2. عورتون سورميون
سنڌي معاشري ۾ عورت اڇوت ۽ گهٽ درجي وارو سمجهيو وڃي ٿو. جناب محمد ابراهيم جويو سنڌي عورت جي مظلوميت جي تصوير هن طرح چٽي آهي ” مون پنهنجي اکين سان عورت کي پنهنجي مرد هٿان ايترو مارجندي ڏٺو آهي جو ڌڪن سبب رتوڇاڻ ٿي هو بيهوش ٿي ڪري پئي هوندي رت هن جي بت تي ڄمي پيو هوندو سندس معصوم ٻار هن جي پيرن ۾ ويهي هن جي بت تان ڄميل رت ڪڙيون ننهن سان کرڙي لاٿيون هونديون. ۽ منهنجي پنهنجي اکين ڏٺو واقعو آهي ته هڪ عورت جو زوري نڪاح وڌو ويو ۽ هو ان کان بچڻ لاءِ چوريءَ چوريءَ اَن جي گندي ۾ ٽپ ڏيئي لڪي وڃي ويهي رهي ڳولي ڳولي نيٺ چاپڙ لاهي هن کي گندي مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ڏاڍي مار ڏيئي زوري سندس نڪاح پڙهيو ويو. مون پنهنجي اکين سان هڪ پرڻيل عورت ۽ هڪ رنيل عورت کي هٿين خالي بنهه ٽن ڪپڙن ۾ گهر منجهان ڌڪجي ۽ لوڌجي ٻاهر ويندي ڏٺو ۽ هن کي واهه ڪانه هئي جتي هو وڃي ڪو اجهو وٺي مون پنهنجن اکين سان عورت جو سسي لٿل لاش ڏٺو جنهن کي ڪاري ڪري قتل ڪيو ويو. ( سنڌ جي ڪن ڪن ايراضين ۾ جڏهن ڪنهن مرد کي پنهنجي مخالف سان پلئه ڪرڻو هوندو آهي تڏهن انجي آسان طريقو اهو هوندو آهي ته هو پنهنجي ماءُ ، ڀيڻ ، زال يا ڌيءُ جي سري ڪهاڙيءَ سان ڪپي پنهنجي مخالف تي الزام رکندو آهي ته هو ڪارو آهي ۽ واجب القتل آهي .)
( غلام رباني ٽماهي مهراڻ 1989ع / 3)
مون عورت کي پنهنجي پيءُ پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي پٽ جي ملڪيت کان بيدخل ٿيندي ڏٺو. ڌيئن کي ڄمندي ماري ڇڏڻ ڌيئن کي حق بخشائي يا قرآن سان پرڻائي ويهاري ڇڏڻ جا مثال مون ڏٺا ۽ ٻڌا به منهنجو ڪنين ٻڌو سچو واقعو آهي ته هڪ نئين پرڻيل عورت کي رسي سان چوکنڀو ٻڌي مٿس گاسليٽ هاري باهه ڏيئي ساڙي ماريو ويو ڇاڪاڻ ته هن خراب ڌنڌي اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ هن ڳالهه کي کولڻ جون ڌمڪيون ٿي ڏنيون. هي به منهنجو ڪنين ٻڌو سچو واقعو آهي ته هڪ ڳرڀ وتي ڪنواري عورت کي سندس ڀائرن گڏجي گهٽو ڏيئي ماريو ته جيئن هو ٻار نه ڄڻي ۽ خاندان جي خواري نه ٿئي.“ ( سهڻي سلسليوار نمبر ستون ص نمبر 11 ۽ 12).
