سنڌ شناسي

سومرن جي دور جا سورما

ڪتاب ”سومرن جي دور جا سورما“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي. نياز همايوني لکي ٿو:
”سومرن جو دور، اھو سڌريل دور آھي جنھن ۾ سنڌين کي تھذيبي قدرن سان گڏ، قومي غيرت ورثي ۾ ملي. انھيءَ عظيم قومي ورثي جي ڪري اسان جي قومي ھيرن ۽ سورمن جي ساک توڙي سچائي، اسان لاءِ قومي علامت جي حيثيت رکي ٿي. اسان جي پياري دوست دادا سنڌي سومرن واري دور جي سورمن تي جيڪا محنت ڪئي آھي سان سندس قومي جذبي ۽ حب الوطنيءَ جي نشاني آھي.“
  • 4.5/5.0
  • 3363
  • 1036
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سومرن جي دور جا سورما

ث: سياسي قوت ۽ تخت نشيني

عربن جي سياسي ۽ نسلي ڇڪتاڻ وڌڻ ڪري ، مرڪز ۾ عربن جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ لڳي ۽ ان جو اثر صوبن تي به چوڻ لڳو. سنڌ جيئن ته عرب جي مرڪزي دارالسلطنت کان گهڻو پري هئي، ان ڪري هت سندن ڪنٽرول گهٽجڻ لڳو ۽ مقامي سردار زور وٺڻ لڳا. انهن ۾ سومرا سردار قابل ذڪر آهن. سومرن جي وڏن ، پرمار راجپوتن جي نون راجائن ستلج کان وٺي دکن تائين چوڏهن حڪومتون کڙيون ڪيون جن جا چوڏهن تخت گاهه هئا. مهيشور ، ڌار، مانڊو، اجين، چندر ڀاڱا، چتور، آبو، چندرواتي، موميدنه، پرماوتي، امرڪوٽ ، بکر، لوهه درهه ۽ ڀٽن. مٿيان شهر هنن ڪي فتح ڪيا ۽ڪي نوان تعمير ڪرايا. ( وقائع راجستان – مولوي نجم الغني جلد اول).
750ع ۾ پرما راجپوتن سنڌ تي حملو ڪيو پر شڪست کاڌائون. ڪجهه وقت کان پوءِ سومرن عرب گورنر ن جي تابعداري مڃي ۽ مقامي پرڳڻن ۾ پنهنجي حڪومت جو پايو وڌو. هيگ لکي ٿو ته ” سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ پراڻ جي طرف جيڪي هندو راجائون هئا ، سي اگرچه عرب خليفن جي پاران حڪومت ڪندا هئا، پراندروني طرح ملڪ جي انتظام ۾ هو خود مختيار هئا. ( دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري – سه ماهي مهراڻ ).
752ع کان گهڻو اڳ ۾ ٺٽي ننگر وارو پاسو سومرن جي صاحبي هيٺ هو ۽ اتي هنن ٿري شهر ۽ امر ڪوٽ ۾ فوجي نوعيت جا قلعا ٺهرايا . مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ” سومرا عيسوي اٺين صدي کان سنڌ جا والي بنيا.“ هيءَ تاريخي حقيقت آهي ته جڏهن عرب حاڪم خليفي هشام جي ڏيهن ۾ 723ع ۾ دمشق ۽ انجي ماتحت علائقن ۾ فساد ٿيا تڏهن اروڙ جو ناظم نعيم ” عتبي عراق ڏانهن هليو ويو ۽ پٺيان چندرونسي اروڙ تي قبضو ڪري ورتو. ( تاريخ سنڌ – سومرا ۽ سما دور – عبدالغني ميمڻ ، ص نمبر 44). مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته ” بنو اميه خليفن جي وقت ۾ ( 712 – 749ع ) ۾ راجا دلو راءِ سومرو اروڙ جو حاڪم هو. ان کان پوءِ سومرا هوريان هوريان سلطنت کي وڌائيندا رهيا ۽ 1010ع ۾ هنن عربن جي ڦٻايل مرڪزي شهر اروڙ تي قبضو ڪيو. ( هسٽري آف سنڌ – انگريز ص نمبر 52). عباسين خليفن جي ڏينهن ۾ سومرن جي سنڌ ۾ مضبوط حڪومت هئي. ڊاڪٽر دائود پوٽو لکي ٿو ته ” جڏهن سلطان محمود غزنوي سومنات لٽي ڪڇ رڻ کان ٿيندو منصوره پهتو تڏهن اتان جو حاڪم حنيف سومرو هو. اهڙي طرح سلطان محمود غنوي سنڌ ۽ ملتان کي فتح ڪيو.
