(الف) سومرن جي شهادت ۽ تاريخ جو سبق
تاريخ رڳو جنگين ۽ جگهڙن ، شاهي لشڪر جي دهشت ۽ دٻدٻي ، حاڪمن جي ڪچهرين ۽ ڪهاڻين جو نالو نه آهي، پر تاريخ ڪنهن مخصوص دور جنهن سان ان جو واسطو هجي جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو آئينو هوندي آهي. جنهن مان اهو معلوم ٿي سگهندو آهي ته ان دور ۾ سياسي ۽ اقتصادي حالتن جو سماجي اوسر تي ڪهڙو اثر پيو ۽ ان دور جي عوام پنهنجي محدود وسيلن سان ڪهڙي طرح قومي اوسر ۾ هٿ ونڊايو. تاريخ جي ابي ابن خلدون جو چوڻ آهي ته ” تاريخ صرف واقعات ۽ حادثات جو نالو نه آهي پر تاريخ انهيءَ پسمنظر جو نالو آهي جنهن ۾ معاشي ۽ معاشرتي ڪشمڪش جي ڪري اجتماعي طور انقلابي تحريڪون اٿن ٿيون. جنهن ۾ قومن جي ڪمال ۽ زوال جا اسباب ۽ عوامل لاشعوري طور بيان ٿين ٿا.“ هن لکت موجب اسان کي سومرن جي دور جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي پس منظر کي نظر ۾ رکي بحث ڪرڻو آهي.
(الف) هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سومرا خالص سنڌي قوم هئا ۽ هنن ساڍا ٽي سئو ورهيه حڪومت ڪئي. سڀ تاريخ نويس ، هن ڳالهه تي متفق آهن ته ان ئي عرصي سنڌي قوم کي خالص مقامي ۽ قومي خودمختيار حڪومت هلائڻ جو وجهه مليو. يعني انهي عرصي کي قومي حڪومت جو درجو حاصل آهي. ان کان پوءِ وري ڪڏهن به اهل سنڌ جي بخت يا وري نه ڪئي. هميشه پراون ۽ حمله آورن جو مٿن تسلط رهيو. جي ڪڏهن به قوم جا خير خراهه نه رهيا. سومرن جي ڪمزوري لفظ سنڌ هو. هو سنڌ لاءِ زندهه رهيا ۽ سنڌ لاءِ سر ڏنائون ظاهر آهي ته اهو ” سنڌيت“ جو لفظ دشمن لاءِ للڪار ثابت هو.
(ب) ” سنڌ“ هڪ اهڙو زرخيز ۽ سکيو ستابو علائقو هو جو هر غنيم جي نظر هن تي هئي. ان ڪري منگول ۽ ايراني قومون جڏهن سنڌ کي گهوڙن جي سنبن سان پائمال ڪري رهيون هيون تڏهن ڪنهن مقامي قوم جو اڀري اچڻ لازمي ڳالهه ۽ وقت جي اهم تقاضا هئي. لهذا فقط سومرا ئي هئا جن لاڙ ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائي پاڻ کي منظوم ڪيو.
(ث) سومرن جي خودمختيار حڪومت ڀرواري هند جي وڏي مملڪت ۽ شهنشاهيت جي اکين ۾ ڪنڊو هئي. هنن ننڍڙي آزاد رياست وڏن وڏن بادشاهن جا ارادا مٽي ۾ ملائي ڇڏيا هئا. غزنوين غورين ۽ خلجين کي ٻچ به ڪانه ڪئي. حالانڪ انهن مغلن ڀر وارين رياستن ۾ رڻ ٻاري ڏنو هو ۽ اهو ڏينهن خالي ڪونه هو جنهن ڏينهن مغلن انساني خون نه وهايو هجي پر سنڌ ڏانهن ميري اک کڻڻ جي کين جرئت ٿي نه سگهندي هئي. دهلي جي حاڪمن کي فيروز شاهه تغلق سان سومرن جي جنگ ياد هئي. جناب ابن الياس سومرو لکي ٿو ته : ” انهيءَ جنگ ۾ سومرن سان جاڙيجا ۽ سما راجپوت به شامل هئا، مگر فتح نصيب نه ٿي سگهي. ليڪن اها حقيقت آهي ته هي پهرين لڙائي هئي جا هڪ مقامي قوم ڌارين سان ڪئي هئي. اها به حقيقت آهي ته ان کان پوءِ دهلي جي گورنرن جي سنڌ تي پڄاڻي ٿي. ان کان اڳ ست سئو ورهين ۾ سنڌ جي ڪنهن به ديسي قوم دهلي، غزني ۽ فارس جي حاڪمن خلاف تلوار نه کنئي هئي. ان بعد هميشه لاءِ جنگ وجدل جو دور ختم ٿي ويو ۽ سنڌي قوم يڪ سوئي سان پنهنجو ڌيان ثقافتي ۽ تمدني حفاظت طرف ڪري سگهي.( وڳهه ڪوٽ جا وريام – شان سنڌ ص نمبر 17).