هي قصو انهيءَ عورت جو آهي جيڪا سنڌي سماج ۾ هر دور ۾ پيڙجندي رهي آهي ۽ هتان جو هيڻي ۾ هيڻو مظلوم ۾ مظلوم ۽ بيوس ۾ بيوس انسان آهي. پر هيءَ حقيقت آهي ته عورت عظيم آهي. هو انسان جي تخليق جو عظيم ڪم سرانجام ڏي ٿي. ان ڪري جڏهن سجاڳ ذهن وٽ اقتدار جي ڪرسي ۽ حڪومت جو نظام اچي ٿو ته هو ڪائنات جي هن عظيم ۽ پاڪ هستي کان گهڻو قدر ڪري ٿو. تاريخ شاهد آهي ته ” سومرن جي دور “ ۾ عورت جو وڏو قدر هو. هن دور ۾ عورت کي معاشي اڪائي سمجهي سندس حيثيت کي مڃيو ويو. پورهيت طبقي ۾ پيداواري عمل دوران عورت ۽ مرد جي برابري وارن بنيادن تي شراڪت موجود هئي. انهيءَ شراڪت سبب عورت سماجي طور تي پنهنجا حق ۽ فرض ادا ڪرڻ ۾ آزاد هئي. سسئي جو پنهون لاءِ گهر ڇڏي روهه ۾ رلڻ ان وقت جي معاشري جي آزاد خيالي جي علامت آهي. هن دور جي پورهيت گهراڻن ۾ عورت سموري سماجي ۽ اقتصادي عمل ۾ برابري جي بنياد تي خودمختيار ڪردار جي مالڪ هئي هن دور ۾سندن ايڏي مڃتا هئي جو روپا ماڻي سونماڙي ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا واهڻ عورتن جي نالن پٺيان سڏيا وڃن ٿا جن مان عورت جي سماجي حيثيت جي خبر پوي ٿي انهيءَ دور ۾ عورت کي جيڪو سماجي رتبو حاصل هو تنهن مطابق عورت قبيلائي نظام ۾ مختلف برادرين ۽ نسلن جي وچ ۾ ڳانڍاپي صلح عزت ۽ احترام واري شخصيت هئي.“ ( جنت السنڌ – جناب مولائي شيدائي – ص نمبر 319)
هن دور جون عورتون پڙهيل ڳڙهيل انتظامي صلاحيتون ۽ قومي شعور رکندڙ هيون. هونه صرف سٺِيون گهر ڌياڻيون پر انتظامي امور ۽ راڄنيتي ڏيتي ليتي جون به ڄاڻو هيون. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جي هن عظيم خاندان جي عورتن سنڌ تي حڪومت ڪئي جن مان تارا ٻائي ۽ همون ٻائي مشهور سنڌي راڻيون آهن. تارا ٻائي دودي پهرئين جي ڌيءَ هئي، جنهن 1092ع ۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ ظاهري طور پڳ سندس پٽ سنگهاري پر حڪومت جون واڳون دودي جي ڌيءَ تارا ٻائي جي هٿ ۾ هيون. هي پهرين سنڌي خاتون هئي جنهن سياست ۾ مردانگي سان قدم رکيو سومرا ساڻس وفادار ۽ فرمانبردار ٿي رهيا. ان ڪري دودي جي موت بعد جا ملڪ جي حصن ۾ شورش پيدا ٿي پيئي تنهن کي هو آساني سان ختم ڪري سگهي. هن عورت ان وقت تائين وڏي شان ۽ دٻدٻي سان راڄ ڪيو، جيستائين سنگهار وڏو ٿيو. هندستاني لکندڙ ڪيترائي صاحب رضيه سلطانه کي پهرين خاتون حڪمران لکند آهن ، پر اها ڳالهه تاريخي ۽ تحقيقي لحاظ کان صحيح نه آهي. رضيه سلطانه 664هه بمطابق 1236ع ۾ دهلي جي تخت تي ويٺي پر تاراٻائي ان کان ڪافي اڳ حڪومت ڪئي. ( جناب عبدالمگسي سماهي مهراڻ 1989ع / 2 ص نمبر 81).
