سنڌ شناسي

سومرن جي دور جا سورما

ڪتاب ”سومرن جي دور جا سورما“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي. نياز همايوني لکي ٿو:
”سومرن جو دور، اھو سڌريل دور آھي جنھن ۾ سنڌين کي تھذيبي قدرن سان گڏ، قومي غيرت ورثي ۾ ملي. انھيءَ عظيم قومي ورثي جي ڪري اسان جي قومي ھيرن ۽ سورمن جي ساک توڙي سچائي، اسان لاءِ قومي علامت جي حيثيت رکي ٿي. اسان جي پياري دوست دادا سنڌي سومرن واري دور جي سورمن تي جيڪا محنت ڪئي آھي سان سندس قومي جذبي ۽ حب الوطنيءَ جي نشاني آھي.“
  • 4.5/5.0
  • 3369
  • 1037
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سومرن جي دور جا سورما

(الف) تعارف

تاريخ شاهد آهي ته سونهاري سنڌ، دنيا جو واحد خطو آهي ، جنهن ۾ نسل انساني جي پيدائش، افزائش ۽ اتقا ٿي. انساني تهذيب جي شروعات ۽ نشونما ٿي. انساني تمدن هتان ئي جنم ورتو ۽ اوج تي رسيو. ٻيءَ دنيا ۾ ، آدم جو ٻچڙو اڃا غارن ۾ رهندو هو جانورن وانگر ڍونڍ کائيندو هو، تڏهن سنڌ جو انسان اعلى ۽ ملائم نفيس ململ سان پنهنجو تن ڍڪيندو هو ۽ پٿرن ، مٽي ۽ سرن سان ٺهيل پڪن جاين ۾ رهي، انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ طريقا سوچيندو هو. قديم آثارن جي ماهر مسٽر آر جي بير چيو آهي ته ” تاريخ جي دور کان به گهڻو اڳ، هن ملڪ جي گود ۾ انساني تهذيب ۽ تمدن جنم ورتو.“ ڊاڪٽر نوحا ايس ڪريمر لکي ٿو ته ” بيشڪ تهذيب ۽ تمدن جو سرچشمو جنهن مان سڄي دنيا سيراب ٿي ، علم ۽ عرفان جي وسعت ۾ قدم رکندي ، اڳتي وڌندي ويئي ، سا هن تاريڪ خاڪدان جي مرهون منت آهي، جنهن کي واديءَ سنڌ سڏيو وڃي ٿو.“ اخبار الحڪماءَ ۾ آيل آهي ته ” دنيا جي سڀني قومن ۾ سنڌ علم و حڪمت جو سرچشمو آهي ۽ سنڌ عدل ۽ سياست جو پهريون مرڪز آهي. اسان جي ملڪ کان پري هئڻ ڪري سنڌ جا ڪتاب، جو اسان جي عالمن تائين گهٽ پهتا آهن. تاهم اسان وٽ جو ڪجهه به آهي اهو تمام گهٽ حصو آهي.“ حضرت علي ڪرم الله رضه ان ڪري ِ ئي سنڌ جي سر زمين لاءِ چيو آهي ته ” هيءَ اها علم۽ برڪت واري زمين آهي، جتان علم ۽ عرفان جو سج اڀري ٿو.“ قديم بابلي ادب ۽ تاريخ ۾ سنڌ کي سج اڀرڻ جو ديس سڏيو ويو آهي، جنهن ساري دنيا کي روشن ڪيو. نيپولين بونا پارٽ ، دريائي نيل کان سنڌ وندي تائين، واري خطي کي ” دنيا جي دل“ سڏبو آهي.
مورخ سنڌ جي شهرن جي رتصوير هن طرح چٽين ٿاته ” هن شهر ۾ هر طرف سک ۽ سانت ۽ امن امان آهي. هتي ڪوبه طاقتور ڪنهن ڪمزور کي ڪو اهنج رسائي نه ٿو سگهي. هتي ڪوبه پوڙهو نٿو سڏائي ۽ ڪابه پوڙهي زال پوڙهي نه چوائي. هتي جون نينگريون گهٽين ۾ گندو پاڻي به نه ٿيون هارين. هتي ڪوبه يتيم ٻار يا ڪابه بيواهه زال نه آهي.هتي ڪو به شخص بيمار نٿو گذاري ، هتي ڪنهن کي به مٿي جو سور يا اکين جو آزار نه ٿو ٿئي. هيءَ زمين بهشت جي سرزمين آهي. “