( تاريخ معصومي: فوٽ نوٽ فارسي – سلطان محمود هندستان تي بار بار حملا فقط ان ڪري پئي ڪيا ته جيئن درياهه سنڌ ۽ ان جي معاون سامونڊي ساحل جيڪو ان وقت تجارت جي وڏي شاهراهه طور تي استعمال ٿيندو هو، خيوا، بخارا، تاشقند ، سمرقند، منگوليا، ڪابل ، غزني ، قنڌار۽ وچ ايشيا جي ٻين شهرن ۽ ملڪن جو مال، قافلن رستي ملتان، بکر، سيوهڻ ۽ ديبل جي بندرن تي پهچندو هو، ۽ پوءِ اتان اهو مال مشرق وسطي آفريڪا، ڏکڻ اوڀر ايشيا، سري لنڪا، بنگال ۽ ڏور ايشيا جي ملڪن ڏانهن بحري ٻيڙين وسيلي روانو ٿيندو هو. انهي عظيم تجارتي بحري شاهرهه کي قائم رکڻ لاءِ سلطان محمود کي ملتان ۽ منصوره جي رياستن تي حملو ڪرڻ پيو. جيڪا شاهراهه قرامطين جي قبضي هيٺ اچي چڪي هئي. ( روزانه سنڌ نيوز 27 فيبروري 1981ع)
جڏهن 1035 ع ۾ سلطان عبدالرشيد جي سلطنت ڪمزور ٿي، تڏهن سنڌ تي سومرن پنهنجي سردار سورهه کي ٿري شهر ۾ تخت تي ويهاريو. هن سردار لاڙ جي صاد نالي هڪ زميندار جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. سومره ۽ سندس پٽ راجپال اهڙا ته طاقتور سومرا حاڪم هئا جو حڪومت ملتان کان وٺي ڪڇ تائين قائم هئي ۽ ٻنهي يا سندن اولاد جي ڪن حاڪمن ايڏي وڏي ملڪ تي حڪومت ڪئي. سومرن جي سلطنت ۽ وسعت هن طرح هئي . اتر ۾ ديره غازي خان ، ملتان، اچ، پتڻ ، سبي، اروڙ، سيوهڻ ۽ بکر وغيره تائين هئي. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو رايو آهي ته ” ملتان جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ يعني موجوده بهاولپور ڊويزن واري ايراضي ۾، مقامي طور سومرا حاڪم خودمختيار حيثيت ۾ گهڻي وقت تائين حڪومت ڪندا رهيا. هاڪڙي درياهه جي اڀرندي ناري پتڻ شهر وٽ هڪ شهر آباد هو جيڪو سندن تختگاهه هو. مطلب ته ملتان جي سڄي رياست تي سومرن حاڪمن جو قبضو هو. ( سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ - ص نمبر 198) اڀرندي ڏي راجستان ، لڊاڻو، جيسلمير، ڍٽ ، ڀونگل، بيڪانير، ٿر، برهمڻ آباد ۽ امر ڪوٽ وغيره تائين هئي. ڏکڻ ڏي گجرات، مالوهه، ڪاٺياواڙ، ڪڇ، مڪران، لسٻيلو، قلات، جهالاوان، ڪاڇي ۽ اتر اڀرندي ۾ بلوچستان ۽ سبي کان ڦري ديرهه غازي خان تائين سومرن جي حڪومت هئي. ائبٽ صاحب ثابت ڪيو آهي ته ” ڪنهن زماني ۾ ڪڇ ، ڪاٺياواڙ ، گجرات ۽ سورت تي جيڪا راجپوت قوم حڪمران هئي سا سومرا قوم هئي. منگر ڀين واري قصي ۾ ڀيم درويش جي بي گناهه قتل ٿيڻ واري واقعي ۾ ڀيم درويش جي بي گناهه قتل ٿيڻ واري واقعي مان هن پڌرو ڪيو آهي ته ان وقت ڪڇ، گجرات، سورت ۽ ڪاٺياواڙ تي اهڙو هڪ زبردست سومرو حاڪم راڄ ڪندو هو جنهن جي مڃتا ڪڇ مڪران کان ويندي بکر ۽ ملتان تائين هوندي هئي. ان کان سواءِ قلات ڏانهن ڪڇي ۽ جهان والا به سندس ماتحت هئا. مطلب ته ريگستان جي علائقي کان وٺي بلوچستان جي ڪيچ ۽ مڪران ڪاڇي جهالا تائين سومرن جي حڪومت هئي. ( پراڻي سنڌي شاعري – محترم محرم خان سه ماهي مهراڻ 3 – 4 – 1966ع ).
1350ع ۾ جڏهن ڄام انڙ سمي سومرن تي ڪاهه ڪري سمن جي حڪومت جو بنياد رکيو . ان کان پوءِ به ٻه صديون سومرن جي حڪومت اڀرندي سنڌ ۽ راجستان ۾ باقاعدي هلندي رهي. سومرن ۽ سمن جون ٻه متوازي حڪومتون الهندي ۽ اڀرندي سنڌ تي قائم هيون. 16 صديءَ جي اوائل ۾ به محمد نالي سومرن جو ناليوارو سردار هو، جيڪو مصر ۽ شام تائين مشهور هو. انهيءَ محمد سومري وٽ مصري امام جو داعي شام کان پڇائيندو اچي سنڌ ۾ پهتو، پر محمد سومري کيس پير نه کوڙڻ ڏنو. ( تاريخ سنڌ – سيد ابو طفر ندوي ص نمبر 324).