همون ٻائي سنگهار پٽ دودي جي گهرواري هئي جڏهن سنگهار بنا اولاد جي گذاري ويو تڏهن حڪومت جون واڳون سندس گهرواريءَ همون ٻائي سنڀاليون. هي نهايت ذهين هوشيار ۽ بهادر عورت هئي. هن حڪومت جون واڳون ملڻ سان درڪ جي قلعي کي پنهنجو تخت گاهه بنايو ۽ انتظامي سهولتن خاطر پنهنجن ڀائرن مان هڪڙي کي محمد طور حاڪم مقرر ڪيو ۽ ٻئي کي ٿري شهر ۾ رکيائين ۽ پاڻ ٻنهي جي نظرداري ڪرڻ لڳي. هن جي حڪومت ڏکڻ ۽ اتر سنڌ تي قائم هئي. هن اعلى صلاحيتن سان ملڪ ۾چوطرف امن امان وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو. همون ٻائي ميدان جنگ ۾ مخالفن سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي. ( آزاد قاضي – سنڌ جون انقلابي عورتون – ص نمبر 90 )
اهو ئي سبب آهي جو اڄ جا مورخ به سنڌ جي سومرا دور جي عورتن جي واکاڻ ڪن ٿا. جناب راڄ محمد پلي لکي ٿو ته ” هن قوم جا نه رڳو مرد ناليرا هئا بلڪ سورهيائي ۽ سرويچي بهادري ۽ بربادي سيل ۽ سرت ، غيرت ۽ عصمت ۾ هن قوم جون ٻانهيون به ڳائبيون ويون آهن ۽ نڄاڻ ڪيسين تائين ڳائبيون رهبيون.“ ( صوفي صادق فقير جو ڪلام – ٽماهي مهراڻ 1965ع / 2-1 ص نمبر 245)
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکي ٿو ته ” هن دور ۾ نه فقط سونهن ۽ سونڀيا جي ڪري سنڌ جون عورتون شهرت واريون هيون پر عقل ۽ سمجهه ۾ مومل، سومل ۽ ناتر وٽ ڪيترائي آيا ۽ مات ٿي ويا. مارئي اڄ به تمثيل طور پيش ڪئي ويندي آهي. هر طبقي ۽ هر نظرئي جي اديبن ۽ شاعرن مارئي کي ساراهيو آهي ۽ سندس ڪردار کي نمائندو ڪري پيش آهي. مارئي اڄ به سنڌ جي نياڻين جي ترجماني ڪري ٿي. اهڙي طرح همت مردانگي استقلال ۽ بردباريءَ جو جيڪو مثال سسئي پيش ڪيو آهي سو لاثاني آهي. هن دور ۾ ساڻيهه تان سر صدقي ڪرڻ نه فقط مردن جو مرڪ هو بلڪ عورتن به حب الوطني جا عظيم مثال قائم ڪيا آحن. ٻاگهل ( دودي جي ڀيڻ ) وطن تان پنهنجو سر گهوريندي ذري ماتر ڪانه هٻڪي اهڙي طرح هيمون ٻائي ۽ تارا ٻائي جا ڪارناما به سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندا. ( سومرن جي دور ۾ سنڌي ادب – نئين زندگي فيبر وري 1972ع ص نمبر 22).
محترمه مهتاب اڪبر راشدي صاحبه لکي ٿي ته ” سومرن جي دور ۾ اهڙيون عورتون ملن ٿيون جن مختلف دورن ۾ ظلم ڏاڍ ۽ ناانصافي خلاف جنگ جوٽي نه صرف آواز اٿاريو پر پنهنجي ۽ پنهنجن سهاڳن ۽ اولاد جي قرباني به ڏئي به ديس جي مٽي کي ملهايائون.“ ( سنڌي عورتن جو سياست ۾ حصو – ماهوار پيغام نومبر 1983ع).
هاڻي اسين ” دودي علاءُ الدين واري جنگ“ جي حوالي سان اهڙين سورمين سنڌي عورتن جو تفصيلي ذڪر ڪنداسين جن نه صرف گهر کي سنڀاليو پر قومي عزت ۽ وقار برقرار رکڻ لاءِ نه رڳو فڪري پر علمي جدوجهد به ڪئي . هنن سوڍن نه صرف پنهنجي اولاد ۽ عزيزن کي ملڪ جي آزادي ۾ حصي وٺڻ لاءِ همٿايو پر وقت اچڻ تي پاڻ به هٿيار کڻي ميدان ۾ نڪري آيون.