(ج) علاءُ الدين خلجي پنهنجي ڀاءُ الخ خان کي 1297ع ۾ ملتان تي چاڙهي موڪليو جنهن ملتان جي گورنر علي خان کان حڪومت جي واڳ کسي نصرت خان کي ملتان اچ، بکر ۽ سيوستان جو گورنر مقرر ڪيو ۽ کيس ڏهه هزار فوج ڏني ته هو چڙهي وڃي ۽ جتي به ڪو باغي هجي ته ان کي وڃي آن مڃائي ۽ ختم ڪري اهڙي طرح تخت نشين ٿيڻ کان پوءِ علاءُ الدين بنگال، دکن ، گجرات ۽ سنڌ تائين سڄو ملڪ مطيع ڪيو ۽ آخري دور ۾ ملتان ، اُچ ۽ سنڌ جي حڪمراني غازي ملڪ حوالي ڪيائين.( تاريخ معصومي سنڌي ترجمو – ص نمبر 52).
(د) سومرن جي آخري حڪمران عمير جي پيءُ دودي جي وقت ۾ ( سلطان علاءُ الدين جي حڪومت واري دور ۾ ) خودمختياري تان سنڌ جي سومرن حڪمرانن ۽ دهلي جي خلجي سلطانن جي وچ ۾ جيڪا ڪشمڪش شروع ٿي سا پوءِ ويندي سمن حڪمرانن ۽ تغلق گهراڻي جي بادشاهن جي دور تائين هلندي آئي . غالباًً سومري حاڪم دودي خودمختيار ٿي حڪومت ڪرڻ چاهي جنهن ڪري سلطان علاءُ الدين جي سپهه سالارن سنڌ تي چڙهائي ڪئي. دودي کان پوءِ سندس پٽ همير ( سومرن جو آخري حاڪم ) دهلي جي سلطانن جو مطيع ٿيو ۽ سندن مدد جي سهاري سان حڪومت ڪرڻ لڳو.انهيءَ تان سومرا توڙي سما سربراهه سندس مخالف ٿيا ۽ هنن ڄام انڙ جي اڳواڻي هيٺ هڪ جدا خودمختيار حڪومت قائم ڪئي، جنهن تي سلطان محمد بن تغلق سومرن ۽ سمن تي چڙهائي ڪئي. ( ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ – سومرا دور – ص نمبر 199).
(ح) دهلي سلطنت جي مخالفت کان سواءِ سومرن جي خلاف گجر ۽ واگهيلا به هئا. سومرن جي اوائلي دور جي ڏيڍ سئو سالن ( 1250- 1100ع ) واري عرصي ۾ سومرن جون گجرن ۽ واگهيلن سان جيڪي جنگيون لڳيون، تن ۾ سومرن ئي کٽيو. ڪڇ جي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف وارن حصن ۾ گهڻو آڳاٽو گجرن جي حڪومت هئي ۽ گجرن جون رياستون سنڌ جي سرحد سان لاڳيتو هيون. سومرا سياسي ۽ عسڪري طرح گجرن کان ڏاڍا هئا. وڳهه ڪوٽ اصل گجرن جوهو جو هو جيڪو سومرن کانئن کسي پنهنجي گادي جو هنڌ بنايو ۽ گجرن ۽ سومرن جو مسلسل لڙايون لڳيون پر گجرن کي شڪست ملي. روايتن ۾اچي ٿو ته جئسينگ گجر پنهنجن مائٽن کي وٺي وڳهه ڪوٽ ۾ ڀونگر راءِ سومري کان ٻاگهي جي سڱ لاءِ آيو پر ڀونگر کي مٺيان لڳي ۽ هنن گجرن سان جنگ ڪري کيس ڀڄائي ڪڍيو. ( ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ – سومرا دور – ص نمبر 199).
اها ٻاگهي پهرين هئي. گجرن ڏٺو ته سياسي ۽ جنگي طرح هو سومرن سان پڄي نه ٿا سگهن ان ڪري اڳتي هلي گجرن وڏي سياسي راند کيڏي ۽ سومرن سان مٽيون مائٽيون شروع ڪيون. ان ڪري گجرن جي مرضي سان ڀونگر بادشاهه لاڏاڻي گجر جي ڌيءَ روپا سان 640هه ۾ شادي ڪئي.