سومرن جي حڪومت جو دور جيڪو 7 صديءَ کان شروع ٿئي ٿو سو سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياري جو دور هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته ” هي مقامي مسلمانن جي پهرين وطني حڪومت هئي. جيتوڻيڪ سومرن جي دور ۾ غورين ۽ غلام گهراڻي وارن سنڌ جي ڪن حصن تي قبضو به ڪيو هو، پر تنهن هوندي به ڏکڻ ، ڏکڻ اوڀر سنڌ ۾ ڪڇ جي ڪن حصن تي سومرا سردار قابض هئا. ( سنڌي ٻولي جي تاريخ – ص نمبر 201)،
سومرن جي عرب ۽ دٻدٻي جي ملڪان ملڪ هاڪ هئي. دهلي جي سلطنت جي مڙيوئي سنڌ تي لالچي نگاهه هئي ۽ اتان جا حڪمران هن سوني جهرڪي کي آزاد ۽ خودمختيار ڏسي سڙندا ۽ پچندا رهندا هئا ۽ سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا هئا، پر سومرن جي دليري ۽ شجاعت کان مرعوب ٿي ويندا هئا. 1032ع ۾ دهليءَ جي هڪ حڪمران شهاب الدين غوري پهريون ڀيرو سنڌ تي حملو ڪيو پر سومرن کين سنڌ ۾ اچڻ نه ڏنو. ٻيو ڀيرو هن 1177ع ۾ حملو ڪري ملتان ۽ اچ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ اهڙي طرح سنڌ ۾ غورين ۽ غلام گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي ۽ سنڌ دهلي جي ماتحت رهي ۽ اهو سلسلو خلجين ۽ تغلق سلطانن جي زمانن 1388ع تائين رهيو. پر تاريخ شاهد آهي ته سومرا اهو سارو عرصو هٿ تي هٿ رکي چپ ڪري نه ويٺا. بلڪ تيرهن سالن جي لاڳيتي جدوجهد ۽ قربانين کان پوءِ سنڌ جي هنن سرويچ سوڍن ۽ سورمن افغانن جي ناپاڪ قدمن کان سنڌ سڀاڳيءَ جي سرزمين کي پاڪ ڪيو ۽ ان دور ۾ وڳهه ڳوٺ کي پنهنجو تخت گاهه بنايو. جيتوڻيڪ غورين ۽ غلام گهراڻن جي راڄ ۾ سنڌ جي ڪن حصن ملتان ، بکر ۽ سيوهڻ تي وقت به وقت گورنر دهلي کان پئي آيا. پر سنڌ جا حقيقي حاڪم اهو سمورو عرصو سومرا ئي هئا ۽ لاڙ جي حصي تي مضبوطي سان قائم رهيا.
محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته ” جنهن زماني ۾ دهلي تي غلام گهراڻي جو راڄ هو ۽ سلطان ناصرالدين محمود بن التمش دهلي جو حڪمران هو. انهيءَ زماني ۾ ڪڇ ( هي علائقو هن وقت ڀارت ۾آهي) کان وٺي هالا ڪنڊي تائين سڄي علائقي تي سومرن جو قبضو هو. ( سنڌي ٻولي جي لساني جاگرافي – ص نمبر 18). سومرا حڪمران دهلي جي مرڪزي حڪومت کي ٻين هندو راجائن وانگر عشرهه ( پيدائش جي ڏهين پتي) ڏيندا هئا پر وري جڏهن دهلي جي سلاطين کي ڪمزور ڏسندا هئا ته خودمختيار ٿي رهندا هئا. ( تاريخ تمدن سنڌ – مولائي شيدائي – ص نمبر 222) اهڙي طرح هو سنڌ جي خودمختيار علحده رياست ۽ مقامي حڪومت کي قائم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا ۽ مرڪزي حڪومت سان برسر پيڪار رهيا. ان وقت خلجي بادشاهت طرفان هڪ محمد خان پٺاڻ سومرن تي ڪاهه ڪري آيو، جنهن جي مقابلي لاءِ سلطان ڀونگر هڪ جرنيل کي موڪليو جنهن محمد خان کي شڪست ڏيئي قيد ڪيو. ( سلطان دودو شهيد – غلام قادر سومرو ص نمبر 32). اهڙي طرح هنن بهادر اڳواڻن هر وقت ٻاهرين حاڪمن ۽ غاصبن سان مقابلا ڪري پنهنجي حڪومت ۽ پنهنجي ديس کي آزاد ۽ خودمختيار رکي پنهنجي عوام کي خوشحالي ۽ امن ۽ سڪون مهيا ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو ماڻهن پنهنجي حاڪمن جي حڪم تي لبيڪ چئي سندن ساٿ ڏنو. دراصل ڪنهن به حڪومت جي استحڪام ۽ مضبوطي جو راز اتان جي غريب ۽ پورهيت عوام جي دعائن ۾ ئي سمايل آهي. تاريخ شاهد آهي ته سومرا حڪمران پاڻ به غريب ۽ پورهيت عوام مان هئا ۽ خود به قومپرست هئا. ان ڪري ئي سندن حڪومت ساڍين ٽن صدين کان به مٿي هلي جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ رڪارڊ آهي.