[b](الف) ٻاگهل ٻائي
[/b] سنڌ جي هي عظيم عورت ڀونگر جي ڌيءَ ۽ دودي جي سڳي ڀيڻ هئي. هو چنيسر ۽ دودي کان وڏي هئي. سندس پرورش ۽ پالنا وقت جي دارالحڪومت وڳهه ڪوٽ ۾ ٿي. ٻاگهل ٻائي سگهڙ سياڻي، سچار ۽ سپتي عورت هئي . باهمت جرئتمند ۽ غيرتمند سنڌي نياڻي هئي. عقل جي اڪابر سياسي سوچ رکندڙ، قومي امور جي پرک رکندڙ ۽ راڄ ڀاڳ جي فيصلن جي اهميت ڄاڻيندڙ عورت هئي. کيس سنڌ جي ڌرتيءَ سان اٿاهه پيار هو. هو قومي ڳالهين ۾ ٻنهي ڀائرن کي سمجهاڻيون ڏيندي رهي ٿي. جڏهن سنڌ جي پارليامينٽ فيصلو ڪري کيس پڳ موڪلي ته هو تارا ٻائي ۽ همون ٻائي وانگر حڪومت هلائي ته تڏهن هن جواب ڏياري موڪليو ته ” ڀائرن جي هوندي ، ڀينرون پڳ نه پائينديون آهن“ ۽ وڌيڪ هن دور انديشي کان ڪم وٺندي ، پڳ چنيسر جي حوالي ڪئي. پر جڏهن راڄ دودي کي پڳ ٻڌائي ته چنيسر ڪاوڙ مان ڀيڻ وٽ آيو. دودي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو ۽ سنڌ تي پر انهون لشڪر وٺي اچي پنهنجي بي عزتي جي پلاند وٺڻ لاءِ دڙڪا ڏيڻ لڳو تڏهن ٻاگهل ٻائي جنهن جرتمندي سان جواب ڏنو تنهن مان سندس قومي وفا سياسي امور جي ڄاڻ ۽ ساڻيهه جي سڪ نمايان ٿئي ٿي. پاڻ کيس چوي ٿي ته ”ادا منهنجا ڀاءُ هي پڳ نه چنيسر جي آهي ته وري دودي جي . هي پڳ راڄ جي آهي، جنهن کي پڳ پارائي سو ئي پڳ جو مالڪ آهي باقي سنڌ تي ٻاهريون ڪاهرائي اچين سو صحيح نه آهي. سنڌ اسان جي ماءُ آهي ۽ ماءُ جي ٿڃ مهراڻ جو لڙاٽيل پاڻي آهي. اسان سڀني هن ڌرتي جي ٿڃ پيتي آهي. اسين سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهيون. جي تون امڙ جو مندو ٿيندين ته ياد رک ته ڀيڻ جا هٿ جيڪي هميشه ڀائرن جي دعائن لاءِ کڄندا آهن اهي توکي رت ۾ ڳاڙهي ڪرڻ لاءِ تلوار به کڻي سگهن ٿا.“ چنيسر اها ڳالهه ٻڌي ناراض ٿي دهلي هليو ويو ۽ ڀيڻ کان هنن لفظن جي بدلي وٺڻ لاءِ دشمن کي ٻاگهل جي سڱ ڏيڻ جي آڇ ڪئي.
بهرحال جڏهن جنگ ۾ دودو ننگر ابڙو، ۽ ٻيا سوڍا مارجي ويا. چنيسر کيس چوائي موڪليو ته ” اسان تنهنجو سڱ علاءُ الدين بادشاهه کي ڏيڻو ڪيو آهي اميد ته تون انڪار نه ڪندين“ ٻاگهل ٻائي اهو ٻڌي باهه ٿي وئي ۽ کيس چوائي موڪليائين ته اسان سنڌ جو رهاڪو ڪنهن ٻئي ملڪ يا ٻئيءَ ذات واري سان ملڪ قوم ۽ ٻولي جي لحاظ کان هر حالت۾ ڌاريو اوپروو آهي. ان ڪري آءُ پنهنجو ست وڪڻي پنهنجي ملڪ ۽ قوم تي ڪارنهن جو ٽڪو هرگز نه لائيندس آءُ اهڙي بي عزتي ۽ بي غيرتي واري سهاڳ کان سڄي ملڪ ۽ قوم جي موت کي بهتر ٿي سمجهان.“ جڏهن سڀئي جوڌا، جوان ۽ سنگهار سوڍا، ان سوال تي سر ڏيئي سرخرو ٿيا آهن، تڏهن آءُ ها ڪري شهيدن جي خون کي چکيا تي چڙهڻ نه ٿي چاهيان.