[i] ( ڪن روايتن ۾ آهي ته روپا جي ذات لهر بيان ڪئي ويئي آهي پر حقيقت هن ريت آهي ته روپا جا مائٽ اصل ۾ گجر هئا، پر جيئن ته لوهڻ جي ڀرسان اهي سٺيون تلوارون ۽ ٻيو جنگي سامان ٺاهيندا هئا انهيءَ ڪري لوهر سڏجڻ لڳا. ( سنڌ جو انقلابي عورتون – ص ن 92). [/i]
لاڏڻو گجر ان وقت ڪوسر ۽ ريڻ تي راڄ ڪندو هو. هي مائي آئي به سومرن ۾ انتشار پيدا ڪرڻ لاءِ هئي. هن جي اچڻ سان ئي وڳهه ڪوٽ مان دارالسلطنت کڄي نئين شهر روپا ماڙي ۾ ٿي جتي هي مائي صاحبه ڌار رهڻ لڳي. جڏهن چنيسر ڄائو ته ان جي سنڀال پرورش تعليم ۽ جنگي سکيا جو استاد دائود شيخ رکيو ويو ۽ چنيسر کي هر ڳالهه ۾ سومرن کان پري ڪيو ويو. ايتري قدر جو چنيسر جي والده چنيسر کي پنهنجن مائٽن مان پرڻايو. چنيسر جي زال مريم محمد نالي گجر سردار جي ڌيءَ هئي. ڀونگر کي خبر پيئي ته اڳتي هلي خاندان ۾ ڏڦيڙ پوندو ان ڪري ئي هن دودي ۽ چنيسر جي پٽ ننگر جو مڱڻو به ڪيو. پر جڏهن ڀونگر مري ويو تڏهن گجرن سومرن خلاف ڪاروائي شروع ڪئي ۽ واگهيلا به ان سازش ۾ شريڪ ٿيا. گجرن جي مرضي هئي ته حڪومت چنيسر کي ملي ۽ اهڙي طرح هوئي حڪومت جا مالڪ ٿين. پر سومرن جي پارليامينٽ وڏي سياسي سوچ رکندڙ ۽ انتظامي امور ڄاڻيندڙ هئي. هنن چنيسر کي به حڪومت ڀونگر جو پٽ ڄاڻي پئي ڏني پر جڏهن هن چيو ته ” مان ماءُ کان پڇي اچان“ ته سومرن سمجهيو ته هو اڳتي هلي مڪمل سياسي طرح ماءُ جو ٿيندو جيڪا ” گجر سردارن“ جي چوڻ ۾ آهي ۽ اهڙي طرح گجر ۽ واگهيلا اڳتي هلي سومرن جي حڪومت جو خاتمو ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪندا. ان ڪري هنن چنيسر کي حڪومت نه ڏني ان مان هي به صاف ظاهر آهي ته چنيسر جي ماءُ ان زال جيڪي ٻيئي گجرن جي مفاد لاءِ ڪم ڪري رهيون هيون تن چنيسر کي اڀاريو ته هو ٻاهريون لشڪر سنڌ تي چاڙهي اچي. اسان جي عوامي ادب ۾ اهڙيون ڪافي روايتون ملن ٿيون جنهن مان خبر پوي ٿي ته چنيسر کي سندس ماءُ ۽ سندس زالن جي طعنن تپائي کنيو چنيسر جي پرورش به اهڙي ماحول ۾ ٿي جنهن موجب هو سومرن کي پنهنجو دشمن سمجهندو هو . ٻاگهل کي پنهنجي ڀيڻ به تصور نه ڪندو هو ۽ ”ننگر“ جڏهن ڪوئل سان لائون لڌيون ته هن علاءُ الدين جي هٿان پٽ ڪهرائڻ به مناسب سمجهيو. جڏهن چنيسر دهلي ڏانهن روانو ٿيو تڏهن گجر ۽ واگهيلا ساڻس گڏجي ويا ۽ ترم شيرين گجرن جي رياست گجرات کان ٿي سنڌ ۾ آيو ته سومرن حڪمرانن جي هر ڪٽنب هر قبيلي ۽ هر فرد مدد ڪئي پر گجرن ۽ واگهيلن مان ڪوبه نه آيو. ان مان صاف ظاهر آهي ته هي سارو کيل گجرن ۽ واگهيلن دهلي جي حاڪمن جي صلاح سان روپا ۽ مريم جي معرفت کيڏيو ۽ اهڙيءَ سنڌ جي هي عظيم الشان خالص سنڌي حڪومت ختم ٿي ويئي. افسوس جو سومرن جي حڪومت پوري ٿيڻ کان پوءِ سمن راجپوتن جي مختصر ابتدائي دور بعد وري سنڌ ساڳي پائي تي نه اچي سگهي. سمن پنهنجي سياسي تعلق جو رخ عربي ، ايراني ۽ افغاني نسل جي قومن طرف رکيو. اهڙي طرح سومرن جي حڪومت بعد سنڌ جون جيڪي به حڪومتون برپا ٿيون ۽ قائم رهنديون آيون ( وڳهه جا وريام – ابن الياس سومرو ص نمبر 17).
