ناول

معصوم گناھ

آتم ڪھاڻي Autobiography جي انداز ۾ لکيل ھن ناول جي ليکڪا عريشا بخاري آھي. ھوءَ لکي ٿي:
”جيڪڏهن بنيادي طور تي ڏٺو وڃي ته هيءُ ناول آٽوبايوگرافيڪل ناول آهي. جنهن جي هڪ حصي ۾ منهنجي ڪٿا جا آڏا ۽ اڌورا اظهار آهن ته ٻي حصي ۾ منهنجي اڀياس ۽ تحريرن جا ٽڪرا آهن. مون ڪي ڪتاب ساهه سان سانڍي رکيا آهن ۽ هن ناول تي انهن ڪتابن جو اثر ضرور ٿيو هوندو. خاص طور مون زندگي، درد ۽ پيار بابت جيڪو ڪجهه لکيو آهي. اهو سڌو سنئون ڪجهه ڪتابن جو نتيجو آهي.“
Title Cover of book معصوم گناھ

1

مونکي اڄ به چٽيءَ طرح ياد آهي ته آئون جڏهن ننڍڙي هوندي هيس هڪ ڀنڀوري صبح کان وٺي شام تائين منهنجي ارد گرد پئي اڏامندي هئي. هوءَ اڪثر منهنجي سنهري وارن تي اچي ويهي رهندي هئي. مونکي ان ڀنڀوري مان عجيب آسيس جو احساس ٿيندو هو. آئون به پهرن جا پهر ان ڀنڀوري کي ڏسندي رهندي هيس. منهنجي ننڍپڻ ۾ منهنجي ڪا به ساهيڙي ڪا نه هئي ساهيڙي جنهن کي درست معنيٰ ۾ آئون ساهيڙي چئي سگهان اها ته اڄ به منهنجي ڪا به ناهي. آئون پنهنجي ذات ۾ ئي شايد شروع کان ئي کٽل آهيان. اها منهنجي ذات جي کوٽ ڪڏهن ڪڏهن ڏنگيندي به آهي ته ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ذات جو اهو خاليپڻو مونکي وڻندو به آهي. آئون ۽ منهنجون اڪيلايون اڪثر موقعن تي هڪٻئي سان رٺل ۽ پرچيل رهيا آهيون. آئون پنهنجي تنهاين سان تڏهن تڏهن وڙهي آهيان جڏهن جڏهن منهنجا ساٿي مونسان گڏ هوندا آهن. منهنجا ساٿي ڪي ٻيا ناهن هوندا نه ئي ڪي شاهيڙيون منهنجون ساٿي هونديون آهن. منهنجي ساٿي ننڍڙي لاڪون هڪ اها ڀنڀوري هئي، ۽ ٻيو اڇي ڏاڙهي وارو اها پيرسن بابا جنهن کي آئون لاهوتي بابا چوندي هيس. هن جي مٿي تي پٽا پٽي ٽوپي پهريل هوندي هئي. هو هر جمعي جي رات مون وٽ ايندو هو. تڏهن شايد منهنجي عمر ڪي 8 يا 10 سال مس هوندي. آئون گهر جي اڱڻ ۾ بيٺل نم جي قديم وڻ جي ٽارين تي چڙهي ويندي هيس. توڙي جو ڏاڏي مونکي ڏاڍو سمجهائيندي هئي ته،
“سوني! نما شام جو وڻن ڏانهن نه ويندي ڪر.”
پر آئون مڙڻ واري ڪاٿي هيس. مونکي شام جو نم ۽ سرينهن جي وڻن جي ٻور مان اٿندڙ خوشبوءِ جهڙوڪر پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي هئي. ۽ آئون ڏاڏي امان کان لڪي نم جي وڏي وڻ جي مٿاهين وارين ٽارين تي وڃي ويهندي هيس. اتي ۾ پنهنجي ويهڻ جي لاءِ پکين جي آکيرن جهڙو هڪڙو پيهو به ٺاهيو هو. جنهن ڪنهن پکيءَ وانگر وڃي ويهي رهندي هيس. اهو لاهوتي بابا هر جمعي جي رات اتي ايندو هو. سائنس جي دنيا ان کي ڀلي رد ڪري پر آئون اڄ به ان لاهوتي بابا تي سوچيندي آهيان ته مونکي ائين لڳندو آهي اهو منهنجي وجود جيترو ئي سگهارو سچ هو. جيڪڏهن آئون آهيان ته اهو لاهوتي بابا پڻ هيو. جيڪڏهن آئون ناهيان ته پوءِ ممڪن آهي اهو لاهوتي بابا نه هجي. هو مونسان پهرن جا پهر ڪچهري ڪندو هو. پنهنجون ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو. هو مونکي ڪو ڀٽڪيل روح لڳندو هو. اهو روح شايد منهنجي ڏاڏا جو هجي. يا منهنجو پنهنجو ئي روح هجي. آئون ٻاروتڻ ۾ ئي عمر جي الاهي وڏي ٿي وئي هيس. عمر جي لحاظ سان آئون ٻار ته هيس پر ٻاروتڻ شايد مون وٽ نه آيو هو. امان مونکي نه ڀائيندي هئي. ڪجهه مائٽن ٻڌايو هو ته امان مونکي ڄمڻ شرط مارڻ پئي گهريو. پر پوءِ مونکي ڏاڏي اتان کڻي وئي هئي. بابا مونکي ڀائيندو هو؛ اهو به گهڻو پوءِ ڄاتو هوم. پر بابا مونکي نه ڀائين هان ته شايد منهنجي لاء بهتر ٿئي ها. بابا وٽ جڏهن آئون وئي هيس تڏهن منهنجي عمر سورنهن سال هئي. سورنهن سال آئون پنهنجي ڏاڏي سان گڏ رهي هيس. هڪ ڏينهن ڏاڏي بابا کي گهرايو. منهنجو هٿ بابا جي هٿ ۾ ڏيندي چيو هيائين،