ڊاڪٽر ايس ڪريم جو چوڻ آهي ته ” هتي ماڻهو وڏن پڪن گهرن ۾ رهندا هئا ۽ شهر جو نظام نهايت ئي سڌريل هو ( سنڌي ) پنهنجي هم عمر ۽ مصرين کان وڌيڪ سڌريل ۽ تمدن هئا. “ سنڌ جي ئي هڪ عالم اونيسس خليج فارس پار ڪري ، سمرين کي لکڻ، پڙهڻ ، ترڻ، تير هڻڻ، ٻيڙيون جوڙڻ، ٻيڻيون هلائڻ، ٿانو ٿپا تيار ڪرڻ، ڪپڙو اُڻڻ، اڇو اجرو اوڍڻ ۽ سکي زندگي گهارڻ لاءِ، شهر اڏڻ جي سکيا ڏني.“ اهي ثبوت سامهون رکي ، آرنلڊ ولسن چيو ته ” بابل جي شهرت ۽ عظمت صرف سنڌ جي ڪري ئي آهي.“ ۽ نارمن برائون لکيو ته ” مصر، فونيقيه ۽ عراق جون تهذيبون، سنڌ جي ڪري ئي ترقي جي راهه تي رسيون.“ ( اڳوڻين سنڌ جو پرڏيهي واپار – دادا سنڌي ۽ سنڌ جي طبعي تاريخ – نياز همايوني صفحو نمبر 5 ۽ 6).
هيءَ سرزمين ، جيڪا مورخن جي لفظن ۾ ” بهت برين“ ۽ ” جنت الفردوس“ آهي، سا صرف پنهنجي تمدني ترقي، زرعي زرخيزي، دولت جي فراواني ۽ اعلى ڪلچر جي ڪري ٻاهرين جي لالچي ۽ حريصانه نگاهن جو مرڪز رهي ۽ ان ڪري ئي هي ڌرتي جي سيني تي ڪيترن ئي عالمي لٽيرن ۽ ڦورن، پنهنجن لشڪري گهوڙن جي سنبن سان ، هي متبرڪ سر زمين کي زتوويت ڪيو. تاريخ جو ورق ادب ۽ ڪلچر جو هڪ هڪ پنو گواهه آهي ته، سنڌ جي ٻچي ٻچي پنهنجي هن ڌرتي ماتا، جي پاڪ ۽ پوتر خاڪ تي ، پنهنجا ڪنڌ ڪٽايا، پر پنهنجي جيئري هن سرزمين جو هڪ انچ به ڌارين جي حوالي نه ڪيو. هتان جو حڪمران طبقو ، جيڪو مقامي ۽ پنهنجو هو، تنهن عوام کي پاڻ کڻي سنڌ جي اميري، شاهوڪاري ۽ سالميت لاءِ ڪوششون ڪيون. سنڌ جا سومرا حڪمران به هن ئي ڌرتي جا سپوت ( سن آف سوئل) هئا، تن سنڌ جي سالميت، آزادي ۽ خودمختياري جي لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون، تن کين تاريخ ۾ منفرد مقام ڏيارو آهي. ڇا بزم ۾ ، ڇا رزم ۾ ، ڇا ادب ۾ ، ڇا شاعري ، ڇا ميدان جنگ ۾، ڇا قلم ۾، هتي جي هر مرد ۽ عورت ، ٻار ۽ ٻڍي ، پنهنجي ملڪ ۽ ملت لاءِ قربانيون ڏنيون. سومرا حڪومت جو باني امير سومرو پهريون سردار هو، جنهن پنهنجي بهادري ۽ انتظامي صلاحيت سان حڪومت قائم ڪئي ۽ پوءِ هن جي پٺيان ايندڙ هر حڪمران ، پنهنجي خانداني روايتن کي قائم رکندي، ٻني ۽ وني، ننگ ۽ وطن کي سڀ کان اعلى رکندي، هر قدم تي ان جي حفاظت ڪئي. سومرن جي انهن اعلى ڪارنامن جو رڪارڊ ” دودي چنيسر“ وارو عظيم رزميه داستان آهي. جنهن کي سامهون رکندي اسان هن دور جي اعلى تاريخ ۽ تمدن تي فخر ڪري سگهون ٿا. ايندڙ صفحن ۾ هي داستان جي باريڪ تاريخي پهلوئن تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.