڪ ھوندو. ان ڪري ضروري آھي ته اسان پنھنجي قومي ورثن کي سانڍي سنڀالي اھڙي طرح پڙھندڙن اڳيان آڻيون جيئن لال به لڀي ته پرت به رھجي اچي.
ڪتن کي ٽيپو نالو ڏيڻ يا دودي کي ڌوڙ سمجھڻ واري قوم ڪڏھن به قومي منصب ماڻي نٿي سگھي. ”قومي تاريخ“ کي عام آڏو دھرائڻ جو خاص مقصد اھو ئي آھي ته اسان ماضي جي ڪسر ۽ ڪوتاھيءَ تي سوچيندي، آئيندي جي اڏاوت ڪريون جيڪا ھر لحاظ کان پڪي ۽ پختي ھجي، جنھن کي ڪوبه طوفان اُڏائي نه سگھي. سعدي چواڻي ته:
خشت اول چون نھد معمار کج،
تاثر يا مي رود ديوار کج.
”يعني جيڪڏھن ڪاريگر پھرين سِر سڌي ڪري نه رکندو ته اھا ڀت عرش تائين ويندي به ڏنگي رھندي“
مرزا جاني بيگ جڏھن اڪبر جي گماشتي خان خانان سان سڄو سال جنگ جوٽي، پڇاڙيءَ ۾ پنھنجن جي غداريءَ سبب شڪست ٿو کائي ته نظربند ٿيڻ کانپوءِ پنھنجي حال تي سوچيندي چوي ٿو ته:
تخم ديگر به کف آريم ويکاريم زنو،
آنچ کشتيم زخجلت نتوان کر درو.
يعني ”جيڪڏھن اسان کي وري پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻو آھي ته نئون ٻج ڇٽي ان جي ڦل مان ڪجھ حاصل ڪرڻو پوندو. باقي ھي جيڪو پوکي چڪا آھيون، تنھن مان ڪا ھڙ حاصل شيءِ ناھي سواءِ ڦڪائيءَ جي.”
اسان کي نئين سر قومي قدرن جي اڏاوت ڪري سنڌ سنوارڻي پوندي ۽ نئون ٻج ڇٽي، اُن مان ڪي داڻا اپائڻا پوندا. اھو سڀ ڪجھ صرف قومي تاريخ جوڙڻ سان پلئه پئجي سگھي ٿو.
مان وري به واڌايون ٿو ڏيان دادا سنڌيءَ کي جنھن ھي قومي شاھڪار قلمبند ڪري نه صرف وڏڙن پر ننڍڙن کي به سجاڳي ۽ ساڃاھ جو سڏ ڏنو آھي. ھن ڪتاب سان سندس مانُ انھن قومي غيرت کان عاري ادبي جمعدارن جي ڀيٽ ۾ مٿاھون ليکجي ٿو جيڪي عيسائيت جي تبليغ لاءِ چئن ڏوڪڙن جي لالچ تي ”ٻارن جو مسيح“ جھڙا ڪتاب منظر عام تي آڻي سنڌ جي نئين نسل کي گمراھ ڪندا رھن ٿا.
[b] نياز ھمايوني
[/b] 24- 10- 1989ع