“سوني مونکي توکان وڌيڪ پياري آهي، منهنجي سوني جي پارت هجئي.”
مون ڏٺو هو بابا جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو هيو، مونکي ڊپ لڳڻ لڳو هو. پر مون اکيون جهڪائي ڇڏيون هيون. ڏاڏي شايد ڪجهه بابا کي اکين جي اشارن سان چيو، بابا اٿي ڪري منهنجي مٿي تي چمي ڏني هئي. بابا جي هٿن جو ڇهاءُ ۽ سندس اها چمي اڄ به مونکي جيئڻ لاءِ ساهس ڏئي ڇڏيندا آهن. اها رات بابا، ڏاڏي ۽ آئون گهر جي اڱڻ ۾ ستا هئاسين، آئون بابا ۽ ڏاڏي الاهي دير تائين ڳالهيون ڪندا رهيا هئاسين. ڏاڏي بابا کي منهنجون ڳالهيون ۽ مونکي بابا جي ننڍپڻ جون ڳالهيون ٻڌائيندي رهي. مونکي الاهي حيرانگي ٿي رهي هئي ته بابا جو ۽ منهنجو ننڍپڻ گهڻو هڪ جهڙو هو. مون بابا کي ان رات تمام گهڻو پرسڪون ڏٺو هو. ان کان اڳ ۾ منهنجي لاءِ بابا جي شخصيت هڪ طلسماتي ماڻهوءَ جهڙي هئي. جيڪو ڪنهن به لمحي ڪجهه به ڪري پئي سگهيو، ڪجهه به چئي پئي سگهيو. مون بابا کان ڏاڏي جي سامهون هڪ سوال ڪيو هو،
”بابا توهان ۾ ايتري اونهائي ڇو آهي؟ ڇو آئون توهان کي مڪمل نه سمجهي سگهندي آهيان.؟
بابا هڪ ٿڌو ساه ڀريو هو ۽ چيو هئائين،
”اصل ۾ امان شاهد آهي ته (بابا ڏاڏي ڏانهن ڏسندي چيو هو) آئون سموري عمر عجيب ڪيفيتن ۾ رهيو آهيان. امان کانسواءِ دنيا ۾ ڪو به ماڻهو ناهي جنهن مونکي سمجهيو هجي. تنهنجي ماءُ به نه! تنهنجي ماءُ جي کهري طبيعت مون ۾ به هڪ بيچيني پئدا ڪري ڇڏي. توڙي جو آئون سموري عمر نرم لهجي ۾ ڳالهائيندي گذاري آهي پر تنهنجي ماءُ جي سخت لهجي مون ۾ اڃا وڌيڪ سنجيدگي ڀري ڇڏي آهي، ڪڏهن ڪڏهن آئون ان سنجيدگي تي حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته ماڻهو ان جو ڪو ٻيو مقصد وٺندا آهن. الائي ڇو مونکي لڳندو آهي ته آئون جيڪو لڳندو آهيان اصل ۾ آئون اهو ناهيان، ۽ آئون جيڪو آهيان اهو آئون لڳندو ناهيان...”
آئون تقريبن سڄي رات بابا جي انهن لفظن تي سوچيندي رهي هيس ته،
”آئون جيڪو لڳندو آهيان اصل ۾ آئون اهو ناهيان، ۽ آئون جيڪو آهيان اهو آئون لڳندو ناهيان...”
صبح جو سوير مان تيار ٿي بابا سان گڏجي گهر آئي هيس. امان جي خالي خالي نظرن ۽ سخت لهجي اسان جو استقبال ڪيو.
”ماڻهين مرڻ تي آهي ان ڪري پنهنجي لاڏلي اسان ڏي موڪلي اٿائين. مونکي خبر آهي ته هيءَ ڇاڙڪي جيتري ڇوري ڇا ڇا ڪندي آهي.“
”ڇا ڪندي آهي؟”
بابا امان کان حيران ٿيندي پڇيو هو،
”سڄو ڏينهن ويندي نما شام تائين وڻن ۽ جهنگ ۾ پئي هوندي آهي، پنهنجي منهن الائي ڇا ڇا پئي بڪندي آهي، جهڙو مِرُن سان مٽي ڪئي هجائين.”
”هاڻي بس ڪيو، جهڙي به آهي پنهنجو رت آهي، پنهنجي ڌيءَ آهي.”
بابا امان کي چيو هو،
”مونکي سمجهه ۾ ناهي ايندو ته اهڙو عجيب رت منهنجو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن اسپتال ۾ هن ڇاڙڪيءَ (تڏهن منهنجو قد اڃا ننڍڙو هو) کي ڄڻيان ها ته پڪ سمجهان ها نرسن منهنجو ٻار مٽائي ڇڏيو آهي، پر بد قصمتي هيءَ ته ڄائي به گهر ۾ آهي.”
آئون بابا جي پٺيءَ واري پاسي کان امان جو استقباليه خطبو ٻڌي رهي هيس. بابا مونکي سامهون واري ڪمري ڏانهن وڃڻ جو چيو آئون خاموشيءَ سان هلي ويس. امان اڃا تائين بابا کي ست سريون ٻڌائي رهي هئي. مون سوچيو پئي عورت جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي مردن جي حقن تي به سوچڻ گهرجي. ڪٿي ڪٿي مرد به مظلوم هوندا آهن.
****