ناول

معصوم گناھ

آتم ڪھاڻي Autobiography جي انداز ۾ لکيل ھن ناول جي ليکڪا عريشا بخاري آھي. ھوءَ لکي ٿي:
”جيڪڏهن بنيادي طور تي ڏٺو وڃي ته هيءُ ناول آٽوبايوگرافيڪل ناول آهي. جنهن جي هڪ حصي ۾ منهنجي ڪٿا جا آڏا ۽ اڌورا اظهار آهن ته ٻي حصي ۾ منهنجي اڀياس ۽ تحريرن جا ٽڪرا آهن. مون ڪي ڪتاب ساهه سان سانڍي رکيا آهن ۽ هن ناول تي انهن ڪتابن جو اثر ضرور ٿيو هوندو. خاص طور مون زندگي، درد ۽ پيار بابت جيڪو ڪجهه لکيو آهي. اهو سڌو سنئون ڪجهه ڪتابن جو نتيجو آهي.“
Title Cover of book معصوم گناھ

3

هڪ رات عجيب واقعو ٿيو. مونکي ننڊ نه پئي آئي آئون اٿي گهر جي اڱڻ تي ائين ئي گهميس ته مونکي گهر جي پوئين پاسي ڏانهن وڏو کڙڪو ٻڌڻ ۾ آيو. آئون گيلري طرف ويس ۽ اڳيان لڳل گرل جي ٻاهران مون ڏٺو ته ڪا عجيب مخلوق هئي جيڪا ماڻهوءَ کان شايد ٻيڻ تي قد ۾ وڏي هئي ۽ ان جي سموري جسم تي رڇ وانگر وار هئا. پر هو ٻن ٽنگن تي گهمي رهيو هو، تصورن ۾ ڏاڏي طرفان ٻڌايل آدم خور جو حليو منهنجي سامهون ڦري آيو. هن گرل ۾ هٿ وڌا ۽ مون ڏانهن غور سان ڏسڻ لڳو. مونکي اندازو ٿيو ته هو جيڪڏهن گرل ٽوڙڻ چاهي ها ته آرام سان ٽوڙي پئي سگهيو. پر هو خاموشيءَ سان مونکي ڏسندو رهيو. مون کان وڏي رڙ نڪري وئي. مون ڏٺو اهو آدم خور نما جانور هورڙيان هورڙيان ڪوٽ ٽپي هليو ويو. منهنجي دانهن تي امان بابا ۽ ڀائر سڀ اٿي آيا. آئون ڏڪي رهي هيس. مون بابا کي ٻڌايو ته ٻاهر آدم خور هو. بابا مونکي ڀاڪر پائي سهارو ڏنو. امان رهندو گارين ۾ اچي ڇٽي ۽ چيائين،
“ آدم خور آدم خور! بڪواس ٿي ڪري، ڪٿان آيو آدم خور. ٻيو ته تون آڌيءَ رات جو گرل وٽ ڇا پئي ڪرين جو تو آدم خور ڏٺو؟ ڪراڙي پاڻ مري جزا اسان جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏي، هاڻي اچي ڦاٿا آهيون. ننڊون حرام ڪري ڇڏيون اٿائين.؟
بابا مونکي آٿٿ ڏيندي پنهنجي ڪمري ۾ ڇڏي ويو، آئون ڏڪي رهي هيس. هڪڙي پاسي آدم خور جو ڀئو، ٻي پاسي امان جا دڙڪا. آئون صفا نٻل ٿي پئي هيس. ان رات الاهي دير تائين مون خودڪشي ڪرڻ جو پئي سوچيو هو. صبح جو جو سوير رئو ڇت واري پکي ۾ ٻڌي سرڪڻ ڦاهي ٺاهي ڳچي ۾ وجهي جيئن ئي پلنگ تان هيٺ ٽپ ڏنم ته پکي جي راڊ ٽٽي پئي ۽ آئون ڌڙام سان هيٺ وڃي ڪريس. شايد منهنجو وزن وڌيل هو ۽ پکي جي راڊ مضبوط نه هئي. مونکي ڪافي ڌڪ لڳا. گهر ۾ ڪنهن کي پتو ئي نه پيو ته ڇا ٿيو؟ مون بابا کي ٻڌايو ته پکو ڪري پيو آهي. بابا منهنجي اکين ۾ چتائي ڏٺو هو. آئون ڊڄي ويس. بابا صرف ايترو چيو،
“جيسيتائين آئون آهيان ٻيهر ائين نه ڪجانءِ.”
آئون بابا کي ڀاڪر پائي دير تائين روئندي رهيس. بابا مونکي آٿٿ ڏيندو رهيو. مون پڪو پهه ڪيو ته آئنده خودڪشي جو ڪڏهن به نه سوچينديس.
بابا مون وٽ بيٺو ئي هو ته ننڍو ڀاءُ ٻاهران ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ته،
“بابا ٻاهر ٽي وي وارا ۽ پوليس وارا آيا آهن. چون ٿا توهان جي ڳوٺ ۾ آدم خور آهي. رات ٻه ٻارڙا کڻي ويو آهي. الاهي هارين رات آدم خور ڏٺو هو.”
بابا مون ڏانهن ڏٺو ۽ امان کي چيو،
“ٻڌ! تو ناحق منهنجي ڌيءَ کي ڳالهايو هو رات. هاڻي ماڻهو ڇا ٿا چون.”
امان ٿورو لڄي ٿي ۽ بابا کي چيائين،
“توهان جلدي وڃو پڇا ته ڪيو، ڇا هيو ڪاٿي هيو؟”
بابا تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو. امان مونسان نظرون نه ملائي سگهي ۽ پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي.
****