“ ٻاگهي اهو جواب ڏيئي قومي وقار کي بحال رکيو ۽ اهو سندس دليري ، بهادري ۽ مردانگي جو ثبوت آهي. ان کان پوءِ هن بلند حوصلي جو مظاهرو ڪندي سڄي شهر ۾ هيرن جواهرن جا جنڊ ڏاريا ۽ ٻي ساري ملڪيت ساڙي ڇڏي“. جيئن دشمن کي پنهنجن وسيلن ۽ مال ملڪيت منجهان فائدو وٺڻ نه ڏجي. ان مان نمايان ٿئي ٿو ته ٻاگهل ٻائي جنگي حڪمت عملي جي سڀني امورن مان واقف هئي. هو ايڏي ته بهادر ۽ دلير عورت هئي جو جڏهن کيس پتو پوي ٿو ته سڀ مرد سومرا ديس تان سر قربان ڪري شهيد ٿي چڪا آهن ، تڏهن هو سست دلشڪسته ۽ بي همت ٿي حوصلو هاري نه ٿي ويهي پر ڪمال بهادري جرئتمندي ۽ دانشمنديءَ جو ثبوت ڏيندي مردانا ڪپڙي پهري سڀني گهر ڌياڻين راڻين شهزادين ۽ ٻانهين کي ساڻ ڪري ابڙيجي گهر وڃي ٿي. جڏهن ابڙو به شهيد ٿي ويو ، تڏهن ٻاگهل راتو رات وڳهه ڪوٽ ڏانهن موٽي آئي. علاءُ الدين جو باقي بچيل لشڪر به سندس پٺيان پيو ته هاڻي سومرا مرد آهن ئي ڪين ۽ ٻاگهل اسان ٿا هت ڪريون. هو ڪوٽ ٻاهران اچي ويٺو. جنگ جي هن فيصلي ڪن موڙ تي هن عظيم عورت جنگي حڪمت پهرائي راتو رات ڪوٽ جي ٻانهين ڀڃرائي پرهه ڦٽي جو اتان جنگ جوڌن جي قطار ڪرائي علاءُ الدين اڳيان لنگهايائين ۽ ائين ڦيرن تي ڦيرا ڏنائون، جو لشڪر کٽي ئي ڪين. اهو لقاءُ ڏسي علاءُ الدين کيس چوائي موڪليو ته ” تون منهنجي قيامت تائين ڀيڻ آهين ۽ اقرارنامو لکيو ته ” سنڌ سومرن جي آهي مون جنگ ڇڏي“. ( سنڌ جون انقلابي عورتون – آزاد قاضي ص نمبر 110. )
اهڙي ريت سنڌ جي هن سڄاڻ عورت جي بلند حوصلي ۽ بهادري سبب سنڌ ڌارين جي راڄ کان بچي ويئي ۽ ڇيڙي نبيري پنهنجن جي ئي هٿ هيٺ رهي.
مر مائر سي مرڪن، جن اهڙيون ڌيئر ڄائيون
[b](ب) شهزادي ڪوئل
[/b] سنڌ جي هي دلير نينگر دودي جي ڌيءُ ۽ چنيسر جي پٽ ننگر جي مڱ هئي. دودي ننگر کي پنهنجو ولي عهد مقرر ڪيو هو. ڪوئل نهايت حسين سوڀيا وان سلڇڻي ۽ بهادر نينگر آهي. عوامي ادب ۾ آيل آهي ته
وڄ جيئن ولٽي اٿي، ڪري ناز نينگر
کانئي ٿي کنوڻين وانگي، ڌي دودي دختر
ڪوئل جي پالنا ۽ تربيت ۾ ٻاگهل ٻائي ۽ تارا ٻائي جو وڏو هٿ هو. جڏهن سندس ڪانڌ ننگر علاءُ الدين جي لشڪر سان مقابلي ڪرڻ لاءِ وڃِي ٿو تڏهن هي محب وطن ۽ بهادر عورت کيس چئي ٿي ته ” پنهنجن جي غداري سبب اسان تي هي آزمائش جو وقت آيو آهي تنهنجي ديش دروهي پيءُ ، جي قومي غداري هن ديش جيڪا آفت آندي آهي، اٿي ان کي مڙس ٿي منهن ڏي. جيڪڏهن جنگ ۾ سوڀارو ٿي موٽي آئين، تڏهن آءُ سرتين جي سٿ ۾ سرهي ٿينديس ۽ اگر ديش جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي وئين ، تڏهن ته آءُ وڏي فخر سان اوچو ڳاٽ ڪري سڀني سرتين کي ميڙي چونديس ته ” ڏسو ڪينئن ته منهنجو مڱيندو جنگ جي ميدان ۾ سورهين وانگر سنڌ جي پاڪ ۽ پوتر ڌرتي مٿان قربان ٿيو آهي. ( سنڌ جي سورهيه نينگري ڪوئل – زاهده خان هفتيوار سنڌو 5 جنوري 1989ع ص نمبر 10).
