14
امان لاچار ڪراچي هلي. پر امان جي دل ڪراچي جي گهر ۾ نه پئي لڳي.
ٿورڙو اسانکي به شهر جي اجگر شور پريشان ڪيو پر پوء اسان هري وياسين.
بابا مونکي ۽ ننڍي ڀاءَ کي ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏني. اسان کي ڪاليج جو ماحول ۽ پڙهائي ڏاڍي وڻي. نوان دوست نوان ڪتاب اسان جي لاءِ نئون شهر جهڙو ڪر هڪ نئين دنيا ٿي ويو هو. مون دل لڳائي پئي پڙهائي ڪئي. مڊ ٽرم ۾ ٽاپ ڪيم بابا ان خوشيءَ ۾ سڀني گهر وارن کي ٽريٽ ڏني ۽ دو درياهي تي الحبيب هوٽل ۾ ماني کارائي آئون ڏاڍي خوش هيس. بابا مونکي نئون ليپ ٽاپ ۽ نئون موبائيل فون به وٺي ڏنو. امان ٿوري ٿوري مون تي چڙيل رهندي هئي جوهوءَ مون کي ئي شهر ۾ اچڻ جو ذميوار سمجهندي هئي. مون امان جي ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو. بابا مونکي تمام گهڻو همٿاهيندو هو. منهنجا سمورا ماڻ، سموري قوت جهڙو ڪر منهنجو بابا هو، هو مونکي چوندو هو، دنيا سمنڊ آهي جنهن ۾ توهان کي خبر ناهي پوندي ته ڪير توهان جو پنهنجو آهي ڪير دشمن آهي. تيسيتائين سڀئي ماڻهو سٺا هوندا آهن. جيسيتائين منجهن ڪو ڪم نه ٿو پوي.، “ڪم پوي ته ڪل پوي”.
آئون بابا جي ڳالهين تي پهرن تائين سوچيندي رهندي هيس. منهنجو سڀئي منزلون پنهنجي بابا وٽ هيون. دير تائين پڙهندي هيس ته بابا اڪثر رات جو دير سان منهنجي ڪمري ۾ ايندو هو. ۽ منهنجي ڪيل پڙهائي ۽ هوم ورڪ کي ڏسندو هيو. هو انتهائي اڻلکي طريقي سان منهنجي هر حرڪت نوٽ ڪندو هو. مونکي پتو ئي نه پوندو هو ته ڪنهن مهل منهنجي ليپ ٽاپ ۽ موبائيل فون جي آڊٽ ٿي ويندي هئي.
پر منهنجي فون توڙي موبائيل به مون وانگر ئي آئيني جهڙا هئا جن ۾ ڪجهه به لڪل نه هوندو هو. مون ڪڏهن به پنهنجي فون ۽ ليپ ٽاپ تي پاس ورڊ تائين نه لڳايو هو. ائين به ناهي ته مونکي ڪو وڻيو ڪو نه هو. پر مون بابا جي اعتماد کي ڇيهو رسائڻ نٿي گهريو، ان ڪري ڪنهن به ڪلاس فيلو کي پنهنجي قريب اچڻ جو موقعو ئي نه ڏنو هو. ڪڏهن ڪڏهن انڪل جو فون ايندو هو. ان ۾ به مونکي بابا جي شفقت ۽ پيار نظر ايندو هو. هن جو مونکي ڪونج سڏڻ مونکي وڻندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن آئون بابا ۽ انڪل جي پيار جي وچ ۾ موجود وٿي کي محسوس نه ڪري سگهندي هيس.
آئون ڏاڍي خوش هيس. پر قدرت کي شايد منهنجي خوشي ايڏي عزيز نه هئي. هڪ رات بابا کي اوچتو اٽيڪ ٿيو. اسان جلدي اسپتال پهتاسين. بابا کي آءِ سي يو ۾ رکيو ويو. طبيعت ڪجهه سڌرڻ واري هئي ته روم ۾ شفٽ ڪيائونس. بابا کي ڊاڪٽرن مڪمل آرام ڪرڻ جو چيو ۽ ٻه ٽي ڏينهن اڃا اسپتال ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو ڇاڪاڻ ته سندن چوڻ هو ته اٽيڪ ڏاڍو سخت هو. آئون رات جو بابا وٽ رهي پيس ٻيا گهر ڀاتي گهر هليا ويا. بابا مونکي چيو،
“پٽ منهنجو خواب هيو ته تون ڪنهن اهڙي عهدي تي پهچين جتي پنهنجي غريب ڳوٺاڻن جي ڪنهن ڪم اچي سگهين. مونکي ميرڙا ڪوجهڙا ڳوٺاڻا ڏاڍي پيارا اٿئي.”
“بابا آئون توهان جو خواب پورو ڪنديس“
“مونکي تو مان اهائي اميد آهي، پر آئون ان خواب جي تعبير نه ڏسي سگهندس”
“ڇو بابا؟”
بابا مسڪرائي ٿوري دير لاءِ اکيون بند ڪيون ته منهنجو جهڙو ڪر هنيانءُ ڦسي پيو هو. زور سان چيم
“بابا”
بابا اکيون کوليون ۽ منهنجي اکين ۾ اوچتو آيل ڳوڙهن جي ٻوڏ ڏسي مونکي ويجهو ڪيو ۽ منهنجي اکين تي چمي ڏني.
ان چميءَ جو ڇهاءُ اڄ به مونکي ياد آهي. اڄ به جڏهن بابا جي ڏنل اها آخري چمي ياد ايندي آهي ته منهنجون اکيون پورجي وينديون آهن.
بابا ٻيهر اکيون بند ڪيون ۽ ڪڏهن به نه کوليون. منهنجي اکين جي اڳيان اونڌار اچي ويو. پيرين اگهاڙي هٿوراڙيون هڻندي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر کي سڏيم. جنهن بابا جي نبض ڏسي چيو،
“آءِ ايم سوري”
مونکان منهنجو مدار ائين کسجي ويو ڄڻ ڌرتيءَ کان ان جو سج. ۽ ڌرتي اربين ميلن جي اتاهين ۽ لاهين تان بولاٽيون کائيندي ڀرندي، ٽٽندي پئي وئي.منهنجو مدار منهنجو بابا سائين هو جنهن کان سواءِ آئون بلڪل اڪيلي ٿي ويس.
******