(ج) سومرن جي دور جا سورما
ٻاهران ايندڙ لٽيري حاڪم جا سڀ شرط مڃڻ سنڌ جي آرادي، ناموس ۽ قبيلي جي روايات جي خلاف هئا. جڏهن سومرن دشمن سان وڙهڻ جو اهو فيصلو ڪيو ته کين نتيجن جو پورو پتو هو. هنن وٽ گهڻي ۾ گهڻو چار پنج هزار ماڻهو هئا، جن کي هٿيار مهيا ڪري ڏيڻ به ڏکيو ڪم هو. هوڏانهن دهليءَ جي حڪومت ويهه هزار لشڪر، گهوڙن ، سٺن هٿيارن ۽ تربيت يافته سپاهين سان مقابلو ڪرڻو هو. اها غير مساوي طاقتن جي لڙائي هئي. کٽڻ جو ڪوبه امڪان ڪونه هو. ان ڪري هنن پنهنجا ٻار ٻچا ۽ زالون، ڪڇ ۾ ابل ابڙي سمي ڏي ڏياري موڪليون ۽ پاڻ مڙس ٿي مقابلي لاءِ تيار ٿيا. هاڻ سوال اٿندو ته هنن حالتن مان واقف هوندي به ڄاڻي واڻي ڇو موت ۾ منهن ڏيڻ قبوليو. ان جي جواب کي صرف اهي ماڻهو سمجهي سگهندا جي قومن جي قومي ڪرادار مان واقفيت رکندا هوندا. ان وقت سنڌي ڪردارن ۾ ڪي خاص حصوصيتون پيدا ٿي ويل هيون. جهڙوڪ (1) حب الوطني (2) قومي روايات (3) غيرت (4) آزادي جي هوا (5) انصاف . سومرن جي جنگ ۾ اهي پنج ئي خصوصيتون موجود آهن. جي هنن سڱ ڏيئي جان ٿي آزاد ڪرائي ته ستن پيڙهين کي ٿي لڄايائون، جي ڌارين جي حڪم حاڪم تي پنهنجي پسنديده حاڪم کي گادي تان لاٿائون ٿي ته اها ڳالهه سندس غيرت ۽ همت خلاف هئي، انڪري هنن وطن جي عزت، آزادي، روايات جي برقرار رکڻ خاطر سر ڏيئي سرهو ٿيڻ کي ترجيح ڏني ۽ گيدي جي حياتي کان عزت واري موت کي پسند ڪيو. امام حسين عليه السلام جي به ساڳي حالت هئي. سندس طرف 70 ماڻهو زالن ٻارن سميت هئا ۽ يزيد طرف هزارها لشڪر هو. پر
سر داد نه داد دست، بردست يزيد
يعني ” سر ڏيڻ وڌيڪ پسند ڪيائون، بنسبت يزيد اڳيان بيعت ڪرڻ جي. “
هنن به حسيني تي هلندي ، فنا ٿي وڃڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو.اهڙي طرح هنن سنڌين جي روايات ، غيرت ۽ حب الوطني کي زندهه رکڻ لاءِ پاڻ کي قربان ڪرڻ پسند ڪيو. سومرن مان اڪثر مرد ميدان تي مارجي ويا، سندن رهيل عورتن لاءِ چوڻ آهي ته دشمن جي هٿ هيٺ اچڻ کان راجپوتي دستور مطابق پاڻ جلائي `ڇڏيائون. ڪن جو چوڻ آهي ته زمين ڦاٽي پئي ان ۾ گهڙي ويئون.“ ( سنڌ جا سورما، جي ايم سيد ص نمبر 32).
هن مختصر تمهيد کان پوءِ ، سومرن جي هن دور ۽ واقعي سان واسطو رکندڙ مرد خواهه عورت، سورمن ۽ سورمين جو تفصيل سان ذڪر ڪجي ٿو، جن جون قربانيون اسان جو سونهري باب آهن ۽ نئين نسل لاءِ روشني جو مينار آهن.