ڪوئل جنگ جي هر مرحلي ۾ پنهنجي ڦپي ٻاگهل ٻائي سان گڏ رهي ابڙي ڏانهن به گڏ ويئي ته وڳهه ڪوٽ ڏانهن واپس به گڏ آئي ۽ مردانا ڪپڙا پهري علاءُ الدين جي اڳيان به گڏ گهمي. جڏهن علاءُ الدين ٻاگهل ٻائي ڏانهن نياپو موڪليو ته ڪو نمائندو موڪل ته ان سان جنگ نه ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري امن قائم ڪريون. تڏهن ڪويل ٻاگهي پاران مرداڻي ويس ۾ ڳالهيون ڪيون ۽ علاءُ الدين سان معاهدو ڪيو اهڙي ريت هن عظيم عورت پنهنجي بلند حوصلي ۽ بهادري سان سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو.
[b](ث) ساراهه بيگم
[/b] سنڌ جي هي سورمي، دوديءَ جي ڌيءَ ۽ چنيسر جي وڏي پٽ محمد جي زال هئي جڏهن سندس پيءُ چنيسر ڪاوڙجي دهلي ٿي ويو تڏهن هن به کيس وڏيون ميڙيون منٿون ڪري کيس پرچايو پر هن ڪين مڃيو. جڏهن نينگر جو لاش گهر آيو ۽ ماحول المانڪ بنجي ويو تڏهن ساران ڪوئل وٽ آئي ۽ کيس آٿٿ ڏيڻ لڳي تڏهن ٻاگهي چيس ته ” جڏهن تنهنجو مڙس به ننگر جيترا انصاف ڪري تڏهن اچي بيگم سان ثاني ٿيءُ“ اهو ٻڌي هو سڌو مڙس وٽ آئي ۽ کيس دشمن سان وڙهڻ لاءِ غيرت ڏياري.
مائي ساران نهايت دلير ۽ بهادر عورت هئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لفظن ۾ هوء پنجاهه جو مٽ پاڻ هئي.“ دودي پاران موڪليل سامن سان هوءَ به اهڙي جي موت کانپوءِ ٽن بهادر عورتن جنگ لاءِ ڀير تي ڏونڪو هنيو، تن ۾ هوءَ به هڪ هئي ابڙي جي مارجڻ کانپوءِ هو راتو رات ٻاگهل سان گڏجي جڏهن وڳهه ڪوٽ پهتيون تڏهن ساران کي پٽ ڄائو، جنهنجو نالو ” ڏونگر راءِ“ رکيائون هن جي ڄمڻ تي ساران ڀيرتي ڏونڪو هنيو جنهن کي علاءَ الدين جنگ جو اعلان ڄاتو ۽ پوءِ هن صلح ڪري واپس روانو ٿيو.
[b](ج) مائي مالها
[/b] مائي مالها هاسي سوڍي جي گهر واري هئي. جڏهن سومريون ابڙي وٽ سام ٿي آيون کي اچي سڏ ڪيو ته ننگ ۽ وطن تي سر ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي. ان وقت مالها اچي سوڍي کي اٿاريو ۽ چيائينس ته ” اي سوڍا ، تون ته راتين جون راتيون سمهيو پيو رهين، ملڪ ۾ ماتم متو پيو آهي. ننگر جهڙا نر ڪسندا پيا وڃن ڏيهه ڏوجهرن ۾ پوندو پيو وڃي. جيڪڏهن تون اهڙو سست ۽ ڪاهل آهين ته تنهنجو به نبيهه ڪونهي. آءُ پنهنجي مضبوط ٻانهن جو واسينگ وارو ور توکي نه ڏيئي سگهنديس پوءِ تون منهنجو ڀاءُ آهين ۽ مان تولاءِ ڀيڻ آهيان.“ ( سنڌ جو انقلابي عورتون – آزاد قاضي ص نمبر 112).
اهي لفظ ٻڌي هاسو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ محمد سان گڏجي علاءُ الدين جي اٿاهه لشڪر سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويو.
مائي مالها بهادر سورهيه ۽ سڄاڻ عورت هئي. هو ۽ ابڙيءَ هاسي جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ، ٻاگهل سان گڏ وڳهه ڪوٽ آئي ۽ جڏهن جنگ جاري رکڻ لاءِ ڀير تي ڏونڪو هنيو ويوته هوءَ به ٻاگهل ، ڪوئل ۽ ساران سان گڏ هئي. اهڙي طرح هيءَ سورمي عورت وطن جي بقاءَ ۽ قومي وقار لاءِ هر لمحي سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهي.