هڪ سياسي ، سماجي ، خانداني ۽ نفسياتي تجزئي مان هي صاف ظاهر ٿيو ته سومرن جي زوال ( FALL DOWN ) جا اسباب سياسي ۽ سماجي هئا ۽ ان مان اسان کي جيڪو سبق ملي ٿو ان کي ضرور نظر ۾ رکڻ گهرجي. ڇو ته تاريخ قوم جو تجربيگاهه آهي. تاريخ لئبارٽري ۾ قوم جي نئين نسل کي عظيم درس ملي ٿو. تاريخ ئي زندهه قومن جي جيوت جو نشان آهي قوم جي زندگيءَ جو اهڃاڻ آهي. تاريخ اهو روشن ڏيئو آهي جيڪو ملڪ ۽ ملت جي زندگيءَ جو ثبوت فراهم ڪري ٿو. تاريخ اهو آئينو آهي، جنهن ۾ قوم جو ماضي جهلڪيون ڏيندي نظر اچي ٿو ۽ اها قوم پنهنجي شاندار ماضي کي اڳيان رکي حال ۽ مستقبل جي تعمير ڪري ٿي. ان ڪري چيو وڃي ٿو ته تاريخ هر قوم جي نئين تعمير ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي ۽ نئين نسل جي تربيت ڪري ٿي.“ ( ادب ۽ تاريخ – داداسنڌي – روزاني هلال پاڪستان 21 مئي 1979ع).
هاڻي تاريخ جي روشني ۾ اسان سومرن جي دور جو تجزيو ڪنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته هيڏي ساري منظم ۽ مستحڪم حڪومت تباهه ان ڪري ٿي جو سومرن ڌارين مان شادي ڪئي ۽ اهي عورتون ، روپا ۽ مريم ، دشمن جون آلئه ڪار هيون ۽ سومرن ۾ صرف آيون به پنهنجي انتقام ۽ پلاند وٺڻ لاءِ. آزاد قاضي صاحب لکي ٿو ته” منهنجي خيال ۾ چنيسر پاران سنڌ کي تاراج ڪرائڻ واري واقعي ۾ قبائلي جهيڙي جو وڏو هٿ هو ۽ ان ڳالهه کي عملي جامو پهرائڻ ۾ انهن عورتن وڏو ڪردار ادا ڪيو جي سومرا سردار محبت مان شاديون ڪري آيا.“ (سنڌ جون انقلابي عورتون – ص نمبر 123ع).
اسان کي تاريخ جي لئبارٽري ۾ ڪيل تجربي مان اهو اصول ۽ نتيجو ٿو حاصل ٿئي ته ڌاري نسل کي پنهنجي گهر ۾ آڻڻ سان قومي وقار ختم ٿي وڃي ٿو ۽ قومي مسئلا پيدا ٿين ٿا. بين الاقوامي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته فلسطين جي سرزمين اتان جي اصل باشندن لاءِ ان ڪري تنگ ٿي چڪي آهي جو انهن پنهنجن گهرن ۾ يهودي عورتن کي آندو ۽ بنهه ساڳي طرح اسان سنڌي اڄ پنهنجي ” قومي وجود “ جي بچاءُ لاءِ ان ڪري جنگ لڙي رهيا آهيون جو اسان جي نوي سيڪڙو آفيسرن، عالمن ۽ اديبن جي گهرن ۾ ڌاريون عورتون آهن، ان ڪري اسان کي اقتصادي نقصان پهتو آهي پر نسل به ختم ٿي رهيو آهي ۽ آثار ٻڌائين ٿا ته اسان هن سنگلاخ زمين تي پنهنجو وجود برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا آهيون ڇو ته اهي ڌاريون عورتون اهڙو ئي ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، جهڙو ” روپا ۽مريم“ ادا ڪيو.
ڌريان ئي ڌار وڍي جي وڻ جدا ڪيا
تن سڪن ڪهڙيءَ سار ڪي اٺا مينهن ملير تي
شاهه رح