[b] ٻيون سومريون راڻيون:
[/b] سومرن جي دور جون سڀ عورتون مردن وانگر بهادر ۽ دلير هيون . ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو چوڻ آهي ته ” هن دور ۾ ساڻيهه تان سر صدقو ڪرڻ نه فقط مردن جو مرڪ هو پر عورتن به حب الوطني جا عظيم مثال قائم ڪيا. ٻارن، ٻڍان مردن ۽ زالن ۾ وطنيت ، خود قرباني، استقلال همت مريادا جو جذبو اول کان ئي رهيو آهي. هو هر مهل هر حال ۽ هر موقعي تي پنهنجي وطن ۽ پنهنجي عزت لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ کان هر گز ڪين هٽيون.“ هي حقيقت آهي ته عصمت ، عزت ، لڄ ۽ حيا ست ۽ سيل سچائي ۽ صداقت هر عورت جو زيور آهي ۽ اهي ئي خصلتون سنڌي ثقافت جو املهه خزانو آهن. جن تي سنڌي تهذيب ۽ تمدن جو اعلى محلات تعمير ٿيل آهي. فرمان نبوي به آهي ته ” عصمت جي حفاظت ڪرڻ عورت جو جهاد آهي.“ سومرين راڻين هن موقعي تي پنهنجي حب الوطني صداقت، شعاري ايثار اخلاق جي بلندي عصمت جي حفاظت لاءِ جيڪي به قربانيون ڏنيون سي هن قوم جي غيرت ۽ حمت جو ثبوت آهن. جنگ جي وقت دليري ۽ بهادري سان هر مصيبت کي منهن ڏنائون ۽ هر سامان سڙو ۽ عيش جا سڀئي لوازمات ڇڏي عطر عنبير طول وهاڻا پلنگ پٿرڻيون، گلم غاليچا ڳهه ڳٺا ، ست رڇيون ۽ اوچا طعام ڦٽا ڪري صرف پنهنجي قومي وقار قومي عزت سنڌ جي تهذيب جي اعلى روايت ست ۽ سيل جي حفاظت ۽ سالميت لاءِ امن جي جاءِ جي تلاش ۾ پيرين اگهاڙو بيابانن ۾ نڪري پوڻ سندن اعلى ڪردار ۽ اخلاق جي بلندي ۽ پختگي جي نمائندگي ڪري ٿو.
ويس جن جا سون جا عجاوان ارٽ
سام وڃن ابڙي ڏي ڇڏي ڇانءِ ڇيٽ
گهر ماڙيون ۽ پٽ، ساڙي هليون سومريون
مورخ لکن ٿا ته ” ابڙي جي مارجڻ کانپوءِ بادشاهي لشڪر جي ڊپ کان سامون ابڙي جو ڪوٽ ڇڏي جان بچائي ڀڳيون. ابڙي جو ڪوٽ، ابڙا سيي ۾ شهر رائيپور ندي ٽپي الهندي طرف ويون. علاءُ الدين جي لشڪر کي خبر پيئي ته اهو سندن پويان لڳو. جڏهن سامن ڏٺو ته ڀڄڻ جي واهه ڪانهي تڏهن ڌڻيءَ کي ٻاڏايون جو ڦاٽي پيئي ۽ هي پاڪدامن مائيون اندر پيهجي ويون. اهاجاءِ ابڙي واري ڀٽ تي آهي جيڪو ماڳ ورسر کان ٻ ميل اوڀر ۽ رائيپور کان ٻه ميل اتر طرف آهي. ( دودو چنيسر – منشي اڌا رام ص نمبر 30).
سنڌ جون هي عصمت ماب سومريون راڻيون، سوڍيون سياڻيون، جيڪي تعداد ۾ نو ويهان هيون، سچ پچ تعريف جي لائق آهن، جن جيئري پاڻ کي ڌارين جي حوالي نه ڪيو. سندن اعلى ڪردار ۽ عظيم اوصاف اسان جي نئين نسل لاءِ روشني جا مينار آهن. اسان جي لاکيڻي لطيف به هنن لاءِ چيو هو ته
سي ساهيڙيون سارين ،
سيل جنين جو سچ،
مارو ريءَ م مچ،
سيهو ڀائنج سون کي